سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :7

ڪنول سميجو

خدا وٽ دير آهي انڌير ناهي

فائزه کي جيئن ئي خبر پئي ته نجمه بيهوشيءَ واري حالت ۾ اسپتال داخل آهي ته هلڻ لاءِ تيار ٿي ۽ آءُ به هن سان گڏ ويس هڪدم جڏهن اندر داخل ٿيون سين ته فائزه نجمه کي پهريون دفعو ڏسي رهي هيس. هوءَ زندگيءَ کان بلڪل مايوس نظر آئي. هن جي چپن تي ته ڪابه مرڪ نه هئي پر سندس اکيون ڪجهه چئي رهيون هيون. ڊاڪٽر نجمه جو ڪيس کڻڻ لاءِ تيار نه هئا. اتي هڪ ڊاڪٽر جيڪو منهنجي مڙس جو دوست هو. مون ان کي چيو ۽ ان نجمه کي پٽي وغيره ڪرائي ۽ ننڊ جون گوريون کارائي سمهاري ڇڏيو. مون سوچيو جيڪڏهن هي ڊاڪٽر منهنجو سڃاڻپ وارو نه هجي ها ته ڇا ٿئي ها........!؟ تيستائين اسين اتي ئي ويٺيون هيون سين. رات جا 9 ٿيا، مون فائزه کي چيو ته تون گهر وڃ. ٻار اڪيلا آهن ۽ آءُ هتي ئي ويٺي آهيان، 9:30 وڳي رات جو فائزه گهر هلي وئي ۽ هن مون کي چيو ته تون ڀلي اتي ويٺي هج منهنجو فڪر نه ڪر، آءُ ماني، هوٽل تان ئي کائي ڇڏيندس. آرام سان نجمه وٽ ويٺي رهيس، نجمه گَهري ننڊ ۾ سُتي پئي هئي. ڊاڪٽر چئي ويوَ هو ته نجمه کي ننڊ مان نه اٿارجو. آرام جي سخت ضرورت اٿس. رات جا 12:00 ٿيا ته نجمه کي هوش آيو. هوءَ مون کي سواليه نظرن سان ڏسي رهي هئي. شايد هن اهو ٿي پڇڻ چاهيو ته آءُ ڪير آهيان؟ پر ڳالهائڻ جي همت نه هئس. مون کيس چيو ته تون سمجهه ته آءُ تنهنجي ڀيڻ آهيان. هوءَ مرڪي ۽ هن ٿڌو ساهه ڀريو، پوءِ مون هن کي گوريون کارايون ۽ جوس پياريو. ڪجهه دير لاءِ بلڪل خاموشي ڇانئجي وئي. مون ۾ همت ئي نه هئي جو هن کان ڪجهه پڇان يا چوان. هن جي چهري تي ايتري ئي معصوميت هئي، جهڙي هڪ ننڍي ٻار جي چهري تي هوندي آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ هن پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ چيو ته آءُ پرائمري ماسترياڻي آهيان. هن جي اکين مان لڙڪ هڪ پل به نه بيٺا ۽ مسلسل روئندي رهي. هن کي زارو قطار روئندو ڏسي مون کي به روئڻ اچي ويو ۽ پٺيري ٿي پنهنجا لڙڪ اگهي صاف ڪيم ۽ نجمه کي به چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيم. پر نجمه پاڻ کي روڪي نه سگهي ۽ پنهنجي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي. هن چيو ته ”هي منهنجا حال جيڪي ڏسي رهي آهين، سي منهنجي مڙس مون کي ماري ڪيا آهن. هي ڪو پهريون دفعو نه ٿيو آهي. پر روز جو معمول آهي ڇو ته هو نشائي آهي نشو ڪندو آهي ۽ جڏهن به هن کي پيسا نه ملندا آهن ته جانورن وانگر مون کي ماريندو آهي. ڪالهه به هن مون کان پيسا گهريا، مون چيو ته مون وٽ نه آهن، هڪ ته مهيني جي آخري تاريخن ۾ پئسا نه هوندا آهن، مون وٽ جيڪي هئا سوچيم جي اهي به هن کي ڏئي ڇڏينديس ته پوءِ گهر ڪيئن هلندو؟ ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ هڪڙي پگهار مان ڇا ٿو ٿئي! پوءِ هن الماري کولي ۽ سڀ ڪپڙا هيٺ اڇلائي ڇڏيا. الماريءَ ۾ ٻه سونيون منڊيون پيون هيون، هن اهي کنيون، مون هن کان اهي منڊيون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهي ته ڪونه ڏنيون، پر منهنجو هي حال ڪري ويو. اهو چئي نجمه اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ لڙڪ مينهن وانگر پئي وهيا. هن جو هر لفظ درد سان ڀريل هو ۽ نجمه کي وري ننڊ اچي ويئي ۽ آءُ جاڳندي رهيس. نجمه جي حالت ڏسي منهنجي مٿي ۾ سخت سور پئجي ويو ۽ مون مٿي جي سور جي گوري کاڌي. صبح جا 6:30 ٿيا، نجمه جي اک کُلي ۽ مون کي جاڳندو ڏسي چيائين ته ”ادي تنهنجا اهي ٿورا آءُ زندگي ڀر نه لاهي سگهندسي.“ مون چيو مانس ته ادي به چوين ٿي ۽ ”وري ٿورن جي ڳالهه ڪرين.“ اتي هڪ مائي چانهه وٺڻ پئي وئي. مون ان جي هٿان چانهه ۽ بسڪيٽ گهرايا. نجمه کي بسڪيٽ کارايم. صبح جو 7:30 وڳي ارشد آيو ۽ مون سان مليو. ڪجهه فروٽ به وٺي آيو. نجمه کان طبيعت پڇيائين ۽ مون کي چيائين ته جيستائين ادي ٺيڪ نه ٿي وڃي تون اتي ئي هججانءِ. ۽ پوءِ موڪلائي آفيس ڏانهن روانو ٿيو. ٿوري دير کان پوءِ فائزه ڊوڙندي اچي نجمه سان ڀاڪر پائي ملي ۽ مون کي چيائين ته ”شاهين، تنهنجي تمام وڏي مهرباني جيتري تو مدد ڪئي ايتري ته ڪو پنهنجو به نه ڪندو. مون چيومانس ته نجمه منهنجي ڀيڻ آهي اهو ڪنهن تي به احسان نه آهي. ايتري ۾ منهنجي نظر هن جي هٿ ۾ پڪڙيل اخبار تي پئي. مون پڇيو ”ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“ فائزه چيو ”ها“، مون چيومانس ته ٻڌاءِ ته سَهي. هن چيو ته رات جا اٽڪل 11:00 ٿيا، ٻن نشائين ايترو ته نشو پيتو جو ريل جي پٽڙيءَ تي سمهي رهيا. ريل پري کان گهڻيون ئي ڪُوڪُون ڪيون، پر اهي مزي سان سُتا پيا هئا ۽ ٻئي ريل جي هيٺان اچي چپجي مري ويا. تن مان هڪ نجمه جو گهر وارو هو. اهو ٻڌي نجمه کان رڙ نڪري وئي ۽ روئيندي، چيائين ته هن منهنجا ههڙا حال ڪري ڇڏيا، پر مون هن کي ڪڏهن به بددعا نه ڏني. هي ڇا ٿي ويو“، اسان هن کي چپ ڪرايو ۽ سوچيو ته واقعي ظالم جي پڇاڙي ڪيڏي ڏاڍي بري ٿي ٿئي. هن کي ته ڪفن به نصيب نه ٿيو، ڪيڏو نه اذيت ناڪ موت مليو هن کي. بيشڪ ”خدا وٽ دير آهي، انڌير ناهي.“

 

 

عورت جي خوبصورتي سندس هٿن مان ظاهر ٿيندي آهي

منهنجي هٿن ۾ چوڙيون سهڻيون لڳن ٿيون ۽ توهان به ٿوري محنت سان پنهنجي هٿن کي خوبصورت بڻائي سگهوٿيون.

گذريل پرچي ۾ اسين توهان کي مينديءَ جو طريقو ٻڌائي چڪا آهيون هاڻ اچو ته توهان کي هٿن جي ورزشن جو تفصيل ٻڌايون ته اڃا ڪيتري ضرورت آهي. توهان کي هٿن جي سونهن وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڏس هن ريت آهن، هڪ لمحي لاءِ پنهنجي هٿن جي مُٺين کي سختيءَ سان پڪڙيو ۽ ان کان پوءِ سڄو هٿ کوليو، هٿن کي ڍلو ڇڏيو ۽ ٻانهن تي گهمايو. پهرين هڪ پاسي ۽ پوءِ ٻئي پاسي آڱريون هڪ هڪ ڪري بند ڪريو. ننڍي آڱر کان شروعات ڪريو. کوليو ۽ بند ڪريو. هر آڱر کي ٻئي هٿ جي مدد سان کوليو. ٻنهي هٿن جي آڱرين کي هڪ ٻئي سان ملايو. ٻنهي هٿن کي کوليو جيئن هٿ سڌا ڪري ڏيکاريو.

هٿن جي حفاظت جي لاءِ ميڪ اپ جيان خاص خيال رکڻو پوندو آهي. جنهن لاءِ پڻ ڪجهه اهم ڏس ڏجن ٿا.

 1.نيل پالش کي مستقل نه هڻو، روزاني نيل پالش هڻڻ ۽ وري لاهڻ سان ننهن بي رنگ ۽ خشڪ ٿي ويندا آهن. ڇو ته گهڻو ڪري نيل پالش ريموور جنهن ۾ ايسٽيون (Acetone) ٿيندو آهي. جيڪو ننهن لاءِ نقصانڪار آهي.

2. ڊٽرجنٽ،يعني ٿانوَ ڌوئڻ جو صابڻ ۽ ڪپڙن جو سرف هٿن جو دشمن آهي. پر عورت جا اهي ڪم به اهميت جوڳا آهن. ان لاءِ توهان ڪم ته سڀ ڪريو پر هٿن جا هنيڊ گلوز پاڻي ڪريو. ان سان نه رڳو توهان جا هٿ پير ننهن به صابڻ جي خراب اثرن کان محفوظ رهندا.

3. جيڪڏهن توهان جي گهر ۾ ننڍو باغ آهي ۽ ان باغ جي سار سنڀال به توهين ڪنديون آهيو ته هينڊ گلوز پائڻ ضروري ڪونهن پر ڪا ڪريم هٿن کي هڻي ڇڏيو جيئن گهڻي مٽيءَ کان محفوظ رهن ۽ نَنَهن کي به مٽيءَ کان بچايو.

4. جيڪڏهن ڪنهن ڪم دوران توهان جي هٿن تي گريس يا تيل لڳي وڃي ته انهن کي پاڻيءَ کان ڌوئڻ کان پهرين ڪنهن ڪليزنگ ڪريم سان مالش ڪريو. ان کانپوءِ سخت قسم جي برش جو استعمال ڪونه ٿيندو آهي. پر سخت رڳڙ کانسواءِ ئي صاف ٿي ويندا.

هٿن تي ڪريم يا لوشن سان مالش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته هٿن، ترين تي ۽ هٿ جي پُٺ تي ڪريم لڳايو ۽ آڱرين جي وچ ۾ شهادت واري آڱر جي مدد سان جذب ڪريو. جيڪڏهن توهان جا ننهن تمام گهڻا خشڪ آهن ته پوءِ منهن واري موسچرائيزنگ ڪريم هڻو. انهيءَ لاءِ هٿن واري ڪريم توهان پنهنجي واش بيسن تي رکي ڇڏيو جيئن جنهن مهل توهان هٿ ڌوئو ته ڪريم لڳائڻ نه وساريو.

هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي هٿن تي ليمو ڪٽي هڻو ليمي جي رس ۾ قدرتي طور هڪ خاص اثر آهي اهڙيءَ طرح ليمي جو رس توهان جي هٿن تان ميرِ ۽ گند صاف ڪري هڪ تازگي بخشيندو.

عيني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com