سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :19

 

حنا وقار

گهريلو ڏَس

 

سال جي پوري ٿيڻ تي گهر جي ڀتين تان ڪيترائي ڪئلنڊر لهندا آهن. انهن ڪئلنڊرس کي به استعمال ڪري سگهجي ٿو. تصويرن تي پلاسٽڪ ڪوٽنگ ڪرائي، ٽيبل ميٽس تيار ڪري سگهجن ٿا.

سياري ۾ بوٽن جو استعمال وڌي ويندو آهي. بوٽن تي هيئر اسپري جو تهه چاڙهڻ سان هڪ طرف ته بوٽ چمڪندا ۽ ٻئي طرف انهن ۾ جهير يا گهنج نه پوندا.

ميٽ کي پيهي، ملائيءَ م ملائي ٺوٺين ۽ منهن تي لڳائڻ سان رنگ اجرو ٿي پوندو.

ليمي جي عرق ۾ اوترو ئي مقدار سُرڪي جو ملائي انهيءَ لوشن سان هٿن کي صاف ڪجي. هٿ اڇا اجرا ٿي پوندا.

اڪثر مڇي ترڻ کان پوءِ فراءِ پين ۾ بدبوءَ ٿي پوندي آهي. ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ٿورڙو سرڪو وجهي فراءِ پين کي لوڏيو ۽ پوءِ ٿانو ڌوئي ڇڏيو.

جيڪڏهن دل گهٻرائيندي هجي ته زيتون کائو. دل جي مريض لاءِ زيتون بهتر غذا آهي.

ڪچن ۾ ڪم دوران هٿ يا جسم جو ڪو ٻيو حصو سڙي پوي ته ٽُسٿ پيسٽ لڳائي ڇڏيو، جيڪا گهر ۾ هر وقت موجود هوندي آهي.

پنهنجي زيورن واري دٻي ۾ چاڪ جا ڪجهه ٽڪر وجهي ڇڏيو. زيور ڪارا نه ٿيندا.

بيسڻ ۾ گلاب جو عرق ملائي گهاٽي پيسٽ ٺاهي رکجي، ان سان منهن ڌوئڻ سان رنگ صاف ٿيندو . پر اهو عمل ساندهه استعمال ڪجي ۽ روز نئين پيسٽ ٺاهڻ گهرجي.

اڌ ليمي جي رس ان ۾ اڌ چانهه جو چمچو سوڍا،  چانهه جو چمچو لوڻ. پاڻ ۾ ملائي برش سان ڏند صاف ڪجن. ڏند موتين جيان جرڪڻ لڳندا.

جيڪڏهن معدو ڪمزور آهي، کاڌو چڱيءَ طرح هضم نٿو ٿئي ته ادرڪ استعمال ڪجي، ان سان فائدو ٿيندو.

سيءُ لڳڻ ڪري اڪثر آواز بند ٿي ويندو آهي. ان لاءِ ادرڪ تي لوڻ لڳائي، ٿوري کائجي آواز کُلي پوندو.

ڇا توهان پريشان آهيو. منجهند جي مانيءَ ۾ بصر کائڻ کان پوءِ اوهان جي وات ۾ بدبوءِ ٿي وئي آهي؟ ڪا ڳالهه نه آهي. ٻه ٽي ساون ڌاڻن جا پن کڻي کائي ڇڏيو ۽ انهن کي چڱيءَ طره چٻاڙيو. بدبوءِ ختم ٿي ويندي.

 

 

***

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com