سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :14

” اهو اڳتي هلي ٺاهبو گهر جو نقشو مون کي ياد آهي.“ سپاهي چيو منٽن ۾ سڀ ڪم ٿي ويا، بنا دير لالان کي جيپ ۾ اڇلايو ويو ۽ جيپ اچي روڊ تي چڙهي،

ٻارهين کان اڳ هو ننڍڙي جي دوا وٺي، واپس وريو، ننڍڙو ٻار هر هر روئي، شيشي وات ۾ وجهيس ته گهڙي ماٺ ڪري، سڄو رستو هن کي پريشان ڪيائين، اسٽاپ تي هو بس مان لهي، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو گهر ڏي هلڻ لڳو،لاءِ ڇو هنجي دل ڏاڍي ملول هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو هن جي دل مٺ ۾ جهلي پيو نپوڙي، باغ کن ٻاهر ئي ڪمدار هدايت گڏيس، جنهن جو منهن سرنهن جي گلن جهڙو پيلو هو.

” بلاول! يار ظلم ٿي ويو، اصلي ڦر ٿي ويئي، مان توڏي پي آيس“

” ڇا ٿيو؟“ هن کي اندر ۾ ڇڪ آئي.

” پوليس ڀاڄائي کي وڍي ويئي....“ هدايت چيو ۽ بلاول کي ايئن لڳو ڄڻ سندس بدن جو رت پيرن کان مٿي ڏي چڙهندو هجي، هن جون اکيون ڦاٽي ويون اڳتي ٻڌڻ کان اڳ هو لڏيو ۽ زمين تي ڪري پيو،اهو به چڱو ٿيو جو هدايت اشرف کي جهلي ورتو نه ته هيڏو ٻار ڌڪ نه سهي سگهي ها.

هدايت هارين کي سڏ ڪيو، ۽ بلاول تي پاڻي ڇڻڪاري کيس هوش ۾ آندائون ۽ پوءِ گهر وٺي ويس.

ساڳيو گهر، ساڳيو در، پر لالان....؟

”لا.... لا...ن.....“ هن جي واتان هانءُ ڏاريندڙ رڙ نڪتي، ۽ کيس وري چڪر اچي ويو.

” يار! مڙس ماڻهو ٿي. رنن جيئن ٿو روئين، همت ڪر، ڪا پٽي ٻڌن جي ڪر“ هدايت دلاسو ڏيندي چيس.

مان اڄ نالي تي کاٽي پيو ڪريان، سڀئي ڪڙمي ات هئا، هتي ڇڙو رامشي هو،سو به اڌ مغزي، ڄٽ کي ڪا ٻيٽ ئي نه پئي، پوليس هن کان گهر پڇي ورتو، ۽ ڀاڄائي کي وٺي ويا“ هدايت پيرائتي ڳالهه ٻڌايس.

پرهن کي هدايت جي نه ڳالهه وڻي نه هدايت، محبت ۾ ماڻهو، ماڻهو سا ايتروته رلجي ويندو آهي جواوچتي جدئي ۾ رلي مري نٿو ته به مرڻ جهڙو ٿيو وڃي.

بلاول جو ته ڍينگو ئي ڍير ٿي ويو هو، جنهن ڪاڻ مائٽن عزيزن، پنهنجن پراون لڳل عزت واري نوڪري تان هٿ کڻي نڌڻڪو، بي گهر ۽ بيروزگار بڻيو،خواريون خرابيون سر تي وسايائين، در در جا ڌڪا کاڌائن، سوبه جدا ٿي ويو،ائين وچتو، جو موڪلاڻي به نه ٿي، پر ويندي ويندي هو وٽس اشرف به ڇڏي ويئي هئي.

ٿاڻي جي انڌيري ڪمري ۾ لالان ڦٿڪي پئي، من ماندو هئس، تڙپي ٿي لڇي ٿي، ڪمري جي بند دروازي تي سپاهي بندوق سميت بيٺو هو، ڀاڻس جي اکين ۾ ٻرندڙ ٽانڊا ڏسي،قانون هن کي پنهنجي حفاظت ۾ ورتو هو، ماڻس کي گهرايو ويو هو ۽ هو هن وقت بند ڪمري ۾ هن کي سمجهائي به رهي هئي ته  وڇوڙن کي ساري نير به واهي رهي هئي.

” امان! تو اسان کي جيئري ماري ڇڏيو،نڀئي  ماءُ جي اڇي سينڌ ۽پيءُ جي پڳ ڏي به ڪو نه ڏٺئي،پاڻ اشراف ماڙهو، ڇا ڄاڻون ٿاڻن مان اڄ هي ڏينهن به ڏسڻا پيا، پر هاڻي پاڻي ڪو نه ولوڙبو، تون هاڻ به اسان جو پاسو کڻ، ائي! ڇوٿي پيري ۾سور ڏئين، لالان! مون مڙهي ماءُ ڏي ڏس،مئي! تو کان پري مون مڙهي جي ڀلا ڪهڙي حالت ٿي هوندي؟“

۽ هو ماءُ جي دل ۾ اولاد جي وڇوڙي سان پيدا ٿيندڙ قيامت کي ڀلا ڪيئن ٿي وساري سگهي، هوءِ به ماءُ هئي، هو به پنهنجي اولاد کان پري هئي، هوڏانهن اولاد پيار جي ڌاڳي ۾ ٻڌجي ماءُ کان پري ٿيو هو، هيڏانهن ماءُ جبر جي زنجير ۾ ٻڌجي اولاد کان پر ٿي هئي، لڙڪن جو لارون ٿاڻي جي ڪمري ۾ فرش تي ڦڙي ڦري تلاءُ بڻئي رهيون هيون.

”امان! مون جو اشرف... امان چئن مهينن جو مس آهي، تپ ۾ ڇڏيو اٿم.

امان! مون جي ماشوم کي بک لڳي هوندي. ٿڃ لاءِ روئيندو هوندو، گهوڙا ..... امان منهنجين گلتين جي ماڦي ڪريو،مون کي منهنجي ٻچڙي وٽ ڇڏيو، آئون ڦاسي چڙهڻ لاءِ راضي آهيان، پر پهرين....“ هو وڌ نه چئي سگهي سڏڪن ۾ لڙڪن گڏجي هن جي زبان کي تالو هڻي ڇڏيو.

          ”لالان  ! تون چئن مهينن جي ٻچي لاءِ ڪيئن پئي پڄرين  مئي ! منهنجي دل کان پڇيو اٿئي . جو تو جيڏي اُڌي ساماڻي کان سڄو ڏيڍ سال ذري گهٽ، پري گهاريو آهي، مون جا آنڊا رڪ جا ته ڪونهي“ ماڻس پوڙهين اکين مان پاڻي هاريندي چيو.

پنهنجو درد ٻين جي دکن کان وڌ پيڙاءُ کڻي ايندو آهي، ماڻهو پنهنجي ڏک ۾ئي ايترو ڏکيو هوندو آهي، جو ٻي جي ڏک کي سمجهي ئي ناهي سگهندو هو، ٻئي ماءُ ڌيءُ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڏکاريون هيون، هر ڪنهن پنهنجي دک کي ٻي جي دک کان وڌ پئي ڄاتو، ماڻس هن کي سمجهائي سمجهائي ٿڪي پئي، پر هن جو ساڳيو ڳن ساڳي ڪهاڙي، هو مڙس ۽ پٽ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ٿي.

لالان پڪو پهه ڪيو هو ته شرمائڻ لڄائڻ، ڊپ ڊاءُ کي هڪ پاسي رکي هو پنهنجي ور ۽ پٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ قانون جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي، هڪ غلطي ڪري هو مائٽن کي ڇڏي چڪي هئي، هاڻي ٻي غلطي ڪري هو مڙس ۽ اولاد کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي، ماڻس کان پوءِ پيءُ ويهن نهن جا زور لائي بيهي رهيو.

” امان! اڳئي پيري ۾ پورو ڪري ڇڏيو اٿئي. وڌيڪ وڍ نه وجهه، اسان پاران بيان ڏي، اسان جي ٿي“

پر لالان چئي نه ان تري تيل ئي ڪونهي، ٻه ڏينهن مٿو هڻي مائٽ ڏيئي وڍي بيهي رهيا. پر ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو.

هاڻي جمين، وڏيري عارب جا ۽وڏيري وري اچي صوبيدار جاپير جهليا.

” سائين تون هفيسر آهين حد جو حاڪم آهين، هيترو وقت اسين خوار خراب بڇڙا ٿيا آهيون، غريبن جي گهر تي ڪانگ ويهي رهيو آهي، جيڪا ڀينگ ٿيڻي هئي سا ٿي آهي، هاڻي ڪو اهڙو وارو ڪر جو ٻانهن مائٽن کي ملي، تون جيئن چونڊين تيئن ڪنداسين.“

”بابا! مائي وات وڪيل آهي، ان کي ڀلا ڇا ڪبو. اوهان مائٽن جي نٿي ٻڌي سا منهنجي ڪٿي ٻڌندي، هتي ها ڪري ڪورٽ ۾ ڦري ويئي ته ڀلا ڇا ڪبو، ڪهڙو زور اوهان جولڳندو ته ڪهڙومنهنجو، باقي زور زبردستي ته آئون ٻانهن اوهان جي حوالي ڪري ڪونه سگهندس، مائي پويان ننڍڙو ٻار ڇڏي آئي آهي،سو ڪو پويان ڌڻي چپ ڪري ويهندا؟ هو وسان ڪو نه گهٽائيندا، هت مائي هنن جي ٿيو بيٺي آهي ،ڀلا اهڙي حالت ۾ آئون ڇا ڪريان“

پر وڏيرو صوبيدار سان هيڪ هيڪان ڪري بيهي رهيو.

” سائين تون پوليس هفيسر آهين، نوڙي مان ناگ ڪرن تنهنجي ڏائي هٿ ۾ آهي، اسان جي راڄ جي پڳ جو سوال آهي، جيڪو منهن مان ڪڍندين، اهو ڏينداسين پر ڪنهن ريت ٻانهن اسان کي ملي.“

صوبيدار به يا ته پڪائي ڪئي يا وري ڪو رحم دل ۾پيو هئس سو هيڪر ته هنن کي ڪو دلاسو ڪو نه ڏنائين ۽ شام جو لالان کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايائين ماڻس ستڀرائي سان گڏ هو اندر آئي.

 صوبيدار سگريٽ جو تيز سوٽو هڻي اکيون هن جي سڪل مرجهايل چهري ۾ کپائي ڪا گهڙي هن کي جانچيندو رهيو.

”ها ڇوري! ڪر خبر.... ڪهڙي پير تي بيٺئين؟..... مائٽن جي ٿي ٿئين يا اڃا به هن مان هٿ نٿي ڪڍين..“

. سائين تو حاڪم آهين، آئون چئن مهينن جو ماشوم ڪلهڙو ٻچو ڪيئن ڇڏيان تپ ۾ هڙڪندي ڇڏي آئي آهيان، تون پاڻ به ٻچن وارو هوندين،پنهنجن ٻچڙن جي صدقي مون کي پنهنجي ٻچڙي وٽ پڄاءِ.....“ لالان جي اندر مان ممتا جو آواز آزي بنجي اڀريو، اکين مان بيوسي جو وڏ ڦڙو وسڻ لڳس، الاءِ ڇو صوبيدار جو ڪنڌ گهڙي لاءِ جهڪي ويو.

” پوڙهي! ڇوڪري ته اوهان جي نٿي ٿيئي، تون ماءُ آهينس ڪجهه سمجها ئينس نٿي“

صوبيدار لالان جي ماءُ کي مخاطب ٿيو،

” اي  ابا...مون گهڻيئي آزيون نيزاريون ڪيون پوتيو ن پلاند  ڪيا ، منٿو ن ڪيون  پر اڄ اسان کان وڌ ڌاريا ٿيا اٿس ، اڙي صاب... جي پنهنجا آنڊا ئي دشمن ٿي پون ته ٻي ڪهڙي تي ميار ڪجي؟ پوڙهي ڏک ڪڍيو.

” ڇوڪرين،هاڻي ڳالهه ٻڌ! منهنجو توسان واعدو آهي ته توکي پنهنجو پٽ وٺي ڏيندس، پر تون مائٽن سان ويندئين، ڪورٽ ۾ بيان اهو ڏيندئين ته توکي بلاول زوري اغوا ڪري کڻي ويو هو، صوبيدار چيو.

” سائين! تون به منهنجي ڳالهه ٻڌ: منهنجي منهن تي جيڪا دانگي ملجي ويئي سان ته ملجي  ويئي، پر هاڻي جي مڙس مان هٿ ڪڍيندس ته منهنجو ماشوم بچو رلي ويندو، منهنجا مائٽ مون کي، منهنجي ٻار کي اڦٽ ماريندا، پر جي حياتي جو جيئندان ڏنئون ته به منهنجي ٻار کي ڪو نه قبوليندا.... تون پاڻ انصاف ڪر جن عزت ڪارڻ هيترو ڪيو آهي، اهي منهنجي ٻار کي ڪيئن قبوليندا؟“ لالان يڪي نابري واري، ڳالهه صوبيدار کي به دل سان لڳي.

” ٺيڪ آهي بابا! آئون سوچيندس، اڃا ته رمانڊ آهي، جوابدار کي به هٿ ڪرڻو آهي، پوءِ ڏسنداسين.

” سائين! الله جي نالي مون کي منهنجو ٻچڙو ملاءِ، الله سائين توکي تنهنجن ٻچن مان شهر ڪري ڏيندو“ لالان وري ليلهايو.

اها لالان جا پنهنجن مٽن مائٽن اڳيان اک کڻي ڳالهائي نه سگهندي هئي، اڄ وقت جي ڌڪن هن کي ٿاڻي ۾ باوردي آفيسر آڏو اعتماد سان ڳالهائڻ سيکاري ڇڏيو هو، هووري پنهنجي بنديخاني ۾ موٽي آئي، ۽ پوليس وري بلاول کي هٿ ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويئي.

وڏيري عارب گهڻي ڪوشش ڪئي ته شخصي ضمانت تي ٻانهن سندن حوالي ڪئي وڃي پر لالان صوبيدار کي چٽن اکرن ۾ چئي ڇڏيو ته هن کي مائٽن مان جاني خطري جوانديشو آهي، هو کيس ماري وجهندا ، هوڏانهن عورت کي ايترو وقت ٿاڻي ۾ رکڻ به چڱو نه هو ان ڪري صوبيدارر کيس پنهنجي اعتبار جوڳي جهوني جمعدار دلاور جي ڪوارٽر ۾ جمعدار جي ٻارن ٻچن سان گڏ رهائڻ جو بندوبست ڪيو، ماءُ پيءُ کانسواءِ ساڻس ٻين عزيزن جي ملاقات به بند هئي،

” همدرد همراز کي ڏسي غم  تازو ٿي پوندو آهي، جڏهين ڪچي ڦٽ تان ڪڙي لهي ته رت به ضرور وهندو آهي،پر بلاول جي ڦٽ تي ته اڃان ڪڙي به ڪا نه ٻڌي هئي، ان ڪري هن جي اکين مان لڙڪ ٿي وهيا، ميرل کي ڏسي هن جو اندر اڌ ٿي پيو هو، ميرل کي حالتن جي سڄي خبر پئجي ويئي هئي ۽ هن کي اها به خبر هئي ته ڦرجي ويل ۽ چورايل شئي جي واپسي جي اميد سکڻو خواب آهي، ملي ته ملي نه ته ويئي ته ويئي آهي، تڏهين به هو بلاول کي دلاسا ڏيئي رهيو هو، ۽ لالان کي واپس وارڻ جا منصوبا جوڙي رهيو هو.

” بلاول! يار ٻار نه ٿي، ائين روئڻ رڙڻ مئون ڀلا ڇا ملندئي ڀاڄائي تنهنجي نڪاح ۾ آ، ڪورٽ ۾ بيان  ٿيل آهن، ڪاغذ پٽ اسان وٽ موجود آهن، هن مئون تنهنجو اولاد آ، ڪو به قانون مڙس کئون زال ۽ماءُ کئون اولاد نٿو کسي سگهي، اسان پاڻ پوليس ۽ فريادي ڌر تي ڪيس داخل ڪنداسين.... دل نه هار“ ميرل سمجهايس.

” ميرل اشرف ڪالهه کان ڏاڍو ٿو پيو تڙپي، مان کي ڳڻتي آ ته ڪاٿي ٻيهر نه بيمار ٿي پوي.“ هن چيو.

” ننڍڙي جو فڪر نه ڪر، مان جو ڪڪو به ته ايڏوئي آ، جهڙو تنهنجو ٻچو تهڙوئي مان جو، تنهنجي ڀاڄائي اشرف جو به ايتروئي خيال رکندي، تيستائين ڀاڄائي به خير جي اچي ويندي“ ميرل چيو.

” تنهنجي مهرباني ! پر مان ته سوچيان ٿو ته اشرف کي کڻي وڃي حاضر ٿيان، مان جو خير آ... پر اشرف ته ماءُ تائين پهچي ويندو“ بلاول خيال ظاهرڪيو.

” بيوقوفي جون ڳالهيون ڇڏ، عورت ۽گهوڙو ان جو جن جي قبضي ۾، ڀاڄائي کي پير تي پڪو بيهارڻ جو هڪڙوئي طريقو آهي، اولاد، جي هن کي تنهنجي ڇڪ نه ورايو ته پٽ جي سڪ ورائيندس، عورت دنيا جي هر رشتي کي ڀڃي سگهي ٿي پر اولاد جو رشتو ڀڃڻ هن جي وس ۾ناهي، ڪڪو ڀاڄائي جي حوالي هت ڪبو،اتي ڪڪو مليس ته متان مائٽن جو چورڻ تي لڳي. “ ميرلچيو.

ميرل! ڦرڻ واري وائي ئي نه وار، لالان سان مان جا ست سنڱ ۽سر جا سئودا آهن مان کي هن تي اهڙو ويساهه آ جو جيڪر مان اهو  مڃان ته سج اولهه کئون اڀريو آ، پر اهو نه مڃان ته لالي مان کئون ڦري ويئي آ“ بلاول ٿڌو ساهه ڀري چيو.

ننڍڙو اشرف ميرل جي گهر هو، ميرل جي گهر واري خانل رحمدل ۽ وڏي دل واري نيڪ عورت هئي، ان پنهنجي پٽ جيئان هن وڳڙ وڇِڙئي ٻار کي به سيني سان لائي رکيو.

بلاول ۽ ميرل گڏ روانو ٿيا، هو وڪيل سان مليا، صلاح مشوري سان ڪيس تيارڪيائون وڪيل جي چوڻ  موجب ڪيس سڌو ڪورٽ ۾ داخل ڪرڻو هو، پر هاڻي دير ٿي ويئي هئي، انڪري ڪيس ٻي ڏينهن دخل ڪرڻو هو،هو وڪيل جي آفيس مان جيئن ئي ٻاهر نڪتا ته پنهنجي جيپ ويجهو ٻي جيپ بيٺل ڏٺائيون،  پر هنن ڌيان ڪو نه ڏنو،شهر ۾ ڀلا ڪيترين جيپن ڪارن تي ڌيان ڏجي؟ پر پوءِ کين ڌيان ڏيڻو پئجي ويو، ٻي جيپ مان صوبيدار پوليس وارا هنن کي ڏسي لهي پيا، دودو ساڻن گڏ هو، ۽ ميرل جي مداخلت باوجود به بلاول گرفتار ٿي ويو.

” تون کٽڪو نه ڪجانءِ ،هتي ڪيس وڪيل داخل ڪندو مان سڀاڻي ئيتون وٽ پهچندس ڪڪي جوبه کٽڪو نه ڪجاءِ“ ميرل آهستي ڪن ۾ چيس.

” مائي جو ڇوڪرو ڪٿي آهي؟“ صوبيدار کي اوچتو ياد پيو،

”نينگر جائتو آ صوبيدار صاحب، معصوم ٻار کي قتل ناهي ڪرائڻو ۽نه ئي ٻار تهان جو جوابدار آ، ميرل چيو، صوبيدار احمد خان چپ ٿي بلاول کي وٺي واپس هليو ويو.

”وڏيرو عارب اڪيلو نه هو، اڄ جو ڏڍ هئس، راڄ جي ڪري وڏن ۽ مضبوط هٿن جي ڇانءُ به مٿس هئي،هن جمعي وارن ۾ مڙس ماڻهو ٿي هٿ وڌو هو، هاڻي ٻانهن جي هٿ اچڻ جي باوجود به جي سندن سوڀ نه ٿيئي ۽ ٽئي دنگ وارا هٿ مان شئي ڦري هليا وڃن ته پوءِ وڏيرائپ ڪهڙي ڪم جي، هن صوبيدار کي طرح طرح جون لالچون ڏنيون، سفارشون ڪرايون پر صوبيدار جي ٿڌائي ڏسي کيس پڪ ٿي وئي ته مائي واپس ويندي، سو ڀڄ ڊڪ ڪري، اثر هلرائي، فونون کڙڪرائي، وڏن تي وڏا بار وجهرائي، صوبيدار احمد خان کان جانچ ڦرائي سي آئي اي جي حوالي ڪرائي ڇڏيائين، صوبيدار شريف آڙيڪاپ صوبيدار هو کرن سوڌو کائڻ وارو، پٿر هضم ڪرڻ وارو...... جيڪو هن ڪيس جو انچارج پوءِ ٿيو وڏيري سان ٻولن پهرن ٻڌو.

صوبيدار احمد خان بلاول کي وٺي ٿاڻي تي پهتو ته صوبيدار شريف اڳ ئي گهربل آرڊر سميت موجودهو،هن بلاول کان نه ڪجهه پڇيو نه ٻڌو کيس هڪدم لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيائين،بلاول جي لالان کي لالان جي  بلاول کي هڪ ٿاڻي ۾ هوندي به خبر نه پئجي سگهي، ڪاڪي جمين رهيل ٻني جو ٻاروبه وڪڻي ڇڏيو، ناڻو نر نچايوڇڏي، سو شريف به نالي جو شريف ۽ اندر ۾ بدمعاش هو، تنهن کي هڪ مٿان جي دٻ ۽ هيٺان ڳاڙهن ساون نوٽن جي تپش.

شام جو هن لالان کي ٿاڻي جي هڪ خالي ڪوارٽر ۾ سڏايو ان ويل ٻن سپاهين ۽ وڏيري عارب سواءِ ڪو به اتي ڪو نه هو، صوبيدار هن کي ڪرڙين اکين سان ڏٺو، نئون صوبيدار ۽ سندس ڀوائتو مهانڊو ڏسي لالان جي دل ۾ گهٻراٽ ٿيڻ لڳي، هن کي پڪ ٿي ويئي ته خير ڪونهي، پر هوخير ۽ شر جي فڪر کان پري هئي.

” رن.... ٻڌاءِ خبر؟ اڃان پئي.... جون پڇائون ڪرين يا مائٽن سان وڃڻ لاءِ راضي آهين“ صوبيدار جي ٿڦڙ لالان جي ملوڪ منهن کي ڦيري ڇڏيو ، هن جي ڪنن ۾  سيٽيون وڄي ويون ” ...ڏي ويندي“ صوبيدار وري گند ڳالهايو.

” ٻڌاءِ ڪنهن سان ويندين“

”مڙس ڏي... پٽ ڏي... “ لالان جي رڙ صوبيدار جي گجگوڙ کان مٿڀري هئي. وري ڳل تي چماٽ ڦهڪو ٿي ويس ۽ صوبيدار وارن کان جهلي ڪنڌ پوئتي ڦيري ڇڏيس. هن کي لڳو ڄڻ سندس ڪنڌ ڀڄي پوندو.

”ٻڌاءِ ڪنهن سان ويندين“ منهن ۾ مڪ ٺڪاءُ ٿي ويس، ۽هن جو ذهن سمهي پيو، ۽ هوصوبيدار جي هٿ ۾لڙڪي پئي، هٿ نڪتس نه ڦهڪو ڪر زمين تي وڃي ڪري، نڪ مان وهندڙ رت  چپن کان ڄاڙي تائين پکڙندو ويو.

اها رات هو اوندهي ڪوٺي ۾ اڃي بکي پئي هئي، ڌڪن منهن سڄائي وڌوهئس، ڏکن ڏيل ڏڪائي ڇڏيو هئس، معصوم پٽ جي ياد ۽ محبوب مڙس جي سار دل ۾ ڪنڊي جيئان ٿي هريس، قيد جي اونداهي ڪوٽڙي ۾ڌارين هٿان ڌڪ سهي به هو پنهنجي پيار ۽ پٽ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هئي، هو سڄي رات ڇرڪندي، رئندي ۽ سڏڪندي رهي.

سج اڀرئي مانس وٽس آئي، ڌيءَ جي حالت ڏسي هن جو روح روئي پيو.

” امان! پڻهين ۽ڀاڻين مئي عاربو جي چوڻ تي ليڪو لنگهي بيٺا آهن، مئن مروانن کان پيا ماراينئي، آئون ڪيڏانهن وڃان،  هن سورن کان خدا موت ڏي ته به ڪر آجي ٿيان، منهنجي ٻچڙي تون به کڻي ضد ڇڏ،ماڻس رنندي چيو.

” امان! توکي ڪو ماڻهو ماري ڪٽي چوي ته مون ۽ دودي تان هٿ کڻ ته تون کڻندئين؟“ الٽُو ماءُ کان سوال ڪيائين.

” نه ڙي جيجل! ٻوٽيون ٻوٽيون  ڪري ڇڏينم ته به ٻچن تان هٿ نه کڻان“ ماڻس وراڻيو.

” نه پوءِ آئون پنهنجي ٻچي تان هٿ ڪيئن کڻان امان! لالان چيو ۽ ماڻس لاجواب ٿي وئي.

” پر امان مارون پئي کائين“

” امان! آئون به ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويندس ته به پٽ ۽ مڙس تان هٿ ڪو نه کڻنديس“ لالا چيو.

ايتري ۾ سپاهي لالان کي وٺڻ آيو، ماڻس کي وري ٻاهر اماڻي لالان کي حاڪم جي حضور ۾ حاضر ڪيو ويو.

ها...... چئو ڙي... ڇا خيال آهي“ صوبيدار جي وات ۾ گار شايد ورد ٿيل هئي.

” خيال ڇا جو صاب، ماري، ڇڏ، پر مڙس ۽ پٽ تان هٿ جي جيئري نه کنيو اٿم نه کڻنديس“

” هونئن... مان سٿڻ ۾ ٻليون... ڀاڄوڪڙ......“ صوبيدار هڪل ڪئي.

صاب! نيڻين اورو هجين ته ڪر حياءَ به هجئي“ ڦهڪائي ڇڏيائين“

” وري مونکي ٿي گار ڏي“ ٿڦڙ هڻي ڪيرائي وڌائينس.

” اڙي خميسا! رنکي ابتو ڪري وڻ ۾ لٽڪاءِ......“ ۽ شيطان صورت خميسو هيڻي ۽ بيوس عورت تي ظلم ڪرڻ ڪاڻ مڪروه مرڪ مرڪي وڌي آيو.

سج لهي ويو هو...... پوڙهي بڙ جي وڻ، ابتي ٽنگيل شرمناڪ حالت ۾ بيوس قيد ياڻي جي حال تي پنهنجا پن ڇڻي ماتم ڪيو، بڙ جي پاڙ ۾ هاريل پاڻي سبب نڪرندڙ هزارين ماڪوڙا هن جي وجود کي چهٽا پيا هئا، هن الائي ڪيتري دير تائين رڙيون ڪيون هيون، پوءِ وري غش ٿي ويئي هئي، تڏهن ڪنهن وڻ مان رسا کولي کيس لاٿو هو ۽.... جڏهن هوش ۾ ئي هئي ته ساڳئي ڪوٺڙي ۾ قيد هئي، هن کي پنهنجي حال تي روئڻ اچي ويو.

اوچتواوندهه ۾ ڪو وجود اندر آيو.

” نينگري ڪيئن آهين؟“ ڪنهن عورت جو آواز ٻڌائين، هو چپ رهي.

”امان تون به ڪا صفا چري آهي، ماڻهو اٽڪل ڪري جند ڇڏائيندو آهي، چوندا آهن ته جتي پڄڻ ڪم ناهي.

اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو، پوليس سان ضد نه پر اٽڪل ڪبي آهي“

پوڙهي سندس ويجهو ويهي رهي.

” ماسي تون ڪير آهين“ لالان کي پنهنجو آُواز به اڻ سڃاڻو لڳو،

” امان آئون ننڍي صوبيدار صاحب جي نوڪرياڻي آهيان، پاڻ نياڻين واري آهيان، تنهنجي حالت ڏسي دل ڀڄي پيم...... اڙي هاءِ امان هاءِ“ پوڙهي جا همدرد لفظ ٻڌي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس.

” بس امان لکيو پئي لوڙيا“ ٿڌو ساهه ڀريائين جنهن ۾جنم جنم جون پيڙائون لڪل هيون،

” هائوڙي امان سچ ٿي چوين“ پوڙهي به آهه ڀري،

” امان الله ڪري خوش هجين جو اهي ٻه مٺا ٻول ته ٻوليئه“ لالان هن جي مهرباني مڃي،

” جيجل!  رهندو وڃي اهو ويچارو ساءُ، نه ته ماڙهو ته آهي، فاني، پر امان! تنهنجي حالت مون کان ڏٺي نٿي ٿيئي.... هڪڙي اٽڪل توکي ٻڌايان...... ڪندو خدا ته اها مار مٿان لهي پوندي ۽ وڃي ور گهر ڀيڙي ٿيندئين.... پر منهنجو نالو نه کڻجئين ته آئون مارجي ويندس“ پوڙهي رازدري مان چيو. ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي پڪ ڪئي ته ڪو ٻڌي ته نٿو.

” ماسي! الله ۽ مرشد ڪندو ٻچن سان خوش هوندئين توجي مهربني جي ائين ٿئي ته.....“

لالان احسان مند ٿيندي چيو.

” امان! آئون آهيان پرائي بزگير پر....، پوڙهي پڪائي ڪئي،

” نه جيجل تون کٽڪو ئي نه ڪر تون مون بيوس تي ٿورو ڪرين ۽ آئون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍان اهو اڻ ٿيڻو آهي، تون دل وڏي ڪري چئو“ لالان پڪ ڏنس.

” ته پوءِ ٻڌ! صاحب توکان پڇي ته مائٽن جي ٿيندئين ته تون هائو ڪجئين، هنن جي وس ۾ ڪجهه ڪونهي، پوءِ هي توکي ڪورٽ ۾ جج صاحب وٽ وٺي ويندا، جج جي ڪورٽ ۾ نه ڪو ماري سگهن نه ڪٽي،اتي جج اڳيان چئجان ته سائن آئون مڙس ڏي وينديس بس پوءِ هو هڪدم توکي مڙس حوالي ڪري ڇڏيندو.... باقي هتي جي نه نه پئي ڪندين ته پئي ماربئين“ پوڙهي سمجهايس.

لالان دل ۾ سوچيو ته اها ڳالهه وڻيس، بي عزتو ٿيڻ کان به بچي ته گهر به پهچي، پٽ لاءِ ساهه آتو هئس وس ۾ هجيس ها ته ڪر پکي ٿي اڏامي وڃي اشرف کي ڇاتي سان لائي ها... تنهن هي ڳالهه ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏي، پوڙهي گهڙي کن ويهي وري به رازدري جون پارتون ڪندي رواني ٿي ويئي.

شام جو صوبيدار وري به هن کي گهرايو، ٻن ڏينهن جي مار ۽ بي عزتي هن کي اندران ٻاهران ولوڙي ڇڏيو هو، هو جڏو جيءَ گهليندي وڃي خونخوارصاحب وٽ حاضر ٿي.

” ها.... ڪر خبر، مٿي مان اٺ نڪتو يا...صاحب روايتي انداز ۾ اخلاق کي قتل ڪندي چيو.

” ها سائين! آئون ماءُ پيءُ  ڏي وينديس“ لالان پوڙهي ماسي  واري پاڙهيل پٽي پڙهي، گهڙي کن لاءِ صوبيدار جي قهري منهن تي حيرت جا آثار اڀريا،

” واه واه ٺيڪ آ، پر جي اڄ به نه مڃين ها ته...“ صوبيدار مرڪندي به بد اخلاقي جو مظاهرو ڪيو، ان رات هو مار کان بچي ويئي، ماڻس پڻس به اچي ملاقات ڪئي، هن کي ماني به ملي ته پاڻي به، سڀني کي يقين هو ته لالان هاڻي سندن آهي، پر صوبيدار شريف ڪچو ڪو نه هو، پوليس جي نوڪري ۾وار اڇا ٿي ويا هئس، تنهن راتو رات هڪ بندوبست ڪيو،فون تي پنهنجي هڪ دوست هيڊماستر سان صلاح ڪيائين، کيس سڄي حقيقت ٻڌائي منصوبو سمجهايائين. ٻئي ڏينهن ملڪ ۾عام موڪل هئي پر لالان کي ڪهڙي خبر.

صبح ساڻ ئي هو لالان کي وٺي ويجهي شهر جي هاءِ اسڪول تي پهتو،جتي سندس موڪليل ٻه ٽي سپاهي اڳ ئي پئي ڦريا، هو لالان کي وٺي سڌو هيڊماستر جي آفيس ۾ پهتو جتي هيڊماستر اڳ ئي سمجهايل سٽ سان سوٽ پايو نقلي جج بڻيو ويٺو هو، سندس ميز تي ڪيترا ڪتاب پيا هئا.

” جناب جج صاحب هي مائي حاضر آهي، هي پنهنجي مائٽڻ سان وڃڻ چاهي ٿي، جوابدار بلاول هن کي زوري اغوا ڪيو هو.“ صوبيدار چيو.

” ها ڇوڪري! اهو صحيح آهي“ نقلي جج  با رعب آواز ۾ لالان کان پڇيو.

” نه سائين نه! مونکي پوليس ماريو آهي بي عزتو ڪيو آهي، آئون پنهنجي مڙس ۽ پٽ ڏانهن وينديس، منهنجو وارث منهنجومڙس بلاول آهي، لالان روئي چيو.

” ڪيئن شريف!؟“ نقلي جج مرڪي صوبيدار کان پڇيو.

”نيڪ آهي يار! مونکي به اهو ڊپ هو، هل رن... مونکي به ٿي چڪر ڏئين.“

 صوبيدار باهه ٿي چيو.

۽ ان ئي وقت هن کي جيپ ۾ هڻي وري اچي ٿاڻي تي پهتو، هن کي اندر ۾ باهيون هيون،جي سچ پڇ هن لالان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو هجي ها ته سڄي فلم ڳچي ۾ پئجي وڃي ها، خدا ڪيو ته هن کي اها اٽڪل ذهن ۾ آئي ۽ صوبيدار به ٿاڻي تي پهچي ساهي ڪانه کنئي، رڳو نيٽ کڻي لالان جي وارن ۾ هٿ وڌائين.

پوڙهي ستڀرائي، رڙ ڪري اچي ڌي جي مٿان ڪري ته ان کي به ٻه ٽي لڪڻ واهي ڪڍيائون، ٻه سپاهي پوڙهي ۽ ڪاڪي جمين کي گهلي ٻاهر ڇڏي آيا، جتي هنن جي ڪنن تي لالان جون رڙيون هٿوڙا بنجي لڳيون ٿي ۽اها رات لالان تي عذابن جي قهري رات بڻجي ڪڙڪي.

ڪڏهين ڪڏهين قسمت به جانٺو هڻي ويندي آهي، ميرل بلاول جي گرفتاري کانپوءِ گهر آيو ته اندر  ۾ باهه پئي ٻريس، گهر اچڻ کان اڳ هن ڪجهه دوستن کان ٿاڻي تي فون ڪرائڻ چاهي جتي بلاول ۽ لالان قيد هئا، پر قسمت سندس ٻئي دوست موجود نه هئا، سندس ڳوٺ مان سندس سام مان سندس يار جي لٺ کڄي وئي هئي، کڻي قانون جي نالي ۾ ئي سهي پر اهو ته هن تر کي ئي عيب هو ڪا سام ائين وڃي.

وري بلاول اکين اڳيان ٻڌجي ويو هو، ميرل جو تر هو، شهر هو، هو چاهي ها ته پوليس سان جهيڙو ڪري به بلاول کي ٻڌائڻ کان بچائي وٺي ها پر هن ڏٺو ته گهٽ ۾ گهٽ ٿاڻي ۾ مائي اڪيلي آهي، متان مائٽن جي چنبي ۾ اچي وڃي، ان ڪري بلاول به هن سان گڏ ٿاڻي ۾ هوندو ته مائي ڦرندي ڪانه، سو اها ڳڻ ڪئي هئائين، هونئن به هن جو پروگرام اهو هو ته صبح ساڻ ڪورٽ ۾ سڌو فرياد لالان جي مائٽن ۽ پوليس تي داخل ڪري خرچ ۽ سفارش جي زور سان آرڊر ڪرائي پوليس ساڻ وٺي پهرين ته وڃي هنن ٻنهي کي آزاد ڪرائيندو ضمانت تي ئي سهي، پوءِ ڏبا ڪيسن کي منهن، پر جڏهن گهر پهتو ته ماءُ کي بيمار ڏٺائين، ڇاتي ۾ سور هلڪو تپ، هڪدم ڊاڪٽر آندائين پر ڪجهه فرق نه ٿيو ۽ پوڙهي، اڌي کان اڳ موڪلائي ويئي، ۽ ٺهيل پروگرام وري گهر جيئان ڊهي پيو، لڳاتار ٽي ڏينهن هن کي پٿر ڪري وهڻو پيو، ۽ هي ئي ٽي ڏينهن لالان تي قيامت بنجي ڪڙڪيا هئا، هن اهو سوچيو  به نه هو ته ٿاڻي ۾ عورت سان به هيڏا ڪلور ٿي سگهن ٿا،هن جي تر ۾ ته عورت ڏي اک کڻڻ به ڏوهه هو، عام ماڻهوکان وٺي آفيس تائين عورت جي عزت ڪندا هئا، رهيو سوال بلاول جو ته ان تي به سختي تڏهين ٿئي ها، جڏهن هو ڇوري واپس نه ڪري ها.. هتي ته ڇوري اڳ ئي پوليس هٿ ڪئي هئي ۽ اهو سچ به هو ته بلاول کي ڪنهن ٻڙڪ به نه چئي هئي، هو يڪو لاڪ اپ ۾بند هو، ماني هڪ اڌ مهل ملندي هيس، يا ايندي ويندي سپاهين جي گارين ۽ ڇڙٻن جي لذت پئي حاصل ٿيندي هيس.

چوٿين ڏينهن ميرل ڪورٽ ۾ڪيس داخل ڪري جج سان روبرو مليو، سڀ ڪاغذ پٽ قسم ناما نڪاح نامو ڏيکاريائينس، اخباري اشتهار به ڏنائنس، معصوم ٻار جو احوال به ٻڌايائينس ته بيٺل دوستن جا فون به ڪرايائينس، جج سٺو ماڻهو هو ان هڪدم واسطيدر ضلعي جي جج سان رابطو قائم ڪيو ۽ ميرل کي وڏانهن وڃڻ جو چيو. ميرل به اتان ئي ٽيڪسي ڪئي ۽ هڪ دوست کي ساڻ ڪري روانو ٿي ويو.

ڌڪن ۽ دردن کان چور لالان ساڳي اونداهي ڪوٽڙي ۾ پيئي هئي ۽ ساڳي ريت همدرد ماسي هن وٽ همدردي جا ڳوڙها ڳاڙهي رهي هئي.

” امان صاحب توسان وري چالاڪي ڪري ويو.... ڪورٽ بجاءِ توکي ڪنهن ٻي هنڌ وٺي ويو، پر امان اهو به ڪو لکيو هو، توکي ڪهڙي خبر ته مئو ججهه ڪهڙو ٿو ٿئي، منهنجي به مت منڌي هئي جو توکي ڪو نه سمجهايم، هنن مئن موذين جو توتان اعتبار ڀڄي پيو آهي، سو هي اڃان به تنهنجوآزمودو ڪندا، اڃا به شت هڪ ٻن جاين تي توکي نيندا دل من جي پڪ ڪري پوءِ سچي پچي ججهه وٽ وٺي ويندئي، سڀاڻي به توکي ائين وٺي ويندا، ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي آزمودي لاءِ هاڻي هيئن ڪج جو، اتي پي چئجان ته سائين برابر مون کي بلاول زوري کڻي ويو هو، آئون مائٽن ڏانهن وينديس، پوءِ جنهن ڏينهن توکي سچي پچي جج وٽ وٺي ويندا ته آئون اڳواٽ توکي ٻڌائي ڇڏينديس. پوءِ اتي پهچي تون ڦري وڃجئين“ ماسي دلداريون ڏيندي سمجهائيندي موٽي ويئي ۽ لالان به پڪو پهه ڪيو ته هو ائين ئي ڪندي هروڀرو مارون کائڻ مان ڀلا ڪهڙوفائدو.

 ۽ ان ئي رات همدرد ماسي اسر ويل چپ چاپ اچي نازل ٿي.

” امان! آئون تڪڙي آهيان رڳو اهو توکي ٻڌائڻ آئي آهيان ته هي سڀاڻي به توکي آزمودي خاطر ڪنهن جڙتو ججهه وٽ وٺي ويندا، تنهنجي مڙس کي به اتي آڻيندا،ڪاڳرن تي به ڪوڙيون صحيحون وٺندا، جيئن توکي پڪ ٿئي ته تون اصل ججهه وٽ آئين آهين پوءِ جي تو اتي به ڦيرو کاڌو ته هتي وٺي اچي توسان به تادي ڪندا، ته تنهنجي مڙس کي به ماريندا، هنن جون صلاحون ٻڌي آئي آهيان، سڀاڻي تنهنجي مائٽن کي شت گهرائيندا، اصل پڪو آزمودو وٺندا پوءِ پرين اصلي ججهه وٽ وٺي ويندا پوءِ اتي تو ڦري وڃجئين باقي سڀاڻي اٽڪل ڪري پاڻ بچائجان“ پوڙهي ماسي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي سمجهايس، پر هن کي سڀ کان وڌ خوشي اهو ٻڌي ٿي ته بلاول به سڀاڻي هوندو. وارث گڏ هجي ته ڊپ ڇا جا؟

            ”ماسي آءُ توجي هڪڙي ٿوري به نه  پڄان .... سڀاڻي  آءُ آزمودو پورو ڪنديس . هنن کي اعتبار اچي ويندو...-

منهنجو ڌڻي به ايندو ته پرين به الله چڱي  ڪندو“ لالان چيو ۽ ماسي پوين پير ڪيا، ۽ وڃي صوبيدار شريف کي سڄي حقيقت ٻڌايائين ۽ صوبيدار مرڪي پنج سئو جو نوٽ سندس هٿ تي رکي ڇڏيو.

صبح ساڻ هو صوبيدار وٽ حاضر ٿي.

” رن... اڄ توکي وري جج صاحب وٽ پيش ڪرڻو آهي، ڏسون ته ڪهڙو ٿي بيان ڏئين ڀلي ڦري وڃجان“ صوبيدار وڏي جمعدار کي اک ڀڃي چيو۽ لالان کي پڪ ٿي ته اڄ به ساڻس چالاڪي ٿا ڪن، پر هن پڪي رٿ ڪئي ته اڄ هو هنن جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي پاڻ بلاول کي مار کان بچائيندي ۽ سڀاڻي اصلي جج وٽ ڦري هنن جي منصوبي تي پاڻي ڦيري ڇڏيندي، هن دل ئي دل ۾ همدرد ماسي جا ٿور مڃيا.

اوچتوصوبيدار احمد خان جو ماڻهو صوبيدار شريف کي وٺڻ آيو، چئه صاحب اوهان جي فون آهي، آفيس ۾ صوبيدار شريف سپاهين کي لالان کي سندس ماءُ پيءُ سميت گاڏي ۾ وهارڻ لاءِ سپاهي کي چئي آفيس ويو،جتي احمد خان ميز تي رکيل رسيور ڏي اشارو ڪيس، هن رسيور کنيو، فون تي ايس پي صاحب چيس ته هو اڄ ئي مسمات  لالا خاتون ۽ سندس گرفتار ٿيل مڙس کي مائي جي مائٽن سميت تڪڙا ڪيس اڪلائڻ واري عدالت ۾ پيش ڪري.

۽ پوءِ سج اڃا ٻپهرن تي ئي مس پهتو ته هي اچي ڪورٽ پهتا.

 لالان کي پوئين دروازي کان اندر آڻدو ويو،صوبيدار ڪنهن ڪرسي ميز تي ويٺ ماڻهو کي ڪجهه چيو ۽ڪي ڪاغذ ڏيندي کلي پيو، ويٺل ماڻهو مرڪيو، ۽ڪاغذ کڻي اندر ڪمري ۾ ويو، لالان دل ئي دل ۾ کلي پئي.

” مئا! مونکي بنهه چريو نه سمجهيو ڀلي آزمودا ڪريو.....“ دل ۾ چيئين.

ٿوري در کانپوءِ سڏ ٿيو، صوبيدار هن کي وٺي ڪمري ۾ ويو، جتي ڪرسي ميز تي ڇوڪراٽ جوان مڙس ويٺو هو، لالان کي اهو سچو پچو جج ياد آيو جيڪو اڌڙوٽ وهي عينڪ ۽رعب وارو هو ٻه ڪارن ڪوٽن وارا وڪيل به ويٺا هئا.

” هي ٻار ٿا جج ٿين، دل ۾ چيائين وري جو هن ڪنڊ ۾ ڏٺائين ته بلاول هڪٿڙين سان بيٺو هو، بلاول کي هن حال ۾ ڏسي اندر وڍجي ويس، پر وري دل کي ڏڍ ڏنائين.

” اڄوڪو آزموتو کٽيان پوءِ سڀاڻي ڪورٽ ۾ ججهه صاب وٽ نه  وڃي سدائين لاءِ ٿيندس مڙس جي هروبرو اڄ به گلتي ڪري مارجان هن کي به ماريان ته وري مئا ڀئو ۾ جي ججهه وٽ  وٺي وڃن ته به مرضي وارا “ فيصلو ڪيائين.

هن ڏٺو ته کيس ڏسي بلاول جي اکين ۾ چمڪ به اچي وئي هئي ته لبن تي اڻ لکي مرڪ به.

” ڇوڪري نالو ڇا اٿئي؟“ هڪڙي وڪيل جهڙي ماڻهو پڇيو.

” لالان.... لل لال خاتون“

 ” تو هن ماڻهوکي خوشي سان مڙس ڪيو آهي يا هي توکي زوري کڻي ويو هو؟“ انهي ماڻهو  وري پڇيو.

صوبيدار شريف لالان ڏانهن چتائي ڏٺو، ان وقت جج وار ڪرسي تي ويٺل ماڻهو جي چپن تي اڻ لکي مرڪ اچي وئي الاءِ ڇو ۽ لالان کي پڪ ٿي وئي ته کيل شروع آهي.

” سائين! مون کي بلاول زوري کڻي ويو هو، آئون پنهنجي مائٽن ڏانهن ويندس“ لالان چيو ۽ بلاول جو ڄڻ ته ڪنهن ساهه قبض ڪري ورتو، سندس منهن تي ڄڻ هيڊ هارجي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com