سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :8

فرزانه ڪنول بلوچ

عورت لاءِ

عورت لاءِ _

ھڪ ئي لفظ چونڊيو ويو آھي:

تون خاموش رھه،

تون چپ رھه!

ھيءَ پيدا ٿئي ٿي

ته ھن لاءِ

خوشي ھوا ۾ رک بڻجي ٿي.

ھيءَ وڏي ٿئي ٿي

ته ھن جي خواھش،

خوابن، آسن کي

ڊسٽ بِن جي

حوالي ڪيو وڃي ٿو:

ھن جي وجود اندر

خوف کي

آڪسيجن جيان

لاٿو وڃي ٿو.

ھڪ عورت

ڪنھن به احساس ۾

پنھنجي مرضي

نه ٿي رکي،

کيس چيو وڃي ٿو،

ھر پل:

تون چپ رھه،

تون چپ رھه!

 

 

ھما ناھيد /غلام مصطفيٰ ملاح

نظم

ڇا، توکي خبر آھي، محبت ڪيئن ھوندي آھي،

ڪيتري گھري ھوندي آھي؟

اگر ھيءَ دل ۾ گھڙي وڃي

نه ان جي بغير جيئڻ ممڪن ناھي.

 

 

پر توکي شايد احساس ئي نه آھي ته تنھنجي.

 

محبت جو زھر

منھنجيءَ رڳ_رڳ ۾ ڪيئن گھڙيو آھي.

ھاڻي ته علاج به ممڪن ئي ناھي.

دل جو درد،

ڪنھن ناسور وانگر،

ڏينھون ڏينھن وڌنڌو ٿو وڃي .

زندگيءَ جي قيد کان فرار،

شايد،

اھڙيءَ طرح ممڪن ٿي سگھي.

۽ پوءِ،

توکي به شايد

اھڙيءَ طرح

منھنجيءَ محبت جو يقين اچي وڃي.

*******

               

پروين قريشي

غزل

ھڪڙي باسڪٽ يادن جي،

حيات جي ڪيترن ورھين جي:

پنھنجين پنھنجين يادگيرين جي.

ڪي پل، رسڻ، پرچڻ، ناز ۽ انداز،

ھر بات ڄڻ پنھنجيءَ پريت جي:

چنڊ، چانڊوڪيون، ھوائون ۽ پيچرا،

ڳالھه ڪندا رھيا تنھنجي منھنجي.

ڌڙڪن دل جي، تنھنجون ڳالھيون،

بيقراري ۽ سڪ سمورين ساعتن جي:

بند اکين جا خواب به پيارا ھا،

صرف ڳالھه تنھنجي لاپرواھيءَ جي.

سانوڻي برسات ۾ ڪيترن ڏينھن جا وڇوڙا،

اکڙين ۾ ڪجل بدران، بوند لڙڪن جي:

سرد راتين ۽ اونداھه واٽن ۾،

مشعل ٻرندي رھي ٿي يادن جي.   

 

گلبدن جاويد مرزا

ڀوڳڻو ٿو پوي

زندگي به ھڪ عجيب طلسم آھي_

سمجھه ۾ نه اچڻ جھڙي ڪھاڻي.

ڪو اسرار، ڪو ڳجھه راز آھي.

ھيءَ زندگي،

ڪو پل خوشين جو ڏيکاري،

اکين کي پيار ۽ پريت،

خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا سپنا پسائي،

وري دردن جا واھڙ وھائي ٿي ڇڏي.

ھيءَ زندگي،

سورن جو ھڪ اڻکٽندڙ سلسلو آھي:

گھڻي سوچ ويچار،

پرک ۽ پروڙ کان پوءِ 

محسوس ٿيو آھي ته

صرف پنھنجيءَ ذات جون خوشيون ئي

ماڻھوءَ کي خوش رکڻ لاءِ ڪافي ناھن،

پر سڀنيءَ جي خوشيءَ ۾ ئي

دلي سڪون آھي؛

ڇو ته درد پنھنجو ھجي يا پراڻو،

جيڪا ڪري گذاري ٿو،

سا صرف درد مند دل رکندڙ ماڻھو ئي ڄاڻي ٿو:

درد ڇا ڄاڻي ته دل ڪنھن نه ڪنھن ناتي،

ماڻھو ڳنڍيل آھي،

انھيءَ جي پيڙائن، ڀوڳنائن،

اھنجن ۽ ايذائن،

ڏکن ۽ دردن جو ازالو به ته ڪرڻو آھي:

ڪنھن چواڻي، ”دل ھڪڙي درد ھزار.“

سو، ھزارين دردن ۾ گھيريل ھڪ دل:

ڪٿي انساني عظمت ۽ عصمت لٽجڻ جو ڪرڀ،

ڪٿي جذبن ۽ احساسن پيڙجڻ جو ڪرڀ،

ڪٿي ملي وري وڇڙي وڃڻ جو ڪرڀ،

نه چاھيندي به، ظاھري طرح نه ئي سھي،

پر اندروني طور

سڀني سان گڏ ڀوڳڻو ٿو پوي_

ڪنھن کي روئندو ڏسي،

خود اسان کي روئڻو ٿو پوي!

 

سميع ڪنڌر

ٻه نثري نظم

(1)

زندگيءَ سان منھنجو.

ايڪويھه سال پراڻو .

رشتو آھي.

توسان رڳو،

پنجن سالن جو،

پوءِ به تون مون کي،

زندگيءَ کان

وڌيڪ پياري آھين!

 

(2)

مان،

خواب ڏسندو آھيان

خواب،

ھر ڪوئي ڏسندو آھي،

خواب،

تون به ڏسندي ھوندينءَ،

پر،

الائي ڪنھن جا...!!

 

 

ھڪ چچن شاعر جو نظم/ مترجم: ممتاز صحرائي

سورھين سنيھا

ڪيڏو نه ڏينھن گرم آ،

رڳو تلوارون اسان تي ڇانوڪن ٿيون.

دونھون ڪيڏو نه گھاٽو آ،

رات ڪيڏي نه ڪاري آ،

رڳو بندوقن جون چڻنگون روشني ڏين ٿيون .

اي ڪانگل!

اڏري وڃ اسانجن گھرن ڏانھن،

۽ وڃي ڏي اسانجين ڀيڻن کي آخري سلام:

ٻڌاءِ وڃي تن کي ته اسان تي رڳو ڳجھون ماتم ڪنديون.

۽ اونائيندڙ بکيا بگھڙ اسان جا نوحا پڙھندا:

ٻڌاءِ وڃي تن کي ته اسين ماريا ويا آھيون،

گائيار جي ڌرتيءَ تي:

تلوارون اسانجن ھٿن ۾ آھن،

جتي ڳجھون اسان جون اکيون ڪڍي رھيون آھن،

۽ بگھڙ اسان جو ماس چيرين پيا!  

 

 

 

 

قدير انصاري

نظم

پتن جي خشڪ ٿيڻ جي وارتا تي،

اسان ڀي ريگزار زندگيءَ ۾،

ڪڏھن سنجيدگيءَ سان ناھهِ سوچيو.

اسان ڪنھن خشڪ پتي جي بدن تي،

ڪوئي نالو لکيو ھو! ھا، لکيو ھو،

۽ تنھنجي ياد جو آئي انھيءَ ڏي،

عجب وارفتگيءَ مان موڪليو ھو.

اسان رابيل جي مکڙي کنئي ھئي، 

۽ ان جو واس من ۾ اوتيو ھو،

۽ تنھنجي ساھه جي خوشبوءَ جھڙو،

ڪوئي وشواس من ۾ اوتيو ھو.

اڱڻ ۾ راتِ_ راڻيءَ جي مھڪ ھئي،

۽ تنھنجي درشنن جا دان ھا، جي،

اسان جي زندگيءَ تي ڇو لٽايو؟

پرين! خوابن سندا مھمان ھا، جي.

اسان دوريءَ اوھانجيءَ لاءِ جانان،

۽ پنھنجي خشڪ پتن جھڙي تن تي،

صليبن تي، مسيحائن تي جانم،

ڪڏھن سنجيدگيءَ سان ناھه سوچيو.  

 

 

 

ساجده ”ايس“ سومرو

وايون

 

(1)

توکي وٺي ايندي،

ڪيڏو ھيو وشواس _

ھليوڪيءَ عيد تي!

ڇا مون سان ملڻ جو؟

توکي نه آيو قياس ؟

ھيلوڪيءَ عيد تي !

توکان پري آئون،

رھيس ڏاڍي اداس_

ھيلوڪيءَ عيد تي!

(2)

تنھن جون راھون،

تڪن پيون نگاھون_

ھيلوڪيءَ عيد تي!

روئي پيون اکڙيون،

خالي ڏسي ٻانھون،

ھيلوڪيءَ عيد تي!

غمن، سورن، يادن،

دل تي ڪيون ڪاھون_

ھيلوڪيءَ عيد تي!

توسان ملڻ لاءِ!

مون ڪيون دانھون

ھيلوڪيءَ عيد تي!

 

 

 

ڪنول سعيد

وائي

آئـــــــــــــــــون تـــــــــنھـا تـــــــــــنـــھــا.

عيد ڏيھاڙي به !

جــــــــــيءَ کــــــــــــــــــــي نـــــــه مــــــلي،

خـــــــــــوشــــــــــــي ڪــــــــــــــــــــــــــــــــا_

عيد ڏھاڙي به!

وڇــــــــــــڙيـــــــــل مـــــــــــرڪــــــن کـــــــي،

پـــــــــــــــاڻ ڳــــــــــــــــولـــــيـــــون ٿــــــا_

عيد ڏھاڙي به!

روز ايـــــــــــــــــــــنـــــدي آ، جـــــــــــــــــــا،

اداســـــــــــــــــــــــي آئـــــــــــــــــي ســــــا_

عيد ڏيھاڙي به ! 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com