سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :3

 

ثانيه ٿيٻو

ويسر

اڄ ماهين ۽ ان جي ڀيڻ کي اسپتال وڃڻو هو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ماهين جي وڏي ڀيڻ شيرين جو آپريشن ٿيڻو هو. جيل وانگر اسپتال جي باري ۾ به ماهين جو اهو ئي خيال هو، ته انهن ٻنهي جڳهين ۾ الله ڪڏهن ڪنهن جو به ڪم نه وجهي، پر جڏهن ماڻهو بيمار ٿي پوي ته پوءِ اسپتال جو رخ ڪرڻو ئي پوندو آهي. ٻين ماڻهن جيان ماهين به آپريشن جي ڀوت کان گهڻو ڊڄندي هئي، پر جڏهن اهو ڀوت حقيقت جو روپ ڌاري ڪنهن ويجهي، ۽ پياري ماڻهوءَ جي جسم ۾ داخل ٿيڻ وارو هجي ته پوءِ دهشت اڃان به وڌي ويندي آهي؛ ماهين به ڊنل هئي.

هن جي وڏي ڀيڻ شيرين هن کان پندرهن سال وڏي هئي ۽ هن کي ماءُ وانگر پاليو هئائين. چوندا آهن ته آپريشن کان پوءِ جڏهن مريض اڃان انسٿيزيا ۾ هوندو آهي، تڏهن هن جو ان اثر مان آجو ٿيڻ وارو ڄڻ ته زندگيءَ ۽ موت جي وچ واري وٿيءَ وانگر هوندو آهي. پر هينئر آپريشن کان پوءِ ڇا ٿيندو جي باري ۾ سوچڻ جو وقت نه هو، هينئر ته ان فيصلي ڪرڻ جو وقت هو ته ماهين ۽ شيرين کي اسپتال ڪير وٺي وڃي. انهن جي ڀاءُ اسرار جي آفيس ۾ ڪا ميٽنگ هئي ۽ ڊرائيور موڪل تي هو. اسرار جي زال عذرا پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته اسرار هڪدم کلي چيو ”تون اگر هنن ٻنهي کي هاسپيٽل وٺي وئينءَ ته پوءِ ماهين ۽ توکي به شايد هاسپيٽل ۾ ايڊمٽ ٿيڻو پوي؟“

”خدا کان خير گهر اسرار!“ شيرين ڀاءُ کي تنبيهه ڪئي هئي.

”بهتر اهوئي آهي ته مان ئي توهان کي هاسپيٽل وٺي هلان. مان بس ٻن منٽن ۾ تيار ٿي اچان ٿو.“

”خير، اسرار ٻن منٽن ۾ تون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به تيار ناهين ٿيو، ٻه ڪلاڪ چئهُ.“

ٻه ڪلاڪ! اهو تون پنهنجو پئي ٻڌائين.“ اسرار کلندو تيار ٿيڻ لاءِ هليو ويو.

گاڏيءَ ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ شيرين سان گڏ اسپتال ايندي، ماهين سوچي رهي هئي ته اسپتال ۾ ڪيتري دير لڳي ويندي، ڇو ته اسپتال کان موٽندي کيس ڪجهه خريداري به ڪرڻي هئي. ڊرائيور اسپتال جي پارڪنگ واري حصي ۾ گاڏي بيهاري، ماهين ۽ شيرين ٻئي ڄڻيون، جڏهن اسپتال جي وڏي حال ۾ پهتيون ته هنن کي حال ۾ ڪٿي به ويهڻ جي ڪا جڳهه نظر نه آئي. هو ٻئي ڄڻيون اڃان ٿوري دير ئي بيٺيون هيون ته هڪ پوڙهي عورت اٿي، جنهن جو نالو نرس ٿوري دير پهرين ورتوهو. اها پوڙهي عورت، جيڪا حليي مان مڊل ڪلاس جي ٿي لڳي، سان ان ڪمري ڏانهن وئي، جتي ڊاڪٽر کي اچي هن کي تپاسڻو هو، پر ان کان پهرين هن کي هڪ ٻي نرس اشاري سان پاڻ وٽ سڏيو.

اسپتال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي به فارملٽيز پوريون ڪرڻيون هيون، اهي سڀ پوريون ٿيندي ٿيندي اڌ منو ڪلاڪ لڳي ويو. ڪراچيءَ جي موسم ماھين کي ھتان جي ماڻھن وانگر مستقل مزاج لڳي ۽ ان سان گڏ ٿورو ٿورو منافق به، يعني توھان کي ائين محسوس ٿيندو ته ھر طرف ڏاڍي ٿڌڪار آھي، پر اصل ۾ توھان جي جسم جو پگھر جيئن جو تيئن ھوندو ۽ توھان کي پيو پريشان ڪندو.

پر اڄ موسم، معمول کان ٿورو مھربان ھئي. ماھين ھر ايندڙ ويندر کي تجسس ڀرين نظرن سان ڏسي رھي ھئي، ڄڻ انھن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي ھجي.

شيرين آپريشن جي لاءِ ھاسپيٽل ۾ ايڊمٽ ٿي چڪي ھئي. ماھين، ارادو ته اھوئي ڪيو ھو ته شيرين سان گڏ رات گذاريندي، پر اسپتال جي ان سيمي پرائيويٽ روم ۾ ڪنھن به اٽينڊنٽ کي رھڻ جي اجازت نه ھئي ۽ پاسي واري مائيءَ جي ڌيءُ کي ھاسپيٽل جي عملي وارن سان گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ اتي رھڻ جي اجازت ملي.

تمام گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ شايد ماھين کي به اتي رھڻ جي اجازت ملي وڃي ھا. پر شيرين پاڻ ئي ماھين کي اتي رھڻ کان منع ڪري ڇڏي.

”تون ڀلي گھر وڃ ھڪڙي رات جي ته ڳالھه آھي سڀاڻي ته ھونئن به آپريشن ٿيڻو آھي.“

منھنجي خيال ۾ ته مون کي رھڻ گھرجي متان ...“ ماھين زور ڀريو.

”نه نه ڪا ضرورت ڪانه پوندي. تون ڀلي گھر ھلي وڃجانءِ، شام جو اسرار وارا ايندا نه، انھن سان گڏ تون گھر وڃجانءِ ...“

ماھين کي به لڳو ته ھن جي گھڻي ضرورت ڪانه پوندي، ان کان سواءِ رھڻ جي اجازت وٺڻ وڏو بکيڙي جو ڪم ھو.

ماھين محسوس ڪيو ته ڀر واري مريضياڻي جي ڌيءَ ۾ ”گفت وشنيد“ جون جيڪي صلاحيتون ھيون، اھي ھن ۾ نه ھيون.

ماھين ھاسپيٽل جي سيمي پرائيويٽ روم جي ان صاف سٿري بيڊ تي ليٽي مس ھئي، ته ڪمري جو دروازو کليو. ٻه ڊاڪٽر ۽ نرس ڪمري ۾ داخل ٿيا . انھن مان ھڪ ته جونيئر ڊاڪٽر ھو ۽ ٻيو ڊاڪٽر يقينن ڊاڪٽر احسن ھو، جنھن کي. شيرين جو آپريشن ڪرڻو ھو. ھو شيرين کان احوال پڇڻ لڳو.

”مون وٽ سڄي معلومات پھرين کان ئي موجود آھي، پر مان ھميشه ڊبل چيڪ اپ ڪندو آھيان.“ ان پر اعتماد ڊاڪٽر ڏاڍي اطمينان سان چيو، جيڪو ٻاھران به ڪا ڊگري وٺي آيو ھو.

ماھين کي ڊاڪٽر جي ڳالھائڻ جو اندازو ڏاڍو مختلف لڳو.

ائين پئي لڳو ڄن ھو وات مان نه، پر نڪ مان ڳالھائي رھيو ھو. ڊاڪٽر جون اکيون به ٿوريون عجيب ھيون، جيتري دير ڊاڪٽر ڳالھائيندو رھيو، اوتري دير ماھين ھن جي پوري وجود کي پنھنجي ذھن ۾ ويھاريندي رھي. ڊاڪٽر جي پوري شخصيت پنھنجي ذھن جي مووي ڪئميرا ۾ ڀريندي رھي، ڇو ته ماھين ڏاڍي ويساري ھئي. ھن کي ڊپ ھو ته ڪٿي اھو ڊاڪٽر، جنھن سان ھن جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ، ڪو رشتو نه ھو، جنھن سان شايد پنھنجي ڀيڻ جي آپريشن کان پوءِ ھن کي ڪڏھن به ملڻو نه ھو. جنھن ھن جي باري ۾ شايد ھڪ وار به نه سوچيو ھوندو، اھو ھن کان وسري نه وڃي، ۽ جنھن جي باري ۾ ھن ھڪدم اھو فيصلو ڪري ورتو ھو ته ھي اھو شخص آھي، جنھن جي مون کي ڳولھا ھئي. اھو اگر ھن کان وڇڙڻ سان گڏ، وسري به ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

اھا ته ھن کي پڪ ھئي ته اھو ڊاڪٽر ھن کان ھاڻي سڄي زندگي نه وسرندو، پر ھن کي اھا به خبر ھئي ته ھوءَ ايڏي ويساري ھئي، جو ان ڪڏھن نه وساري سگھڻ واري ان شخص جو وجود ته ھرگز نه، پر نڪ نقشو ھن کان وسري ويندو.

ھن وقت ھن جي دل شدت سان اتي رھڻ لاءِ چئي رھي ھئي. ”اگر تون ھتي رھندينءَ ۽ ڊاڪٽر رائونڊ تي ايندو ته ان کي ڏسي سگھندينءَ، ان سان ڳالھائي به سگھندينءَ. پر جي ھتي نه ھوندينءَ ته پوءِ توکي، رڳو پنھنجي خوابن جو ئي آسرو ھوندو. ۽ پوءِ خوابن جي مرضي ته ھن شخص ڊاڪٽر احسن کي توکي ڏيکارڻ جي تنھنجي خواھش پوري ڪن يا نه. ”ماھين جي دل ھن کي سمجھائي رھي ھئي، پر ھتي رھڻ جي اجازت وٺي سگھڻ جي ڪا اميد نه ھئي.

ٿوري دير کان پوءِ جڏھن ڊاڪٽر پنھنجي مختصر ٽيم سميت ھليو ويو ته شيرين چيو، ”ڏاڍو سٺو ڊاڪٽر آھي.“

”ھا لڳي ٿو.“ ماھين مختصر جواب ڏنو.

”ايڏي ننڍي عمر ۾ سرجري ٿو ڪري، ضرور ايترو ڪامپيٽنٽ ھوندو، تڏھن ته ڪري سگھي ٿو.“ شيرين چئي رھي ھئي.

”ھا ھتي جو ھر ڊاڪٽر ڪامپيٽنٽ ھوندو، ايتري مشھور جو اسپتال آھي.“ ماھين چيو.

شام جو جڏھن ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو ته ماھين پنھنجي ڀاءُ اسرار سان گڏ گھر ھلي وئي. اسرار جي زال ماھين کان اسپتال جا سڄا تفصيل پڇيا.

”شيرين وٽ ڪوبه ڪونھي؟“ اسرار جي زال عذرا حيرت مان پڇيو .

”اتي ڪنھن اٽينڊنٽ کي رھڻ جي اجازت ئي ڪونھي.“ ماھين چيو.

”ڀر واري جي ڌيءُ رھي پئي ته تون به اجازت وٺي اتي رھين ھا نه.“ عذرا پنھنجي ننڍڙي ڌيءَ سرا جي وارن ۾ ڦڻي ڏيندي چيو

”ھا، مون به نرس کي چيو ھو ته مان اديءَ سان گڏ رھان، پر نرس انڪار ڪري ڇڏيو. مون چيومانس ته ٿي سگھي ٿو ڪا ايمرجنسي ٿي. پوي، ته....“ نرس جواب ڏنو ته، اسين باقي ڇا جي لاءِ آھيون، ڪجھه به ٿيو ته اسان ويٺا آھيون. سيمي پرائيوٽ روم ۾ ڪنھن اٽينڊنٽ کي رھڻ جي اجازت ڪانھي، باقي پرائيوٽ روم ۾ توھان رھي سگھون پيا.“

”اگر پرائيويٽ روم افورڊ ڪري سگھون ھا ته پوءِ نرس کي منٿ ڇو ڪيون ھا.“ عذرا چيو.

”اھا ساڳي ڳالھه ڀر واريءَ جي ڌيءَ انھن کي چئي.“ ماھين کي ياد آيو.

صبح جو چانھه جي وقت ھوءَ ٻاھر اڱڻ ۾ آئي. اسرار جو گھر ڪلفٽن ۾ ھو ۽ سمنڊ جي ڀرسان ھئڻ جي ڪري ھن علائقي ۾ آسمان ھميشه اڇڙن ڪڪرن سان ڀريل ھوندو ھو. اھي سفيد ڪڪر ڪپھه جي پوڻين جيان لڳندا ھئا. آسمان ۾ اڏامندڙ ايڪڙ ٻِيڪڙ پکي آسمان کي ڪنھن لينڊ اسڪيپ جھڙو خوبصورت بنائي ڇڏيندا ھئا.

اڄ به آسمان حسبِ معمول ڏاڍو وشال ۽ وڻندڙ لڳي رھيو ھو. ماھين لان ۾ پيل ڪرسين مان ھڪ تي ويھي رھي، ۽ پنھنجي جتي لاھي ڇڏيائين . صرف نيرو آسمان ئي نه، سائي زمين به خوبصورت لڳي رھي ھئي. ماھين اتي چانھه جو ڪوپ ھٿ ۾ جھلي ويٺي ھئي . ٿوري دير ۾ اخبار واري اخبار ڦٽي ڪئي. ماھين چانھه ڀرسان دڪيءَ تي رکي اخبار کنئي.

ڀر واري گھر جي ڏاڪڻ تان سندس ڪتو ھيٺ لھي رھيو ھو. ان گھر ۾ ھڪ وڏيري جي فئملي رھندي ھئي. اسرار جي زال عذرا ماھين کي انھن جي باري م گھڻو ڪجھه ٻڌائي چڪي ھئي.

ماھين انھن جي گھر ڪڏھن به نه وئي ھئي، پر تنھن ھوندي به عذرا جي ڪري ھن کي انھن جي باري ۾ ھر ھڪ ڳالھه جي خبر ھئي.

اخبار پڙھندي ھن جي اکين جي اڳيان ڪلھه وارو منظر ڦري ويو. اسپتال جو ڪمرو، ڪمري ۾ پنھنجي وڏي ڀيڻ سان ڪمري جي دروازي واري ڀت ڀرسان پيل واحد ڪرسيءَ تي ويٺل ڇوڪري، جيڪا ان ڊاڪٽر جي اچڻ جو انتظار ڪري ھئي، جنھن کي ھن جي وڏي ڀيڻ جو آپريشن ڪرڻو ھو. ۽ اوچتو ئي اوچتو ان ڊاڪٽر جو ھڪ ڊگھي ۽ ٻئي ننڍي قد جي ھائوس آفيسر سان گڏ اندر اچڻ ۽ پنھنجي مريضه سان ڳالھائڻ، ۽ ماھين جو ان جي چھري ۾ يڪٽڪ نھاري، ان جون ڳالھيون ٻڌڻ، ۽ پوءِ پنھنجي مريضه کي ڪجھه آسون ڪجھه اميدون ۽ مريضه سان گڏ آيل ماھين کي ڪيتريون ئي يادون ڏئي ھليو وڃڻ، نه ئي اھو ڪنھن ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ٿي سگھي پيو، نه ئي ڪنھن ڊرامي جو. ھا، باقي اھو ماھين جي زندگيءَ جي ڊرامي جو ھڪ اھم سين ضرور ھو. ھميشه ياد رکڻ جھڙو. اھڙو سين، جنھن ۾ سوچن جو بيڪ گرائونڊ ميوزڪ کان سواءِ ٻي ڪا موسيقي نه ھئي، جنھن کي فلمبند ڪرڻ لاءِ اتي ماھين جي اکين جي ڪئميرا کانسواءِ ٻي ڪا به ڪئميرا نه ھئي.

ماھين سوچي رھي ھئي ڊاڪٽر احسن ھن جي لاءِ ھڪ خواب خيال کان وڌيڪ ڪجھه به نٿو ٿي سگھي. فلمن ۾ ته ڪيتريون ئي اڻٿيڻيون ۽ ناممڪن ڳالھيون ممڪن ٿي پونديون آھن، پر ضروري ناھي ته ھيرو ئي ھيروئن تي عاشق ٿئي، ۽ ان جي پٺيان پوي. اھو به ضروري ناھي ته ھيري ۽ ھيروئن جو سماجي رتبو يا حيثيت ساڳي ھجي. بلڪه فرق جيترو گھڻو ھوندو، فلم اوتري ئي وڌيڪ جذباتي ۽ جاندار محسوس ٿيندي. پر حقيقت انھن فلمن جي ڪيترو ابتڙ ھوندي آھي، ان جو احساس ماھين کي چڱيءَ طرح ھو. مڊل ڪلاس جي سنڌي ميڊيم اسڪولن جي پڙھيل ڇوڪري ۽ انگريزي اسڪولن جي پڙھيل اپر ڪلاس جو ڇوڪرو ۽ فارين رٽرنڊ ڊاڪٽر. چوندا آھن، جوڙيون آسمانن تي ٺھنديون آھين. ماھين سوچي رھي ھئي، اگر ھن جو جنم جنم جي فيري ۾ يقين ھجي ھا، ته پوءِ ٻئي جنم جو آسرو ھو. پر ھنن حالتن ۾ ته ڪو به آسرو نه ھو. اگر ٻئي جنم جو آسرو ھجي ھا ته ھوءَ مٿي ھڪ درخواست ضرور موڪلي ھا.

الله سائين يا ته ھن ڊاڪٽر کي مون وانگر مڊل ڪلاسي بڻائي يا مون کي ھن وانگر اپر ڪلاسي. پر الله سائين بھتر اھوئي ٿيندو ته ھن کي اھڙو ئي پيدا ڪر، جھڙو ھي آھي، ڇو ته مان ھن جي ان روپ تي ئي ته مران ٿي. ٿي سگھي ٿو مون کي ھن جو مڊل ڪلاسي روپ ايترو نه موھي. مون کي ڊاڪٽر احسن پسند آھي، ٿي سگھي ٿو مون کي ماستر (يعني يونيورسٽيءَ جو ٽيچر) احسن ايترو پسند اچي يا سري کان پسند ئي نه اچي. (بورزوا سوچ رڳو بورزوا طبقي جي ئي ته ميراث ڪانھي نه) ھا ان ڪري بھتر اھوئي ٿيندو ته هي ڊاڪٽر احسن ئي ھجي، پر مان جيسز اينڊ ميري ڪانوينٽ جي پڙھيل فر فر انگريزي ڳالھائيندڙ ماھين ھجان....“

ماھين خيالن ئي خيالن ۾ درخواست جو متن ٺاھي رھي ھئي. ۽ ھوڏانھن اسرار اخبار جي ڳولھا ۾ سڄو گھر مٿي تي کڻي ڇڏيو ھو. اسرار جي ڌيءُ ناديه اخبار کڻڻ لاءِ ٻاھر آئي.

”آپي اخبار ڏيو بابا گھري ٿو.“ ناديه ماھين کي چيو.

”ھا کڻي وڃ ڀلي.“ ماھين اخبار ناديه کي ڏني. ”ٻڌ ھي مگو به کڻي وڃ.“

جنھن ڏينھن آخري دفعو شيرين جي ڊاڪٽر احسن سان اپوائنٽمنيٽ رکيل ھئي. ان ڏينھن ماھين کي پنھنجو سڄو وجود اداسي ۾ ويڙھيل محسوس ٿيو. اڄ آخري ملاقات جو ڏينھن آھي. پر ھڪ طرفي ملاقات جو ڏينھن. ڊاڪٽر احسن کي خبر به نه ھوندي ته ھڪ ننڍي شھر جي ھڪ مڊل ڪلاسي گھر جي ھيءَ ڇوڪري ھن تي مري ٿي. ماھين سوچي رھي ھئي.

اڄ ڊاڪٽر ادي شيرين کي آخري دفعو تپاسيندو، ۽ يقين اھوئي چوندو ته بس ھاڻي ٻيھر اچڻ جي ضرورت نه آھي. (ماھين جي به ته اھائي خواھش ھئي ته گھٽ ۾ گھٽ ادي شيرين جي ڪري ٻيھر ڪڏھن اچڻو نه پوي، ۽ ادي شيرين کي ٻيھر ڪڏھن تڪليف نه ٿئي). ۽ ان کان ٻيھر ھتي اچڻ جو يا گھٽ ۾ گھٽ ھن ڊاڪٽر وٽ اچڻ جو ڪڏھن به موقعو نه ملندو. اڄ ته مون کي ھڪ طرفي الوداع ڪرڻي ئي پوندي.

اسپتال جي وڏي لائونج ۾ ويٺي شيرين ۽ ماھين کي ڪافي دير ٿي چڪي ھئي. اڄ اسپتال ۾ ڪا ڪانفرنس ھئي. ڊاڪٽر کي اچڻ ۾ دير ٿي وئي ھئي. ماھين اتي ويٺي سوچي رھي ھئي.

ڀلي دير سان ئي اچي پر اچي ضرور ..

ماھين لائونج ۾ ويٺل ماڻھن جو جائزو وٺڻ لڳي، ڀرسان واري صوفي تي ويٺل پوڙھي عورت ھڪ انگريزي ميگزين پڙھي رھي ھئي، ۽ ان کان ٿورو پريان ويٺل ھڪ ٻي پوڙھي عورت ٻن نوجوان ڇوڪرين سان ڳالھائي رھي ھئي. انھن مان ھڪ ڇوڪري اسلام آباد ۾ رھندي ھئي، ۽ ان عورت ۽ ان جي نوجوان مائٽياڻيءَ سان ڪافي عرصو پوءِ ملي ھئي. ان ڪري ٽئي ڄڻيون ڏاڍي اتساھه سان ملي رھيون ھيون.

ماھين انھن جون ڳالھيون ٻڌڻ ۾ محو ھئي ۽ ھوڏانھن ڪجھه دير پھرين ڊاڪٽر لائونج جي اندر داخل ٿيو، ۽ تڪڙيون ٻرانگھون کڻندو ان ڪلينڪ ڏانھن ھليو ويو، جتي ھن کي پنھنجي مريضن جو چيڪ اپ ڪرڻو ھو. ڊاڪٽر احسن جي انتظار ۾ ويٺل سڀني مريضن ۾ ھلچل مچي وئي، انھن جا بوريت منجھان ھڪ طرف ليٽيل مٿا ھڪدم سڌا ٿي ويا.

”ڊاڪٽر اچي ويو.“ شيرين ماھين ڏانھن منھن ڪري چيو.

ٿوري دير کان پوءِ جڏھن شيرين جو وارو آيو ته ٻئي ڄڻيون وڃي ان ڪمري ۾ ويٺيون، جتي ڊاڪٽر کي اچڻو ھو. ماھين سوچي رھي ھئي. بس، اڄ آخري دفعو مان ھن ڊاڪٽر کي ڏسي رھي آھيان.

زندگيءَ ۾ ڪيترائي ماڻھو اسان کي ملندا آھن ۽ وڇڙي ويندا آھن. اسان کي خبر ھوندي آھي ته اھي اسان سان وري ڪڏھن به نه ملندا، پر اسان کي انھن سان وري نه ملي سگھڻ جو، ڪو ڏک نه ھوندو آھي، پر ڪنھن ماڻھوءَ سان وري ڪڏھن نه ملي سگھڻ جي ڳالھه اسان کي پنھنجي قسمت تي ڪاوڙائي ڇڏيندي آھي.

زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي ناممڪن ڳالھيون ممڪن ٿي پونديون آھن، ڇا ڊاڪٽر احسن سان ٻيھر ملي سگھڻ واري ناممڪن ڳالھه ڪڏھن ممڪن ٿي سگھندي؟

ڊاڪٽر شيرين کان حال احوال پڇي رھيو ھو. ان کي پڪ ڏياري رھيو ھو ته ھاڻي انشاءَ الله ھن کي ٻيھر ڪا تڪليف نه ٿيندي. بس، ھن کي ٿوري پرھيز ڪرڻي پوندي. ماھين به پنھنجي سوچن جي پٽاري کي بند ڪري ڊاڪٽر کي ڪانفرنس ۾ گھڻي دير ٿي چڪي ھئي، ھن جا ڪيترائي مريض اڃان به ويٺا ھئا، ان ڪري ڊاڪٽر ھن جي ھر ڳالھه بي ڌيانيءَ سان ٻڌي رھيو ھو، پر وڏين اسپتالن بلڪه سڀني وڏن ادارن جي اصول مطابق اتي ڪم ڪرڻ وارن کي جنھن خوش مزاجيءَ ۽ مھربان مرڪ کان ڪم وٺڻو پوندو آھي، اھا مھربان مرڪ ھر وقت ھن جي چپن تي ھئي، ۽ تڪڙ ۾ ھئڻ جي باوجود ھر ڳالھه جو جواب ڏاڍي خوش مزاجيءَ سان ڏئي رھيو ھو.

صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط ماھين کي ياد آيو، ھن رات خواب ۾ ڊاڪٽر احسن کي ڏنو ھو، ۽ ھن جي زال کي به (حقيقت ۾ ماھين کي خبر نه ھئي ته ڊاڪٽر احسن جي شادي ٿيل آھي يا نه، پر ھن جو اندازو اھو ھو ته ھن جي شادي يا ته ٿي چڪي ھوندي يا ٿيڻ واري ھوندي) ھن ڏٺو ھو ته ڊاڪٽر احسن جي زال وڪيل آھي ۽ ھوءَ خواب ۾ سوچڻ لڳي ھئي، ته ڊاڪٽر احسن جي زال وڪيل آھي، ۽ ھو پاڻ ايتري وڏي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ٻئي ضرور تمام گھڻا امير ھوندا. (ماھين کي سمجھه ۾ نه آيو ته ھن خواب م اھا ڳالھه ڇو سوچي ھئي). ماهين دل ئي دل ۾ ڳڻڻ لڳي ھي ٽيون ڀيرو ھو جو ھن ڊاڪٽر احسن کي خواب ۾ ڏٺو ھو، ڇوته ماھين ايڏي ويساري ھئي، جو ھاڻي ھن کان ڊاڪٽر احسن جو نڪ نقشو وسرڻ شروع ٿي ويو ھو. ھوءَ جڏھن ڊاڪٽر احسن کي ياد ڪرڻ چاھيندي ھئي ته ھن کي خبر پوندي ھئي ته ھن کي ملاقات (اگر ان کي ملاقات چئي سگھجي ٿو) جو ھرھڪ سين ياد ھو، ڊاڪٽر جو چھرو ھن کي ياد نه ھو يا ڪافي اڻچٽو ياد ھو، تڏھن ھوءَ پنھنجي ذھن کي منٿون ڪرڻ لڳندي ھئي ته ھوءَ ڊاڪٽر احسن کي نه وساري. ھن کي ان ڳالھه تي حيرت ٿيندي ھئي ته ڇا انساني چھرن کي ياد رکڻ ايڏو ڏکيو آھي يا ھوءَ ئي ڪجھه گھڻي ويساري آھي. ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو ھو ته ڊاڪٽر احسن جو چھرو ٻين ڄاتل سڃاتل ماڻھن جي چھرن سان گڊ مڊ ٿي ويندو ھو. مختلف ماڻھن جي مختلف نڪ نقش سان ملي ڊاڪٽر احسن جو ھڪ الڳ ئي چھرو ٿي پوندو ھو. ماھين جي سڃاڻپ کان بلڪل ٻاھر ڪجھه ڏينھن کان پوءِ جڏھن شيرين کي ڊاڪٽر سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ته نه چاھيندي به ماھين کي ان شھر کان موڪلائڻو پيو.

ڪراچيءَ کي الوداع ڪندي ماھين کي لڳو،

ڄڻ ھوءَ ڊاڪٽر احسن کي الوداع چئي رھي ھئي. ھن شھر ۾ ھوءَ يقينن ڪيترائي ڀيرا اچڻي ھئي، پر ڊاڪٽر احسن سان ھوءَ شايد زندگيءَ ۾ وري ڪڏھن به ملي نه سگھندي (ملي ته ھوءَ اڃان به نه ھئي، پر ھن کي ھاڻي وري ڪڏھن ڏسي به ڪانه سگھندي) سفر دوران ماھين يادن جي پٽاري ۾ ھڪ ھڪ ڪري سڀ ساروڻيون سانڍي رکندي رھي بلڪل ائين جيئن ماڻھو سفر کان پھرين سامان ٻڌندو آھي، ۽ پاڻ کان پڇندي رھي، ڪجھه رھجي ته نه ويو... ڪا مرڪ، ڪو خواب، ڪو احساس سڀ ڪجھه سانڍجي ويو نه؟ ۽ ماھين کي پنھنجي اندر مان جواب مليو ھا، سڀ ڪجھه سانڍي ۽ سنڀالي کنيو اٿئي، پر پنھنجو پاڻ کي ته اتي ئي وساري آئي آھين!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com