سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :16

 

وسيم سومرو

غزل

چيومانس، تولئه ته سارينس ٿو،

هوا ۾ ڪبوتر اُڏارينس ٿو!

چيومانس، هيرون سنيها ڪري،

ستارن جا رستا نهارينس ٿو!

چيومانس، ڇوڪي نه اُڏري وڃين،

انهي لئه، اکين ۾ اُتارينس ٿو!

چيومانس، تصوير سامهون رکي،

چپن سان، اکين سان اچارينس ٿو!

چيومانس، پل پل ٿو جرڪي پوي.

نئين سج ائن نئون نکارينس ٿو!

چيومانس، سورج ٿو اُڀري تڏهن،

جڏهن ننڊ مان تون اٿارينس ٿو!

 

 

 

ومي سَدا رَنگاڻي

سج الائي ڪٿي ڪري پيو...........

ڪلهه رات

ڪوتائن جو قافلو

لنگهيو منهنجي ڀرسان.

ڪنهن

منهنجي چنڊ جي چادر ڇڪي ورتي،

ڪوئي سڏڻ آيو هو مون کي

پر تارن ته دروازو ئي بند ڪري ڇڏيو

رَئي تي ٽاڪيل سڀ ستارا

پٽ مون موٽائي ڏنا آسمان کي

منهنجن وارن ۾ اٽڪيل

سج به الائي ڪٿي ڪري پيو.

 

 

ماسڪ گهر ۾ به ٺاهي سگهجي ٿو

رابيلا حميد

مسائج کان پوءِ ئي ماسڪ لڳائجي. ماسڪ لڳائڻ وقت اکيون ۽ ڪنن کي بچايو، اکين تي ڪپهه کي گلاب جي عرق ۽ پسائي رکو، ماسڪ به چمڙيءَ جي مطابق استعمال ڪريو. منهن ۽ ڪنڌ تي ماسڪ 10 کان 20 منٽ تائين لڳايو. ماسڪ لاءِ ڪو خاص وقت ڪونهي. مختلف قسم جي چمڙيءَ تي الڳ وقت تي خشڪ ٿيندو آهي. ماسڪ خشڪ ٿيڻ کانپوءِ ٽيپ جي شڪل ۾ ٿيندو آهي. جنهن کي هوريان هوريان هٿن جي مدد سان چمڙيءَ کان الڳ ڪبو آهي. ان کان پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان منهن ڌوئي وٺو ۽ هاڻ اسڪن ٽانڪ لڳايو. ان کان پوءِ ڪپهه سان چهرو صاف ڪري وٺو. ماسڪ گهر ۾ به ٺاهي سگهجي ٿو جيڪو چمڙيءَ جي حساب سان لڳائڻو آهي.

فيس ماسڪ:

فيشل کانپوءِ اهم مرحلو ماسڪ لڳائڻ هوندو آهي. ماسڪ چمڙي جي لاءِ فائديمند هوندو آهي. هر قسم جي چمڙي لاءِ الڳ الڳ ماسڪ هوندو آهي. اگر توهان جي چمڙي سڻڀي آهي ته توهان هفتي ۾ هڪ ڀيرو ماسڪ ضرور لڳايو. اگر چمڙي مليل جيل آهي ته هڪ ئي وقت ۾ چهري جي مختلف حصن تي مختلف قسم جا ماسڪ لڳائي سگهجن ٿا. يعني نڪ تي سڻڀي چمڙي وارو ماسڪ ۽ ڳلن ۽ پيشاني ۽ ڳچي تي خشڪ چمڙي جو ماسڪ لڳايو وڃي. منهن تي مساج ڪرڻ کانپوءِ غير ضروري سڻڀ کي ڪپهه جي مدد سان صاف ڪريو ۽ ٽوال کي چهري تي آهستي آهستي هڻو. ان سان سڀ مسام کلي ويندا.

فيس ماسڪ ڪيترن ئي ڪمپنين جا ٺهيل آهن، جيڪي مارڪيٽ ۾ عام ملن ٿا. مگر چمڙي جي مناسبت سان ماسڪ لڳائڻ گهرجن. ڇو ته ان سان رزلٽ سٺي ايندي، ڪجهه گهر ۾ ماسڪ جو ٺاهڻ جون ترڪيبون هيٺ ڏجن ٿيون. جن کي استعمال ڪري توهان گهٽ خرچ ۾ ماسڪ تيار ڪري سگهو ٿيون. ماسڪ لڳائڻ کان پهرين توهان پنهنجي بيوٽيشن کان مشورو ضرور ڪريو جيئن توهان کي پنهنجي چمڙي جي باري ۾ ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ ماسڪ لڳائڻ جو طريقو به خبر پوي. ماسڪ لڳائڻ کانپوءِ ڳالهائڻ، کلڻ کان پاسو ڪريو.

نارمل چمڙي جو ماسڪ

عرق گلاب ۽ ميٽ کي ملائي پيسٽ جي شڪل ۾ ٺاهيو، هاڻ توهان پنهنجي چهري تي 15 منٽ لڳايو. ان کان پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو.

خشڪ چمڙي جو ماسڪ

خشڪ چمڙي (Dry Skin) جي لاءِ هيٺ ڏنل ماسڪ ٺاهيو، ميٽ ۾ هيڊ ملايو ۽ ان ۾ ڪجهه ڦڙا زيتون جو تيل ۽ ڪجهه ڦڙا اسڪن ٽانڪ ملايو. هن مڪسچر کي 10 کان 15 منٽ منهن تي لڳايو. ان کان پوءِ پاڻي سان منهن ڌوئي ڇڏيو.

حساس چمڙي لاءِ ماسڪ

حساس چمڙي (Sensitive Skin) جي لاءِ هڪ حصو ٽالڪم پائوڊر ۾ عرق گلاب ملايو. هن مسڪچر کي 5 کان 10 منٽ منهن تي لڳايو ۽ صاف پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏيو.

خشڪ چمڙي لاءِ ماسڪ.

خشڪ چمڙي (Dry Skin) جي لاءِ بيدي جو ماسڪ بهترين ٿيندو آهي. هن ماسڪ، هن طريقي سان ٺهندو. هڪ بيدي جي ۾ ذردي ڪجهه ڦڙا زيتون ۽ بادام جي تيل جا ملايو. هن مڪسچر کي منهن تي لڳايو. سڪڻ کان پهرين لاهي وٺو.

سڻڀي چمڙيءَ لاءِ

سڻڀي چمڙي جي لاءِ بيدي جو ماسڪ هيٺين طريقي سان استعمال ڪريو. بيدي جو اڇو حصو کڻو. ان ۾ ليمي جو عرق ملايو. ايترو ملايو جو گجي ٺهي وڃي ان ۾ ڪجهه ڦڙا عرق گلاب ملايو. هاڻ هن مڪسچر کي منهن تي خشڪ ٿيڻ تائين لڳايو. ان کانپوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان منهن صاف ڪريو.

سڻڀي چمڙيءَ لاءِ ليمي جو ماسڪ

هڪ عدد ليمي جو رس، هڪ عدد بيدي جي ذردي ڪجهه ڦڙا زيتون جو تيل، ڪجهه ڦڙا پاڻي چئن شين کي چڱي طرح ملايو. هاڻ هن مڪسچر کي ڪنڌ، منهن تي چڱيءَ طرح هڻو. 10 کان 15 ٿئي تڏهن هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڌوئي وٺو. ان کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻو.

خشڪ، نارمل چمڙيءَ لاءِ ڪيلي جو ماسڪ

ڪيلي جو ماسڪ نارمل ۽ خشڪ چمڙيءَ جي لاءِ هڪجهڙو فائديمند آهي. ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي لاءِ هي ماسڪ وڌيڪ فائدي وارو آهي. هڪ ڪيلو کڻو ان کي ڪانتي سان ڪٽيو ان ۾ 5 کان 8 ڦڙا کير ملايو. هاڻ ان مڪسچر کي منهن ۽ ڪنڌ تي چڱيءَ طرح هڻوءَ 10 منٽن کان پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان ٽشو پيپر سان منهن صاف ڪريو. ان کان پوءِ برف جي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا هڻو.

سڻڀي ۽ مليل جليل چمڙيءَ لاءِ ڌونئري جو ماسڪ سڻڀي ۽ مليل جليل چمڙيءَ جي لاءِ ڪجهه ايسڊ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي ڌونئري ۾ هوندا آهن. ٿڌي ڌوئنري جا ٻه وڏا چمچا کڻو. ان کي چڱي طرح مڪس ڪريو، هاڻ ان کي چهري تي ۽ گلي تي هڻو. 5 کان 20 منٽ تائين ان کي سڪڻ ڏيو. ان کان پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان منهن ڌوئي وٺو. هاڻ کليل مسام کي بند ڪرڻ جي لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻو.

سڻڀي چمڙيءَ جي لاءِ پٽاٽي جو ماسڪ

سڻڀي چمڙي جي لاءِ پٽاٽي جو ماسڪ تيار ڪريو.

1 وچولي سائز جا ٻه پٽاٽا اٻاري ان جي کل لاهي سنهو ڪري رکو.

2 عرق گلاب _ 10 کان 15 ڦڙا کڻو.

3 موسچرائزنگ لوشن هڪ چمچو کڻو.

عرق گلاب ۽ لوشن کي مَڪس ڪريو منهن تي پنج منٽ مالش ڪريو. مالش کان پوءِ کليل هوا ۾ 10 منٽ مُنهن کليل رکو. هاڻ منهن مٿي ڪريو مڪس پٽاٽي کي منهن تي هڻو 19 منٽن کانپوءِ منهن تان لاهي وٺو. هاڻ عرق گلاب ۽ لوشن سان ٻيهر مالش ڪريو. توهان ڏسنديون ته توهان جي منهن تي چمڪ اچي وئي آهي.

خشڪ چمڙيءَ لاءِ ماسڪ

ملائي ۽ کير کي مڪس ڪري منهن تي ۽ ڳلي تي هڻو، خشڪ ٿيڻ کانپوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڌوئي وٺو ان کان پوءِ برف جي پاڻيءَ جا ڇنڊا منهن تي هڻو.

 

 

نسرين طاهر وفائي

گهريلو ڏس

1 پنهنجي ٽوٿ برش کي جراثيمن کان محفوظ رکڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو لوڻ مليل گرم پاڻيءَ سان ڌوئو.

2 جيڪڏهن ڏينڀو ڏنگي وجهي ته ان جاءِ کي زور سان دٻائي ڏنگ ڪڍجي. پوءِ ڊٽول مليل پاڻيءَ سان ۽ صابڻ سان ڌوئي ڪائي ڪريم هڻو.

3 جيڪڏهن گرم کاڌو کائو ته پوءِ تمام ٿڌو پاڻي نه پيئڻ گهرجي ان سان ڏند ڪمزور ٿي ويندا آهن.

4 کاڌو کائي هڪدم پاڻي نه پيئڻ گهرجي. ٻه ڪلاڪ رکي پوءِ پاڻي پيئجي.

5 بصر، هاءِ بلڊپريشر ۾ تقصان وارا ۽ لو بلڊپريشر ۾ فائدي وارا آهن.

6 اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ناسپاتي نه کائڻ گهرجي.

7 چانهه کي گهڻي دير ڪاڙهڻ سان ان ۾ زهر يعني نڪوٽين جو مقدار وڌي ويندو آهي.

8 جيڪڏهن ٻار هنڌ ۾ پيشاب ڪندا هجن ته سمهڻ وقت انهن کي هڪ چانهه وارو چمچو ماکي کارايو.

9 ليمي جو آچار ٿولهه گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

10 نارنگي جو استعمال دل جي مريضن لاءِ مفيد آهي.

11 گجرون دل جي مرضن ۾ مفيد آهي ۽ معدي جي تيزابيت ۽ ساڙو ختم ڪنديون آهن.

12 جيڪڏهن وار وقت کان اڳ ۾ اڇا ٿي رهيا هجن تي سمهڻ کان پهرين هڪ پاءُ کير ۾ ٻه ٽي ڦڙا بادام روغن ۽ پسند جي مطابق کنڊ ملائي پيئو. (روزانو)

13 بجليءَ جو ڪم ڪرڻ وقت پيرن ۾ رٻڙ جي چپل ۽ هٿن ۾ رٻڙ جا دستانا ضرور پايو.

14 بجليءَ جي ڪم ۾ پڪڙ استعمال ڪرڻ وقت اهو ضرور ڏسو ته پڪڙ تي چڙهيل رٻڙ ڪٿان به لٿل يا ڦاٽل ته ڪونهي.

15 جيڪڏهن بجليءَ جي ڪا تار ڪري پئي ته ان کي هٿ سان نه کڻو پر ڪنهن خشڪ ڪاٺيءَ سان مٿي ڪريو.

16 کاڌو کائڻ جي ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سمهڻ گهرجي.

17 اُس ۾ گرم ٿيل پاڻيءَ سان ڪڏهن به نه وهنججي ڇو ته ائين ڪرڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون پيدا ٿينديون آهن.

18 گهڻي دير بيهي استري ڪرڻ سان پيرن ۾ سور ٿيندو آهي. ان لاءِ ڪپهه واري ڪا گدي يا ڪُشن پيرن هيٺان رکي بيهو ته توهان سور کان بچي پوندو.

19 حافظو تيز ڪرڻ لاءِ روزانو نيراني ٻه ٽي داڻا ڪشمڪش ٻه ٽي داڻا باداميون کائڻ تمام فائديمند آهي.

20 ساهه جي بدبوءِ دور ڪرڻ لاءِ ڦودني جا پن چٻاڙيو.

21 روزانو صبح جو چار گلاس نيم گرم پاڻي پيئڻ سان معدو صاف ٿئي ٿو، گُردن جي صفائي ٿئي ٿي ۽ نڙيءَ جي صفائي ٿئي ٿي ۽ ساهه جي بدبوءِ دور ٿئي ٿي.

22 ٻه وڏيون نارنگيون کڻو انهن جي رس ڪڍي نيرن کان پهرين پيئو، هڪ هفتو ائين ڪرڻ سان پراڻي کان پراڻو قبض ختم ٿي ويندو.

23 ست اٺ انجير پاڻيءَ ۾ اوٻاري انهن جو ڪاڙهو ٺاهيو. رات جو ڪاڙهو پيئڻ سان قبض جي تڪليف ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن گهڻا دست اچڻ لڳن ته ڪاڙهو پيئڻ بند ڪريو.

رڌ پچاءِ          بيدن جا ڪباب               باک نياز

گهريلو شيون:

قيمو _              اڌ ڪلو

گيهه _               ٽي ڇٽانگ

خس خس _         اڌ تولو

اڇو جيرو _        اڌ تولو

ڪارا مرچ _       ڪٽيل هڪ چمچو

ڦوٽا _              ٽي عدد

ساوا مرچ _       پنج عدد

بيدا _              چار عدد

ترڪيب:

قيمي کي چڱي طرح سنهو پيهي سمورو مصالحو ملايو. بيدن کي اُٻاري ڇلي رکو. قيمي جي ٽڪي ٺاهي ان جي وچ ۾ هڪ سڄو بيدو رکو هاڻ بيدي کي چئن پاسن کان قيمي سان بند ڪري ڌاڳي سان بند ڪريو ۽ هلڪي باهه تي تي احتياط سان تريو، جڏهن ٽڪيون ڳاڙهيون ٿي وڃن تڏهن لاهي وٺو. توهان جا بيدن جا گول ڪباب تيار آهن.

قيمي جا ڪباب

گهربل شيون:

قيمو _                          اڌ ڪلو

بيدا _                           هڪ عدد

بصر _                          ننڍو هڪ عدد

پيٺل گرم مصالحو _         ٻه چمچا

سرڪو _                      ٻه چمچا

تيل ترڻ لاءِ _                ضرورت مطابق لوڻ، مرچ ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ ضرورت مطابق

ترڪيب:

قيمي کي سنهو پيهي وٺو هاڻ ان ۾ سرڪو، گرم مصالحو سائو مصالحو، لوڻ مرچ ۽ سنهو ڪٽيل ملائي. آخر ۾ هڪ بيدو چڱي طرح ملايو، هاڻ ٽڪيون ٺاهي گرم تيل ۾ هلڪي باهه تي تريو، توهان جا ڪچي قيمي جا ڪباب تيار آهن. ڪنهن به چٽڻي سان يا ٽماٽو ڪيچپ سان پيش ڪريو.

گهربل شيون: پلڪ، جيرو، ڳاڙها مرچ لوڻ ۽ کائڻ جي سوڍا ٽي تيل ترڻ لاءِ ضرورت مطابق.

بيسڻ ۾ پالڪ چڱي طرح ڌوئي ڪٽي وجهو ۽ سمورو مصالحو به شامل ڪريو، بيسڻ کي گهڻي دير نه رکو نه ته پالڪ پاڻي ڇڏيندي هاڻ گرم تيل ۾ پڪوڙا تريو، گدامڙي جي چٽڻي يا ڌونئري جي چٽڻي سان پيش ڪريو. مينهن جي مند ۾ پڪوڙا هر ڪوئي ٺاهيندو آهي.

****

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com