سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :6

ڊاڪٽر محمد ادريس السندي

فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجمان

        (نوٽ؛ ٽماهي ” مهراڻ 3- 1995ع واري پرچي ۾ محترمه غلام محمد لاکي جو هڪ مقالو ” فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“ جي عنوان سان نظر مان گذريو، جنهن ۾ لاکي صاحب استدراڪ ۽ تلاقي طور سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل 82 اهڙن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اردو جي مشهور اديب اختر راهي کان سندس ڪتاب ” ترجمه هاي متون فارسي به زبالهائي پاڪستاني“، ۾ ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا آهن راهي صاحب صرف 32 ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، اهڙي طرح ٽوٽل ڪتاب 118 ٿيا، لاکي صاحب لکيو آهي ته. ” خاطري آهي ته اڃا گهڻو مواد هن مطالعي ۾ نه اچي نه سگهيو هوندو، اميد ته ڪو جاکوڙي جوان، هن عنوان تي قلم کڻي وڌيڪ ڪتابن جو اڀياس پيش ڪندو.“ ان ڪري مان استدراڪ طور فارسي مان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل اهڙن ڪتابن جو ذڪر ڪري رهيو آهي، جيڪي ٻنهي صاحبن کان رهجي ويا آهن مان ڪو جاکوڙي جوان ته ڪو نه آهيان،البت پنهنجي ” قاسمه لائبريري“ اندر، مٿين ڪتابن کان وڌيڪ جيڪي به ڪتاب ملي سگهيا يا انهن جي معلومات ٿيسگهي، انهن جو ذڪر ڪندس، مون کي يقين آهي ته اهڙو مواد اڃان به هوندو، پر انهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ سنڌ جا مختلف ڪتبخانا ڏسڻا پوندا، هيٺ پيش ڪيل اڪثر ڪتاب ” فاسميه لائبريري“ ۾ موجود آهن، پر جيڪي موجود نه آهن، انهن جي چٽائي حواشي ۾ ڪيل آهي، ڪتابن پيش ڪرڻ جو طريقو اهوئي راهي صاحب ۽ لاکي صاحب وارو آهي، تاري جو نشان اصلي فارسي ڪتاب لاءِ سيريل نمبر ترجمن لاءِ استعمال ٿيل آهي. م . 1)

·                                          آغاز فارسي

هيءَ ڪتاب هاءِ اسڪولن جي مختلف درجن ۾، فارسي نصاب طور پڙهايو ويندو هو، ڪتاب 3 ڀاڱن تي مشتمل آهي، پهريون ڀاڱو هاءِ اسڪول جي چوٿين درجي لاءِ، ٻيو ڀاڱيو پنجين درجي لاءِ، ٽيون ڀاڱو هاءِ اسڪول جي ڇهين لاءِ مقرر هو،

(1) ڪنجي دي بگنرس پرشين ڪتاب- ا             Key    to The

(2)                        ( beginner Persian Book )

تاليف: محمد بخش واصف هيءَ ڪتاب، آغاز فارسي –ا جي مڪمل شرح ۽ گائيڊ آهي، جنهن ۾ آغاز فارسيءَ جي ڏکين لفظن جي تشريح ۽ فارسي متن جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي، ٽيون دفعو 1957ع ۾ آر ايڇ احمد حيدرآباد طرفان شايع ٿيو (1)

(2)   ڪنجي دي بگنرس پرشين ڪتاب- 2:

تاليف: محمد بخش واصف- مٿين ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جي تشريح ۽ ترجمي تي مشتمل آهي، ٽيون دفعو 1957ع ۾ ساڳئي اداراه طرفان شايع ٿيو.

(3)                                 ڪنجي دي بگنرس پرشين ڪتاب -3:

تاليف غلام محمد گرامي، مٿئين ڪتاب جي ٽئين حصي جي تشريح ۽ ترجمي  تي مشتمل آهي، ٽيون دفعو 1957ع ۾ ساڳئي اداره طرفان شايع ٿيو.

(4)                                 ڪي ٽو دي بگنرس پرشين بوڪ -3:

 آغاز فارسي جي ٽئين ڀاڱي جي گائيڊ آهي، 1945ع ۾ شايع ٿيو، مولف لکيل نه آهي

·                                          ابتدائي سلوڪ

تاليف حضرت خواجا محمد حسن جان سرهندي (م 1365 هه) هن رسالي ۾ سلوڪ ۽ تصوف جا ابتدائي مرحلا ٻڌايا ويا آهن، جيڪي سالڪ لاءِ ضروري آهن.

(5)ترجمو:

از علي نواز حاجن خان جتوئي نقشبندي- هيءُ ترجمو 6. 14هه ۾ سيد قمر الزمان شاهه لطيف آباد حيدرآباد ڇپرائي تقسيم ڪيو.

(6) ترجمو؛

از مولانا  نظر محمد سومرو – ديهانت ،ڪنڊيارو  (م؛ 1354هه ) (2).

اجتهادو تقليد

از: رضا رضواني، هن ڪتاب شيعه فڪر مطابق، اجتهاد ۽ تقليد تي بحث ڪيو ويو آهي.

(7)              ترجمو؛

از: اسد رضا، هيءَ ترجمو جامعه تعليمات اسلامي، پاڪستان، ڪراچي طرفان ڇپجي شايع ٿيو.

اخلاق محسني

 ملا حسين بن علي واعط ڪاشفي (۾: 1910هه) جو اخلاقيات جي موضوع تي جوڙيل تمام بهترين ڪتاب آهي، فارسي ٻوليءَ ۾ علم الاخلاق تي لکيل ٽن مشهور ڪتابن مان هڪ آهي ٻيا ٻه ڪتاب هي آهن: ا – اخلاق جلالي 2- اخلاق ناصري. (3)

(8)   ترجمو:

از محمد صديق مسافر (م 1061ع) ٻن ڀاڱن ۾ مسلم ادبي سوسائٽي،حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، پهرين ڀاڱو 1943ع ۽ ٻيوڀاڱو 1947ع ۾) اهوئي ترجمو ٻيو دفعو 1957ع ۾ آر، ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

(9)                                     ترجمو:

از: نبي بخش قاضي ۽ علينواز از جتوئي، اخلاق محسني جي پهرين 20 بابن جي ترجمي تي مشتمل آهي، آزاد بوڪ ڊيپو حيدرآباد طرفان 1957ع ۾ شايع ٿيو.

(10)                  نيڪ اخلاق:

از آخوند حاجي فقير محمد عاجز، (م: 1918ع) اخلاق محسني جو هيءَ ترجمو،آخوند موصوف 1335هه ۾ ڪيو هو (4).

ارشاد رحيميه در طريق حضرات نقشبنديه

حضرت شاهه عبدالرحيم دهلوي (م: 1131هه) شاهه ولي الله جي اولاد جي جوڙيل هن ڪتاب ۾ نقشبندي سلوڪ جواهو خاڪو بيان ڪيو ويو، جيڪو مجدد الف ثاني کان اڳ رائج هو.

(11)        رحيمي رحمت ۽ نقشبندي نسبت:

مترجم: پروفيسر علينواز جتوئي، هيءَ ترجمو 1983ع ۾ سنڌ سڌار علمي اداره، ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

ارشاد الصرف:

مولانا خدابخش صاحب جو، فارسي ٻولي ۾، عربي صرف لاءِ جوڙيل هيءُ ڪتاب، عربي مدرسن جي نصاب ۾ اڄ به داخل آهي.

 

 

 

(12)           مال الصرف:

از مولانا شير احمد ڀٽو، الرا، پريالو، خيرپور ميرس 1397هه ۾ جوڙيل هيءَ ڪتاب ارشاد الصرف جي ترجمه ۽ تشريح تي مشتمل آهي، پهريون دفعو 1398هه ۾ ۽ ٻيو دفعو1407هه ۾ خود مترجم شايع ڪيو

(13)                هدايت الصرف (سنڌي ۾ ترجمو ٿيل عربي قوانين):

ا ز مولوي عبدالقادر چوهاڻ –ارشاد الصرف  ترجمه ۽تشريح  تي مشتمل آهي ،خود مترجم  شايع ڪيو .

ارمغان فارسي

نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي فارسي ڪورس طور پڙهايو ويندو هو.

(14)                       شرح ازمغان فارسي

از گل حسين لغاري ۽ قاضي غلام محمد قريشي، هي شرح، عالمگير پبلشنگ هائوس حيدرآباد طرفان شايع ٿي هئي.

انوار سهيلي

از ملا حسين بن علي واعظ ڪاشفي (م: 1910هه)

(15)  گلزار چنبيلي ترجمه انوار سهيلي، ڀاڱو پهريون:

مترجمه: احمد خان آصف مصراڻي ۽ محمد خان ٻٻر، پهريون دفعو 1956ع ۾ آر،ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، جيڪو انوار سهيلي جي پهرئين 3 بابن جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي (5)

بهار داش

از عنايت الله ڪنبوه لاهوري (م: 1082ع)

(16)                             مهرور بانو:

از محمد صديق مسافر (م: 1961) بهار دانش فارسي جي هڪ ڀاڱي جو هيءَ ترجمو، مسافر صاحب جي محنت جونتيجو آهي (6).

البينات الواضحات في حکم اعطاء الصدقات الي لشرفاء السادات

از مفتي ابراهيم بن محمد هاسم ڳڙهي ياسين (م: 1964ع ) هن فارسي رسالي ۾ مفتي صاحب فقهي دليلن جي روشني ۾ هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته: سادات بني هاشم کي زڪوات ڏيڻ جائز آهي.

(17)                              يالات البينات:

ترجمو: از سيد علي اصغر شاه،البينات الوضحات جو هيءَ ترجمو، شاهه صاحب 1984ع ۾ لکيو جيڪو سيد خادم حسين شاهه بخاري شايع ڪيو.

پس چه بايد کرد اي اقوام مشرق

هيءَ فارسي مثنوي، علامه اقبال جي آخري تصنيف آهي، جنهن جو مقصد هي آهي ته مشرف جي مسلمانن کي اهڙي طاقت جي مقابلي لاءِ سجاڳ ڪيو وڃي، جيڪا سندن زندگي جي هر شعبي کي پامال ڪري رهي هئي.

(18)                               ڇا ڪجي پوءِ اي اقوام مشرف:

از لطف الله بدوي، مٿئين مثنوي جو هيءَ منظوم سنڌي ترجم 1975ع ۾ اقبال اڪيڊمي طرفان شايع ٿيو.

پند نامه

از شيخ فريد الدين عطار (م: 627هه) اخلاق و ادب بابت شيخ عطار جو هيءَ هڪ بهترين مثنوي آهي جيڪا برصغير جي مدرسي جي نصاب ۾ داخل آهي.

(19)                         غنچهء هدايت:

از عبدالهادي سرهيه لاڙڪاڻو، پند نامي جي نثري ترجمي ۽ سمجهاڻين تي مشتمل آهي، جيڪو پهريون  دفعو 1971ع ۾ هادي پبليڪشن لاڙڪاڻه طرفان شايع ٿيو،

(20)                             پند نامو سنڌي منظوم:

از راقم الحروف محمد ادريس سومرو، پند نامي جو منظوم سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ساڳئي بحر (رمل) ۾ چيل آهي، اڃا ڇپيو نه آهي (8).

تاريخ پاٽ

پاٽائي صديقي بزرگن مان ڪنهن بزرگ، ” پاٽ پراڻي“ جي تاريخ فارسي ۾ مرتب ڪئي هئي، جيڪا اڃا اڻ ڇپيل آهي.

(21)                              پاٽ پراڻي جي اڳوڻي تاريخ اصل فارسي تان      ترجمو ٿيل:

مترجم محمد روشن صديق پاٽائي (م: 1942) طالب العلم مدرسه السلام درالفيض سونو جوئي، هي ڪتاب مٿي ڄاڻايل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو 1356هه ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

تحفت المجربات:

طب ۾ لکيل هيءَ ڪتاب دراصل فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، مولف معلوم نه ٿي سگهيو.

(22)                              ترجمو؛

از حامد بن حسن ويٺل ڀڄ ڪڇ، هيءَ ترجمو جهوني سنڌيءَ ۾ ٿيل آهي (8)

(23)                        ترجمو؛

از محمد يوسف ابڙو نصرپوري، مٿئين ڪتاب جو سليس سنڌي ترجمو آهي، جيڪو پهريون دفعو 1953ع ۾ آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

تفسير خواب

مولف معلوم نه ٿي سگهيو

(24)                          ترجمو:

محمد مقيم نالي هڪ عالم ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو هو، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ ڪيو آهي (19).

توتي تبرا

از موسه دار راهه حق، قم، ايران، هن ڪتاب ۾ شيعن جي ٻن بنيادي اصولن جو ذڪر ٿيل آهي (10)

(25)                            ترجمو:

از نبي بخش دانش، جنهن کي 1412هه ۾ اصغريه پبليڪشنز سنڌ طرفان شايع ڪيو ويو.

جذب القلوب الي ديلر المحبوب

از شيخ عبدالحق محدث دهلوي (م: 1052هه) هيءُ ڪتاب مدينه پاڪ جي تاريخ ۽ جاگرفي بابت لکيل آهي، جنهن جي تاليف ۾ مولف موصوف خلاصت الوفا ل لسهودي ۽ ٻين ڪتابن کان مدد ورتي آهي.

(26)                          احياء القلوب سنڌي ترجمو جذب القلوب:

از واعظ الاسلام مولانا حافظ محمد هاشم قادري، جنهن کي 1939ع ۾ مولوي محمد قاسم عربي مدرسه قادريه، نئون ڪوٽ، رڪ ضلع سکر، ڇپرائي شايع ڪيو.

حيات صبغت الله شاهه ايراني رحه

تصنيف؛ رابعهء زمان ام الفقراءِ امي جان صاحبه، هيءُ ڪتاب حضرت پيرا ايراني جي سوانحي حالات بابت سندس ننڍي ڀيڻ امي جان صاحبه فارسي ٻوليءَ ۾ لکيو هو.

(27)                            ترجمو:

از الاستاذ غلام مصطفيٰ دادوي- هيءُ ترجمو پهريون دفعو آگسٽ 1995ع ۾ درگاهه عاليه مصطفائيه شادي شهيد، خيرپور طرفان شايع ٿيو.

حيرت الفقه

از علامه احمد بن حميد بن شهاب، حيرت الفقه، جڳ مشهور ڪتاب آهي، جيڪو فقه جي عجيب و غريب ۽ نادر مسئلن تي سوال و جواب جي شڪل ۾ ترتيب ڏنل آهي ۽ فارسي ۾ آهي (11).

(28)                          حيرت الفقه سنڌي (مفيد المسلمين):

مترجم: حاجي محمد سمون، حاجي صاحب هيءُ ترجمو 1291هه ۾ قاضي نور محمد متوطن پورپندر جي اشاري تي تيار ڪيوهو، جيڪو پهريون دفعو بمبئي ۾ ڇپيو هو، پوءِ هيمنداس تاجر ڪتب، سکر طرفان وري شايع ٿيو.

(29)                              فقه جا عجيب مسئلا سوالن جوابن سميت؛

از جناب شمس العماء مرزا قليچ بيگم صاحب حيرت الفقه جو هيءُ ترجمو مرزا صاحب 1927ع ۾ تيار هو،ٻيو دفعو 1964ع ۾ حڪيم عبدالحق حڪيم نورالحق سکر، طرفان شايع ٿيو.

(30)                            ترجمو؛

از نامعلوم، هيءَ ترجمو ڪرائون کان به ننڍي سائيز ۾ هريسنگهه اينڊ سنز سکر طرفان شايع ٿيو هو، مترجم معلوم نه ٿي سگهيو.

ختم نبوت

مولف: شهيد مرتضيٰ مطهري، هن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي ختم نبوت جي فلسفي ۽ حقيقت کي پڌرو ڪيو ويو آهي.

(31)                              ترجمو:

از غلام عباس سريوال، هيءُ ترجمو 1958ع ۾ خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران حيدرآباد طرفان شايع ٿيو،

خطيه فارسي حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريالوئي:

هيءُ خطبو، مخدوم محمد اسماعيل (م: 1174هه) ڏانهن منسوب آهي، جيڪو فارسي نظم ۾ جوڙيل آهي، خطبي جو ابتدائي هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.

حمد است ذات پاک را- آن صانع افلاک را

درکني او ادراک را، نافهم باشد نا خبر

(32)  شيخ سنڌي خطبه فارسي مخدوم اسماعيل:

  از مولانا شبير احمد ڀٽو، هي ڪتاب مخدوم صاحب جي مٿئين خطبي جي ترجمي ۽ مڪمل تشريح تي  مشتمل آهي 1990ع ۾ تيار ٿيو ۽ مڪتبه سعيديه ڳوٺ الرا، پريالو، خيرپور طرفان شايع ٿيو.

خلاصت الانبياء فارسي

مولف معلوم نه ٿي سگهيو

(33) قصص الانيباء؛

از مولوي عبدالرحمان معلم العربي مسلم هاءِ اسڪول، حيدرآباد، هيءُ ڪتاب خلاصت النبياء جو سنڌي ترجمو جنهن ۾ معارج النبوت ۽ تاريخ حبيب السير کان به مدد ورتل آهي، (12) پهريون دفعو 1962ع ۾ آر ايڇ احمد طرفان شايع.

خلاصت الفقه

هيءَ ڪتاب اصل فارسيءَ ۾ لکيل آهي، جيڪو نماز جي مسائل تي مشتمل آهي، مولف معلوم نه ٿي سگهيو.

(34)  خلاصت الفقه (سراج الاسلام):

مترجم: حاجي محمد سمون، مٿئين ڪتاب جو ترجمو ۽ خلاصو آهي جيڪو 1346هه ۾ هيمنداس تاجر ڪتب سکر طرفان شايع ٿيو، ياد رهي ته هيءَ ڪتاب قديم زماني کان سنڌ وارن ۾ رائج آهي.

دليل الايمان يا ارشاد الطالبين

مخدوم غلام رسول صديي جو، فارسيء ۾ لکيل هيءَ ڪتاب، تصوف ۽ ذڪر افڪار جي بيان تي مشتمل آهي.

(35)                              رهبر طريقت:

از مخدوم غلام حيدر صديقي هالائي (م: 1953) هيءُ ڪتاب دليل الايمان جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، ان جو هڪ قلمي نسخو، اسان جي قاسميه لائبريري ۾ موجود آهي.

*ديوان آشکار

از حضرت سچل سرمست (م: 1242هه -1839ع)- ديوان آشڪار، سچل سائين جي فارسي ڪلام تي مشتمل آهي.

(36)                        ترجمو:

از قاضي علي اڪبر درازي (م: 1981- 1402هه) قاضي صاحب، ديوان آشڪار جو اردو ۽ سنڌي ترجمو ڪيو هو، ٻئي ترجمان محڪمه اوقات سنڌ جي حوالي ڪيل هئا، جن مان اردو ته سندس وفات کان هڪ مهينو پوءِ شايع ٿيو، پر سنڌي ترجمو ان وقت شايع نه ٿي سگهيو (13)

رسالهء قاضي قطب

قاضي قطب نالي هڪ عالم، فارسيءَ ۾ هيءُ رسالو نماز جي مسئلن بابت لکيو هو، جيڪو ڪافي وقت مدرسن جي نصاب ۾ شامل رهيو ۽ هاڻي به پنج ڪتابي فارسي ۾ ٻين ڪتابن (ڪريمام نام حق، محمود نامو، پند نامو) سان گڏ شايع ٿيندو رهي ٿو.

(37)                             رسالو قاضي نور محمد

(نماز فرائض سنڌي):

موءلف قاضي  نور محمد قريشي  بن آخوند محمد حسن قريشي سانوڻي هالا پراڻا – جنهن رسالا  قاضي قطب جي ترجمي سان ٻيا مسئلا به ملائي هيءَ رسالو تيار ڪيو ۽ 1891ع ۾ شايع ڪيو.

الرسالته الغفاريه في اثبات الوجدو الجذبت

                   الاضطر اربيت

مولف: مولانا مولوي محمد صالح صاحب، ڳوٺ آڱاڻي ماهوٽا، لاڙڪاڻه، هن رسالي ۾وجد ۽ جذبي جي جواز کي ثابت ڪيو ويو آهي، جيڪو غير اختياري طور پڌرو ٿئي.

(38)                          ترجمو؛‎:

از مولف موصوف، ساڳئي ئي رسالي جي هيٺيان سنڌي ترجمو ۽ تشريح به ڪئي وئي آهي، فارسي ۽ سنڌي تي مشتمل هي رسالو، مطبع عثماني، ڀيم پوره، ڪراچي ۾ ڇپيو.

زادالاخره

از علامه مولا بخش صديقي، بهاري، هن ڪتاب ۾ميت بابت اسلامي احڪام درج آهن.

(39)                          توشهء آخرت:

فقير رضا محمد مڱرئي ڪنڊياروي 1963ع ۾ هيءَ ترجمو ڪيو، همدرد پريس ميرپور خاص ۾ ڇپيو، ترجمو خود مترجم شايع ڪيو.

زينت القاري

از مولف نامعلوم، هيءُ ڪتاب قرائت ۽ تجويد جيفن ۾ لکيل آهي.

(40)                           ترجمو:

از مسڪين محمد صديق گلاب خان ٽنڊو باگائي، (م: 1961ع هيءُ ترجمو، منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور طرفان شايع ٿيو.

سرور المحزون في ترجمت نورالعيون

از شاهه ولي دهلوي ( م :1176هه ) هيءُ ڪتاب در حقيقت علامه ابوالفتح محمد المعروف به سيد الناس جي عربي ڪتاب نورالعيون في تلخصين سير الا مين المامون جي ترجمي ۽ واڌارن تي مشتمل آهي.

(41) اسان جو پيارو رسول:

مترجم؛ عبدالرحمن جتوئي ۽ عبدالجبار عبد_ مٿئين ڪتاب جو هيءُ ترجمو 1994 ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي شڪارپور/ لاڙڪاڻه طرفان شايع ٿيو.

سڪندر نامه

از نظامي گنجوي ( م:598 هه) . فارسيءَ جي مشهور مثنوي آهي، جنهن جي ٻن سنڌي ترجمن جو ذڪر لا کي صاحب ڪيو آهي. هت وڌيڪ ٻن ترجمن جو ذڪر ڪجي ٿو.

(42) ترجم منظور

از غلام محمد نظاماڻي. پير جهنڊي جي ڳوٺ  وارو_ ڪتاب جي آخر ۾ مترجم موصوف ترجمي جو سال بيان ڪندي  چوي ٿو:

آهي هاڻ هجرت سندو صاف سن_ ٻارنهن سئو نوي سال کي ٿا لکن

هيءُ ترجمو مطبع جليل اڪليل ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، اشاعت جو سال 1889ع آهي (14).

(43) ترجمو منظوم:

از گل محمد رند، ان ترجمي جو ذڪر سيد غلام مرتضيٰ شاهه ٺٽوي (م: 1323هه) پنهنجي مترجم سڪندر نامي ۾ ڪيو آهي (15) شاهه صاحب لکي ٿو ته.

اڳي هن کان هڪڙوڏٺم سو ڪتاب: غلام محمد ڪڍيو باشتاب

ٻيو گل محمد جو عمدو مثال: ڏٺم سي ٻئي تن جو وه وه خيال (16).

سيرت الامام حضرت موسيٰ کاظم

هيءُ ڪتاب ادارا اصول دين، قم، ايران طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ امام موسيٰ ڪاظم جي سوانح ڏنل آهي،

(44) ترجمو:

از شاهه محمد کچي رٽائرڊ ڊيپوٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، حيدرآباد_ هيءُ ترجمو، خراسان اسلامڪ ريسرچ سينٽر ڪراچي طرفان 1402هه ۾ شايع ٿيو.

شاکر نامه

فارسي ٻوليءَ جي مشهور مثنوي آهي، جيڪا ڪنهن وقت مدرسن ۾ پڙهائي ويندي هئي.

(45) ترجمو؛

از دين محمد سانوڻي، ويٺل هالا پراڻا، هيءُ ترجمو، مطبع فيض سبحاني ڪوٽڙي ۾ ڇپيو.

طب اڪبر

از حڪيم محمد اڪبر ارزاني (م:1130هه) علم طب ۾ جوڙيل هيءُ ڪتاب جاوداني شهرت حاصل ڪري چڪو آهي.

(46)جلال المظهر في ترجمه طب اڪبر:

از سيد حسين علي شاهه، ميرپور بٺورو ضلعي ڪراچي، طب اڪبر جو هيءُ سليس سنڌي ترجمو ٻن ضخيم جلدن ۾ 1348هه ۾ هريسنگهه سنس ڪتبخانه سکر طرفان ڇپيو.

(47)تحفت الحڪماء:

از مولانا عبدالله بنگديرائي (م.1350هه) طب اڪبر جي سنڌي ترجمي تحفت الحڪماء نالي طب اڪبر جو ذڪر مولانا دين محمد وفائي هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: تحفت الحڪماء نالي طب اڪبر فارسيءَ جو سنڌي ترجمو ڪري ڇپرايائين، جو هن وقت سنڌ جي طبيبن لاءِ ڏاڍو ڪار آمد ثابت ٿيو آهي (17).

صراط الطالبين

مولف حضرت پير ياسين شاهه جاين وارو (1254هه)، هيءُ ڪتاب تصوف ۽سلوڪ جي اهم ڳالهين تي مشتمل آهي.

(48) ترجمو:

از حاجي هدايت الله شاهه (م: 1332هه) هيءُ ترجمو مظهر العجائب پريس، ٺلاه ۾ ڇپيو (18).

علاج المساڪين

از حڪيم  صادق  علي  خان دهلوي

 

(49) طب  علاج المساڪين

مترجم: حڪيم حسين علي شاهه، هيءُ ترجمه هريسنگهه سکر طرفان شايع ٿيو (19).

عين الفقر

از شاهه سلطان باهو قدس سر (م:1102هه)

(50) جان سالک:

مترجم: آخوند فقير محمد عاجز (م: 1918ع _1336هه)، عين الفقر جو هيءُ ترجمو آخوند موصوف 1323هه ۾ تيار ڪيو هو (20).

فا لنامه فارسي

موقف نامعلوم،

(51) ترجمو:

مٿئين ڪتاب (فالنامه) جو منظوم سنڌي ترجمو ٿيو هو، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڪيو آهي (21).

فتح الرحمن في ترجمت القران و تفسيره

از حضرت شاهه ولي الله دهلوي (م: 1176هه)_ شاهه صاحب قرآني تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ قرآن جوفارسي ۾ترجمو ڪيو هو ۽ حاشي تي مختصر نوٽ پڻ لکيا هئا، جن جو نالو فتح الرحمان رکيو هئائين.

(52) ترجمه حواشي فح الرحمن:

از مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، فتح الرحمان جي حواشي ۽ مقدمي جو ترجمو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ڪيو، جيڪو مولانا مدني (م: 1399هه_ 1978ع) جي ترجمه قرآن جي حاشين تي 953ع ۾ ڇپيو، باقي رهيو فتح الرحمان ترجمه فارسي، قرآن جو سنڌي ترجمو، سو اڄڪلهه علامه قاسمي صاحب جن انهي عظيم ڪم کي نڀائي رهيا آهن.

فلسفه شهادت

از شهيد مرتضيٰ مطهري (م: 1979ع) هن ڪتاب ۾ شهادت جو فلسفو، شهيد جو رتبو ۽ شهادت جي حقيقت بيان ٿيل آهي.

(53) مري ٿين نه مات:

مترجمه: زهير حسين حيدري،نندو شهر،بدين_ هيءُ ڪتاب جامعه تعليمات اسلامي ڪراچي طرفان ڇپيو.

الفوز ا لکبير  في اصول التفسير

مولف: حضرت شاهه ولي الله (م: 1176هه) اصول تفسير ۾ لکيل هيءُ مشهور ڪتاب، اصل فارسيءَ ۾ آهي، جيتوڻيڪ اڄڪلهه مدارس ۾ الفوز الکبير عربي پڙهايو ويندو آهي.

(54) ترجمو:

از خالد ٽالپر_هن ترجمي جو مسودو سنڌ الاجي ۾ موجود آهي.

قصه چار درويش

چار درويش مشهور داستان آهي، جيڪو اصل فارسي ۾ لکيو ويو هو، جنهن تان اردو۽ ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪيا ويا، ان قصي جا سنڌي ترجما به ڪافي آهن، جن مان ڪي ته سڌو سنئون فارسي تان ترجمو ڪيل آهن ۽ ڪي اردو تان، اصل فارسيءَ جو مولف ڪير هو؟ ان بابت يقين سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، پروفيسر لطف الله بدوي لکي ٿو ته: بهرحال فارسي زبان ۾ ”چار درويش“ جا چار نسخا ملن ٿا، جن جي مصنفن جا نالا آهن: محمد علي، انجب، محمد عوض زرين ۽ صفي، چار درويش جي هڪ مثنوي به آهي (22)

(55) ترجمو

 از عيسيَ پٽ موسيَ – هي سنڌي ترجمو  1263-62هه دوران  تيار  ٿيو ، جيڪو مير امن دهلوي جي اردو ترجمي ( باغ بهار ) تان ورتل آهي ۽ اهو اردو ترجمو اصل  فارسي تان ٿيل آهي (23)

 (56)  ترجمو: (چار درويش)

از امام بخش خادم (م: 1918ع) هيءُ ترجمو به مير امن دهلوي جي ترجمي تان ورتل آهي، جيڪو پهريون دفعو 1895ع ۾ پوڪرداس شڪارپور طرفان شايع ٿيو، ٻيو دفعو 1920ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، طرفان شايع ٿيو

(58)ترجمو: (اصل وڏو قصو چار درويش)

از گل محمد آزاد، صوفي، هيءُ ترجموسڌو فارسيءَ تان تيار ڪيل آهي، ستون دفعو 1965ع ۾ آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

(59) ترجمو: (اصل وڏو قصو باتصوير چار درويش)

از نذير حسين ڀٽي هيءَ ترجمو،صداقت بڪ ڊپو، شاهي بازار حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

(60)ترجمو: (اصل وڏو قصو چار درويش)

هيءُ ترجمو: مولوي محمد عظيم اينڊ سنز، شڪارپور طرفان شايع ٿيو، مولف / مترجم لکيل نه آهي.

ڪريما

از شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي (م: 691هه) اخلاق و آداب ۾ لکيل هيءُ مثنوي صدين کان عربي مدرسن جي نصاب ۾ داخل آهي، اڄ به ننڍن وڏن، ماين مردن کي ” ڪريما“ جو پهريون بيت جهونگاريندي ٻڌو ويندو آهي ته _

کريما به بخشائي برحال ما، که هستم اسير کمند هوا

ڪريما جا دنيا جي هر سڌريل ٻوليءَ ۾ ترجما ٿي چڪا آهن، ڪجهه سنڌي ترجمن جو ذڪر اختر راهي صاحب ۽ ڪجهه ترجمن جو تذڪرو لاکي صاحب ڪيو آهي، (25)، باقي ترجما هن ريت آهن.

(61) ڪريما مترجمه سنڌي:

از دين محمد سانوڻي ويٺل هالا پراڻا، ڪريما جو سنڌي نثر۾ ڪيل ترجمو 1312هه ۾ صبح فيض سبحاني، ڪوٽڙي ۾ ڇپيو، ان جو ٻيو ڇاپو ٿورڙي تبديليءَ سان 1313هه ۾ ساڳئي مطبع ۾ ڇپيو،

(62)ڪريما فارسي سنڌي معني سان:

از در محمد جمالي مسڪون لقمان خيرپور ڪريما جو هيءُ منظوم ترجمو 1914ع ۾ مسٽر شولداس، ٿانورداس تاجر ڪتب، شڪارپور ڇپايو، ۽ ٿورڙي تبديلي سان اهوئي ترجمو ” گڏيل چار ڪتاب“ ۾ ناگهان فارسي ۽ شاڪر نامي فارسي سان گڏ، منشي پوڪرداس شڪارپور طرفان شايع ٿيو.

(63) ڪريما مترجم سنڌي:

از سيٺ جشن مل، هيءَ نثري ترجمو 1313هه ۾مطبع نامي گرامي وشن ڪراچي ۾ ڇپيو، اهوئي ترجمو بمبئي مان به شايع ٿيو هو.

(64) ڪريما مترجم سنڌي:

از مولوي عبدالله ڪتاب، ڪريما جو هيءُ نثري ترجمو، هيمنداس تاجر ڪتب سکر طرفان شايع ٿيو.

(65) نصيحت نامو:

از عبدالهادي سرهيو، هيءُ ڪتاب، ڪريما فارسي جي نثري ترجمي ۽ چڱي خاصي تشريح تي مشتمل آهي پهريون دفعو 1970ع ۾ ۽ ٻيو دفعو 1972ع ۾ هادي پبليڪشن لاڙڪاڻي طرفان شايع ٿيو.

(66)ڪريما  سنڌي:

از خليفه ڪرم الله (26)

(67) ڪريما سنڌي تضمين ساڻ ڪريما سعدي:

از آخوند فيض محمد روهڙائي، هيءُ بيت در حقيقت ڪريما جو منظوم سنڌي ترجمو آهي، مترجم موصوف ڪريما جي هر بيت جو سنڌي ترجمو پهريائين ۽ فارسي اصلي بيت بعد ۾ ڏنو آهي، 1305هه ۾ جڙي تيار ٿيو (27).

(68) ترجمو؛

از محمد عارف سيوستاني (م: 1334هه) مولانا وفائي لکيو آهي ته سندس ڪيل ڪريما جوسنڌي ترجمو سندس حياتيء ۾ ڇپجي ورهائجي ويو (28).

ڪيميائي سعادت

از حجت الاسلام امام محمد بن محمد بن محمد الغزالي (م: 505هه)، فارسي ٻوليءَ ۾ اخلاقيات ۽ تصوف تي مشهور تصنيف آهي، هن ڪتاب جو انتخابي ترجمو پروفيسر غلام حسين جلباڻيء ۽ مڪمل ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيوهو (29).

(69)ترجمو؛

مترجم معلوم نه ٿي سگهيو، هريسنگهه سکر وارن ڇپرايو هو. (30)

(70)  الهديت الڪريميّت في الاخلاق المريضيت المعروف به اخلاق نامه امام غزالي؛

از حضرت مولانا عبدالڪريم ديروي ڪيميائي سعادت جي چونڊ عبارتن جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي 1348هه ۾ تاليف ٿيو، ٽيون ڇاپو 1964ع ۾ مدرسه عربيه دارالقرآن ميهڙ طرفان شايع ٿيو.

گلستان

بوستان (31).

اهي ٻئي ڪتاب شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي (م:691هه)جون لازوال تصنيفون آهن ، جن جا دنيا جي تقريبا هر ٻوليءَ ۾ ترجما ٿيا آهن. گلستان نثر ۽ بوستان نظم ۾ جوڙيل آهي.                                                     

(71) گلشن بهار (گلستان سعديء جو ترجمو ڀاڱو پهريون):

مترجم: غلام محمد ابراهيم شاهواڻي(م؛1950ع)_هيءُ ڀاڱو گلستان جي 8 بابن مان ابتدائي 3 بابن جو سليس ترجمو آهي .پهريون دفعو1943ع ۾سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي طرفان شايع ٿيو .جنهنکي مترجم موصوف ٻيهر سمجهندي ،صنائع بدائع ۽ تڪبندي سان جوڙيو، جيڪو 1942ع ۾شائع ٿيو.

(72) ادبي خزانو(ڀاڱو ٻيو)

مترجم غلام محمد شاهواڻي(م؛1950ع)_هيءُ ڀاڱو(انهيءَنالي سان) گلستان جي باقي رهيل 5 بابن جو تڪبنديءَ سان سنڌي ترجمو آهي ،جيڪو 1948ع ۾ تيار ٿيو، ان جو ٻيو ڇاپو 1955ع ۾  ٽيون ڇاپو 1965ع ۾ آر. ايڇ . احمد  اينڊ برادرس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

(73)حڪايات گلستان؛

مترجم مقبول احمد ڀٽي _ ٻارڙن لاءِ نيشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان شايع ڪيل هيءٌ ڪتاب گلستان جي چونڊ ڪهاڻين جي ترجمي تي مشتمل.

(74)گلستان سنڌي حصوپهريون_ هن ترجمي جو ذڪر ڪريما سنڌي ڇپرايل سئولداس ٿا نورداس شڪارپور 1914ع جي آخر ۾ ڇپايل ڪتابن جي فهرست اندر موجود آهي جنهنجي قيمت 4 آنا ڄاڻايل .مترجم معلوم نه ٿي سگهيو.

(75) گلستان ٽيون باب سنڌي؛

مترجم معلوم نه ٿي سگهيو . ڪتاب “مدد پناهه الزائرين  الحج “ ڇپرايل پوڪرداس _ شڪارپور جي سرورق جي اندرئين صفحي تي ڇپرايل ڪتابن جي فهرست ۾ ان جو نالو لکيل آهي .

(76) بوستا جي بهار:

(77)گلستان جي گلڪاري:

شاهه نواز جمال الدين  پيرزاده ؛1965ع ۾ بوستان جي چونڊ شعرن ۽ گلستان جي صرف نظمن (نثر نه) جو منظوم سنڌي ترجمو، مٿين نالن سان جوڙي تيار ڪيو، جيڪو گڏ ڪري ”سڳوري سعدي جا سخن “ جي نالي سان 1965۾ خود مولف شايع ڪيو.

(78)بوستان سنڌي؛

ازغلام محمد صاحب ۽ جناب حضرت سيد ميان پناه علي شاهه انسپيڪٽر پوليس ڊسثرڪث جيڪب آباد هيءَ ڪتاب ”بوستان جو مڪمل منظوم سنڌي  ترجمو آهي ۽ بحر متقارب ۾ چيل آهي .پهريون دفعو 1909ع ۾ پوڪرداس شڪارپور طرفان شايع ٿيو.

گنجنيه ادب فارسي

هيءَ ڪتاب مئٽرڪ جي فارسي ڪورس لاءِ مقرر هو: جنهن جا ٻه  ڀاڱا آهن نثر جو ڀاڱو (گلستان سعدي مان (انتخاب) ۽ نظم جو ڀاڱو (بوستان سعدي مان انتخاب).

(79) ڪليد گنجينئه ادب:

از عبدالواحد سنڌي، هيءُ ڪتاب ” گنجينه ادب“ جي ترجمي ۽ شرح تي مشتمل آهي، اداره شرڪت مصنفين ڪراچي طرفان شايع ٿيو.

مالا بدمنه

مولف قاضي ثناء الله پانيپتي (م:1225هه) ايمنا، طهارت ۽ ارڪان خمسه جي بيان ۾ فارسي ٻولي ۾ لکليل هيءُ ڪتاب، ڪافي مدرسن ۾ ابتدائي شاگردن کي پڙهايو ويندو آهي،

(80)ترجمو

از مولانا قاضي فتح محمد صاحب نظاماڻي (م: 1339) هيءُ ترجمو اڃان ڇپيو نه اهي، قلمي صورت ۾ ٽنڊي قيصر ۾ حاجي شير محمد خان نظاماڻي جي ذاتي لائبريري ۾ موجود آهي، (32).

ماثر النبوه

مولف محدث عبدالحق دهلوي (م: 1052هه).

(81)نشان نبوت منظوم سنڌي:

از مولانا دين پٽائي (م: 1960ع) ڳوٺ ” پٽ گل محمد لغاري“ جوهي، دادو هيءُ ڪتاب مااثر النبوت جو منظوم سنڌي ترجمو آهي، ستن حصن، 4 جلدن ۾ وراهيل آهي (33)

مائت عامل منظوم

مولف امير خسرو دهلوي (م:725هه) امام عبدالقادر جرجاني (م: 471هه) ”مائت عامل“ نالي هڪ مختصر رسالو عربي ٻولي ۾ تفصنيف ڪيو، جنهن ۾ عربي نحو جا هڪ سئو عامل بيان ڪيل آهن، مائته عامل کي امير خسرو دهلويءَ فارسي نظم ۾ آندو، جيڪو 30 بيتن تي مشتمل آهي، اڄ ڪلهه عربي مدرسن جي نصاب ۾ داخل آهي.

(82) مائت  عامل  منظوم  سنڌي.

از مولانا شبير احمد ڀٽو، مٿئين ڪتاب جو منظوم سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ” تيسر النحر ترجمه نحو مير“ جي آخري ۾ شايع ٿيل آهي.

*مثنوي بو علي قلندر

از شرف الدين بو علي قلندر (م: 724هه) تصوف جي هن نصيحت آموز فارسي مثنوي ۾ ڪيئي روحاني راز سمايل آهن.

(83)  ترجمو:

از حڪيم غلام محمد سومرو عرشي 1974 ۾ سنڌ الاجي، ڄامشورو طرفان شايع ٿيو.

*مثنوي تارنامه

از حضرت سچل سرمست عبدالوهاب درازي (م: 1242هه) هن مثنوي ۾ طنبوري جي لوهي تار جي اصليت بيان ڪيل آهي ته مان اصل ڇا هيس ۽هينئر ڇا آهيان، منهنجي آواز ۾ سوز گداز آهي وغيره.

(84)ترجمو:

از قاصي علي اڪبر درازي (م: 1981هه) مثنوي تارنامه جو هيءُ مصرعي وار نثري ترجمو 1962ع ۾ شايع ٿيو.

*مثنوي دردنامه

از حضرت سچل سائين عبدالوهاب درازي (م: 1242هه) هن مثنوي ۾ درد جي بي انتها تعريف ۽ توصيف بيان ٿيل آهي.

(85 )ترجمو؛

از قاضي علي اڪبر درازي (م: 1981ع) ” مثنوي درد نامه“ جو هيءُ نثري ترجمو 1962ع ۾ شايع ٿيو.

* مثنوي ديوان خدائي

از حضرت سچل ميان عبدالوهاب درازي (م:1242هه) هن مثنوي ۾ محبوب جي حسن ۽ جمال جي تعريف، دردن جون دانهون ۽ وصال لاءِ آهون بيان ٿيل آهن.

(86) ترجمو:

از قاضي علي اڪبر درازي (م: 1981ع) مثنوي خدائي جو هيءُ نثري ترجمو 1968ع شايع ٿيو.

* مثنوي دراز نامه

از حضرت سچل سرمست عبدالوهاب درازي (م: 1242هه) هن مثنوي ۾ معرفت جون عجيب و غريب پروليون بيان ٿيل آهن.

(87) ترجمو:

از قاصي علي اڪبر درازي (م: 1981ع) مثنوي دراز نامه جو هيءُ نثري ترجمو 1967ع ۾ شايع ٿيو.

* مثنوي رهبر نامه

از حضرت سچل سائين عبدالوهاب درازي (م: 1224هه) هن مثنوي ۾ سچل سائين عجيب ۽ انوکا مثال پيش ڪري، پاڻ کي نسبت ۽ خدا کي هست ثابت ڪيو آهي.

(88) ترجمو:

از قاضي علي اڪبر درازي (م: 1981ع) مثنوي رهبر نامه جو هيءُ نثري ترجمو، 1964ع ۾ شايع ٿيو.

*مثنوي عشق نامه

از حضرت سچل ميان عبدالوهاب درازي (م: 1242هه) هن مثنوي ۾ عشق، محبت ۽ درد جي خاص وصف ۽ تعريف بيان ڪيل آهي.

(89) ا ز  قاضي علي اڪبر درازي (م؛ 1981ع)- مثنوي  رهبر  ناما جو هيءَ نثري ترجمو ، 1964ع   ۾ شايع ٿيو. 

*مثنوي گداز نامه

از حضرت سچل سرمست عبدالوهاب درازي (م: 1242هه) هن مثنويءَ ۾ ” پاڻ سڃاڻڻ“ جي فلسفي تي ڳالهايو ويو آهي.

(90) ترجمو:

از قاضي علي اڪبر درازي (م: 1981ع) مثنوي گداز نامه جو هيءُ نثري ترجمو 1962ع ۾ شايع ٿيو، اهي سڀ ترجما الڳ الڳ رسالن جي شڪل ۾ خود مترجم شايع ڪيا هئا، سچل سرمست جي فارسي ڪلام ۾ديوان آشڪار کانسواءِ سندس 11 مثنويون به شامل آهن، جن مان ستن مثنوين جو ذڪر ٿي چڪو، باقي چار مثنويون هيءُ آهن، 1) وحدت نامه 2) وصلت نامه ، 3) مثنوي غزل بحر طويل 4) ساقي نامه، انهن چئن مان پهرين 3 مثنوين جو اردو ترجمو، قاضي علي اڪبر درازي ڪيو هو، ساقي نامه جو سنڌي ترجمو، عطا محمد حامي ڪيو هو، جيڪو سندس ڪتاب ” نينهن جا نعرا“ ۾ ٻين ڇهن مثنوين جي منظوم ترجمن سان گڏ شايع ٿيو هو (34). محترمه ڪريم بخش خالد جي بيان مطابق شڪارپور جي فقير هادي بخش به انهن مثنوين جا ترجما ڪيا هئا، جيڪي اڃان تائين ڇپجي نه سگهيا آهن، (35)، پر اهو تفصيل نه لکيو اٿس ته ڪهڙي مثنوي جو سنڌي ترجمو ڪيو هئائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com