سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :3

 

سنيها سرتين جا

اميد ته بلڪل خوش ۽ خيريت سان هونديون (آمين) سرتيون جو جنوريءَ وارو پرچو مليو. پڙهي تمام گهڻو مزو به آيو ۽ خوشي پڻ ٿي. توهان جي محنتن جو نتيجو آهي جو ”سرتيون“ تمام ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

”سوچ ويچار“ کان ”شاعري“ تائين، هر لکڻي پڙهي اٿم، مواد جي چونڊ بهتر ٿيل آهي. پارس عباسيءَ جو نظم ”واچوڙي کان اڳ“ ساراهڻ جهڙو آهي. سيمي ڀٽيءَ جو ”چنڊ بڻجي سفر ۾ ٿو رهي“ پڻ وڻيو. ڪنول سميجو جو ”زندگي“ نثري نظم پسند آيو. جنهن ۾ سوال ڪيل آ ته، ”زندگي هڪ ڇوڪريءَ لاءِ ڇا آهي؟ اُها مون کي خبر آهي.“ ڪنول کي ئي نه پر هر ڇوڪريءَ کي خبر آ ته زندگي هڪ ڇوڪريءَ لاءِ ڇا آهي؟ عرفانه ملاح جي شاعري من موهيندڙ هئي. مانواري رشمي راماڻيءَ جو تعارف ۽ ان جي شاعري پڙهيم. سٺو لڳو تعارف به ۽ سندس احساس، شاعريءَ جي روپ ۾. مان جيئن ته پاڻ به ڪهاڻيڪار آهيان ان ڪري ڪهاڻيون دلچسپيءَ ۽ شوق سان پڙهندي آهيان. چونڊ ڪهاڻي، رعنا شفيق جي ”انٽرويو“ تمام گهڻو پسند آئي. ان کان پوءِ طلعت ڪرم علي مرزا جي ڪهاڻي ”تون ڪٿي آهين پرين....“ پڻ گهڻي پسند آئي. طلعت ڪرم علي مرزا، جيڪڏهن ناوليٽ / ناول لکي ته هوءَ تمام سٺو لکي ويندي

”منهنجي يادن جو خزانو“ ڊاڪٽر سنجيده مغل جي آتم ڪهاڻيءَ جي ڏهين قسط پڙهيم. هڪ قسط پڙهڻ جو شديد انتظار ٿي پوندو آهي. توهان جي پاران ڪيل، قيس ابڙو جي ذهين ڌيءُ پرهه ابڙو سان ڳالهه ٻولهه پڙهي من کي دلجاءِ ملي ته سنڌي نياڻيون به قابليت ۽ ذهانت ۾ ڪنهن کان گهٽ ڪونه آهن.  فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا، جنهن جي مترجم امر سنڌو آهي. ڪافي دلچسپ لڳي. ”لڙڪ مليا مرڪن سان“ تصويرن ۾ مايا راهي، رينو عيدناڻي، سڀيتا، رشمي راماڻي کي ڏٺوسين. خوشي ٿي تمام گهڻي. توهان جو مرڪندڙ چهرو ڏسي توهان جي خوشيءَ جو اندازو لڳائي پيو سگهجي.

”غزل ڇو نه چوان“ نذير ناز جي شعري مجموعي تي مانواري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ به ڀرپور تاثر ڇڏيو. سائڻ نذير ناز جي شاعريءَ به من موهيو. آخر ۾ مان ذڪر ڪنديس شگفته شاهه جي ناول ”ٽڙي پوندا ٽارئين”...“ جو. تمام زبردست لڳو. ٻين قسطن جو انتظار رهندو. هن ناول ۾، صفحي نمبر 38 جي 25 ست جي شروعات ۾ هڪ غلطي آهي. ”پنهنجي ذهن کي ٻئي پاسي ....“ ته بهتر هو. خبر ناهي اها غلطي توهان کان ٿي آهي. الاءِ ته شگفته شاهه کان ٿي آهي يا پروفن جي آهي. مهرباني ڪري انهيءَ کي درست ڪندا.

وڌيڪ عرض اهو ته مان جيڪڏهن توهان ڏانهن پنهنجو ناوليٽ اماڻيان ته شايع ڪنديون؟ ۽ پنهنجي ڪهاڻي موڪلي رهي آهيان ”ڪچو گهر، پڪي قبر“ سرتيون ۾ جاءِ ڏينديون ته وڏا وڙ. وڌيڪ خيريت

پرخلوس دعا سان

شبانه سنڌي

(توهان جي ڪهاڻي ”سرتيون“ جي ايندڙ پرچي ۾ ڏينداسين. ناوليٽ ڀلي موڪليو.) سرتيون

 

السلام عليڪم!

اميد ته توهان خيريت سان هونديون. ادي سرتيون کي ماهوار ڪري اسان تي ٿورو ڪيو اٿو. هاڻي اسين هر مهيني سرتيون پڙهي سگهنداسين.

هن رسالي لاءِ توهان جي ڪوشش ساراهه جوڳي آهي. پر جيڪڏهن توهان رسالي ۾ عورتن بابت اهم معلوماتي مضمون (تاريخ جي حوالي) سان وڌ کان وڌ ڏيو ته مهرباني ٿيندي. ادي ڪهاڻي موڪليان پئي اميد ته پسند ايندي.

وڌيڪ سک، توهان جي ڀيڻ

شگفته جبين

 

 

 

 

 

چترڪار معينه ملڪ سان ڳالهه ٻولهه

ڳالهه ٻولهه : گلبدن جاويد

سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽس شعبي جي ذهين شاگردياڻي، جنهن جي فن مان فطري سونهن جهلڪي رهي آهي.

سرتيون: اوهين ”سرتيون“ جي پڙهندڙن سان پنهنجو تعارف ڪرايو؟

معينه ملڪ: جيئن ته اوهان کي خبر آهي ته منهنجو نالو معينه آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو به ٻڌائيندي هلان ته منهنجي نالي جو مطلب آهي، مؤمن، مددگار، منهنجو تعلق هڪ علمي گهراڻي سان آهي، جنهن ڳالهه تي مون کي فخر آهي. پاڻ ۾ اسين ڪُل ست ڀينرون ۽ ڀائر آهيون. مان سڀني ۾ ننڍي آهيان. منهنجي ماءُ پيءُ دنيا جي هر شيءِ تي اولاد جي تعليم کي اوليت ڏني آهي. اهوئي سبب آهي جو منهنجون چار ڀينرون ڊاڪٽر آهن ۽ ٻيئي ڀائر مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ آهن. آءٌ اهو به ٻڌائيندي هلان ته اسين سڀئي شروع کان ئي پوزيشن کڻندڙ آهيون. اسان جي والدين اسان کي سيکاريو آهي ته تعليم صرف ڊگريءَ جو نالو ناهي. پر تعليم کي عبادت سمجهي حاصل ڪريو.

سرتيون: اوهان جو هن فيلڊ (فائن آرٽ) ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟

معينه ملڪ: آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان هن شعبي ۾ آئي آهيان. ڇو ته اسان کي ماءُ پيءُ خاص بابا ڪڏهن به نه چيو آهي ته اوهان ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيو (جيڪو اڄڪلهه ماءُ پيءُ ٻارن سان ڪن پيا) پر اُهي چوندا آهن ته جتي اوهان جي دل چاهي اُتي پڙهو. جيتوڻيڪ منهنجي سڄي ڪٽنب وٽ سائنس جون ڊگريون آهن، پر منهنجي هن فيلڊ ۾ گهر وارن طرفان ڀرپور مدد ملي آهي.

سرتيون: اڄڪلهه ٽيڪنالاجي دور ۾ آرٽ (فن) جي ڪيتري افاديت آهي؟

معينه ملڪ: آرٽ جو تعلق جذبن سان آهي ۽ جديد کان جديد ترين دور ۾ به جذبن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. فن اوهان جي اندر جي انسان کي رنگن جي ذريعي ڪئنواس تي نکاري ٿو. انساني احساس ڪنهن به مشين سان ختم نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري اڄ جي جديد دور ۾ به فن انساني احساسن کي رنگن سان رنگي دنيا جي خوبصورت هجڻ جو شعور ڏئي ٿو.

سرتيون: اوهان کي مصوريءَ جو شوق ڪڏهن کان پيدا ٿيو؟

معينه ملڪ: مصوري شايد مون کي ورثي ۾ ملي آهي. منهنجن ابن ڏاڏن جو هن فن سان تعلق رهيو آهي. منهنجي ڏاڏي جي هٿ جا ٺهيل شهپارا لاهور ميوزيم ۾ رکيل آهن. بنيادي طور مون پنهنجي بابا جي شوق، جيڪو پڻ فن سان لاڳاپيل آهي، ان کان متاثر ٿيس. جيتوڻيڪ بابا سول انجينئر آهي، پر هو مصوريءَ لاءِ ڪجهه گهڙيون ضرور ڪڍندو آهي.

سرتيون: اوهان سڀ کان پهرين ڪهڙي شيءِ تخليق ڪئي؟

معينه ملڪ: منهنجي پهرين تخليق منهنجي بابا جي تصوير آهي.

سرتيون: مصوريءَ ۾ اوهين واٽر ڪلر جو استعمال ڪنديون آهيو يا آئل پينٽ جو؟

معينه ملڪ: هونئن ته مون کي آئل پينٽ ئي پسند آهي. ڇو ته اُن جو اهو فائدو آهي ته اسان وق ۽ مزاج جي بدلجڻ سان هن ۾ به مٽا سٽا ڪري سگهون ٿا. پر واٽر ڪلر کي به مان پسند ڪريان ٿي. ڇو ته اهوئي ذريعو آهي جو توهان جي اندر جي جذبات کي سچائيءَ سان جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ توهان پنهنجي Strokes  کي بدلائي نٿا سگهو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com