سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :11

 

شگفته شاهه                                                    ناول / قسط 8

ٽڙي پوندا ٽاريئين...

رابيل: ” فيضان ڏس! آءُ عورت آهيان منهنجون ڪي Limits يا حدون آهن... سو مون کي اهڙين ڳالهين جو خيال ته رکڻو پوي ٿو ۽ ڪجهه Care ته ڪرڻي پوندي.

فيضان تمام ڏک مان چيو: ”تنهنجي مرضي، ڀلي ڪر Care، مون توکي ڪڏهن به ڪنهن معاملي ۾ مجبور ناهي ڪيو نه ئي ڪڏهن پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. بهرحال مون ان لاءِ فون ڪئي آهي ته اڄ انڊس آرٽ سرڪل وارن جو نمائندو سرڪل پاران ايندڙ هفتي تصويرن جي نماءُ جو ڪارڊ ڏئي ويو آهي. رابيل! آءُ چاهيان ٿو ته تون فوٽو گرافر کي وٺي ان نماءُ ۾ وڃ، آرٽسٽن سان مل ۽ ان بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪري.“

رابيل: ”فيضان! آءُ ڪجهه چئي نٿي سگهان. مون کي سال ٿيا آهن ته مون اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي. هاڻي ڪنهن اهڙي محفل يا پروگرام جتي ماڻهن جو ميڙاڪو ٿئي ٿو ته مون کي اتي گهٻراهٽ ٿئي ٿي انڪري شايد آءُ آرٽسٽن سان به صحيح نموني ڳالهه ٻولهه ڪري نه سگهان.“

فيضان: ”رابيل!...... رابي.........! ڇا ٿي ويو آهي توکي؟ تون هاڻي ٽين ايجر ڇوڪري نه پر ميچوئر عورت آهين. پليز هاڻي پاڻ کي بدلاءِ ۽ پنهنجو اعتماد بحال ڪر. هن سوسائٽيءَ ۾ Survive ڪرڻ لاءِ اهو تنهنجي لاءِ تمام ضروري آهي.“

رابيل چيو: ”فيضان! مون تنهنجي ڪري پاڻ کي الاهي بدلايو آهي ۽ اڃا به ڪوشش ڪريان پئي.... پر.....ظاهر آهي ته مون کي ڪجهه وقت ته لڳندو نه.......تون........چاهين ٿو ته آءُ يڪدم پاڻ کي بدلائي ڇڏيان. مون کي ڪجهه وقت ته ڏي.“

فيضان: ”بيشڪ ٽائيم وٺ.“

رابيل: ”چڱو تون نماءُ کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي ٻڌائج. پَڪَ نٿي ڏيان پر ايستائين شايد آءُ ذهني طرح پاڻ کي تيار ڪري وٺان.“

۽ پوءِ ٻنهي موڪلائي فون رکي ڇڏي.

پوءِ ائين ٿيڻ لڳو ته هوءَ هر روز آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ فيضان جي آفيس جي درتي بيٺي بيٺي کيس اطلاع ڏئي ۽ موڪلائي گهر هلي ايندي هئي. هڪ ڏينهن رابيل جي گاڏي ٽائيم تي نه پهچي سگهي ته هوءَ فيضان  کان موڪلائڻ کان پوءِ لائونج ۾ ويٺل هئي ته هن ناهيد کي فيضان جي آفيس ۾ ويندي ڏٺو. هوءَ پنهنجي مخصوص ادائن سان Streat ٿيل ڪٽيل وارن کي جهٽڪيندي وئي پئي. ڊارڪ ميڪ اپ ۾ سندس سهڻا نقش نمايان هئا. ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ آفيس مان نڪتي ۽ پوءِ رابيل کي ڏسي تيزيءَ سان هن جي ويجهو آئي ۽ سندس پاسي ۾ صوفي تي ويهي انتهائي رازدارانه انداز ۾ رابيل کان پڇيائين:

”ٻڌو! سر فيضان  ڪردار کان ڪهڙي ٽائيپ جو ماڻهو آهي؟“

رابيل حيران ٿي چيو: ”پر........توهين اهو ڇو پيون پڇو؟“

هن هڪ ادا سان پنهنجي چهري تي آيل وارن کي پوئتي جهٽڪيو ۽ چيائين:

”دراصل مون کي پاڻ هن آفيس کي جوائن ڪندي گهڻو عرصو ڪونهي ٿيو، انڪري پئي پڇان.“

رابيل تلخيءَ مان چيو: ”توهين ته اڪثر فيضان وٽ ويٺل هونديون آهيو، پوءِ هن توهان سان ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ڇا، جو توهين پريشان آهيو؟“

”نه!........اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي“ ناهيد لاپرواهيءَ سان چيو، سر ته مون کي تمام گهڻي Respect ڏيندا آهن، پر مون محسوس ڪيو آهي ته آءُ جڏهن ڪليگس ۾ ويندي آهيان ته هو مون کي عجيب نظرن سان ڏسندا آهن ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسي معنى خيز انداز ۾ مرڪندا آهن، تڏهن آءُ سوچيندي آهيان ته ڪٿي هي مشڪوڪ ڪردار جو ته ناهي، جو هن وٽ ويهڻ سان آفيس جا ڪليگس مون بابت غلط رايو رکڻ لڳا آهن!“

رابيل سوچيو ته بظاهر ايڏي تيز ۽ بولڊ لڳندڙ ناهيد سچ پچ اندران ايڏي سادي هئي يا وري پوز ڪري رهي هئي! رابيل کيس چيو!

”گهر جي دنيا ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ اهوئي ته فرق هوندي آهي ته ٻاهر انسان جو واسطو هر قسم جي ماڻهن سان پوندو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي تعليم يافته بڻجي فقط لباس ۽ رهڻ ڪهڻ جو انداز مٽائي سگهندا آهن. پر سندن پاڙ جهالت جي زمين ۾ کتل هوندي آهي ۽ ان ماحول ۾ زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ ملندڙ تربيت جي نالي تي ”ڪاري“ ڪندڙ عورتن جي ماحول مان آيل هيءُ ماڻهو هر ان عورت يا ڇوڪريءَ کي ذهني طرح ”ڪاري“ سمجهندا آهن، جيڪا ڪنهن مرد سان گڏ اٿي ويهي ٿي يا ڳالهائي ٿي. تبديلي اها نه آهي ته فقط سُوٽ بُوٽ پائي. انگريزي ڳالهائي شهري طرز زندگيءَ ۾ پاڻ کي Mix ڪري ڇڏجي، پر اصل تبديلي اها آهي جيڪا ذهنن کي بدلائي ٿي ۽ سوچن ۾ انقلاب آڻي ٿي.“

ايستائين پٽيوالي کيس سندس گاڏي اچڻ جو اطلاع ڏنو ته رابيل ناهيد کي موڪلائي گهر هلي آئي. سندس دل ۽ دماغ تي هڪ بار هو. کيس خود خبر نه پئي پيئي ته اها عورت جي روايتي Jealousy وارو جذبو هو يا ڪا ٻي ڳالهه جو کيس رکي رکي فيضان تي ڪاوڙ پئي آئي ته آخر ناهيد جهڙي ڇوڪريءَ کي هو ايڏي لفٽ ڇو ڪرائي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن هوءَ ان ڳالهه تان چڙڻ جي سبب فيضان کان موڪلائڻ ۽ کيس اطلاع ڏيڻ کانسواءِ گهر هلي آئي هئي. تڏهن سندس ڪن فون جي گهنٽي ٻڌڻ جا منتظر رهيا ته ضرور فيضان کانئس ائين بنا اطلاع ڏيڻ جي گهر اچڻ تي پڇندو پر فيضان کيس فون نه ڪئي ۽ تڏهن نيٺ هن پاڻ کيس فون ڪئي هئي. ٻئي پاسي فيضان ”هيلو“ چيو.

”فيضان! آءُ آهيان رابيل.“

فيضان چيو: ”ها“

رابيل کي فيضان جو لهجو بدليل لڳو هو. هن وري چيو: ”مون توکي اهو ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي آهي ته توکي آءُ انڪري اطلاع ڏئي نه آيس ته تنهنجي آفيس ۾ راحيل هو ۽ تون هن سان ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف هئين. منهنجي گاڏي به اچي چڪي هئي ۽ مون کي گهر اچڻ جي به ڪجهه جلدي هئي.“

فيضان انتهائي رکي لهجي ۾ چيو: ”هون!.........چڱو ٺيڪ آهي.“

رابيل سندس ان بدليل رويي تي ايڏو ته پريشان ٿي جو وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهائي سگهي ۽ کانئس موڪلائي فون بند ڪري ڇڏيائين. هوءَ بيحد پريشان ٿي وئي. وري اهو به سوچيائين ته هوءَ پاڻ وري هن سان ڪهڙو چڱو هلي هئي! سندس رويو به ته ايڏو منجهيل هو سو نيٺ ته ڪير ڪيترو برداشت ڪندو؟ ڪٿي هو رابيل کان ناراض ته نه هو. اگر ائين هو ته کيس اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏڻ گهربي هئي. ٻئي ڏينهن موڪل هئي ۽ اهو پورو ڏينهن به رابيل بيچين رهي. رات جو فون تي فيضان جو اجنبي لهجو ڄڻ ذهن جي ڪنهن ڪنڊ تي اٽڪي بيهي رهيو هو ۽ پوءِ رات جو نيٺ هن سوچيو ته هوءَ ڇو نه  گهر جي نمبر تي هن سان ڳالهائي ۽ پڇي ته آخري ڳالهه ڇا هئي. هن فيضان جو نمبر ڊائل ڪيو ۽ پوءِ ٻئي پاسي فيضان فون رسيو ڪري ”هيلو“ چيو. رابيل به ”هيلو“ چئي خاموش ٿي وئي. کيس وري فيضان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”هيلو!........هيلو........ڪير..........!؟؟ اوهه تون؟!!“ ۽ پوءِ وري فيضان جو خوشيءَ سان ڀرپور آواز آيو: ”ها!..........تون آهين؟ ڪهڙا حال آهن.......هيلو......... آواز صاف طرح ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي.“

رابيل به کيس ٻڌايو ته هن کي پڻ سندس آواز بلڪل هلڪو پئي ٻڌڻ ۾ آيو. ٿوري دير هو ٻئي هليو هيلو ڪندا رهيا ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي هئي. هن سوچيو ته فيضان سندس آواز ته ٻڌي ورتو هو پوءِ هو ضرور وري کيس فون ڪندو پر هوءَ انتظار ئي ڪندي رهجي وئي هئي. فيضان جي فون نه آئي. هن جي دل ۾ عجيب وهم وسوسا ۽ کٽڪا اچڻ لڳا. هن سوچيو هي اهو فيضان ته ناهي جنهن رابيل سان وعدو ڪيو هو ۽ کيس يقين ڏياريو هو ته جڏهن به هوءَ اداس ٿئي ۽ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ته هوءَ فيضان کي فون ڪري ته هو کيس پورو ٽائيم ڏيندو........

هن وري سوچيو: ”منهنجي به ته بيوقوفي آهي جو هن سان ايڏيون اميدون وابسته ڪندي پئي وڃان، پوءِ جيڪڏهن اهي اميدون پوريون نه ٿينديون ته اجايو پاڻ کي ئي دُکي ڪندس.“

اسان ڇوڪريون / عورتون به

عجيب هونديون آهيون

سورهن سالن جي

عمر کان

چاليهن سالن جي عمر تائين جون هجون

پر...........

نفسيات ته

ساڳي ئي آهي

مردن جي واعدن

۽ خوبصورت ڳالهين

تي

اعتبار ڪري

ا کين ۾

سهڻا خواب

آڻي وٺنديون

 آهيون!

۽ پوءِ رابيل سوچن جي لهرن ۾ لڙهڻ لڳي! ڪهڙو حق آهي منهنجو هن شخص تي. ڇو ٿي آءُ سندس روي تي اداس ٿيان.......نه.........منهنجي به ته اَنا آهي، خودداري آهي. سڀاڻي آفيس ويندس ته ان سان ڪا به شڪايت نه ڪنديس. هن کان ڪجهه به نه پڇنديس. جيڪڏهن هن کي منهنجي پرواهه ناهي ته پوءِ آءُ ڇو هن تي ظاهر ڪريان ته مون کي هن جي پرواهه آهي. آءُ ڪجهه به نه چونديس. ڪو به شڪوو نه ڪنديس، ڏک ڏوراپو نه ڪنديس!“

ٻئي ڏينهن هن ائين ئي ڪيو ۽ پورو وقت پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي ۽ پوءِ واپسيءَ جي وقت هن فائيل کنيو ۽ فيضان جي آفيس ۾ وڃي خاموشيءَ سان سندس ٽيبل تي رکيو ۽ خاموش بيٺي رهي ته فيضان کيس چيو:

”تون بيٺي ڇو آهين؟ پليز! ويهه. هيءُ ته آءُ پوءِ پڙهي وٺندس.“

رابيل صوفي تي ويهي رهي ته فيضان وري چيو: ”ڪهڙا حال آهن؟ طبيعت ته وري خراب نه ٿي هئي؟“

”نه! آءُ ٺيڪ آهيان.“ رابيل آهستي چيو.

فيضان: ”ها! ياد آيو. ان ڏينهن تو فون ڪئي هئي پر توسان صحيح نموني ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهي هئي.“

رابيل اداسيءَ مان چيو: ”ڪا ڳالهه ناهي. مون ڪجهه پڇيو ته نه.“

فيضان: ”پر آءُ ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جنهن وقت تو آفيس ۾ مون کي فون ڪئي هئي ان مهل منهنجي آفيس ۾ منهنجا دوست ويٺا هئا. انڪري توسان ڳالهائي نه سگهيس.“

رابيل چيو: ”پر تنهنجو لهجو ايڏو رکو ڇو هو؟“

فيضان: ”نه، اهڙي ته ڳالهه ڪانهي. مون کي ته ان جو احساس نه ٿيو.“

رابيل: ”ان مهل ته تو وٽ دوست ويٺل هئا پر پوءِ ته ڳالهائي پئي سگهئين.“

فيضان: ”نه، دراصل ان رات دوستن سان دير تائين آفيس ۾ ڪچهري ٿيندي رهي ۽ پوءِ وري آئوٽنگ تي هليا وياسين ۽ رات جو دير سان گهر اچڻ ٿيو انڪري ان مهل مون توکي فون ڪرڻ مناسب نه سمجهيو.“

رابيل: ”......۽ ڪالهه ڇا هو؟ آءُ چڱي دير کان هيلو هيلو پئي ڪريان ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي. پوءِ آءُ ڪيتري ئي دير فون جي ڀرسان ويٺي رهيس. پر تو فون ئي نه ڪئي.“

فيضان: ”ها، دراصل ڪجهه ڏينهن کان فون صحيح ڪم نه پئي ڪري، اوهه! ته تون ان ڳالهه تي ناراض آهين. رابيل! تون آخر ايڏو جلدي بدگمان ڇو ٿي ويندي آهين. توکي مون تي اعتبار ناهي؟“

رابيل واقعي شرمندي ٿي وئي، ته فيضان جي فون نه ڪرڻ تي هن الائي ڇا مان ڇا سوچي ورتو هو.

”دراصل آءُ ڏاڍي پريشان ٿي وئي هيس. فيضان! مون کي تنهنجي اها ئي ڳالهه سٺي لڳندي آهي ته تون صاف ۽ کرو ماڻهو آهين، انڪري منهنجي ڪابه ڳالهه توکي خراب لڳي ته چئي ڇڏجانءِ ۽ ڀلي مون سان جهيڙو ڪجان ۽ دڙڪا ڏجانءِ، پر ڪا ڳالهه دل ۾ نه رکجانءِ.“

فيضان: ”اول ته مون کي تنهنجي ڪا به ڳالهه خراب لڳندي ئي ناهي پر جيڪڏهن ائين ٿيو ته فڪر نه ڪر، پاڻ خوب جهيڙا ڪنداسين. هاڻي موڊ صحيح ڪر ۽ چهري جي خزان تي ڪجهه بهار آڻ.........ٿورو مُرڪي ڏيکار.“

رابيل جي چهري تي هڪ اداس مرڪ اچي وئي اڄ کيس پلين آف وائٽ سوٽ پاتل هو ۽ نيچرل ميڪ اپ ۾ هوءَ سادي هجڻ سان گڏ تمام پرڪشش لڳي رهي هئي. هن محسوس ڪيو ته فيضان بار بار کيس ڏسي پيو ۽ پوءِ وري فطري سادگيءَ سبب هن تان نظرون هٽائي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ ٿي لڳو. هن ڪجهه چوڻ پئي چاهيو. عجيب سچئوئيشن هئي. ٻنهي هڪٻئي کي دل ڀري ڏسڻ پئي چاهيو. هڪٻئي کي اکين ۾ سمائڻ پئي چاهيو. رابيل کي خبر نه پئي ته اهو ڪجهه منٽن جو سفر هو يا صدين جو، جن ٻنهي جي خاموش هئڻ جي باوجود به سمورا فاصلا طيءِ ڪري، هنن کي هڪٻئي جي تمام ويجهو آڻي ڇڏيو هو. رابيل جي دل چاهيو ته هو سدائين ائين هڪٻئي جي سامهون ويٺا رهن ۽ خاموشي سرگوشيون ڪري ٻنهي جي دل جي ساز کي ڇيڙيندي رهي.

 

هن

انهن لمحن کي

هميشه لاءِ

پنهنجي مُٺ ۾

قيد ڪرڻ

چاهيو

جيڪي هُن

پنهنجي پرينءَ سان گڏ

گذاريا هئا

پر

هوءَ ائين

ڪري نه سگهي

ڇو ته

سندس

مقدر جي لڪيرن

کي

اها

دخل اندازي

پسند نه آئي هئي

۽

سندس

بند مُٺ کي

کولي

انهن

قيمتي لمحن کي هميشه لاءِ

سندس

نصيب بڻجڻ

کان

روڪي ڇڏيو هو.

........................۽ پوءِ، نيٺ ان خاموشيءَ کي فيضان جي آواز ئي ٽوڙيو هو.

 

اهي ”ساريون“ ڪير ڪندو

انگريز بهادر وٽ لفظ ڏاڍا ڪامن (Common) آهن. هڪڙو Thanks (توهان جي مهرباني) ۽ Sorry (افسوس / معافي)! سو تازو لنڊن ۾ بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 58 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ان کان پوءِ واري ڏکي صورتحال آهي. دهشتگردي لاءِ نوان قانون ٺهيا ۽ لاڳو ڪيا ويا آهن، انهن ۾ هڪ حڪم ته اهو به آهي ته ”شڪي ماڻهو کي ڏسندي ئي گولي هڻو!“ سو لنڊن جي پوليس به روائتي پوليس ئي نڪتي ۽ بنا پڇڻ ڳاڇڻ هڪل يا اطلاع جي هڪ اهڙي ”شڪي ماڻهوءَ“ کي گولي هڻي ڪڍي. ٻه ٽي ڏينهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي لنڊن پوليس جي انهيءَ ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ۾ زمين آسمان هڪ ڪيا ويا. دهشتگرد جي مارجڻ تي وڏيون خوشيون ملهايون ويون. پر پوءِ جڏهن ڳالهه کُلي ته اهو هڪ بي گناهه برازيلي نوجوان هو. ۽ برازيلي سرڪار به پنهنجي ماڻهوءَ جي بي گناهه مارجڻ تي سخت احتجاج ڪيو. تڏهن انگلينڊ جي مُک وزير ٽوني بليئر به ويرم نه لاتي ۽ هڪدم چيائين ”آءِ ايم سوري!“ (مون کي افسوس آهي / آءُ معافي ٿو گهران!) سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”ڌوٻيءَ جي گهران ڇا ويو؟ شُو!“

ڪپڙو ڪيڏو به قيمتي ۽ نازڪ نفيس ڇو نه هجي، ڌوٻي ڦرهي تي ان کي سٽي ڦوندا ڦوندا ڪري ڇڏيندو آهي. پر هن جو خرچ رڳو ”شُو“ ٿيندو آهي. سو ٽوني بليئر به هڪ بي گناهه انسان جي مارجڻ تي ”ساري!“ چئي ڇڏي! پر هُن ته ”ساري!“ به ڪئي. گهڻا ته ”ساري!“ به نه ڪندا آهن. دنيا جي تاريخ انهن بي گناهن جي رت سان ڀري پئي آهي. ان جون الائي ڪيتريون ”ساريون!“ رهيون پيون آهن، اُهي ڪير ڪندو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com