سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :13

 

نامور استاد آپا ڊاڪٽر شمس عباسي جي تعليمي خدمتن جي مڃتا

رپورٽ: ثمينه ميمڻ ڪتاب ”فيمنر ازم اور هم“ جي مهورت

سماجي ترقي ۽ ڀلائي جي ميدان ۾ هميشه کان خواتين جواهم ڪردار رهيو آهي پر جڏهن کان ميڊيا ترقي ڪئي آهي تڏهن کان هر شعبي سان گڏ خواتين جي سماجي ادبي فورمن ۽ تنظيمن سان گڏ مختلف شعبن ۾ سرانجام ڏيندڙ مانوارين خواتين جي سرگرمين کان صحيح سُڌ سماءُ ۽ ڄاڻ ملي ٿي.

اهڙين ئي سماجي تنظيمن ۾ وعده (وومين ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن) پڻ خواتين جي هڪ نمائنده تنظيم آهي جنهن ۾ پڙهيل لکيل خواتين، نامور شاعره فهميده رياض جي سرواڻي عورتن ۾ شعور جي واڌاري لاءِ سرگرم عمل آهي.

وعده طرفان هڪ نئين روايت جو بنياد رکندي تازو سنڌ ۾ تعليمي ميدان ۾ عاليشان خدمتون سرانجام ڏيندڙ، هڪ سڄاڻ ۽ شفيق استاد ۽ منتظم ڊاڪٽر شمس عباسي جي 50 سالا خدمتن کي کيس مڃتا ڏيڻ ۽ يادگار شيلڊ پيش ڪرڻ ۽ وعده طرفان نامور شاعره فاطمه حسن جي ادارت ۾ شائع ڪرايل ڪتاب ”فيمنز ازم اور هم“ جي مهورتي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو. ڄام شورو ۾ سنڌ الاجيءَ جي خوبصورت آڊيٽوريم ۾ ادب، سماج، تعليم جي شعبن سان واسطو رکندڙ ورڪ وومين سان گڏ گهريلو عورتن پڻ وڏي تعداد ۾ ان موقعي تي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مقررن پنهنجي تقريرن ۾ استاد جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اڄ جي استادن کي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم ۽ تربيت تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيئي نوجوان نسل کي مستقبل جي اهميت جي حوالي سان تيار ڪرڻ گهرجي. آپا شمس عباسي جهڙا سنڌ ۾ اگر ڏهه به استاد هجن ها ته سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم سؤ سيڪڙو هجي ها.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم سنڌ الاجي ۾ وومين ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (وعده) طرفان سنڌ جي نامور استاد ۽ رهبر آپا ڊاڪٽر شمس عباسيءَ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي تقريب جي خاص مهمان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته آپا شمس عباسي سنڌ جهڙي صوبي ۾ هڪ پوري نسل جي تعليم ۽ تربيت ڪئي ۽ پنهنجي هٿن سان انهن کي سنواريو. هن چيو ته آپا شمس عباسي هڪ واحد شخصيت طور سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ جدو جهد ڪئي.

هن چيو ته ان زماني ۾ اگر آپا شمس جهڙيون ڏهه استاد به هجن ها ته اڄ پاڪستان جو تعليم جي حوالي سان نقشو بدليل هجي ها. هن چيو ته آپا شمس عباسي هڪ بهترين استاد جي حيثيت ۾ پوري نسل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ عزت ۽ نانءُ ڪمايو.

هن چيو ته اگر آپا شمس جي تعليمي مشن جي مستقبل طور پوئواري ٿئي ها ته اڄ عورتن جي تعليم جو ريشو 30 يا 40 سيڪڙو بجاءِ سؤ سيڪڙو هجي ها. هن چيو ته اڄوڪي دور ۾ نياڻين جي تعليم تي سيڙپ ڪرڻ سان بهتر مستقبل لاءِ سيڙپ ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته هن دنيا جي گهٽ ۾ گهٽ 50 ملڪن جو دورو ڪيو آهي پر دنيا جي سطح تي اها مڃيل ڳالهه آهي ته جن قومن ۽ ملڪن نياڻين جي تعليم جي لاءِ سيڙپ ڪئي آهي انهن ملڪن جي ترقيءَ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

هن چيو ته آپا شمس عباسي 1960ع جي ڏهاڪي ۾ نياڻين جي تعليم جو مشن شروع ڪيو هو اهو مشن هلندو هجي ها ته وڏي ڪاميابي نصيب ٿئي ها.

هن چيو ته اڄوڪي دور جي استادن کي پڻ گهرجي ته اهي نوجوان نسل جي تعليم کي ڌيان ڏين ته هي قوم سندن شڪر گذار رهندي.

آپا شمس عباسي چيو ته استادن کي پنهنجي شاگردن جي ذهانت اجاگر ڪرڻ گهرجي. انهن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي.

هن چيوته هوءَ پاڻ کي خوش نصيب ئي سمجهي جو هن کي انتهائي ذهين شاگرد مليا جن ملڪي ليول تي پنهنجو نانءُ پيدا ڪيو. هن وعده جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو هڪ دور جي استاد لاءِ وڏو اعزاز آهي. تقريب جي صدارت ڪندي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر مظهر الحق صديقيءَ چيو ته فيمنز ازم جي صحيح معنى ۾ پٺڀرائي تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ گهرجن.

هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي طرفان نياڻين جي تعليم سان گڏ خواتين استادن جي مقرريءَ تي پڻ گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي. جيڪا پڻ هڪ وڏي خدمت آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت 33 سيڪڙو استاد خواتين آهن ۽ ايتري ئي شرح يعني 33 سيڪڙو نياڻيون زير تعليم آهن.

هن آپا شمس عباسيءَ جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته آپا شمس عباسي جي بدولت سنڌ جي ڪيترن ئي خاندانن جي نياڻين کي تعليم نصيب ٿي ۽ اهي اڄ اعلى مقام تي فائز آهن. هن چيو ته آپا شمس عباسي هڪ علامت ۾ متحرڪ شخصيت هئي جنهن سنڌي مسلمان عورتن جي تعليم لاءِ هڪ وڏو جهاد ڪيو.

سنڌ جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آپا شمس عباسي پنهنجي دور ۽ ايندڙ دور جو تمام وڏو نالو آهي. هن چيو ته آپا شمس عباسي پنهنجي انمول خدمتن جي ڪري نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي بلڪ دنيا جي ملڪن ۾ سڃاتي وڃي ٿي. هن چيو ته اڄ هن جديد دور ۾ تعليم جي ميدان ۾ توڙي تربيت جي حوالي سان ڳالهيون ٿين ٿيون اهي آپا اسان کي 1960ع واري دور ۾ پڙهايون ۽ سيکاريون. هن چيو ته آپا شمس نوجوان نسل جي ذهنن کي جلا بخشي ۽ انهن کي اجاگر ڪيو.

نامور شاعر ۽ وعده جي ڊائريڪٽر فهميده رياض پنهنجي تقرير ۾ چيو ته منهنجي دور جي ماڻهن لاءِ آپا شمس عباسي انتهائي معتبر شخصيت آهي. هن چيو ته استاد جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت هوندي آهي. جنهن جي تعليم ۽ تربيت انسان کي سنوارڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته هن هڪ تجويز سنڌ يونيورسٽي کي موڪلي ته ڄام شورو ۾ گرلز ڪاليج قائم ڪرائي ان کي آپا شمس عباسيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.

پروفيسر آپا مريم سلطانه نوحاڻي فيمنزازم جي حوالي سان چيو ته عورتن ۽ مردن کي معاشري جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ کپي.

امر سنڌو چيو ته آپا شمس عباسي جي خدمتن جو هڪ پورو نسل احسان مند آهي ۽ آپا شمس کي خراج هڪ باشعور روين جو اظهار آهي. هن فيمنزازم تي ڳالهائيندي چيو ته شاهه لطيف پنهنجي دور جو وڏي ۾ وڏو فيمنسٽ هئو. نامور شاعره ۽ ڪتاب جي ايڊيٽر فاطمه حسن چيو ته هن 1975ع ۾ عورت جي سجاڳيءَ ۽ ترقي جو جيڪو خواب ڏٺو هو اهو هاڻ پورو ٿيندي نظر اچي ٿو. ان موقعي تي ڊاڪٽر پروين شاهه ۽ ٻين پڻ ڪتاب ۽ آپا شمس جي زندگي تي ڳالهايو ان موقعي تي جن شرڪت ڪئي تن مان عنادل راشديءَ وعده جي سرگرمين تي روشني وڌي، ان موقعي تي آپا شمس عباسي جي خدمتن جي مڃتا طور يادگار شيلڊ پيش ڪئي ويئي.

***************

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com