سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :17

 

ليشمينياسز

Leishmaniasis

هيءَ هڪ بيماري آهي، جيڪا هڪ جيوڙي (جنهن کي ليشمينيا چئجي ٿو) جي ڪري ٿيندي آهي.

جيوڙو (پئراسائيٽ) ڇا آهي؟

پئراسائينٽ اهو ننڍڙو جيوڙو آهي، جيڪو پنهنجي کاڌ خوراڪ ڪنهن ٻئي ساهواري مان حاصل ڪري ٿو، جيئن انسان مان، ٻوٽن مان، ٻين جيتن مان، جوانورن مان يا ٻين جيوڙن مان.

ليشمينيا جا جيوڙا ٽن قسمن جا آهن، جيڪي انسان لاءِ نقصانڪار آهن:

:ليشمينيا دونو واني Leishmania Donovani

ليشمينيا ٽورپيڪا Leishmania Tropica

ليشمينيا بريزيلينسز Leishmania Bransiliensis

ليشمينيا دونو واني جيوڙو، جيڪا بيماري پيدا ڪندو آهي، ان کي ڪالا آزار Kala-azar  چيو ويندو آهي. ڪالا مان مراد ’ڪارو‘ جي آهي. ڇاڪاڻ ته هن بيماريءَ ۾ چمڙيءَ جو رنگ ڪجهه ڪارو ٿي پوندو آهي. هيءَ بيماري گهڻو ڪري هندوستان، چين، آفريڪا، روس ۽ آمريڪا جي ڪجهه حصن ۾ ڏٺي وئي آهي. هيءَ بيماري هڪ خاص قسم جي مک جي ذريعي ڦهلبي آهي. ان مک کي سئنڊ فلاءِ (Sandfly)  چوندا آهن ڪڏهن ڪڏهن هيءَ بيماري جانورن ۾ به ٿيندي آهي.

هن بيماريءَ جو اثر چمڙي، تري/ هيانچو (Spleen)  ۽ جيري (Liver)  تي ٿيندو آهي. ان کان سواءِ هن جو اثر جسم جي موجود ننڍڙن غدودن (جن کي Lymph nodes  چئبو آهي) تي پڻ ٿيندو آهي. هڏن جي اندر جيڪا مِکُ (Bone marrow)  هوندي آهي، ان تي پڻ هن بيماريءَ جو اثر ٿيندو آهي. تري (Spleen)  ڪافي وڏي ٿي ويندي آهي، جيرو پڻ وڌي ويندو آهي. بخار ٿي ويندو آهي، مريض کي سُسُتي ۽ ڪمزوري محسوس ٿيندي آهي، پيچس پڻ ٿي ويند ي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن نڪ مان رت پڻ ايندو آهي، جنهن کي Epistaxis  چيو ويندو آهي. چمڙي خشڪ ۽ کُهري ٿي ويندي آهي ۽ چمڙيءَ جو رنگ به ڪارسرو ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سائي (Jaundice)  به ٿي پوندي آهي. Lymph nodes  پڻ وڏا ٿي ويندا آهن. جسم ۾ رت جي ڪمي پڻ ٿيندي آهي.

هن بيماريءَ جي سڃاڻپ ليبارٽريءَ ۾ ٽيسٽ جي وسيلي ڪري سگهجي ٿي ۽ هن جو علاج دوائن جي وسيلي ڪري سگهجي ٿو.

ليشمينيا ٽروپيڪا

Leishmania Tropica

هن جيوڙي جي ذريعي چمڙي متاثر ٿيندي آهي. هيءَ بيماري گهڻو ڪري هندستان، سائيبيريا ۽ آفريڪا ۾ ٿيندي آهي. پر اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ ۾ دادو ضلعي ۾ ڪافي حد تائين ڦهلجي چڪي آهي. هيءَ بيماري  به Sand Fly  جي ذريعي ڦهلجي ٿي.

هن بيماريءَ ۾ سڀ کان پهرين ننڍڙا ننڍڙا داڻا ظاهر ٿيندا آهن، جيڪي ڳاڙهي رنگ جا هوندا آهن. اهي پوءِ آهستي آهستي وڏا ٿي ڦرڙين جي شڪل اختيار ڪندا آهن. ان کان پوءِ انهن جي مٿا هڪ سنهو تهه ڄمي پولندو آهي، جيڪو کرنڊ جي شڪل ۾ هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هي زخم پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن هي وڏا ٿي السر Ulcer  جي شڪل اختيار ڪندا آهن. انهن زخمن کي Oriental Sore  يا Tropical Sore  چيو ويندو آهي. هندستان ۾ هن کي Delhi Boil  چيو ويندو آهي.

هي زخم يا السر گهڻو ڪري ٽنگن، ٻانهن يا منهن تي ٿيندا آهن.

هن بيماريءَ کي پڻ ليبارٽريءَ ۾ ٽيسٽ جي ذريعي سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ دوائن جي ذريعي پڻ هن جو علاج ڪري سگهجي ٿو. ليشميناسز ٽرپيڪا Leishmaniasis Tropica  جا زخم ٺيڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ به ڪجهه داغ چهري تي رهجي ويندا آهن.

هن بيماريءَ کان بچڻ لاءِ صفائيءَ جو خاص خيال رکجي. گهرن ۾ ممڪن هجي ته درن ۽ درين ۾ ڄاريون لڳرائجن ته جيئن مکيون گهر ۾ نه اچن. گهر جي ٻاهران پڻ گند ڪچرو نه اُڇلجي.

جيڪڏهن بيماري ماڻهوءَ جي زخم تي ڪنهن ٻئي ماڻهو جا هٿ لڳي وڃن ته اهي هڪدم ڪنهن صابڻ سان ڌوئي ڇڏين.

ليشمينيا جو هڪ قسم ليشمينيا بريزيلينسز (L:Brasileinsis)  آهي. هن ۾ پڻ چمڙي متاثر ٿيندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن هن بيماريءَ جو اثر نڪ ۽ گلي تي پڻ ٿيندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com