سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :11

 

ليکڪ:ائنڊريولَئنگ                                   سنڌيڪار: محمود مغل

The Story of JOAN OF ARC

جون آف آرڪ جي ڪھاڻي

پھرين باب جو رھيل حصو

جڏھن جون تقريباً تيرھن سالن جي ھئي ته سندس حياتيءَ ۾ ھڪ عجيب واقعو پيش آيو.

ھڪ ڏينھن ھوءَ ٻين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ساڻ ڊوڙ جي ھڪ مقابلي ۾ حصو وٺي رھي ھئي، جنھن لاءِ ھڪ گلن جو تاج رکيو ويو ھو. جون لاءِ اھو کٽڻ تمام سولو ھو. جنھن مھل ھوءَ ڊوڙي رھي ھئي ته ڏسندڙن مان ھڪڙي ٻارڙي رڙ ڪئي:

”جون، مان توکي اڏامندي پيو ڏسان،

تنھنجا پير ته ڌرتيءَ کي ڇُھن ئي ڪونه ٿا.“

باب ٻيو

جون آواز ڪيئن ٻُڌا

ڊوڙ جي پڄاڻيءَ تي جون کي عجيب قسم جو احساس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ھوءَ الاءِ ڪٿي ھجي.

اوچتو ھن پنھنجيءَ ڀر ۾ ھڪ نوجوان جو آواز ٻڌو، جيڪو کيس گھر وڃڻ لاءِ چئي رھيو ھو، ڇاڪاڻ ته اتي جون جي ماءُ کي سندس ضرورت ھئي. کيس اھا ته ڄاڻ نه پيئي ته ڪير ڳالھائي رھيو ھو . ھن سمجھيو، شايد اھو سندس ڀاءُ ھو يا پاڙيوارن منجھان ڪو ڇوڪرو ھو. جون ھڪدم گھر ڏانھن ڀڳي، جتي پھچي کيس خبر پئي ته ھن جي ماءُ تي کيس بلڪل ڪونه سڏرايو ھو.

ماءُ وٽان حال احوال وٺي، جون جيئن ئي پنھنجين ساھيڙين ڏانھن موٽي رھي ھئي ته کيس ھڪ تيز روشني نظر آئي، ڄڻ ته ڪو چمڪندڙ ڪڪر ھجي. ساڳئي وقت ھن ھڪ آواز ٻڌو، جيڪو چئي رھيو ھو ته وڃ ۽ وڃي فرانس کي انگريزن کان بچاءِ. ان وقت تائين ھوءَ رڳو فرانس جي حالت تي ڳوڙھا ڳاڙي پئي سگھي، پر ڇاڪاڻ ته سندس ڄمار تمام ننڍي ھئي، تنھنڪري ھن جي ذھن ۾ اھا سوچ ئي ڪانه آئي ته ھوءَ ڪنھن فوج جي قيادت ڪري انگريزن ساڻ جنگ جوٽي سگھي ٿي.

جون کي ٻڌجڻ ۾ ايندڙ پراسرار آوازن بابت ماڻھن جو بيان ڪيل ھي پھريون احوال آھي، جيڪو پھرين آواز اچڻ کان چار سال پوءِ لکيو ويو، ۽ اھو مئي 1429ع جو ذڪر آھي. جڏھن ڇھه ھفتا پوءِ جون انگريزن کي پھريون ڀيرو زبردست شڪست ڏني. ٻن سالن کان پوءِ جڏھن جون انگريزن جي قيدياني ھئي، ته انگريزن جو پاسو کڻندڙ، فرانسيسي پادرين ۽ قانوندانن سندس هياتيءَ جي ھر معاملي بابت کانئس ھزارين سوال پڇيا؛ ۽ سندس ڏنل جواب اکر به اکر تحرير ڪياويا. جڏھن جَون کان انھن پراسرار آوازن بابت پڇا ڪئي وئي ته ھوءَ گھڻو ڪجھه لڪائي وئي، پر وري به ھن پادرين ۽ قانوندانن کي ايترو ضرور چيو.

”جڏھن مان تيرھن سالن جي ھيس ته مون کي خدائي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ھو، ته مون کي ڇا ڪرڻو آھي ۽ ڪيئن ڪرڻو آھي. جڏھن پھريون ڀيرو مون اھو آواز ٻڌو ھو ته مان ڊڄي وئي ھيس. مان پنھنجي پيءَ واري باغ ۾ بيٺل ھيس. ٽاڪ منجھند جو وقت ھو، گرمي جي موسم ھئي ۽ اھو آواز منھنجي ساڄي طرف کان اچي رھيو ھو، جنھن پاسي گرجا ھئي. جڏھن به اھو آواز ايندو ھو ته مان انھيءَ جي رخ کان روشنيءَ جو ھڪ ڀرپور چمڪو ڏسندي ھيس. ان آواز مون کي چيو ته مان ھڪ سٺي ڇوڪري بڻجي، گرجا ۾ عبادت ڪريان ۽ فرانس کي بچايان. مون چيو ته. ”مان ته ھڪڙي غريب ڇوڪري آھيان، جنھن کي گھوڙيسواي به نٿي اچي، اھا فوجن جي اڳواڻي ڪيئن ڪندي“؟“

پر آواز ايندا رھيا ۽ سالن تائين کيس مجبور ڪندا رھيا ته ھن کي اھو سڀڪجھه ڪرڻو ئي پوندو .

جون نه صرف آواز ٻڌندي ھئي، پر کيس جنت ۾ رھندڙ مقدس بزرگن جون روشن شڪليون به نظر اينديون ھيون. ھوءَ قانوندانن کي وڌيڪ ڪجھه ٻڌائڻ نه گھرندي ھئي ته به ھن ايترو ضرور چيو:

”مون ھنن کي ائين ته چِٽو ڏنو آھي، جيئن اوھان کي ڏسي رھي آھيان. ھنن جي واپس وڃڻ تي مان روئندي ھيس. منھنجي اھا خواھش ھوندي ھئي ته ھُو مون کي به اوڏانھن وٺي ھلن جيڏانھن پاڻ وڃن پيا.“

اھي مقدس بزرگ سينٽ مارگريٽ، سينٽ ڪئٿرائن ۽ سينٽ مائيڪل ھئا. جون جي ساھيڙين ٻڌايو ته ”جڏھن جون پنھنجن ”ڏٺل“ ۽ ”ٻڌل“ حالتن بابت ڳالھائيندي ھئي ته ھوءَ انتھائي خوش ڏسبي ھئي ۽ سندس اکيون آسمان ڏانھن کنيل ھونديون ھيون.“

ايتروئي احوال اسان کي جون جي انھن دلچسپ ڳالھين بابت معلوم آھي، جن تيرھن سالن جي ڄمار کان اوڻيھن سالن جي ڄمار تائين سندس ساٿ ڏنو. اھا ڄمار، جنھن ۾ ھوءَ اسان کان موڪلائي وئي. انھن ڇھن سالن ۾ قدرت کيس ڀرپور مدد ڏني ته ھوءَ فرانس جي بچاءَ لاءِ ڇا ڇا ڪري سگھي ٿي ۽ ڪيئن ڪري سگھي ٿي.

جي کيس آواز ٻڌڻ ۾ نه اچن ھا ته ھوءَ جنگ وڙھڻ لاءِ بلڪل نه وڃي ھا. ڪجھه سال ته ھن ڪنھن سان به آوازن بابت ڪابه ڳالھه ڪانه ڪئي ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾، پنھنجي گھر ويٺي رھي.

جڏھن ھوءَ جنگين تي ويندي ھئي ته سندس گھاٽا دوست به کيس ان ڳالھه تي آماده نه ڪري سگھندا ھئا ته انھن ڳالھين کان وڌيڪ ڪو اکر ڳالھائي، جيڪي اسين مٿي اوھان کي ٻڌائي چڪا آھيون. ھوءَ چوندي ھئي ته کيس ھڪ ”ڪائونسل“ جو سھڪار حاصل آھي، جيڪا کيس ھر ڳالھه بابت صلاح ڏيندي رھي ٿي .

جيڪڏھن ڪمري ۾ گوڙ ھوندو ۽ جون اتي ويٺل ھوندي ته ھوءَ آوازن کي صاف ٻڌي نه سگھندي ھئي. سندس فقط ھڪ دوست اھا شاھدي ڏني ته ھن ھڪ ڀيري جون سان گڏ فرشتن جا چھرا ڏٺا، باقي ھن سان گڏ رھندڙ ڪنھن به دوست يا ساٿيءَ ڪڏھن به ڪا غيرمعمولي شي نه ڏٺي نه وري ڪو آواز ٻڌو . جون کي بزرگن ۽ آوازن بابت گفتگو ڪرڻ سخت ناپسند ھئي،

باب ٽيون

جَون پاران آوازن جي اطاعت

وقت گذرندو رھيو ۽ فرانس جي تخت جو حقدار، ولي عھد چارلس، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ بدقسمتيءَ کي مُنھن ڏيندو رھيو. انگلنڊ جو بادشاھه ھينري پنجون گذاري چڪو ھو، جيڪو پاڻ ھڪ زبردست جنگجو ھو. جيتوڻيڪ مرڻ کان پوءِ ھينريءَ پويان رڳو ھڪڙو ننڍڙو پُٽ ڇڏيو ھو، پر ھلندڙ جنگ کي جاري رکڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي به ڪيترائي سندس پوئلڳ سر ڌڙ جي بازي لڳائي رھيا ھئا. مئل بادشاڳه جو ڀاءُ ”ڊيوڪ آف بيڊ فورڊ“، سئلسبريءَ جو اَرل، سر جان فاسٽولف، ٽالبوٽ ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور جنرل جنگ ۾ مصروف ھئا. اسڪاٽن. ھڪ مشھور پل بُوگ ((Baugeوٽ ٿيل معرڪي ۾ انگريزن کي شڪست ڏني ھئي، جنھن ۾ ھينري پنجين جو ڀاءُ ”ڊيوڪ آف ڪليئرنس“ مارجي ويو ھو، پر فرانسي ۽ اسڪاٽَ ”ورنوئِل“ ((Vernevilجي ھنڌ بي جگريءَ سان وڙھندي مات کاڌي ھئي. وري به اسڪاٽلئنڊ مان فوج جي ھڪ ٻئي جٿي جي آمد جنگ جاري رکي ھئي.

ان وقت تائين وليعھد چارلس، فقط فرانس جي لوئر (Loire) نالي عظيم نديءَ جي ڏکڻ وارو علائقو جھلي ويٺو ھو. آرليئنز (Orleans) جو شھر سندس حمايت جو سڀ کان مضبوط مرڪز ھو. جي انگريزي رڳو ھڪڙو ڀيرو ان شھر تي قابض ٿي سگھن ھا ته پوءِ وليعھد وٽ فرانس واپس وٺڻ لاءِ ڪجھه به نه ھجي ھا؛ ڇاڪاڻ ته انگريزي پوءِ خوراڪ ۽ ھٿيارن جا ذخيرا آڻي، فرانس جي مرڪزي ۽ ڏاکڻئين علائقي کي لتاڙي، چارلس کي سندس ئي ملڪ مان ھڪالي ڪڍن ھا.

چارلس ڏاڍي غريب طبيعت جو مالڪ ھو. ھن وٽ ته پنھنجي موچيءَ کي ڏيڻ لاءِ خرچي به نه ھوندي ھئي. ۽ تنھن کان سواءِ، جنگ وڙھڻ ۾ ھُو ڪافي صلاحيت رکندڙ ڪونه ھو . ھو آرليئنز جي ڏکڻ ۾ ٻن شھرن بلوئس (Blois )۽ پاٽيئرز (Poitiers)۾ ھتي ھُتي ويڳاڻو پيو ڦرندو ھو. ھن کي اھائي سوچ من ۾ ھوندي ھئي ته جنگ تان ھٿ کڻي، وڃي اسڪاٽلئنڊ يا اٽليءَ جا وڻ وسائي. ھڪ ٻيو غم جيڪو کيس تمام گھڻو ڏکائيندو ھو، سو ماڻھن جي ان خيال بابت ھو ته ھُو فرانس جي اصلي آخري بادشاھه جو پٽ ھئو به الائي نه؟ ان ڏک جي مسلسل وھڪري ۾ وھندي، ھو خاموشيءَ سان ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو رھندو ھو ته مٿس اھا حقيقت پڌري ٿي وڃي ته ھُو تخت جو اصل وارث آھي يا نه ۽ جي آھي ته مٿس ڌڻيءَ جي ٻاجھه ٿئي ۽ ھُو مقدس تيل مان غسل ڪري، تاج پھري. پر ھن پنھنجيءَ خواھش جو اظھار ڪنھن سان ڪونه ڪيو ۽ ھڪ جڳھه کان ٻيءَ جڳھه تي رلندي ھُو حياتي گذارڻ جي جاکوڙ ڪرڻ لڳو .

1428ع جي سرءَ ڌاري، چارلس کي خبر پئي ته اورلينز شھر جي چوڌاري انگريز فوجون پنھنجو گھيرو تنگ ڪري رھيو ھيون. اورليئنز. لوئر نديءَ جي ساڄي ڪناري تي ھو. ھن شھر ويجھو اچي، لوئر نديءَ جو پيٽ ويڪرو، وھڪرو ڌيمو ۽ پاڻي وڌيڪ گھرو ٿي ويندو ھو، ان جي وچ ۾ ڪيتريون ٻيٽاريون ٺھي ويون ھيون. نديءَ جي پرئين ڪناري تي بچاءَ لاءِ ٻن مورچن وارو مضبوط قلعو ٺھيل ھو. پر انگريزن انھن تي قبضو ڪري ورتو ھو، تنھنڪري اورلينز جا ماڻھو پل ٽپي نٿي سگھيا . البت انھن پل جو ھڪ حصو ڊاھي ڇڏيو ھو ته جيئن انگريز سندن پاسي ٽپي نه اچن .

ھڪ ڏھاڙي ھڪ انگريز جنرل، پل جي ڪناري تي ٺھيل قلعي ۾ آيو. سندس اھو دؤرو اوچتو ھو ۽ جنھن مھل ھُو اتي پھتو ھو ته ٻنھي ڌرين جا سپاھي کاڌو کائي رھي ھئا. قلعي منجھان ھڪ ننڍڙي دريءَ وسيلي، جنرل گھير ۾ آندل علائقي جو جائزو پئي ورتو. ٿيو ھيئن جو ھڪ ڀريل توبَ آرليئنز شھر جي مکيه دروازي مٿان ٺھيل مورچي ۾ رکيل ھئي، جنھن جو رخ انھيءَ قلعي ڏانھن ھو جنھن مان جنرل جھاتي پائي جائزو وٺي رھيو ھو. ھن جنرل جيڪو ”سالسبري جو اَرل“ Earl of salisbu-ry)) ھو ۽ پنھنجو پاڻ کي ھن قلعي ۾ بيٺل وڌيڪ محفوظ سمجھي رھيو ھو. ڇاڪاڻ ته اورلينر جا سپاھي ماني کائڻ ويا ھئا، تنھنڪري حملي جو ڪو خطرو ڪو نه ھو.

اوچتو ڪو ننڍڙو ٻارڙو، آوليئنز جي مورچي ۾ رکيل توب وٽ اچي نڪتو. ھن جو اھو ڏٺو ته توب ڀريل آھي ته مزو وٺڻ لاءِ ھن توب کي تيلي ڏيکاري ڇڏي. ھڪ ڌماڪو ٿيو ۽ گولو بلڪل انھيءَ دريءَ ۾ وڃي ڪريو، جنھن مان سالسبريءَ جو اَرل جھاتي پائي رھيو ھو، نتيجي طور موت سندس مقدر بڻيو.

اھو سڄو واقعو فرانسين لاءِ خوشقسمتيءَ جو سبب بڻيو ھو، پر سالسبريءَ جي جاءِ وٺڻ لاءِ ٻيا ڪيترا انگريزي جنرل موجود ھئا. انگريزي ھتي  ھُتي، ھر ھنڌ مضبوط قلعا ٺاھي پنھنجي قبضي ۾ سختي آندي ته جيئن گھيري ۾ ورتل فرانسين کي کاڌي پيتي جي رسد بند ٿي وڃي. پر اورليئنز جا رھواسي بھادر ھئا، ۽ وٽن سٺن آفيسرن جي اڳواڻي ھئي. انھن عملدارن منجھان ڪيترائي ھاڻي جَون آف آرڪ جا دوست بڻجي چڪا ھئا.

انگريزن ايتريون ته جنگيون کٽيون ھيون جو ھنن جي ھاڻي فرانسين تي اک ئي نه پئي ٻڏي. ھڪ طرف ڦرلَٽ جو مال انگلينڊ پھچائڻو ھو. ته ٻئي طرف شھرن تي قبضي جي سوچ ھئي. ھاڻي انگريزن وٽ ايترو عمل ڪونه ھو جو آورليئنرز تي گھيري ڪرڻ جي سوچ ڪن. وٽن چئن ھزارن کان مٿي سپاھي نه ھئا. ھاڻي نه ته منجھن طاقت جو اساس ھو ۽ نه وري ھُو ايتري تعداد ۾ ھئا جو گھيرو سوڙھو ڪري، فرينچن کي بک مرڻ تر مجبور ڪري، اڇو جھنڊو ڦڙڪائي پناھه لاءِ ٻاھر نڪرڻ تي مجبور ڪري سگھن.   ھلندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com