سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :2

 

 

محرم موٽي آئيو!

طلعت ڪرم علي مرزا

اڄ اسان جو علم چڙهيو اسان جا سڀ ننڍا وڏا صبح کان ٻاهر هئا. علم کي سينگارڻ ۾ مصروف هئا. اڄ چنڊ جي رات هئي ۽ محرم جون تياريون پنهنجي عروج تي هيون. الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو آيل هئا. امام بارگاه ۾ علم لاءِ رسا، زنجير، ڪپيون نڪتل هيون. ڪو رسا پيو کولي ڪو ڪپين کي تيل پيو هڻي ۽ گودام کي ٻڌڻ لاءِ بي چين هئا. هڪ جوش ۽ ولولو دلين ۾ هوندو آهي. ٽين لڳي نغارا وڄندا آهن، جڏهن ڏونڪا نغارن تي لڳندا آهن ته پهرين تعارن مان آواز ايندو آهي ياحسين ياحسين ۽ پوءِ علم جو گهر ۾ ڪلس سينگاربو آهي. ڪلس جڏهن سينگارجي ويندو آهي ته ڪلس باقاعدي حضرت عباس جي جلالت ۽ جرئت جي ڪهاني بيان ڪندو آهي. هن علم جي باري ۾ آءٌ ٻڌايان ته جڏهن حج جي ويهين تاريخ علم لهندو آهي ته هر طرف ويراني ٿي ويندي آهي. آسمان تي چنڊ تارا به ڄڻ ڦڪا لڳندا آهن. علم چڙهڻ لاءِ تيار آهي علم کي سڀ اسان جا ويجها ٿي بيٺا آهن. اهو منظر ڏسي منهنجي دل مان دعا نڪتي. جناب سيده! تنهنجي پٽ جو غم اسان جي دلين ۾ هميشه قائم هجي. هي جيڪي به آهن انهن کي پنهنجي ڇانو ۾ رکجان.

هيءُ حضرت عباس جو علم اسان جي وڏن جي ڏنل نشاني آهي جيڪا صدين کان ائين ئي ڏسندا اچون. ان علم جو حامي ۽ ناصر به حضرت عباس ٿيندو آهي ۽ ياعليءَ جي نعرن ۾ هيءُ علم چڙهندو ۽ آسمان جي بلنديءَ کي ڇُهندو آهي. علم جي بيرڪ هوا ۾ اڏامي حضرت امام حسين کي سلام ڪندي آهي. ڪربلا جي ڪهاڻيءَ جو پاسبان ۽ ڪربلا جي ميدان جو علم نهايت ئي عقيدت محبت سان چڙهيو، هن علم سان اسان جي عقيدت ۽ دلي محبت جو عالم اهو آهي جو ٻه سال اڳ منهنجو پٽ سفير چئن سالن جو هو ۽ هو ٻاهر وڃڻ لڳو ته مون هن کي چيو سفير تون پهرين امام بارگاه ۾ وڃي چائنٺ چمجان ۽ پوءِ علم کي رسن ۾ هٿ وجهجان ۽ مون مٿان دريءَ مان ڏٺو ته منهنجي پٽ ائين ئي ڪيو. مطلب اهو آهي ته اسان جا ٻار به حضرت امام حسين جا حبدار آهن صرف انهن جي رهنمائي ڪرڻي ٿي پوي. هيءُ علم جُهڙ هجي سردي هجي، گرمي هجي پنهنجي تاريخ تي لهندو آهي ۽ چنڊ جي رات علم چڙهي ويندو آهي! جناب سيده اسان جا پِڙ سدائين آباد رکندي!

عَلم

هي عازي عباس جو نشان آهي عَلم

هي زينب جي چادر جو آهي عَلم

هي معصومه جي آس جو آهي عَلم

هي ڪربلا جي سفير جو رهبر آهي عَلم

 

گلبدن جاويد

رهندي قيام تاءِ امامت حسين جي

آهي مدام دل ۾ محبت حسين جي

رهندي قيام تاءِ، امامت حسين جي

شير خدا جو پيارو، خير الوريٰ جو پيارو

هُو شير دل دلاور، اسلام جو ستارو

آهي رسول ﷺساڻ ٿي نسبت حسين جي

قربان سڀ ڪيائين، سرڌڙ ڪيائن حاضر

گهر ٻار دوست ٻڌائي سخاوت حسين جي

گڏ ساٿين سان پاڻ به مُرڪي ٿيو شهيد

هي حڪم هو الله جو نه ته ڪير هو يزيد

ملڻي هئي دو جهان کي قيادت حسين جي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com