سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :4

سرتيون: اوهان ڪهڙي ميڊيم  اسپيشلائيز سيشن ڪئي آهي. جيئن پينٽنگ (مصوري) اسڪيچز ڊرائيننگ، دزائنگ وغيره.

معينه ملڪ: اسان جي ڊپارٽمنٽ ۾ ڪنهن به هڪ موضوع تي اپيشلائيزيشن ناهي ٿيندي، پر اسان کي فن سان لاڳاپيل هر سبجيڪٽ پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي. جن ۾ پينٽنگ، ڊرائنگ ڊزائين شامل آهي. ٻيو ته اسان وٽ ٿيوري به هوندي آهي. مشرقي فن، مغربي فن مغل آرٽ وغيره ۽ ٻيو به لٽريچر پڙهايو ويندو آهي. ڇو ته ٻين ڊپارٽمينٽن جا شاگرد سمجهندا آهن ته اسان سڄو ڏينهن رنگن سان راند پيا ڪريون. ڪتاب نٿا پڙهون. پر ائين ناهي. اسان کي باقاعدي فن جا ڪتاب پڙهڻا پون ٿا.

سرتيون: مستقبل ۾ اوهان هن فن کي ڪيستائين وٺي وڃڻ چاهيو ٿيون؟

معينه ملڪ: مستقبل جو حال ته الله سائينءَ کي معلوم آهي. مگر مان هن فن کي پنهنجي صلاحيتن سان نکارڻ جي ڪوشش ڪنديس. منهنجي سکڻ جو شوق هڪ اڻ کٽندڙ سفر آهي، جيڪو هميشه جاري رهندو. ڇوته مصوريءَ جي منزل تمام گهڻي پرانهين آهي.

سرتيون: اوهان جي لباس کي ڏسي اوهان جي مصور هجڻ جو احساس ٿيندو آهي. ته ڇا ڪپڙن جي چونڊ سوچي سمجهي ڪنديون آهيو؟

معينه ملڪ: جيئن ته منهنجي ماءُ منهنجي آدرش آهي. انڪري امان جي پسند سان ئي ڪپڙا وٺندي آهيان ۽ مون کي به ٿڌا ڪلر تمام گهڻو وڻندا آهن. انڪري منهنجي چونڊ ۾ ٿڌا ڪلر شامل هوندا آهن.

سرتيون: گهر جي ڪم ڪار کي به وقت ڏينديون آهيو؟

معينه ملڪ: مان گهر جي ڪم ڪار کي پورو وقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. مون کي گهر جو سمورو ڪم ڪار جيئن رڌ پچاءُ کان وٺي، ڇنڊ ڦوڪ تائين سڀ ڪم ڪرڻ ايندا آهن. ان ۾ به منهنجي لاءِ امان Role Model  آهي.

سرتيون: اوهين عبادت کي به وقت ڏينديون آهيو؟

معينه ملڪ: عبادت الله تعاليٰ جو حق ۽ انسان جو فرض آهي. منهنجي خيال ۾ جيئن اسين پنهنجي حق وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آهيون، ائين عبادت ڪري پنهنجي بندگيءَ جو حق ادا ڪرڻ گهرجي. منهنجو پنهنجي نوجوان نسل لاءِ پيغام آهي ته جيڪي موسيقيءَ ۽ ٻين شين ۾ سڪون تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي جيڪڏهن هن ڳالهه تي يقين رکن ته رب پاڪ ئي اسان جو واحد لازدان آهي ۽ عبادت ئي پناهه گاهه آهي ته اُهي ڪڏهن به مذهب کان پري نه هٽندا.

سرتيون: اوهين زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون محسوس ڪريو؟

معينه ملڪ: زندگي  هڪ اهڙو خالي ڪئنواس آهي، جنهن ۾ اوهين ائبسٽريڪٽ تصوير به ٺاهي سگهون ٿا ته تخيل به پينٽ ڪري سگهو ٿا. برش توهان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، ته اوهان ان کي ڪيئن پينٽ ڪرڻ چاهيو ٿا. زندگيءَ کي مثبت انداز ۾ گذارڻ ئي بهتر آهي.

سرتيون: يونيورسٽيءَ جي پڙهائي، گهر جو ڪم ڪار، ڀلا انهيءَ کان سواءِ به ڪا توهان جي دلچسپي آهي؟

معينه ملڪ: منهنجا گهر وارا ئي منهنجي دلچسپيءَ جو سبب آهن. باقي جي ٽائيم ملندو آهي ته ڪونه ڪو ڪتاب پڙهي وٺندي آهيان. ڪمپيوٽر هلائيندي آهيان يا Balceing  وغيره ڪندي آهيان.

سرتيون: ماءُ پيءُ ته هر ٻار کي پيارا هوندا آهن، پر اوهين ڇا چونديون؟

معينه ملڪ: الله تعاليٰ جي رحمت، عنايت، برڪت، دعائن جا دروازا، جن جي محبت اولاد جو قيمتي سرمايو آهي. منهنجا ماءُ پيءُ جيترا سُٺا ۽ مٺڙا آهن، ان محسوسات جو اظهار ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن.

سرتيون: يونيورسٽيءَ جي زندگي ڪيئن ٿي لڳي؟

معينه ملڪ: هي بي فڪريءَ جو دور تمام سهڻائپ سان گذري رهيو آهي. هتي اچي ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. ماڻهوءَ ۾ خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي. پاڻ تي اعتماد وڌي ٿو ۽ اهو به احساس ٿئي ٿو ته اسين ڪيترين ذميوارين نڀائڻ جهڙا ٿي پيا آهيون.

سرتيون: معينه هاڻي اچون ٿا اوهان جي پسند طرف! لباس ڪهڙو پسند ڪنديون آهيو؟

معينه ملڪ: لباس اهڙو پهرجي جو ماڻهو باوقار لڳي ۽ ڪپڙو موسم جي حساب سان هئڻ گهرجي.

سرتيون: کاڌي ۾ ڇا وڻندو اَٿو؟

معينه ملڪ: مان Jurk food گهڻو پسند ڪندي آهيان.

سرتيون: ڪهڙا کاڌا رڌڻ ۾ پسند اٿو؟

معينه ملڪ: امان ۽ ڀينرن وانگر مون کي رڌڻ، کائڻ ۾ کارائڻ جو گهڻو شوق آهي. ان ڪري کاڌي رڌڻ تي به نوان نوان تجربا ڪندي آهيان. اها منهنجي وندر آهي.

سرتيون: گوبيءَ جي گل کان سواءِ ٻيو ڪهڙو گل پسند اٿوَ؟

معينه ملڪ: پهرين اهو ته ٻڌايو ته توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته مون کي گوبيءَ جو گل پسند آهي. بهرحال گوبيءَ جو گل مون کي کاڌي جي طور واقعي به پسند آهي ۽ نه ئي گل جي صورت ۾. رابيل (موتئي ۽ ياسمين) جو گل پسند آهي.

سرتيون: ڪا اهڙي هستي، جنهن کان اوهين متاثر هجو؟

معينه ملڪ: حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ.

سرتيون: مذهب جي باري ۾ اوهين ڇا چوڻ چاهينديون؟

معينه ملڪ: هڪ ضابطه حيات جيڪو انسان جي زندگيءَ کي سنواري ٿو.

سرتيون: اوهين پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.

معينه ملڪ: خود پنهنجي باري ۾ راءِ ڏيڻ تمام مشڪل ڳالهه آهي. پر توهان موقعو ڏنو آهي ته مان پاڻ سان انصاف ضرور ڪنديس. مان هڪ سادي طبيعت، پر خلوص، ڪجهه ڪجهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن جذباتي، بي انتها حساس ڇوڪري آهيان ۽ ڪنهن حد تائين ڪوآپريٽو.

سرتيون: دوستيءَ بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟

معينه ملڪ: دوستيءَ سان وابسته تلخ تجربو ڪجهه چوڻ نٿو ڏئي.

سرتيون: موسيقيءَ سان ڪيترو لڳاءُ اٿوَ؟

معينه ملڪ: اُها جيڪي سُريلي هجي. روح تائين پهچڻ جي سگهه هجيس. مون کي هونئن نيم ڪلاسيڪل موسيقي پسند آهي.

سرتيون: محبت واهان جي نظر ۾؟

معينه ملڪ: ماءُ ۽ ٻار جي محبت انهيءَ لفظ جي سڀ کان بهترين تعريف آهي.

سرتيون: ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن کان نفرت ڪئي آهي؟

معينه ملڪ: انسان محبت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي. پر مون پنهنجي اندر ۾ موجود هڪ ڪمزوري (حساسيت) (جنهن سبب هميشه مون کي دوکو ملندو آهي ۽ ٻيا منهنجي انهيءَ احساس مان فائدو وٺڻ جي ڪوشس ڪندا آهن) کان نفرت ڪئي آهي.

سرتيون: انسان اوهان جي خيال ۾؟

معينه ملڪ: انسان پوري ڪائنات ۾ وڌيڪ درجو رکندڙ مخلوق آهي. جيڪو پنهنجي سڀني ڪمزورين باوجود هڪ نامڪمل شخصيت آهي. جيڪو پاڻ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جستجو ۾ رهي ٿو.

سرتيون: توهان جي پسند جو پهر ڪهڙو آهي؟

معينه ملڪ: مون کي شام جو پهر پسند آهي، ڇو ته ڏينهن جي سڀني ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي ماڻهو اسٽڊي لاءِ ويهي ٿو ۽ اهو نجو وقت پاڻ لاءِ هوندو آهي، جنهن ۾ سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ موقعو ملي ٿو.

سرتيون: ڪو اهڙو سوال، جيڪو اوهين چاهيو، ڪاش! مون کان پڇيو  وڃي ها؟

معينه ملڪ : بس اهوئي ته مان اڄ جنهن مقام تي آهيان، ان ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ ته ان لاءِ مان ائين چونديس ته سڀ کان پهرين قدرت جا ڪرم آهن، پوءِ ماءُ پيءُ جو پيار ۽ توجهه آهي. ڀينرن، ڀائرن جو پيار ۽ تعاون منهنجن استادن، ڪلاس فيلوز ۽ دوستن جو به تعاون ۽ خلوص منهنجي ڪاميابين ۾ شامل آهي ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو مليو آهي.

سرتيون: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

معينه ملڪ: سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. وقت جو قدر ڪريو. جيئن سکين گهڙين انجواءِ ڪيو ٿا. تيئن ڏکين ڏينهن کي همت، بهادري ۽ صبر سان منهن ڏيو. پنهنجي خوشي خاطر ٻين جون خوشيون قربان نه ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com