سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :7

”فقير“ شھمير خان چانڊيو

ڪفارو

شھر جي رونقدار ۽ ٽريفڪ جي گھماگھميءَ کان ڪٽيل، ۽ ڪافي فاصلي تي ٺھيل جھڳين نما گھرن مان ڪجھه ٻار، جيڪي ليڙون ليڙون ٿيل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ ملبوس ٻاھر نڪري، اٽي ڏڪر راند کيڏي رھيا ھئا. ان ماٺيڻي ماحول جي گھٽيءَ ۾ ھر طرف غلاظت جا ڍير لڳا پيا ھئا. منجھد جو سح، پنھنجي تپش جا جوھر ڏيکاري رھيو ھو. ان گھڙيءَ جھڳيءَ مان دونھون اٿندو نظر اچي رھيو ھو. شايد منجھند جو ٿيندڙ تيوڻ تيار ٿي رھيو ھو... ۽ اھا ھئي به حقيقت! ڇيڻن جي باھه ڏاڍي ڏکي ٻري رھي ھئي، جنھن ڪري رمضان جي امڙ کي پڻ ڏکيائي ٿي رھي ھئي، جو ھوءَ چلھه تي رکيل دال جي ديڳڙيءَ جي ٻارڻ کي تيز ڪرڻ لاءِ گھڙيءَ گھڙيءَ ڦوڪون ڏيئي رھي ھئي، جنھن سبب سندس اکين مان دونھي جون ڌارون، پاڻي بنجي وھي رھيون ھيون. سندس ڀر ۾ ويٺل ننڍڙو پٽ زاھد پڻ اکيون مھٽي رھيو ھو.

ڇيڻن جي باھه، ڀڙڪو ڏيئي ٻري پيئي ۽ پوءِ مرادان ڀر ۾ پيل جست جي ٿالھه ۾ اٽو ڳوھڻ سان گڏو گڏ ڀڻ_ڀڻ ڪندي ويئي: ”مُئي کي چوندي آھيان ته اھڙي ايمانداري به ڪھڙي ڪم جي، جو ھر ڳالھه کان محروم رھجي وڃون. پوليس جي ماڻھوءَ کي ته پگھار جي پرواھه ئي نه ھوندي آھي، ان کي ته روز پئي پگھار ملندي آھي. ھڪڙو ھيءُ ئي مڙسالو آھي، جو سڄو مھينو ڪاف ٿو ڪڍائي! ٻارن جا لٽا، اچي ڦاٽا آھن؛ مٿان عيد به اچي پيئ، تن جي ڪريان يا پيٽ جي! منھنجا ته ھِن مڙس لاھه ئي ڪڍي ڇڏيا آھن. اڃا ڪلھه ئي دانھن ڏني مانس ته ٻارن جا ڪپڙا اچي ڦاٽا آھن، ڪو بِلو ڪر ته چوڻ لڳو، ”عيد جي پگھار اڳواٽ ملندي، شايد اڄ ئي ملي وڃي، ائين چئي پاڻ ته ويو ھليو ڊيوٽيءَ تي! ھڪڙي آءٌ آھيان، جو لوڙيان ويٺي. جي اڄ پگھار نه آندئين ته پاڻ ڄاڻي، ٻار ڄاڻن، ۽ سندس گھر ڄاڻي. ڪھڙو سون سان مون کي ڳاڙھو ڪيو اٿس! پھرين ڏينھن ۾ ته شھر مان ايندو ھو، ته ڪڏھن حلوو، ڪڏھن چھر، ۽ ڪانه ڪا شيءِ وٺيو ايندو ھو، پر پھرئين ٻار ٿيندي ئي مڙسالو ڍرڪي پيو، چي: ”مرادان اڳي ته پاڻ ٻه ڄڻا ھوندا ھئاسون، ھاڻي ڦري ٿيا آھيون ٽي؛ ھاڻي پاڻ کي گاڏيءَ جي ٻن ڦيٿن وانگر گاڏي کي ھلائڻو آھي... ۽ مان انھن سپاھين مان نه آھيان، جيڪي پنھنجي روزيءَ ۾ زھر ملائي. ٻچن کي رزق حلال بجاءِ حرام کارائين ٿا.... ۽ وڏي ڳالھه ته جيڪي حرام ڪمائين ٿا، انھن جا ٻچا بيمار ٿي پوندا آھن ۽ پوءِ پريشاني ڌار ٿيندي آھي، ۽ اھي حرام جا ڪمايل پئسا ڊاڪٽر جي حوالي ٿي ويندا آھن! رڳو پيو نصيحتون ڪندو آھي. پر پاڙي واري زينو چوندي آھي ته ” ادي تون ڀاڳن واري آھين، جو ھڪ سپاھيءَ جي جوءِ آھين، تنھنجون ته پنج ئي آڱريون گيھه ۾ آھن. پوليس وارن جي روز ڪمائي ھوندي آھي، ۽ گھر سونا ڪري ڇڏيندا آھن.، پر منھنجو مڙسالو ته گھر ۾ روز سکڻا ھٿ لوڏي ايندو آھي...

”ڇيڻن جي باھه، وري دونھي ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ مرادان وري به اٽي ۾ ٿڦيل ھٿ مٿي ڪري، نِوڙي ڦوڪ کي لڳي ويندي آھي... وري به ڀڻ _ ڀڻ“ ھن مُئي دونھي ته اکيون ئي ڪڍي ڇڏيون آھن... مان ته جيئري ئي دوزخ ۾ پئي سڙان ...!“

”امان امان، بابا اچي ويو!“ ٻاھر کيڏندڙ رمضان اوچتو جھڳيءَ ۾ داخل ٿيندي، مرادان کي ھوشيار ڪيو.

”پڻھين آيو آھي ته مان ڇا ڪريان... لڳي ته پئي آھيان، ايماندار جي لاءِ!“ مرادان منھن بڇڙو ڪندي چيو.

”رمضان جي ماءُ، وارو ڪر، بک ڏاڍي لڳي آھي.“ صفر ايندي شرط چيو.

”نڀاڳي ڇيڻن جي باھه ئي نٿي ٻري، بس رڳو ٿورو ٽھڪو اچي، ته ماني پچائي ٿي وٺان، تيسين تون ھٿ_ منھڻ ڌوئي وٺ!“ مرادان اٽي جي ٿالھه کي پاڻ ڏانھن ريڙھيندي چيو.

ٿوري ئي دير ۾ صفر، ڊريس بدلائي ھٿ، منھن ڌوئي پٽ تي وڇايل توريءَ تي اچي ويٺو.

ان دوران مرادان پاڻيءَ جو گلاس، دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ ان مٿان دال جي وٽي، کڻي اچي صفر اڳيان رکي ”بسم الله“ چئي، صفر مانيءَ کي لڳي ويو.

ان ڪم کان فارغ ٿي، مرادان ٻارڙن کي به ماني ڏني، ۽ پوءِ پاڻ به ماني کڻي اچي مڙس جي ڀر ۾ ويٺي. مرادان ماني کائيندي، مڙس کان پھريون سوال ڪيو: ”پگھار مليئي ؟“

”اڙي ھا يار، پتلون جي کيسي ۾ پئي اٿئي. ڏاڍي ويسر ٿي پئي اٿم.“ صفر ذھن تي زور ڏيندي چيو.

مرادان جي منھن تي سرھائي وري آئي ھئي، ۽ ھوءَ تڪڙا تڪڙا گرھه وات ۾ وجھندي، بنا پاڻي پيئڻ جي ٿُوڻي ۾ ٽنگيل پتلون جي کيسن کي جاچڻ لڳي، پر سواءِ ٻن، ٽن ڪاغذن جي کيسن ۾ ڪاريءَ وارا ڪک پيا ھئا.

”ھن ۾ تو وارو ٻٽون ئي ڪونھي!“ مرادان ھيسيل انداز ۾ چيو.

”ائين وري ڪيئن ھوندو!!“ صفر به حيران ٿيندي چيو.

”پاڻ ئي اچي ڏس.“ مرادان چيو، ۽ پري ھٽي بيھي رھي.

مرادان جي ان انڪشاف تي صفر پاڻ وڃي، کيسا اٿلايا. پر ٻٽون ھجي ته ملي. اوچتو صفر ٻاھر ڊوڙ پاتي ۽ پوءِ ڊوڙندو ويو.... ڊوڙندو ويو !!

صفر اڃان نه موٽيو ھو، مرادان کي ڏاڍي اڻ_تڻ ٿي پيئي ھئي: ”خدا خير ڪري! الائي ڇو اڃان نه موٽيو آھي. کيس الائي ڇا ٿي ويو آھي، ۽ ائين ڊوڙندو گھر کان ٻاھر ڇو نڪري ويو آھي.“ اھڙا ڪيئي انيڪ خيال، وسوسا، گمان ۽ وھم مرادان کي وڪوڙي ويا، ۽ ھوءَ ٿُوڻين ۾ ٽنگيل پردي واري رَليءَ ۾ اکيون کپائي ويھي رھي، جڏھن ته ماني کائي ٻار، ٻاھر راند ۾ رُڌل ھئا.

ڳچ دير کان پوءِ صفر گھر موٽيو ھو. سندس چھرو خزان جي پن جيان ھيڊو ٿيل ھو، ۽ ائين پي لڳو، ڄڻ معمولي ھوا جي جھونڪي سان ڄاڻ ته ڇڻي پوندو. ھو مٿي تي ھٿ رکي. مٿي پولار ۾ نھارڻ لڳو. مرادان، سندس اھڙي حالت ڏسي، في الحال ته گُنگ ٿي ويئي، ۽ پوءِ اوسان بحال ڪري پڇي ويٺي: ”خير ته آصفر!“

”ڇا ٿي پڇين مرادان، کنوڻ جڏھن به ڪرندي آھي ته مسڪين جي جھڳيءَ تي! قدرت جي ستم ظريفي اھا آھي ته ھڪ معمولي غلطي جي مون کي ڪيڏي وڏي سزا ڏني اٿس!“

”آخر مون کي به ته خبر پوي ته الله سائينءَ جو ڪھڙو ڏوھه ڪيو اٿئي، جو ايڏي وڏي سزا ملي اٿئي؟، مرادان، صفر جي فلسفيانه انداز کي نه سمجھندي، پڇڻ لڳي.

”رات مون امانت ۾ خيانت ڪئي آھي!“

”وري به ڳجھارت!“ مرادان خفي ٿيندي چيو.

”ته پوءِ ٻڌ مرادان، رات مان ڄام شوري ڦاٽڪ وٽ ڊيوٽي ڏيئي رھيو ھوس. توکي ته خبر آھي ته آءُ ان رات گھران ماني کائي ڪونه نڪتو ھوس، لھٰذا بک وڌي وڃڻ لازمي امر آھي. مون پھرين ته وڃي، ٿاڻي تان وڏي منشيءَ کان پگھار ورتي، جيڪا مون ٻٽونءَ ۾ محفوظ ڪري پتلون جي کيسي ۾ وجھي ڇڏي، ۽ پوءِ حسبِ معمول رائيفل کڻي ڄامشوري ڦاٽڪ وٽ پھتس. پھرين ته خيال آيو، ته ڪنھن ھوٽل تي وڃي ماني کائي وٺان، پر فرض مون کي ائين ڪرڻ نه ڏنو. ۽ دل ۾ خيال آيو ته تون جيڪڏھن ھوٽل تي ويھي ماني کائين، ۽ پويان ڪا واردات ٿي پوي ته ان جو ذميوار ڪير ٿيندو؟ اھو سوچي، ماني کائڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيم.

تقريباً رات جو ھڪ _ڏيڍ بجه ڌاري، پيٽ ۾ وري اچي بک جا ولوڙا پيا، پر ھن وقت ته ھوٽلون به بند ٿي چڪيون ھيون. ان وقت صرف، ھٿ جا ٺيلھا، جن تي فروٽ رکيل ھوندو آھي، ڪپڙن سان ڍڪيل ھئا ۽ جيڪي ماڻھو، ھڪ خدا ۽ اسان سپاھين جي حفاظت ۾ ڏيئي ويندا آھن. بک جي شدت سبب، مون ھڪ ٺيلھي جو ڪپڙو ھٽائي، ان مان ٻه_ٽي صوف ڪڍي ورتا ۽ پيٽ جي باھه اجھائي، جيئن ريلوي جون پٽڙيون ڪراس ڪرڻ لڳس ته اوچتو منھنجو ھڪ پير سليپر ۾ ڦاسي پيو، ۽ مان خوف مان ان کي سليپر مان آزاد ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳس، جيئن ڪا ريل نه اچي وڃي. آخر خدا خدا ڪري، مون پاڻ کي آزاد ڪرائي ورتو، پر ان صوف چورائڻ جي عوض ۾ قدرت مون کي اھا سزا ڏني، جو ٻٽون اتي ڪٿي ڪري پيو، ۽ باوجود ڳولڻ جي به مونکي ھٿ نه آيو _ ھينئر به آءٌ اوڏانھن ئي ويو ھوس!“

مرادان جي مٿان، صفر جي ڳالھه سڪتو طاري ڪري ڇڏيو ھو_ ۽ ھاڻي کيس پڪ ٿي چڪي ھئي ته پرايو مال ڦٻائڻ يا کائڻ حرام آھي، ۽ ان جي ڪيڏي وڏي سزا، سندس مڙس کي ملي ھئي، ۽ ھاڻي ان جو ڪفارو کيس به ادا ڪرڻو پوندو!!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com