سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :12

نوشابه ناز عباسي

ڀلي آئين نوان سال!

الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان هن سرسبز ۽ وسيع جهان کي ”ڪُن“ چئي تخليق ڪيو. جنهن ۾ طرح طرح جا نظارا، انسان، پکي، پکڻ، جانور، گل ۽ ٻوٽا، وڻ ٽن، چنڊ تارا، سج، آبشار، نديون، سمنڊ، ڪائنات ۾ پکيڙي ڇڏيا. جيڪي هڪ نظام ۾ موجود آهن. هن نظام جا نو گرهه آهن، هن نظام جو ”سج“ زمين جي چوڌاري گردش ڪري هڪ ڏينهن مڪمل ڪري ٿو. ڏينهن مان هفتا مهينا، سال، صدي ٿين ٿا. جيڪي صبح، شام، ڏينهن، رات ۽ موسمن جي تبديل ٿيڻ ڪري، بدلجن ٿا. هڪ سال ٻارهن مهينن جو مدو ختم ڪري هر انسان کي خوشگوار، ناخوشگوار يادون، غم، خوشيون، جدايون عطا ڪري حياتيءَ جو سال کُٽائي ويو.

هاڻ هر انسان جون اميندو، خواهشون، نئين سال 2005 سان وابستا آهن. جيڪو خير سان شروع ٿي چڪو آهي. هر هڪ جي ڪوشش هوندي آهي ته پلاننگ ڪري  ايندڙ سال کي بهتر ثابت ڪريون. گذريل سال جون غلطيون ۽ ناڪاميون مٽائي انهن کي ”نئين سال“ ۾ تقدير جي تدبير بنايون. نئون سال هڪ نئين روشني ۽ ”اميد“ آهي.

سو اسان جون سڀ اميدون هن سال ۾ آهن. رب پاڪ پنهنجي ڪرم سان نئون سال هرهڪ کي مبارڪ ڪري. جيئن ته هر سال جيان 2004 سال به ڪجهه عزيز هستيون جن ۾ ”ناني سڳوري“ هڪ سٺو شاگرد، پيارو ڀاءُ ۽ دوست نعيم پنهنجن عزيزن کي سوڳوار بنائي، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا.

سرتيون! اچو ته ”نئين سال“ کي ڀليڪار چئون، پر هڪ نئين جوش سان، امنگن، آرزوئن سا اعليٰ نموني آجيان ڪريون. گذريل سالن جون يادون بيشڪ ساڻ رهنديون، پر انشاءَ الله ايندڙ سال مالڪ جي ڪرم سان ڪامياب ۽ بهتر ٿيندو، ڪوشش ڪريون ته اسلامي حڪمن ۽ اصولن تي عمل ڪريون، وقت جو قدر ڪريون. وڌ کان وڌ نيڪيون ڪمايون. چاهتون، محبتون ۽ خوشيون ورهايون، هر انسان لاءِ خوشين جو باعث ٿيون. خوشين کي عام ڪريون، ڏکن کي دل مان تڙي باهر ڪڍيون.

شال! مولا، ڪل ڪانئات جو خالق صحيح نموني نئين سال کان لطف اندوز ڪري ۽ صرف خوشين کي ئي مقدر بنائي.

يا الاهي! ڪرم ڪر ’نئين سال‘ دعا آ!

هر مشڪل آسان ڪر ’نئين سال‘ دعا آ

***

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com