سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :14

 

اردو ۽ انگريزيءَ جي پياري شاعره ۽ قابل استاد محترمه سلينا اور (Salina Orr) کان ورتل انٽرويو

انٽرويو ڪندڙ مهرالنساءَ

س: اوهان جو پورو نالو؟

ج: سلينا اور (Salina Orr)

س: توهين نوڪري (Job) ڪنديون آهن، ان باري ۾ ڪجهه ٻڌائينديون؟

ج: مان گذريل 28 سالن کان College of Elementary Education St: Patricks ۾ پڙهائيندي پئي اچان.

س: توهين سروس ۾ گهر کي به وقت ڏيو ٿيون، پوءِ شاعريءَ لاءِ ڪيئن ٿيون ٽائيم ڪڍو؟

ج: جڏهن گهر جي ڪم کان واندي ٿيان ٿي ته لکندي آهيان / شاعري ڪندي آهيان.

س: توهان ڪڏهن کان شاعري شروع ڪئي؟

ج: نائين يا ڏهين ڪلاس کان ننڍا ننڍا شعر يا مزاحيه انداز ۾ شعر چوندي هئس.

س: توهان گهڻو ڪري ڪهڙي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي؟

ج: مان گهڻو ڪري نثري نظم لکندي آهيان.

س: توهين شاعريءَ ۾ ڪهڙن موضوعن کي Focus ڪريو ٿيون؟

ج: مان فطرت (Nature) کي گهڻو Focus ڪريان ٿي. ڪائنات جي هر شيءِ سان مون کي پيار آهي.

س: توهان ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي؟

ج: مون هن مهل تائين ٻن ٻولين اردو ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي.

س: توهين صرف انگريزي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪريو ٿيون، ان جو ڪو خاص سبب؟

ج: مان بنيادي طور ڪرسچن آهيان ۽ انگريزي منهنجي مادري ٻولي Mother Language آهي ۽ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيو اٿم ۽ گهر ۾ پڻ اها زبان ڳالهائي وڃي ٿي جنهن ڪري پنهنجي Feelings کي آسانيءَ سان لفظن جو لباس پهرائي سگهان ٿي. اردو پڻ ننڍپڻ کان ڳالهايون ٿا جنهنڪري اردوءَ ۾ به شاعري آسانيءَ سان ڪريان ٿي.

س: توهان کي ڪنهن جي شاعري پسند آهي؟

ج: اردوءَ ۾ پروين شاڪر، انگريزي ۾ William Words Worth ۽ سنڌيءَ ۾ موجوده وقت جو پيارو شاعر امداد حسيني پڻ پسند آهي.

س: توهان جو ڪو شعري مجموعو ڇپيو آهي؟

ج: نه اڃا ڪوبه مجموعو نه ڇپيو آهي، جيئن ئي موقعو ملندو ته ضرور ڇپرائينديس.

س: اردو ۽ انگريزيءَ کان علاوه ٻيون ڪهڙيون ٻوليون سمجهي سگهو ٿيون؟

س: توهين سنڌي ڳالهائڻ ڪنهن کان سکيون؟

ج: اسين پهرين صدر (ڪراچيءَ) ۾ رهندا هئاسين. اسان جي پاڙي ۾ هڪ معزز سنڌي فئملي رهندي هئي انهن سان تمام گهرا ۽ سٺا تعلقات هئا، گهر ۾ اچڻ وڃڻ گهڻو هو. اسين ٻار گڏجي راند ڪندا هئاسين. جنهنڪري سنڌي سکي ويس.

س: ڇا توهين ذات پاتي تي يقين رکو ٿيون؟

ج: مان ذات پات تي Believe ڪانه ٿي ڪريان، منهنجي ذات آهي انسانيت ۽ انسانذات سان پيار.

س: توهين ”سرتين“ لاءِ ڪجهه چوڻ چاهينديون؟

ج: هميشه دوستيءَ کي، پر خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ جي جذبن جي بنياد تي هلايو. ماده پرستيءَ جي کوپي مان ٻاهر اچو. محبت ۽ امن کي پکيڙيو.

 

 

مقابله حسن

حسن هن جي جاتو وٽ حوالا سوين

هن جون سهڻيون اکيون

هن جو سهڻو بدن

حال هن جي چڱي

لچڪندڙ هو بدن

هن جي ڳوري ڳچي

نڪ هن جو ڊگهو

وار هن جا وڏا

هوءَ سهڻي سٺي

تو مگر آ ڪڏهن

سور هي سوچيو

پيٽ هن جو وڏو

ڇو ٿئي ٿو پيو

ٻار پئي هوءَ ڄڻي

ڇا ته جيئي مري

پئي هوا ۽ تري

هوءَ سندس زندگي

ذلتون ۽ شڪستون سهي

روز پيئي وڙهي

ٿي ڪري ۽ اٿي

روز وکريو وڃي

پاڻ کي پاڻ ۾

ٿي سهيڙيو وجهي

خود کي ميڙيو وجهي

مرد جي حسن جو

جي نمونو ڪَڇيون

فٽ پٽيءَ کي کڻي

۽ انهيءَ تي رکون

قد آهي ڊگهو

ڇا ڳچي آ ڊگهي

ڇا بدن آ سٺو

ڇا وڻي ٿو پيو.

رنگ هن جو چڱو

روپ هن جو سٺو

مرد جيڪو مُٺو

آ اسان سان مليو

ڇا ته حسن ازل جو

ڪو آهي ڪرشمو.

تنهن کي توريون کڻي

۽ سڳو سوچ جو

اڄ سوريون کڻي

مرد آهي چڱو

يا ته عورت چڱي

ڪير آهي سٺو

ڪير آهي مُٺي

ڪير قاتل هئي

ڪير آهي ڪٺي؟

 

اعتبار

توکي سمجهي نه آهي سگهيو جو،

ڇا سمجهي سگهندو هو پيار!

پيار پکيئڙو آ پرڏيهي،

جنهن جو داڻو آ اعتبار!

اعتبار جي آڳ ۾ جلندي،

ڪوئي ڪري ٿو هاءِ انتظار!

             يا!

توکي جيترو وسارڻ چاهيان ٿي،

اوترو شدت سان ياد اچين ٿو.

جيترو پرتي ڀڄان ٿي توکان،

اوترو اوڏڙو ٿيندو اچين ٿو.

ڇا ان جو نالو پيار آهي!

هزار ڀيرا ڪوشش ڪئي

هوندم.

توکي ڇڏڻ جي،

زندگي ڇڏائجيو وڃي،

 

تون نٿو ڇڏائجين،

ڇا عادت بڻجي پيو آهين

يا ان جو نالو پيار آهي!

 

ٽه _ سٽا

تنهنجو ڏسڻ ڄڻ،

بيٺل پاڻيءَ ۾_

پٿر اڇلڻ!

* تنهنجي نهار،

آهي ڄڻ ڪو_

اندر جو خمار!

* تنهنجا نيڻ

پل پل ڪن ٿا_

ڪنهن لئي ويڻ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com