سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :6

 

تسليم زونر

وڇوڙو

”ڊاڪٽر صاحب، مھرباني ڪري پھرين ھن مريض کي ڏسو.“ مون تيز تيز وکون کڻندي ڊاڪٽر کي چيو.

”مان ھينئر وڃڻ وارو آھيان. ٻئي ڊاڪٽر کي ڏيکارجو.“ ڊاڪٽر مون ڏانھن نھاريندي جواب ڏنو.

”ڊاڪٽر صاحب، منھنجو دوست آخري پساھه کڻي رھيو آھي، ڊاڪٽر پليز، مھرباني ڪري ھن کي ڏسو، توھان جو گھر پھچڻ ڪنھن انساني زندگيءَ کان مٿي ته ناھي.“ مون ھٿ ٻڌندي چيو.

”بابا منھنجو مٿو نه کاءُ، مون چيو نه مون وٽ وقت ناھي. ڇو تنگ ڪيو اٿئي.“ ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي چيو.

۽ پوءِ جڏھن ڊاڪٽر ھلڻ کان انڪار ڪيو ته مون سخت لھجي ۾ چيو، ”ڊاڪٽر صاحب، اوھان کي ھلڻو پوندو، جيڪڏھن سانوڻ کي ڪجھه ٿيو ته مان توھان کي ھرگز نه ڇڏيندس.“

ڊاڪٽر منھنجي اھا حالت ڏسي پريشان ٿي ويو، ۽ پنھنجو لھجو تبديل ڪندي چيو ته“ چڱو مان ھلان ٿو.“

”ڪٿي آھي تنھنجو دوست، ڇا ٿيو اٿس؟“

”ھو حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو آھي، ھن جي رڪشا کي ھڪ ڪار زوردار ٽڪر ھنيو، جنھن سبب ھو ڪلٽي ٿي پئي، ۽ ھن کي تمام گھڻا ڌڪ لڳا آھن.“ مون ھڪ ساھي ۽ سڄي ڳالھه ٻڌائي ۽ تيز تيز قدم کڻندي کيس اسپتال جي اُن ورانڊي ڏانھن وٺي آيس، جتي سانوڻ بيھوش پيو ھو.

ڊاڪٽر سانوڻ کي ڏسندي چيو ته ”ھن جي حالت تمام خراب آھي، ڪافي خون ضايع ٿي ويو آھي.“

مون اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو، ”ڊاڪٽر صاحب پليز! ھن جي زندگي بچايو، توھان کي خبر ناھي ته ھو پنھنجي گھر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آھي، ھن جي ختم ٿيڻ سان صرف ھڪ حياتي ختم نه ٿيندي، پر سندس ماءُ ۽ ڇھن ڀينرن جي حياتي به ختم ٿي ويندي.“

”ھن جو آپريشن ٿيندو جنھن لاءِ پنجويھه ھزار گھرجن. ڇاڪاڻ ته ھن جي دماغ کي به سخت ڌڪ لڳا آھن. ۽ آپريشن کان پوءِ به سندس حياتيءَ جي ضمانت نٿي ڏيئي سگھجي.“ ڊاڪٽر سانوڻ جو معائنو ڪندي چيو.

پر سانوڻ ته تمام غريب آھي، ۽ مان پڻ بي روزگار آھيان، ايتري رقم ڪٿان ايندي!“ اھو سوچيندي اوچتو مون کي تھمينه ياد آئي، ھوءَ يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙھندي ھئي، سندس پيءُ وڏو زميندار هو، اهو خيال ايندي ئي مون  ڊاڪٽر صاحب کي چيو، اوھان آپريش ڪريو، آئون رقم کڻي ٿو اچان.“ ائين چئي آئون ٻاھر آيس، ۽ موٽر سائيڪل، جيڪا ھلندي ھلندي بيھي رھندي آھي، سا اسٽارٽ ڪري تھمينه جي گھر روانو ٿيس.

گھر جي گھنٽي وڄائڻ تي نوڪر آيو، ۽ پڇيو ته ”ڪنھن سان ملڻو آھي؟“

مون کيس چيو ته ”توھان تھمينه کي چئو ته شھزور آيو آھي.“ ٿوري دير کان پوءِ تھمينه آئي، کن پل لاءِ ڄڻ وقت بيھي رھيو، ۽ ھر ڪا شي خاموش ٿي وئي. مون کي اُن وقت ھوش آيو، جڏھن تھمينه جو آواز ڪنن تي پيو ته ”شھزي، خير ته آھي، ڪيئن اچڻ ٿيو اٿئي؟“

”ھينئر مان تو وٽ ھڪ ضروري ڪم سان آيو آھيان.“

”ڪھڙو ڪم آھي؟“ ھن مون کي حيرت سان ڏسندي چيو.

مون الائي ڪيئن پاڻ سنڀاليندي، سانوڻ جي باري ۾ سموري ڳالھه کيس ٻڌائي، ۽ چيو ته جيڪڏھن سانوڻ مري ويو ته ڪجھه به نه بچندو.

اھو ٻڌي تھمينه تڪڙي تڪڙي اندر ويئي ۽ جلديءَ ۾ رقم کڻي موٽي آئي، ۽ چيائين ته ”مان به توسان گڏ ٿي ھلان.“

پوءِ اسين ٻئي موٽر سائيڪل تي اسپتال ڏانھن روانا ٿياسين، اسپتال جي اندر داخل ٿياسين ته خبر پئي ته ڊاڪٽر سانوڻ کي آپريشن ٿيٽر ڏانھن کڻائي ويو آھي. اسان جي پھچڻ کان اڳ سانوڻ جي ماءُ ۽ ڀينرن پڻ پھچي چڪيون ھيون، جن جي روئي روئي حالت خراب ٿي وئي ھئي، انھن جي اھا حالت ڏسي تھمينه جي اکين ۾ لڙڪ وھي آيا، ۽ ھوءَ سانوڻ جي ماءُ ۽ ڀينرن ڏانھن وڌي وئي، ۽ کين ڀاڪر پائي حوصلو ڏنائين. اھا حالت ڏسي منھنجي ڪوشش جي باوجود به اکين مان لڙڪ وھي آيا. تھمينه منھنجي اکين ۾ لڙڪ ڏسي مون وٽ آئي ۽ چيو، ”شھزي، رب سائين ڪندو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ھل ته ڀلا ٿوري دير لاءِ ڪئنٽين ۾ ٿا ھلون ڇو ته تون ھت ھوندين ته وڌيڪ پريشان ٿيندين.“ پوءِ اسين ڪئنٽين ۾ آياسين، جتي به منھنجي ساڳي حالت ھئي.

”شھزي تون ته ڏاڍو مضبوط ھوندو ھئين، تون ته تڏھن به نه رنو ھئين، جڏھن منھنجي پيءُ توکي رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ تون ان وقت به نه رنو ھئين، جڏھن آئون آمريڪا ھلي ويس اڄ تون ڇو ايترو روئي رھيو آھين؟“

”تھمينه منھنجي ھٿ تي پنھنجو نازڪ ھٿ رکندي چيو.

تھمينه مان نه اڳ مضبوط ھيس، نه ئي ھاڻي آھيان، تنھنجي وڇڙڻ کان پوءِ آئون صفا ٽٽي ويو آھيان، ڪجھه به ته نه رھيو آھي مون وٽ سواءِ اڪيلائيءَ جي.“

”شھزي، ڇا، تو اڃا تائين شادي نه ڪئي آھي؟“

”نه تھمينه.“ ”تھمينه منھنجي ذھن ۽ دل تي صرف تون ئي ڇانيل آھين، ڀلا تنھنجي جاءِ ڪو ٻيو والاري سگھي ٿو!؟“ مون کيس پيار مان ڏسندي چيو.

”تو ائين ڇو ڪيو شھزي؟“

”مون توتي ڪو احسان ناھي ڪيو، پنھنجي پيار کي امر ڪرڻ لاءِ ڪنھن ٻئي کي پنھنجي جيون ۾ شامل ڪري نه سگھيس. تنھنجي محبت ۽ يادن جو احساس ئي جيئاريندو رھيو آھي.“

”پر شھزي....“

اڃان تھمينه جملو پورو ئي نه ڪيو ته مان اٿيس، ھوءَ به مون ساڻ ئي وکون کڻندي آپريشن ٿيٽر ڏانھن آئي، اڃان اسان پھتاسين ئي مس ته آپريشن ٿيٽر جو دروازو کليو، ۽ ھڪ ڊاڪٽر ٻاھر نڪتو.

مون اڳيان وڌي ڊاڪٽر کي چيو، ڊاڪٽر صاحب، سانوڻ ته ٺيڪ آھي نه؟“ ڊاڪٽر منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي وراڻيو، ”آپريشن ٿي ويو آھي، جيڪڏھن اڄوڪي ڏينھن ۾ ھوش اچي ويو ته بچي ويندو، پر جيڪڏھن ھوش نه آيو ته ....“

”نه ڊاڪٽر صاحب نه، پليز اڳيان ڪجھه به نه چئجو.“

ڊاڪٽر ائين چئي ھليو ويو، ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ ٻيھر سانوڻ جي ماءُ ۽ ڀينرون دعائون گھرڻ لڳيون. وقت تمام آھستي آھستي گذرڻ لڳو. نيٺ ڊگھي انتظار کان پوءِ شام جو ڇھين وڳي ڌاري سانوڻ آھستي آھستي اکيون کوليون ۽ سندس چپ ھوريان ھوريان چرڻ لڳا، ۽ سڀني جي چھرن تي اميد جھلڪيون ڏيڻ لڳي، ۽ پل کن کان پوءِ سانوڻ ڳالھائڻ جھڙو ٿيو، ۽ سندس ماءُ ۽ ڀينرون خوش ٿي الله جو شڪر بجا آڻڻ لڳيون.

مان به مرڪڻ لڳس. تھمينه منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو، ۽ ورھين کان پوءِ ٻنھي ھڪٻئي کي ڏسي مرڪيو. تھمينه پنھنجي گھر ھلي وئي. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ سانوڻ بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.

ھڪ ڏينھن اوچتو تھمينه سان ملڻ لاءِ دل چيو. اھو سوچي مان تھمينه جي گھر جو رخ ڪيو. تھمينه جو در کڙڪايم، ته وري اھو ساڳيو شخص ٻاھر نڪتو . مون کيس چيو ته ”تھمينه سان ملڻو آھي.“

”تھمينه بيگم ته ڪراچي وڃي چڪي آھي، ۽ شام جو پنجين وڳي سندس آمريڪا جي فلائٽ آھي.“ ھن جواب ڏنو .

اھو ٻڌي منھنجي نظر منھنجي ٻانھن تي ٻڌل واچ تي پئي ته اڃان ھڪ لڳي ڪجھه منٽ ٿيا ھئا. مون جلدئي پنھنجي گاڏي اسٽارٽ ڪئي، ۽ پنھنجي گھر پھتس.گاڏي بيھاري، پوءِ ڪراچيءَ ويندڙ بس ۾ سوار ٿيس، ذھن ۾ عجيب وغريب خيال اچي رھيا ھئا ته پنجين وڳي ھوءَ ھلي ويندي. وڃان ته پيو، پر جيڪڏھن ھوءَ نه ملي ته اڳتي وڌيڪ سوچي نه ٿي سگھيس.

آخرڪار چئين وڳي ڪراچيءَ پھتس، رڪشا ڪري ايئرپورٽ جو رخ ڪيم .

ايئرپورٽ پھچندي ئي منھنجون نظرون تھمينه کي ڳولڻ لڳيون. ڪيترن ئي اوپرن چھرن تان نظرون گھمندي گھمندي نيٺ تھمينه تي پئجي ويون. ڊوڙ پائي مان سندس ويجھو پھتس ۽ چيومانس، ”تھمينه تون واقعي وڃين پئي؟“

”ھا، مان وڃان پئي، تون مون کي خدا حافظ چوڻ آيو آھين؟“ تھمينه وراڻيون.

”تھمينه نه وڃ، اڃان به وقت اُتي ئي بيٺو آھي، جتي پاڻ جدا ٿيا ھئاسين، اڃا ڪجھه به ناھي بدليو.“ مون کيس التجا ڪندي چيو.

”نه شھزي نه، من کي نه روڪ، مون کي وڃڻو آھي، مون کي وڃڻ ڏي.“ ھن نظرون چورائيندي چيو.

”منھنجي ننڍڙي ڌيءُ اتي منھنجو انتظار ڪري رھي آھي، ھُن کي ضرورت آھي منھنجي.“

”ڇا تنھنجي شادي ٿي ويئي آھي.“ مون حيرت مان کانئس پڇيو.

”ٿي آھي نه، ٿي ھيم.“ تھمينه اکيون پوري مون کي جواب ڏنو.

”مون کي طلاق ٿي چڪي آھي.“

Oh, my god!

ڪير ھو اُھو؟“ مون کانئس پڇيو.

”ھو بابا جي ھڪ امير دوست جو امير پٽ!“ تھمينه وراڻيو.

”ڪجھه به ھجي تھمينه پر تون نه وڃ، مان تنھنجي ڌيءُ کي پنھنجي ڌيءَ سمجھندس، مان توسان شادي ڪندس پليز نه وڃ!!“

”مون کي وڃڻو آھي، ھاڻ دير ٿي چڪي آھي، تمام گھڻي دير...“

اڃان مون ڪجھه چوڻ لاءِ چپ چوريا ته جھاز جي وڃڻ جو اعلان ٿيڻ لڳو.

”نه وڃ، نه وڃ تھمينه.“ مون کيس ٻيھر چيو.

تھمينه جي چپن تي مُرڪ تري آئي، ڪجھه لمحي لاءِ اھا مرڪ، جنھن مان ظاھر پئي ٿيو ته اھا زبردستيءَ پنھنجي چپن تي سجائي ھئائين.

”تھمينه مان تنھنجو انتظار ڪندس، مرڻ گھڙي تائين.“

”اُن اوسيئڙي جو ڪھڙو فائدو، جنھن جي ڪا پڄاڻي نه ھجي.“ تھمينه وراڻيو. ”تون شادي ڪري ڇڏ شھزي، پاڇن پويان ڊُڪڻ مان ڇا حاصل!“

”پنھنجو پاڻ ته مون کان کسيو پئي وڃين، ھاڻ اھو اوسيئڙو ته نه کس، جنھن جي سھاري مان باقي حياتي گھاري سگھان.

تھمينه وڃڻ لڳي.

ھوءَ وڃي جھاز ۾ چڙھي، ۽ مان کيس ويندو ڏسي رھيو ھئس. ھوءَ نه رڪي واقعي به دير ٿي ويئي ھئي، مان پنھنجا ڳرا ڳرا قدم کڻندو واپس وڃڻ لڳس ۽ وڇوڙي جي صليب تي پاڻ کي لٽڪندي محسوس ڪيم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com