سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :10

 

ولي محمد طاھر زادو

اڻ سيبائتو سمو

اُھو اھڙو ته سوڙھي _ گھُٽ سمو ھو، جو ڌيءَ داڀُوڙي يا نياڻي بوراڪ ٿي سامائي ته ان جو سڱ سڱاوتي، مائٽن جي مرضيءَ مُکياري تي ڪيو ويندو ھو: کپين ته بدي (بدلي) تي ڌيءَ ڏين، يا ڌيءَ تان ٽَڪا وٺن. يا ڌيءَ تان ٽَڪا وٺن، يا ته مرڳو ئي ڪنھن تي وَڙُ ڪري ٿورو ٿڦين.

نياڻي پرڻي ته پيڪن جي پچر پاسيري ڪري ڇڏيندي ھئي، متان ڪَڻم ڪُڙم جي ڪاڻياري ڪن ۽ ڪَوارينم، سو ساھرن جي سنمُک ٿيڻ سا، سندن سڄڻ تي پوندي ھئي. ”نئين ڪنوار نَوَ ڏينھن“ پوءِ ته چاڪيءَ جي اُٺ جيان گھر جي گھاڻي ۾ وھندي ڳھندي ڦرندي ڄمار جا ڏينھن پورا ڪندي ھئي. مجال اٿس جو پنھنجي رُد خود ھلي ۽ چوُن چَرا ڪري. ماڳھين ماٺ مِنڍڻ، ڄڻ وات ۾ وائي ڪانه ھونديس .

جيئن ئي ھاڻي ماڻِي ٿيندي، ھول حجاب پڄندو ويندس، تيئن مٿانئس ڪمن ڪارين جو ٻوجھو ڀَري وڌندو رھندو .اڃا به جي وياءَ ورايس، اولاد اَرپيس ته ويتر واھون بند! سُک جي سَکڻي ساعت به ڪين سنبرندي: ساھرن جي اَسلح اِسباب جي سھيڙڻ سانڍوڙ، سڙو سَئونترڻ، سنوارڻ، سنڀالڻ سندس ئي حوالي ھوندو ھو.

تارن ڀري رات ۾ اک لالري مس ھونديس ته اسُور جو ڪم جي اوسيئڙي ۽ اونھه ۾ سَٽ ڏيئي اُٿي سنئين لڱين ٿيندي ھئي .

بس جيڪو سماج رواج سِٽيو، رِٿيو، سوئي رستو، راھه اختيار ڪرڻي پوندي ھيس.

اٿڻ سان پَلي يا گُندي جو لِيڙو لاھي، اَنَ جي داڻن جو ڇڄ ڀري ڇنڊيندي، اھو آڻي جنڊ ڀرسان رکي، اونڌيون جوٽون ڪري جَنڊ جوٽيندي.

_اھي اناج جا داڻا، اُتر سنڌ ۾ جُوئر، لاڙ ۾ ڳاڙھا چانور، ٿَرَ ۾ وچولي سنڌ ۾ ٻاجھر جام، ٻيو اناج اڻلڀو پر ڪڻڪ جو ڪڻو به قسمت سانگي ھٿ لڳندو ھو.

_چنڊ جي گَڙڪي تي مڙس ماڻھو آرس موڙي اُٿي، وھٽن ۽ مال مھندان گاھه پَٺو اڇلي وجھندا ھئا: پوءِ ڍَڪيءَ جو ئي ڍڳا ڇوڙي پوکي راھيءَ ڏانھن روانا ٿيندا ھئا؛ گھر جو منھن وري واھيرن ويرَ اچي ڏسندا ھئا. پر ھاريءَ جي جوءِ جي جُلھه ھوندي ھئي جنڊ تي .

جنڊ ۾ لپ ان جي ڳارو ڀري وجھندي، جھوٽا کائيندي، ھٿيو، ٻيئي ھٿ سان پئي مٽائيندي، جنڊ ڦيريندي، تان جو ڪڪڙن جي دَسن ھڻڻ تائين صبوح ٿيڻ کان اڳي ٻه اڍائي پاٽيون اَنَ جون پِيھي وٺندي، جنڊ اُڍاڻي جيڪو اٽو جنڊ جي تار ۾ تيار ٿيو ته نائي جي نوڌاڻي سا ناٽو تارَ مان ڪڍي نَسُ ڀري کڻي چُلھه لڳ رکندي. پوءِ رات جي ڄمايل کير جي ڪُني يا ماٽي يا چاڏي، کاري ھيٺان ڪڍي، ڏڌ ولوڙڻ ڪاڻ، ٺڪر جي گِرڻ يا ڪاٺ جي چؤنڪي مٿان رکي ڏسندي ته سانڀيل کير ڄمي ڌؤنرو يا پنير ٿي پيو آھي. پاڻ صندلي، سِرَ يا مَنجيءَ تي ويھي، چاڏيءَ منجھه، منڌيءَ يا مانڌاڻي وجھي، ماٽيءَ کِي ٻيئي پير آڏا ڏيئي، مانڌاڻيءَ جي ڳنيءَ جي چوٽيءَ ۾ ڏورو اٽڪائي، اھو نھيري جي اَنگھي ۾ رنگ وراڪي اٽڪائي، ماٽيءَ مٿان مَنُ جو ڍڪ، مَن مٿان سنگھر، سنگھر مٿان ڳنيءَ جي وچ تي چم جي وڍي يا سُٽ جي ڪَھي يا رسي ٻِٽي وراڪا ڏنل يا وَڪڙ ويڙھيل جن جي پڇاڙين ۾ ڪاٺ جون گليون ٻڌل، ڳنيءَ جي تري ۾ ڪاٺ جو ڦُل، ماٽيءَ منجھه پيل ھوندو.

گِليون ٻنھي ھٿن ۾ جھلي پاڻ ڏانھن ڇِڪي، مانڌاڻيءَ کي ڏيڍوڻا ڦيرا، کاٻي ساڄي، رُڪجي رُڪجي پيئي ڏيندي.

_ڏڌ جي ولوڙي جي آواز ”جھُو جھُو“ جھنڪار تي باقي ستل پڻ اٿي کڙا ٿيندا. ولوڙيندي، ڌونري مان مکڻ جا ڦُٽ، ڪي ڦُل کي چُھٽي پوندا ته ڪي اَڇَ تي پيا ترندا. ولوڙو پورو ڪري، ڦل مٿان مکڻ سيري ۽ جھڻ جھُڳي آڇرائي، مکڻ جا چَنگل ڀري، چاڻا ٺاھيندي ۽ ڪا شيءِ جي دکيءَ ۾ وجھي رکندي. دکي ڇِڪي مٿان ٽنگي اچي ٻاريندي باھه .

جاڳتو چُلھه مان ڦلھوري، ٽانڊن مٿان سُڪا ڇيڻا، ڇينڀا، ڇوڏا رکي، ڏيندي ڦُوڪن تي ڦوڪون، دونھون نيڻ نچوڙي، ڦُوڪن جو ڦوھارو پئي ھڻندي. تان جو باھه ڀڀڙڪو ڪڍي ٻري ته اينديس ساھه کي سانت .

ان مھل ٻي چُلھه به ٻاريندي، ان تي رکندي ٻوڙ جو ڪُنو، ان ۾ ڀاڄي، بصر، ڪڙھي، ٿُمارو يا رائي ڏنل ڏار (دال) پئي رجھندي. پھرينءَ چلھه تي رکندي دانگي، دانگي جيستائين تپي!

پاڻ تَس مان گھر جي ڀاتين جي کائڻ جيترو اٽو، پَرڻ مان ڇاڻي ڳيٺ پاٽ ۾ لاھي، ڇاڻُو يا بوسه پاسيرو رکي، اٽي مٿان ٿورو ٿورو پاڻي نائيندي اٽي کي ٻنھين مُٺين سان ڳوھي ڳوڙھو ڪري، پيڙو پيڙو ٺاھيندي ان کي پاٽ ماٿن ٿڦيڙي پوءِ ھٿن ۾ کڻي گھڙيندي ماني، ڪا ٿلھيري ته ڪا ڦِيڦو، ھڻندي دانگيءَ ۾، پوءِ ان جا پاسا ٽِڦڻي يا وراڻيءَ سان اٿلائي پٿلائي پچائي سوڪ ڪري دانگيءَ مان ڪڍي مانيون ڀِت ڀرسان قطار ۾ اُڀيون ڪري رکندي ويندي، جيئن ڳلھيون نه ٿين. مانيون پچائي دنگ ڪيائين ته اھو بَٺُ مانين جو ڇٻرينيا پِنڊين يا دٻڪين تي ويڙھي رکندي، وچ ۾ ڪُني ۾ رجھندڙ ٻوڙ جي ٻارتڻ ۽ مرچ لوڻ جي پڻ سار سماءُ ڪندي رھندي. جيئن ٻوڙ، سُسالو، چھرو، چوکو لستِي لڳي؛ پر جي ڪَچو ڦڪو ٿيو ته ڇينڀون، جُٺيون ڦٽيون سدائين واسطي سِرَ تي سھسائڻيون پونديس.

سانجڻ کان واندي ٿي ته

_ماھي مال جي خجالت خفو ۽ کٽراڳ آھي ڪير ساندھه سِر تي کڻي

وٽن ڪا ٽَڪَ يا ڳئون، مواڙ متاري ھوندي ته ڏوجھر ڏينھن جو ۽ سُمھيڙَ سانجھيءَ ٽاڻي ٿڻن مان سَٻاليون سيڙھيون، گھاٽا گُوڳا ھڻي چِرڪي ڏُھي چروڙي چڪار ڪري، کير ديڳڙي ۾ وجھي ڪاڙھي ٺاري اڳيڇڻيءَ سان ڍڪي کاري ھيٺان رکي ڇڏيندي.

اھا اونھه پَلي پوءِ ويھندي وڌَ تي، ڄڻي وڻي کي جنگو جھَڻ جو، مانيءَ مٿان، ٽيڙھو مکڻ جو يا ڏوئي ڏيئي ڏار جي يا ٻي ڪا چھر چٽڻي جو ڳنڌڻ وَٽن ۾ وجھي کائڻ لاءِ اڳيان رکندن. سڀئي کائي ڏاڪار ڏيئي ڍئجي اٿندا ۽ پاڻ به انھن گڏ، ٻه _ ٽي گرانھه نِڳلي وٺندي .

سٻَر، سَٽر، ڳرٽ نينگر، ھڪڙا، واڙي جي کَڙھه کڻي ٻڪرين جو ڌڻ ھڪالي نيندا ۽ ٻيا چؤپايو مال گُوئر، ميھاڳ چَرڻ واسطي پھرائيندا جھنگ ڏي.

پاڻ ٽانڊا، اُماڙيون، اولانڀيون اُجھائيندي ڪانه، پر ڇار ڦلھيار سان ڍڪي يا ڪِرِ منجھه پوري ڇڏيندي، جيئن وري وقت تي وانجھي نه رھي. کڻندي ٻوھارو ھٿ ۾، گھر جو ٻُھرُ ٻُھاري اروڙيءَ تي اُڇلي ورندي. ھانءَ ۾ ھورا کورا ھونديس ھاريءَ جي، جيڪو باک ڦٽيءَ کان اڳي، بکيو نڪتو آھي. لوٽي يا دکيءَ يا چونئري ۾ گھاٽي جھڻ ڀري تنھن منجھه مکڻ جو چنبو، چاڻو وجھي، ٻه ٽي مانيون ويٺڻ ۾ ويڙھي، ڀيرو ڪندي ڀتار ڏي .

رزق آڻي رکندي مڙس مھندان. اھو جيسين توڻي کاڌو کِين سان کائي توڙ ڪري، تيسين پاڻ کڻندي ڏانٽو ھٿ ڪندي گاھه، گڏُ ڪري ڏاڍي شاھوڙ ڀري گاھه جي، يا ڪڏھن ڀروتي ڀاڪر ڪاٺين جو يا ھروٽو بوسن سڪن ڇيڻن جو. سي به اھڙا جو شھر جو شھزور رھاڪو چاھت پئي کيس کڻائي ته چِنگھه چنگھه ھانڀارا ھڻي.

وڌي واڪو ڪنديءَ وَلھِي کي ته اُھارُ، اُپڙائي، ڀري مٿي تي خالي ٿانوَ ڪڇ ۾، ڪڏندي اچي گھران نڪرندي، ڪڏھن به کيت مان خالي ھٿين ڪين موٽندي.

وري اچي وٿاڻ مان ڇيڻ کڻي ٿڦيڙن تي ٿڦي، مُٽانگو ميڙي ڦَريو ھڻي وٿاڻ کي وائکو ۽ صاف سٿرو ڪندي.

اڃا به ويل ڪانه وڃائيندي: ڀاتين جا پنھنجا لَٽا، لُڳڙ ڪپڙا، ڦُلي کار سان مَناڙي، ڪُني ۾ ٽھڪائي، ڏونگري يا ڌُڪي يا سؤنٽي ۽ داٻڙو کني کيپ مٿي تي کني ڪنھن کُوھر، کڏ ڪَسيءَ ڪُنڀ تي ڌوئي سڪائي اچي گھر ڀيڙي ٿيندي ۽ ڦاٽل، ڇنل يا کٿل پُوچن کي ٽوپو ٽانڪو ھڻي ويڙھي سَٿا ڪري رکندي. پاسي کوڙڻ جو شايد ڪو پاراتو مليل اٿس.

مائٽن مان کِرُ ھنر سکي آئي ھوندي ته چرخو چوريندي، اوبر اوبيندي، ڪَڇُ ڪوريندي يا ڀرت ڀريندي، موتين مان کِرُ ھنر سکي آئي ھوندي ته چرخو چوريندي، اوبر اوبيندي، ڪَڇُ ڪوريندي يا ڀرت ڀريندي، موتين جي پُوچ ڪندي؛ نه ته به رنگين ڪپڙن ما ٽُڪريون وييٽي ڪتري، ڳنڍي، تڏي يا تؤنئري تي رلي ڀٿاري ويھي سبندي. انھن مان ڪونه ڪو ھنر اوس ڪندي. سج لاڙو وچينءَ وير جھنگ مان مال موٽڻ کان مھند، ڦَر ٽَڪر، ڪپڙن ۾ ٻڌي قابو ڪندي. مال موٽيو ته آھُرن لڳ ڪِلن جا رسا، پينڊا، پيرن ۾ رسا، سڱن ۾ وجھي ٻڌي، ڏيندس گاھه، ڪُتر يا چارو .

وري ڪندي رات جو سانڀاھو: ڏُھائي، رڌ پچاءَ، کائڻ کارائڻ، کير ۽ سنڀاڻ وجھي سانڀي ڪُني يا ماٽي يا چاڏي کي اڳيڇڻي ويڙھي کاري ھيٺان ٿانءَ ٿپا مُوئري سان مانجھي ملي. کاري منجھه رکي، ننڊ جي اُونگھه ۽ اوڇ ۾ ڪانڏ ج يڪُک ڪَرو ڪُرونڊڙي ٿي ڪيرندي ڀتار ڀرسان!

ھن جي حياتيءَ ۾ سُتي ڪڏھن به سِجَ پَٽن ڪين پيا!

عجيب خلقت عورت!

ھر روز ھيڏي حاج جي ھاڃي ۽ اھائيءَ ھوندي به لابارن جي ڏينھن ۾ ڪانڀو ٻَڌي لابارا ڪري ته چُونڊن جي ڏينھن ۾ چونڊا!

ٻھراڙي ۾ ٻيلھياڻي، سورن جي ساٿياڻي، نه ڪاڻ گرميءَ جي نه سرديءَ جي؛ رڳو ساھرن جي مرضي جي.

نرم ته ميڻ کان به نرم؛ سخت ته فولاد کان به سخت!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com