سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :2

سليم سهتو

آزاد نظم

ڪمزور عورت جي صدا

جڏهن منهنجو برقعو تار تار ٿي،

منهنجي گهر جون ڀتيون،

منهنجي لاءِ اجنبي ٿي ويون،

منهنجي والدين جي خاموشيءَ ظاهر ڪيو،

تون اسان لاءِ مئل آهين!

مان پنهنجي پيارن ڏانهن موٽيس،

در کڙڪائڻ کانسواءِ،

تمام وڏي ڀروسي سان،

جنهن سان پيار ڪيم ان ڏانهن نهاريم،

پر هُن جون اکيون برف ٿي ويون،

هاڻي، مان کليل آسمان هيٺان هُيس،

بيوس ٿي ويس،

خدايا! مان هاڻي ڪيڏانهن وينديس”

هڪ ڊگهي ڪاري رات  مون اڳيان هئي.

نوس نوس ڪندڙ چوڌاري بگهڙ،

ڇڀندڙ اکيون،

اسان کي نظر انداز ڪرڻ جو نتيجو ڏس!

جنسي اشارا،

تنقيدي ٽهڪ،

تذليلي ليکراٽ

ناسوري هوا،

زخم ڏيندڙ برسات،

۽ پٿر، هر پاسان........!

********

 

عامر سيال

وائي

مُرڪي پئي آهين،

منهنجو نانءُ ٻڌي.

تون ڳاڙهن گُلڙن جيئن،

مَهڪِي پئي آهين.

منهنجو نانءُ ٻڌي.

تون اجر ساگر جيان،

جَرڪِي پئي آهين.

منهنجو نانءُ ٻڌي.

ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي،

چَمڪِي پئي آهين.

منهنجو نانءُ ٻڌي.

تون ايڏي بيچين اڄ،

ڇو ٿي پئي آهين؟

منهنجو نانءُ ٻڌي.

­­­­­­­­­****

عامر سيال

نظم

لفظ ڪاغذ جي مٿان،

راند کيڏن ٿا رڳو!

منهنجي جذبن جي سڳنڌ

روز ٿي تڙپي اُٿي!

روز ٿو محشر مچي!

ڪير ٿو سمجهي سگهي؟

ذهن جو ڪوٺيءَ منجهان،

خيال جو ڪرڻو نئون،

ٿيڙ کائي ٿو ڪري!

سوچ جي نگريءَ اندر،

آڳ ڀڙڪي ٿي پُوي!

بي خياليءَ جو بدن،

پُرزا پُرزا ٿيو وڃي!

ڪير ٿو سمجهي سگهي!

لفظ ڪاغذ جي مٿان،

راند کيڏن ٿا رڳو!

***

پارس راڻي

ڪائي اک رات ڀني (ٽيڙو)

ٿڌڙي ٿڌڙي هِيرَ!

جنهن پل تو ٻوليو _

اُگهي وٺ پنهنجا نِيرَ!

********

 

وسن پيا منهنجا نيڻَ،

جلدي اچ او راڻا _

ڳران پئي ڄڻ ڪا ميڻَ!

********

 

ڪيسين ٻرندي ميڻ بتي،

اگهاڙا پير، ڏُور منزل _

۽ جيون آهي واري تَتِي.

********

 

مِٽيءَ ۾ مليل ماڪَ ٿي ويس،

وَڃڻ وارن مُڙي به نه ڏٺو _

وِکري خاڪ ٿي ويس!

********

 

منهنجون کليل ٻانهون،

آڇن پيون توکي _

پنهنجون پناهون!

*********

 

پيار جون فريبي راحتون،

وِڪامجن پيون هتي _

سَستي اگهه چاهتون!

********

 

بندوق جي گُونج،

اڏامي آڪاش ڏانهن _

وري ڪائي ڪونج!

*********

 

بندوق جي آهي صدا،

ڪاري ڪري ماريئي _

چوندي هئي صدقي ادا!

********

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com