سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :13

جمعدار چيو.

نيٺ گهڻي مٿا ڪٽ ميڙ منٿ کانپوءِ پندرهين هزارين ۾ طئه ٿي، ايتري ۾ ماني اچي ويئي، اڦراٽا، ڀڳل ڪڪڙ پلاءُ چانور، کير جي لوٽي، جيسين صاحب ۽ سندس اٽالي ماني کاڌي تيسين همراهن پاسي ۾ احمد آرائين وٽ وڃي جمين جا ڍڳا ڏيکاري سئودو پڪو ڪيو، سورهين هزارين ۾ جوڙي وڪامي ويئي ۽ پئسا جمعدار جي کيسي ۾ پهچي ويا، ڪجهه دير رهاڻ هلي، اوڀاريون لهواريون ، دنيا دين زماني جون ڳالهيون، رهاڻ گل ڪري وڏيرو جيپ ۾ چڙهي صبح اچڻ جو چئي ڳوٺ ويو، صوبيدار۽ ٻيا همراهه آرامي ٿيا.

 ۽ جن جي ننڊ ڦٽل هئي، اهي جاڳندا، رئندا ۽ ٿڌا ساهه ڀريندا رهيا،

صبح ٿيو، صوبيدار صاحب اڃا ڏاڙهي ٺاهي، ڏندڻ پاڻي ڪري ڪوسي پاڻي سان غسل پئي ڪيو ته وڏيرو عارب به اچي پهتو، عزت جي ماتم جو اڄ ٻيو ڏينهن اڀريو هو،

تريل بيدا، نج مکڻ، گهاٽي لسي ۽ سيوين جي نيرن ڪري، پوليس عملو ٿيار ٿيو ته صوبيدار وڏيري سان مخاطب ٿيو،

” وڏيرا: هاڻي ڳالهه ٻڌ“

”جي سائين.....“ وڏيرو سڄو سارو متوجه ٿي ويو،

مون اڄ تائين جنهن جانچ ۾ دل سان هٿ وڌو آهي، اها ڪاميابي سان مڪمل ڪئي آهي ۽ اهو تڊهين ٿيئي ٿو، جڏهين منجي ڪم ۾ ڪو رنڊڪ نه وجهي“

” جي ها...“

” ته بس جانچ آئون پنهنجي مرضي سان ڪندس“

” ڀلي سائين! اهو ته پاڻ سٺو“

” ته پوءِ مون کي سڀ کان پهرين ڇوري جي ماءُ کان پڇا ڪرڻي آهي، ، آئون انهي رن کي ٿاڻي تي وٺي ويندس“

صوبيدار چيو ۽ سڀني همراهن جا هانءُ ڏري پيا، وڏيرو به وائڙو ٿي ويو.

هڪ ته لڄالٽ ٿي، ٻانهن ويئي، هاڻي رنون به ٿاڻن تي گهلجن، زمين نه جاءِ ڏي ته ڍري وڃجي.

” سائين! اها بي واجبي آهي“ دودي کان رهيو نه ٿيو.

” تون ڪير ٿيندو آهين رنڙي جا پٽ! فرياد ڪري وري جانچ ۾ ٿو رولو اٽڪائين پهرين توکي بڌبو“ صوبيدار گرم ٿي ويو.

نيٺ وڏو جمعدار، وڏيري عارب ۽ دودي کي ٻاهر وٺي ويو.

” ادا! صاحب بنهه سخت ماڻهو آهي، ٿوروگهڻو شڪ پوندس ته صفائي کانسواءِ اصل نه ڇڏيندو، هيڏانهن اوهين عزت وارا ماڻهو اڳ ئي گهڻو خوار ٿيا آهيو، هاڻ جي مائي ٻه ڏينهن ٿاڻي تي رهي ته صفا نڪ وڍجي ويندو“ جمعدار دودي کي سمجهايو.

” ٻيلي وڏا، هاڻ تون ڪا صلاح...“ وڏيري ٻڏتر ۾ چيو.

” سائين! تون ڪو صوبيدار کي سمجهاءِ“ دودي هٿ ٻڌا.

” هاڻي ٻڌو! صلاح آئون ٿو ڏيان، پر منهنجونالو وچ ۾ نه اچي“ جمعدار پڪائي ڪئي،

”يار! تون ٿورو ڪندين ته ڀلا توکي ڪيئن چورائبو....“ وڏيري پڪ ڏني.

ته بس وڏيرو مائي پاران ضمانت لکي ڏي ۽ ڪجهه خرچ پاڻي منهن ۾ هڻوس، هيڪر جند ڇٽي پوندي، تيسين الله ڪندو ٻانهن به لڀي پوندي“ جمعدار صلاح ڏني.

” ضامن ته آئون پوان ٿو، پر خرچي پاڻي به الائي ڪيتري کپي،

ڇا ۾ راضي ٿيندو، هنن غريبن وٽ ته هاڻي پائي جا ڦلا به ناهن رهيا“ وڏيري چيو.

” بس اوهين ٻه هزار کن جوبلو ڪريو، آئون ميڙ منٿ جدا ٿو ڪريانس“ جمعدار چيو

”سائين.... هاڻي ته مون وٽ رڳو هڪڙو هزار پيو آهي،..... پندرهن رات ڏنم....“ دودي چيو.

” ابا! تون ته صفا اجائي ڳالهه ٿو ڪرين، اهڙن ڪمن ۾ ڪو پئسي کي ڏسبو ڇا، وڌ مرضي وارا آهيو“ جمعدار چيو.

نيٺ پنج سئو بچل هٽ واري کان هٿ امانتي وٺي، پندرهن سئو جمعدار کي ڏنا ويا،.

” وڏاَ! هاڻي هنن وٽ ڪجهه ڪونهي، هاڻي ڪو قياس ڪجئو....“ وڏيري جمعدار کي چيو.

” وڏيرا! منهنجي وس ۾ هجي ته پائي به حرام وٺان، هنن پئسن مان مون لاءِ هڪڙو رپيو به ڀاڙ برابر آهي، پر چڱو “ جمعدار وڏيري کي چئي صوبيدار کي ٻاهر ڪڍي ويو.

” بس ابا! صاحب مهرباني ڪئي“ جمعدار واپس اچي واڌائي ڏني، همراهن کي پيٽ ۾ ساه پيو.

” وڏيري کان صحيح  وٺي ڇڏ، ضمانت نامو ٿاڻي تي هلي لکجان“ صوبيدار چيو ۽ جمعدار وڏيري کان اڇي ڪاغذ تي صحيح وٺي ٽپڙ ويڙهيا.

” بس بابا! هڻي ٽيڪسي واري سان حساب ڪتاب ڪريو ته جانچ شروع ڪجي، صوبيدار چيو ۽ دودي کي ڦيري اچي ويئي، ٽيڪسي وارو مڪراني مس مس ڇهن سون تي راضي ٿيو، جيڪي چاڪر هيڪر ته کسي مان ڪڍي ڏنا، ۽ پوليس سر زمين جي جانچ مڪمل ڪري رواني ٿي، ويندي ويندي صوبيدار وڏيري کي چيو.

 ” وڏيرا! مان پوري ڪوشش ڪندس، خدا گهريو ته مهيني ماس ۾ پتو پئجي ويندو، پر اوهين به هٿ تي هٿ رکي نه وهجئو ڪجهه پنجي همت به ڪجئو ڪٿان ڪا ٿوري گهڻي خبر پئي ته مون کي ٻڌائجو“ گاڏي ڌوڙ اڏائيندي گم ٿي ويئي، همراهه وري اچي اوطاق ۾ گڏ ٿيا.

“ ابا صوبيدار چيو سو آن ٻڌو، ڪجهه ترهو ٻڌبو، ڪجهه پاتڻي کي سڏبو، وهو ته پاڻ به صلاح ڪريون“ وڏيري عارب کٽ تي وهندي چيو ۽ هو عقل جا گهوڙا دوڙائڻ لڳا،

” وارن کي ڦٽي ڏيئي، هن ڪنڌڦيري بلاول کي ڏٺو، جيڪو کٽ تي ويٺو هن کي يڪ ٽڪ ڏسي رهيوهو،

” ڇا ٿو ڏسين؟“ مرڪندي پڇيائين.

” ڏسان ٿو بهشت جون حورون به توکان وڌ هونديون يا...“

”ڇو ٿوگنهگار ڪرين“

” گناه ناهي، دل چوي ٿي پوڄا ڪيانءِ“

” ڇڏ اهي ڳالهيون“ ماڻو ڪيائين.

” اڙي ها... مان کي ته ڳالهه ئي وسري وئي، هوٻاهر ميرل پيو ٿو انتظار ڪري“ بلاول ڇرڪ ڀري چيو، ۽ هو برقعو پائڻ لڳي.

ميرل پنهنجي تر جو چڱو خاصو زميندار هو، مال ملڪيت گهڻي نه هئس ته به راهي رکي ياري دوستي واهه جي هئس، عاشق مزاج ۽ادب ذوق ماڻهو هو، بلاول سان گهڻي وقت جي ياري هيس، هن معاملي به هن بلاول جو ساٿ ڀائرن جيئان ڏنو هو، هڙان وڙان خرچ ڪيو هئائين، پنهنجي سر هلي ڪم ڪيو هئائين، ٻنهي کي پنهنجي ڳوٺ ۾ الڳ جاءِ ڏيئي رهايو هئائين، اتي، ان کاڌ خوراڪ تائين ميرل جو مددون بلاول سان هيون نه ته بلاول جي مائٽن مان ته اهو آسرو ڪرڻ ئي اجايو هو، ڇو ته بلاول سڳي سئوٽ سان مڱيل هو، اتي جي اهڙي خبر پئي ها ته پنهنجا به مخالف ٿي پون ها، جيتوڻيڪ بلاول اڳ جڏهين گهر ويو هو ته ماءُ سان سر چوريو هئائين، مگر ماڻس هن جي نه صرف ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪيو بلڪه اهو به چيو ته اهو ڪم نه اڳ ٿيڻو نه پوءِ ۽ نه ئي هو اهڙي ڳالهه گهر ۾ ڪنهن سان ڪري، مائٽن مان اميد پلي هو اچي ميرل وٽ سام پيو، جنهن پاڻ ملهائي ڏيکاريو، ۽ اڄ هنن جو نڪاح پڙهائڻ لاءِ کين وٺي پئي ويو.

برقعو پائي هو بلاول پويان ٻاهر آئي، جتي ميرل اڳ، جيپ ۾ ويٺو هو،

لالان پويان، بلاول اڳيان جيپ ۾ ويٺا، ۽ گاڏي رواني ٿي ويئي.

” مان جيڪر ڳوٺئون چڪر هڻي اچان، ڪاٿي مان کي ڳوليندي پوئيون ڪو اتي نه وڃي نڪري ته ان کي هو تنگ نه به ڪن“

” ابا! ٻاراڻي راند ناهي، تو به ماڻهو چورايو آ، وٺ وٺان ٿي هوندي، چپ ڪري ته هو به نه ويٺا هوندا، هاڻي جيڪي ٿيڻو آ سو پيو ٿيندو، پويان پاڻ هي پيا منهن ڏيندا، باقي جي تون وينئين ته پوءِ متان ڦاسي وڃين ۽ جي تون ڦاٿين ته پوءِ ڪم خراب ٿي ويندو“ ميرل سمجهياس.

” چڱو....“بلاول چيو ۽ ڪجهه سوچڻ لڳو،.

” جيستائين ماٺار نه ٿئي، تيستائين ڳوٺ وڃڻ جوڪم ئي ناهي في الحال منهن پاسو ڪر هتي ئي رهيو پيو هج“ ميرل چيو.

” ٺيڪ آ، الله مالڪ آ“ بلاول چيو.

” ڀاڄائي! ڪورٽ ۾ منهن اصل پڪو ڪجان!، متان هڻائين سمورن کي ڪاٺ ۾“ميرل کلندي لالان کي سمجهايو.

” ها ادا! جيئن اوهين چوندا ائين چونديس.“ لالان جواب ڏنو، هاڻي هو ميرل کان گهڻي ڦڪي ڪا نه ٿيندي هئي، الله جو آسرو هو پر ان ماڻهو جو سهارو هو،

ڳالهين ڳالهين ۾ هوشهر پهتا، ميرل جاءِ جو بندوبست اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو.

اڃا چانهه مس پيتائون تيسين ميرل جا ٻه دوست مولوي سان گڏ اچي سهڙيا، اهي ئي ماڻهو شاهد به ٿيا، نڪاح پڙهيو ويو، لالان جو وارث ميرل پاڻ ٿيو، چئه منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي، ڪاغذن تي آڱوٺن جا نشان هڻندي لالان جي سوچ ۾ سوٽ اڀري،

” ڪنوارن کي ته وناه وهڻو آهي، اکيون ٻڌڻو آهي، ڳجهيون پڌريون مينديون هڻڻيون، پيٺي ملڻي آهي، زيور پائڻا آهن ڳاڙهو وڳو پائڻو آهي، کنبهو هو اوڍڻو آهي، پوءِ دهلن شرنائين سهيلين جي سرن سان اباڻو گهر ڇڏڻو آهي، ابي جي ڳچي ۾ ڀاڪر پائي ادي جي عزت ڇان ۾ امان کي ڳري لڳي روئڻو آهي،قرآن هيٺان لنگهي دعائون وٺڻيو آحن، سيج تي نٿ پائي لانئون لهڻيون آهن..... پوءِ هي ڪهڙي شادي آهي؟  خاموش.... چپ چپات، بي رنگ، بي فيض  دعائن کان خالي........ اکين مان جذبا لڙڪ بنجي وهي ڪريا ۽ لالان جي دامن تي به نشان ڇڏي ويا.

هو وري جيپ ۾ ويٺا، هڪ هنڌ بيهي هنن لالان جا فوٽا ڪڍايا، رات ڳوٺ موٽي آيا، صبح جو وري شهر ويا، اچي وڪيل کي کنيائون، وڪيل لالان کي سمجهائڻ لڳو، ڪاري ڪوٽ وارو وڪيل لالان کي ڊپ جهڙو پئي لڳو، ڪن ڪاغذن تي هن کان وري آڱوٺا هڻايا ويا، ميرل کيسي مان ڪجهه نوٽ ڪڍي وڪيل کي ڏنا ۽ هوڪورٽ اچي پهتا، اوپرو ڏيهه،اوپرا ماڻهو، سرڪاري آفيسون، پوليس وارا، هڪ بلاول سواءِ هتي هن جوٻيو ڪو به پنهنجونه هو، نه حال ڀائي نه رت ڀائي، هو ته نڌڻڪي هئي،اڪيلي هئي، وڪيل اندر ويو، وري ويرم کانپوءِ ٻاهر آيو، لالان ۽ ميرل کي گڏ وٺي اندر ويو بلاول ٻاهر ئي ويٺو رهيو،بلاول کي به سڏيائون.

    اندر ويٺل ڪاري ڪوٽ ۽ ٿلهي  اڇي عينڪ واري جج غور سان لالان کي ڏٺو . وري بلاول کي ڏٺو. وڪيل  کي  ڪجهه انگريزي  ۾ چيائين  پوءِ لالا ن کان پڇيائين .

” ڇوڪري! تون پنهنجي خوشي سان هن ماڻهو سان نڪاح ڪيوآ“

” هائو....“ هن ڪنڌ لوڏي آهستي چيو.

هن کان وڌ ڪنهن به ڪجهه به نه پڇيو نه چيو، پوءِ وڪيل هنن کي ٻاهر وٺي آيو، هو جيپ ۾ اچي ويٺا ۽ وڪيل وري اندر ويو، ٿوري دير کانپوءِ ڪي ڪاغذ آڻي ميرل کي ڏنائين ۽ ميرل جيپ چالو ڪري اڳتي هلائي....“

سڀني جي صلاح سان، دودو، چاڪر ۽ پيرو ٻانهن ڳولڻ لاءِ اتر سنبريا، پيرو پنج درجا سنڌي جا پڙهيل هو، ان ڪري اڳواڻي ان جي هئي، پرديس ۾ پڙهيل ماڻهو جو هجڻ ضروري آهي، هن پهرين سنبت سکر ڏي ڪئي، جيڪو بلاول جوضلعو هو،

لالان کي ويئي اٺ ڏينهن ٿي ويا هئا، جوڙو ڍڳن جو هڪڙي مينهن اڳ ئي پوليس جي رسائي ۽ راڄ جي کاڌيپيتي ۾ وڪامي چڪا هئا، وري ٽهاڻ وڪڻي اتر ويندڙ همراهن جو خرچ پورو ڪيو هئائون.

وڏيري عارب پنهنجي دوست حاجي علي بخش مري ڏي خط لکي ڏنو هو، همراه ٺهي سنبري اچي لوپ لائن واري گاڏي ۾ چڙهيا، انگريزن جي دور واري گاڏي هنن کي لڙي منجهند اچي ميرپور خاص پهچايو، بک ۾ پاهه ٿيندڙ آنڊن کي هوٽل جي ماني سان ڇندو هڻي، هو بس ۾ چڙهيا ۽اچي حيدرآباد سهڙيا.

بس مان لهي سکر وڃڻ واري بس جي پڇا ڪيائون، ڪنهن ڪجهه ٻڌاين ڪنهن ڪجهه، نيٺ پيرو صلاح تي رڪشا ڀاڙي ڪرڻ جي رٿ ڪيائون،رڪشا واري پهرين تي ٽي ماڻهو کڻڻ کان انڪار ڪيو پر پوءِ نيٺ پندرهن رپين ۾ راضي ٿيو، ٽيئي سوڙها ٿي ويٺا، رڪشا ڦرڙاٽ ڪيو.

” هل ڀيسان جهڙو واچوڙو ٻيو“ چاڪر تبصرو ڪيو.

” اي اڃان ته ٻيا تکا ٿا هلن هي ته هرين پيوهلي“ پيرو هن جي معلومات ۾ واڌارو ڪيو، دودو چپ ويٺو رهيو، جنهن کي رت جون مانيون پيٽ ۾ هجن اهو ڀلا ڪڇي به ڇا؟ رڪشا واري هنن کي وڏي اسٽاپ تان کنيو پل مٽي، قلعي کان ڦري چوڪ تي اچي هنن کي ڇڏيائين جتي اتر ڏي ويندڙ بسون بيٺل هيون، هي به وسيلو شاهه جو ڪري، سکر ويندڙ بس ۾ چڙهيا، بس چالو هئي، ڪڏهن اڳتي ته ڪڏهن پوئتي پئي ٿي.

” ڀائو! هي لاري سکر ڪڏهين پڄندي“ چاڪر ڀر واري سيٽ تي ويٺل کان پڇيو.

” سکر ....؟“ همراه حيرت مان وراڻيون.

” هائو.....“

” پر هي ته بس ميرپور خاص ويندي“ همراه وراڻي.

” اڙي.....“ چاڪر ٽپ ڏيئي اڀو ٿي ويو، اتان ئي اڳيان ويٺل پيرو ۽ دودي کي هڪل ڪيائين.

” اي دودا! لهو لهو... هي لاري ميرپور ويندي.“

” هان .... “ هن ٻنهي کان ڇرڪ نڪري ويو.

” اي ها.... لهو لهو مرڳو ٿو بنڊ وڃي“ چاڪر چيو، ايتري ۾ بس رواني ٿي وئي.

” اي روڪي ... روڪي ... جهل ڙي... اي  استاد روڪو.... اسين سکر وينداسين“ پيرو رڙ ڪئي،

” پته نئين کيون چڙهتي هين..“ ڪنڊيڪٽر ڪاوڙ جواظهار ڪيو بس بيٺي،هي ٽيئي تڪر ۾ لٿا ۽ بس ڀونڀاٽ ڪندرواني ٿي وئي.

” ڙي روڪي... اڙي جهل... او لاري وارا...“ دودو هڪلون ڪندي پويان لڳو.

” اي ڇا هي؟“ چاڪر پڇيو.

” اي لاري ۾ اجرڪ رهجي ويئي، دودي چيو، تيسين بس گهڻواڳتي نڪري وئي،

”اي ٺهيو  هاڻي وڃڻي  شئي ويئي . سنڀالي نٿا رکو ، صفا ڪي ڄٽ آهيو “ پيرو ڇنڊ پٽيس.

” اي يار! سکر واري بس ڪٿان ويندي“ پيرو وري هڪواٽهڙو کان پڇيو ۽ ويندڙ هڪ طرف اشارو ڪيو،  هي رستو ٽپي هن پاسي ٿيڻ لڳا، اوچتو رڪشا جي بريڪ جو چيڪاٽ ٿيو ۽ چاڪر ٽپ ڏنو.

” هنئين.... ڀيسان مئاسين“

” ديکهه کر چلا کرو“ کٿل ڳجهه جهڙي رڪشا ڊرائيور ڳچي ٻاهر ڪڍي اکيون ڦوٽاريندي چيو.

”ها بابا.... معافي ڏيو.... غلطي ٿي ويئي“ چاڪر هٿ ٻڌي چيو.

هي رستو ٽپي پار ٿيا.

” سکر سکر.... سکر....“ ڇوڪراٽ ڪلينڊر بس جي بادي کي مڪون هڻندي هوڪرا ڪندو رهيو، پر هنن وري به پڇي پڪ ڪرڻ ضروري سمجهيو.

” هي لاري سکر ويندي“

” هائو“

” پڪ سان“

” چئين ته قرآن کڻان....“ ڪلينڊر چرچو ڪيو.

هي چڙهي... پيرو هيٺ اخبار وڪڻندڙ ڇوڪر کان اخبار وٺي پوءِ چڙهيو،تيسين دودو ۽ چاڪر هڪ سيٽ تي ويهي رهيا.

” اهي سيٽُن ڇڏي هوڏانهن ٿي ويهو...“ ڪلينڊر چيو.

”ڇو“

” اهي ليڊيز سيٽون آهن“

” ليڊيز ڇا؟“ چاڪر پڇيو.

” اي ماين جو سيٽون آهن“ پيروسمجهاين، هو وري اتان اٿي ٽڻ ماڻهن واري سيٽ تي پويان سئولا ٿي ويٺا. پيرو اخبار کولي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري پڙهڻ لڳو.

دودو دري کان ٻاهر ڏسڻ لڳو ۽ چاڪر کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکائڻ لڳو.

” اڙي......“ اوچتو پيرو رڙ ڪئي.

” ڇاهي.....“ چاڪر پڇيو ۽ دودي به ڪنڌ ڦيريو.

” هي هي... هاڻ ڇا هلي ڪنداسين“ پيرو اخبار جو اهو پنو کڻي ٻنهي جي اڳيان رکيو. جنهن تي لالان جو فوٽو ڌيان طلب جي عنوان سان ڇپيل هو.

”اڙي.....“ چاڪر فوٽو کي ڌيان سان جانچيندي چيو.

دودي ڀيڻ جو فوٽو ڏٺو، اکين ۾ غيرت جا مچ ٻري پيس، پر انهن شعلن پويان لڙڪن جو مينهن به ڀرجي آيو هو.

” پڙهه“ چاڪر چيو.

” هيٺ لهون پوءِ ٿا پرهون، هاڻي هلي ڇا ڪنداسين.“ هو ٽيئي ڪلينڊر جي ” ڇا هي ڇاهي“ کي نظر انداز ڪندا هيٺ لهي آيا،

سامهون هوٽل هو، پيرو جي پويان هو به اندر گهڙيا، ۽ڪرسين تي ويٺا پيرو اخبار کولي ميز تي وڇائي ايتري پشگير جڳ پاڻي جو ۽گلاس کڻي اچي پهتو.

” چانهه کڻي اچ“ پيرو چيو.

”آ ئون ڪو نه پيئندس“ دودي چيو.

”ٻه چانهه“ پيرو چيو.

هاڻي پڙهه... چاڪر چيو ۽پيرو پڙهڻ لڳو.

” ڌيان طلب... جناب صدر صاحب، وزير اعظم، وزير اعليٰ... ۽ ٻيا وس وارا عملدار...... آئون مسمات لالا خاتون عرف لالان.... ڌيءَ جمون.. ويٺل....

 هن ليک رستي آگاه ٿي ڪريان ته آئون عاقل بالغ وات وڪيل آهيان، منهنجي پيءُ جمعين ۽ڀاءُ دودي، ٻه سال اڳ منهنجو سڱ نالي بلاول پٽ غلام حيدر کي ڏيڻو ڪيو هو ۽ عيوض ۾ پنجاهه هزار رپيه روڪ ورتا هئا، پر جيئن ته منهنجو پيءُ جمون لالچي ماڻهو آهي ۽ ڀاءُ دودو لوفر ماڻهو آهي، ان ڪري هنن  مون کي وري ٻي هنڌ وڪرو ڪرڻ ٿي چاهيون،جيڪا ڳالهه مون کي قبول نه هئي، ان ڪري منهنجي انڪار تي هو مون کي ماريندا هئا، ۽ ناحق روڪ ناحق بند رکندا هئا، جتان وجهه وٺي آئون ٽڻ ڪپڙن ۾ نڪري پنهنجي مڱيندي بلاول وٽ آيس، جنهن سان شريعت موجب حق نڪاح ڪيو اٿم، مون کي نه ڪنهن ڀڄايو آهي نه برغلايو آهي، مون اهڙو قسمنامون جناب ايس ڊي ايم صاحب ۽ جناب فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ صاحب جي ڪورٽ ۾ ڏنو آهي، مون کي ۽ منهنجي مڙس کي هاڻي منهنجي پيءُ جمين، ڀاءُ دودي، ۽ سندن مددگارن علڻ، ميرڻ، چاڪر ۽ وڏيري عارب مان جاني مالي نقصان جو انديشو آهي، اگر هو ڪو ڪوڙوڪيس يا ڦڏو وغيره ڪن ته به اهو ڪوڙو سمجهيو وڃي ۽ اسان جو بچاءُ ڪيو وڃي، هي اخبار رڪارڊ تي رکي وڃي،جيئن وقت ضرورت ڪم اچي، سڄو نشان مسمات لال خاتون عرف لالان، .... پيرو ليک پڙهي پورو ڪيو. پيشگير الائي ته ڪيڏي مهل چانهه رکي ويو هو جيڪا ٿڌي ٿي ويئي هئي،

” ان جو مطلب ته مائي ڪم پڪو ڪرايوآهي، وري نالا به سڀني جا لکايا اٿس، بي ڏاڙهئي ڪٽڪ سان ته خدا پڄي“ چاڪر ٿڌو شوڪارو ڀريو.

” اي عقل سڀ هن دشمن جا، ٻيو ڇوري ڪا پڙهيل آهي ڇا“ پيرو چيو.

” بروبر..... علم اها شئي آهي، سڌو وڃي صدر تائين پهتا. ..... ۽ پاڻ الهه تلهه ٿاڻي جي پوليس کي کارائي ٺلها ويهي رهياسين“ چاڪر چيو ۽ دودو چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو.

” پوءِ ڪهڙي صلاح؟“ پيرو پڇيو.

 ” هاڻي هلڻ اجايو آهي، پهرين هلي ڳوٺ همراهن سان صلاح ڪريون پوءِ....“ چاڪر چيو.

” چڱو ڀلا..... پر پهرين چانهه پيئون، مٿو سور کان ڦاٽي پيو.“  پيرو چيو.

” هي ته چانهه صفا ٺري ويئي آهي،...... ٻي گهراءَ“ چاڪر چيو.

” ڇڏ ته سهي... مرڳو ساهه ٿو ڪڍين“ لالان هن جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائيندي چيو.

” دل ٿي چوي ته هنيا ۾ ڀري ڇڏيانءِ“ بلاول ٻانهن جو گهيرو ڍرو ڪندي چيو.

هيڏي وڏي کي هينئين ۾ ڪيئن رکندي؟“ کلندي پڇيائين.

” هنيا ۾ رکيون، ساهه سان سانڍيون ته وتانءِ ٿو، اعتبار نٿو اچئي ته ٻي ڳالهه آ......“ بلاول چيو.

” ڀلا ڳالهه ٻڌ! پاڻ ڪيترا ڏينهن هتي ادي ميرل وٽ رهنداسين.... هن تي ڪيترو اڃان بار ٿينداسين، تون به نوڪري تي اڃان ڪو نه ٿو وڃين“ لالان چيو.

” اهو ته مان به پيو سوچيان. پر ميرل چوي ٿو ته اڃان ڳالهه ٺري نه هوندي، ڳوٺئون خبر چار وٺڻ وڃان پر توکي هتي اڪيلو به ته نٿو ڇڏي سگهان“ بلاول وراڻيو.

” هت ڪهڙي هيڪلائي آهي، آئون در بند ڪريو ويٺي هونديس. تون سج لٿي کان اڳ وري اچجئين“ لالان چيو.

” چڱو.... ساجهر ڏسنداسين“ بلاول وراڻيو ۽ ٻانهن جو گهيرو وري تنگ ٿيڻ لڳو.

صبح  جوبلاول ميرل کي گهر جي پارت ڪري، هن جون نصيحتون هينئين سان هنڊائي ڳوٺ روانو ٿي ويو ۽ هو گهر ۾ اڪيلي رهجي ويئي، هن جست جو ٿالهه لوڻ جي ٿيلهي ۽ پاڻي جي هنڊي کڻي اچي چلهه جي ڀر ۾ رکيا، اٽي جو ڊٻوکنيائين ته ڏٻو خالي هو، اٽو ختم ٿي ويو هو،ٻيو ڏٻو کنيائين جنهن ۾ چانور هئا، چانورن مان ٻڪ ڀري ٿالهه ۾ وڌو، ۽ مٿانئس پاڻي جو گلاب ڀري وڌائينس، پاڻي جي مٿاڇري تي ترندڙ چانور آهستي آهستي هيٺ ٿالهه جي تر ۾ ويهڻ لڳا، بلاول شام جو ورڻ جي پڪ ڏيئي ويو هو، هن بلاول لاءِ به ڀت رکڻ ٿي چاهيون، ڪهڙي خبر اتان لنگهڻ اچي؟“ وري سوچيائين ته هو ماءُ پي ءُ ڏي ويو آهي، ماءُ بکيون ڪيئن ڇڏيندس، ماءُ  جو خيال ايندي ئي سندس نگاهن ۾ماڻس جي تصوير اڀري آئي.

ماءُ جيڪا 9 مهينا پيٽ ۾ کڻي هلندي آهي، ماءُ جيڪا بيوس ۽ پتڪڙي وجود کي ٿڌي ڪوسي کان بچائيندي آهي، ماءُ جيڪا وک وک اولاد تان ساهه صدقو ڪندي آهي.

ماءُ جيڪا ٻار جي وڌندڙ ڄمار جي هر گهڙي سان گڏ اميدن جا محل جوڙيندي رهندي آهي، بلاول ماءُ سان ملڻ ويو هو، پر هوءَ؟....... هوءَ ته ماءُ کان گهڻو پري هلي آئي هئي، هن اهو رستو ئي ڪو نه ڇڏيو هو، جنهن تان واپس وڃي ماءُ جي جهولي ۾ ڪري پوي، ڇا هن جي ماءُ هن کي معاف ڪري ڇڏيندس؟؟؟......

اوچتو کيس پيٽ ۾ ڪنهن چرندڙ شئي جو احساس ٿيو،ڄڻ ڪو پيٽ ۾ ٺونگا پيو هڻيس، هن ڪنڌ جهڪائي پيٽ ڏانهن ڏٺو، اکين ۾ شرم جا پاڇا لهي آيس، پر پوءِ هو گنڀير ٿي وئي، سوچڻ لڳي، ته جي سندس اولاد به ائين ئي هن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏي ته کيس ڪيترو ڏک ٿيندو؟ هن جي دل ڏڪڻ لڳي.

ڀت رڌجي ويو،  ديڳڙي چلهه تان لاٿي، ڏوئي سان چانور ڪڍي ٿالهه ۾ وڌا پر کاڌائين ڪو نه، ڇهن مهينن ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو هن کي اڪيلو کائڻو ٿي پيو... هن پنهنجي بک کي اجهامندو محسوس ڪيو.

” ڀلي هو اچي ته پوءِ گڏجي کائينداسين“ سوچيائين. ۽ ڀت ڍڪي رکي ڇڏيائين هاڻي هن وٽ سواءِ سوچڻ جي ٻيو ڪو ڪم ڪو نه هو، پر هو سوچ کان ڊڄڻ لڳي، هئي، وارن ۾ ڌوڙ وجهندي، راڄ ڀاڳ آڏو ڪنڌ جهڪائيندي، عزت جو ماتم ڪندي، هن ارڏي ڀاءُ کي ڪنڌ هيٺ ڪري راڄ طنز ۽ نفرت ڀرين نگاهن جو نشانو بڻجندي ڏٺو،هن پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪيو، پر پيار جي ڪچي تند هن کي رت جي رشتن وڌ وڻي ويئي هئي، شام جو بلاول موٽي آيو.

منهن لٿل اکيون ويڳاڻيون هئس.

لالان هن کي ڏسندي ئي سمجهي ويئي ته ڪا ڳالهه پڪ آهي، پر کانئس پڇائين ڪو نه.

” مرد ماڻهو آهي، پاڻهي ٻڌائيندو، الائي ڪهڙن حالن ۾ آيو هجي، پڇي ڇو ڪاوڙايانس.“

 پر بلاول پاڻهئي هن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. بابو ۽ امڙ ڪاوڙيا ويٺا هئا، هنن ته مان کي پنهنجو اولاد به نه مڃيو، چاچا، ماما،سئوٽ، ماسات، سڀ سنڱ ڇنيون ويٺا آهن مان هنن کي گهڻو سمجهايو، ميڙان منٿان ڪيون مان، بابا مان کي ٻڌايو ته مان کي نوڪري مان به ڪڍي ڇڏيون اٿن.“

مائٽن اخبار ۾ لاتعلقي جو اشتهار ڇپرائي مان سان سڀ رشتا ٽوڙي ڇڏيا آهن.“

لالان بلاول جي بربادي جو ذميوار پاڻ کي سمجهڻ لڳي.

” چاچي وارا ڪاوڙجن ٿا، نوڪري به ويئي، اهو سڀ منهنجي ڪري ٿيوآهي،تون هاڻي به مون مان هٿ ڪڍي ڇڏ ته....“ لالان سڏڪندڙ لهجي ۾ چيو.

” چري ته ناهين ٿي، مان سڀ ڪجهه وڃائي ته توکي حاصل ڪيو آ، توکي به ڇڏي ڏيان ته پوءِ مان وٽ ڇا بچندو؟“ بلاول چيو ۽ گهڙي لاءِ ٻئي چپ ٿي ويا.

”ته پوءِ هاڻي ڀلا ڇا ٿيندو؟“ لالان پڇيو.

” رب سڻائي ڪندو،ميرل اچي ته صلاح ڪيانس“

۽ ٻي ڏينهن ميرل آيو ته بلاول کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، هو ڪجهه دير سوچيندو رهيو، پوءِ وري ٻئي صلاح مشورو ڪرڻ لڳا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بلاول ميرل جي زمين جو منشي ٿي ويو،ميرل طرفان کيس ٻه هزار رپيا پگهار ۽کاڌو پيتو ملڻ لڳو،اهڙي ريت اک ڇنڀ ۾ ٻه ٽي مهينا ٻيا به گذري وي، ۽ آخر هڪ رات لالان کي سور چڀڻ لڳا، گهڙي جيڏي پيٽ سان هئي، گهر ۾ نه ماءُ نه ڀيڻ ۽ آڌي رات جوسور ٿيا، بلاول ڀڄندو ويو ۽ ڳوٺ جي دائي کي وٺي آيو، صبح تائين لالان ، بلاول کي چنڊ جهڙي پٽ جو پيءُ بنائي ڇڏيو.

اولاد هر انسان جي ماضي جي آرزو، حال جي خوشي ۽ مسقبل جي اميد هوندو آهي، هر ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي ڏسي اميدن جا ڏيئا ٻاريندي آهي، هر پيءُ پٽ کي ڏسي پيري جي فڪر کان آجو ٿي ويندو آهي ها ٻي ڳالهه آهي ته اولاد اڳتي هلي مائٽن جي اميدن کي لوڙهيوڇڏي.

هو به ڏاڍو خوش هئا،ننڍڙي اشرف ٻنهي کي ويتر هڪٻئي سان مضبوط زنجير ۾ جڪڙي ڇڏيو هو، ٻنهي کان مائٽن جو سهارو کسجي ويو هو، پر هاڻي هو ٻئي پاڻ مائٽ هئا، بس جي ڪو آسرو هو ته مٿي الله جو هيٺ ميرل جو جنهن بلاول سان ياري نڀائي ڏيکاري هئي.

لالان جي مائٽن به پنهنجي عزت کي ڳولڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽايو هو، غيرت جي باهه ڪڏهن نٿي وسامي، اها باهه هنن جي اندر ۾ به ڀڙڪي پئي، پوليس به پئسا مٺا ڪرڻ ڪاڻ بلاول جي ڳوٺ پهتي هئي، پر بلاول جي مائٽن اخبار  ۾ ڏنل لاتعلقي جو اشتهار ۽ مختيارڪار آڏو ڏنل بيزاري وارو قسم نامون ڏيکاري جند ڇڏائي، هونئن به هو اٿي ويٺي وارا ماڻهو هئا، ٻي ضلعي جي پوليس کي هنن سان هٿ اٽڪائڻ ڏکيو پي لڳو.

انهيءَ ڪري ڏهه يارهن مهينا انهي وٺي پڪڙ ۾ گذريا، ڪاڪي جمين الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو، نڪ وڍجي ويو هئو، راڄ ۾ منهن مٿي ڪري نٿي سگهيو، دودي شهپر وٽڻ ڇڏي ڏنا هئا، پر هنن اڃان لالان جي ڳولا مان هٿ نه ڪڍيا هئا.

اوچتو ملڪ ۾ وڏي سطح تي تبديلي آئي، هڪ حڪومت ويئي ته ٻي آئي، غريباڻو عرض به اگهجڻ لڳو،اهوموقعو ڏسي. ڪاڪو جمون ۽ دودو به وڏير عارب ۽ هڪ ٻن ٻين چڱن کي گڏ وي وڃي ضلعن جي حاڪم وٽ پهتا، روبرو عرض ڪيائين رکنو رڙيون لکيل درخواست پيش ڪيائين صاحب به متاٿر ٿيو،تنهن هڪدم ڪماني سان ڳالهيون، جنهن ٿاڻي تي فون ڪري صوبيدار کي ڪڙڪ ٿي حڪم ڪيو ته ڪيس جا وڃايل فائل لڀي پيا، ۽ ڪيس ٻيهر جيئرو ٿي پيو،صوبيدار احمد خان نئون هو، چڱن  ۾ واکاڻ هئس، لوفر کانئس ڪن هڻندا هئ، غريب غربي جي ٻڌڻ وارو ماڻهو،  پئسو ته دنيا ۾ وک وک کپي،مئي کي به خرچ کپي، ڪفن کان ختمي ، ٻاراهي، چاليهي ڏهي تائين ڏوڪڙن ضرورت پوي ٿي، هي ته ويو ماڻهو هو، خرچ ته ٿيڻو هو،آخر چار ايڪڙ ٻني به ڳاري ويئي ۽ جانچ نئين سر شروع ٿي.

ننڍڙي اشرف کي ڪالهه کان تپ ٿي پيو هو، ڪجهه کنگهه به هئس، گهر ۾ پيل ۽ ڏس تي ورتل ڪو اثرڪو نه ڏيکاريو ته بلاول ننڍڙي کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ جو ارادو ڪيو، ميرل ٻن ڏينهن کانڪراچي ويل هو، جڏهن کان هن ميرل وٽ ڪم شروع ڪيوهو تڏهن کان باغ واري ٻني تي ڳوٺ کان هڪ پاسي ٺاهيل جاءِ ۾ رهندا هئا، ٻه ٽي گهر ڪولهي هارين جا به هئا، اوطاق به ات هئي جتي هدايت ڪمدار رهندو هو.

سو هي منجهي پيو، ڊاڪٽر ڏي لالان کي به گڏ وٺي وڃي يا اڪيلو وڃي؟ لالان کي گڏ وٺي وڃڻ هن کي نه پئي وڻيو، ڪنڊائتي شئي هئي، کڻي معاملو ڪجهه ٿڌو هو ته به ايئن گسن تي ظاهر ظهور رلائن گهمائڻ به چڱو ڪو نه هو، پنهنجي سواري به ڪانه هئي بس ۾ زال کي رلائڻ مناسب نه هو، هوڏانهن ٻن مهينن جوننڍڙو ٻارڙو جنهن کي وک وک ماءُ جي ضرورت هئي، گهڻي دير ويچارڻ کانپوءِ زال  بدران رڳو پٽ کي کڻي وڃڻ جو اردو ڪيائين،سج ڪانو مٿي چڙهي آيو هو، لالان کي منجهند کان اڳ اچڻ جو چئي ننڍڙي کي اجرڪ ۾ويڙهي، کير جي شيشي کڻي روانو ٿيو،

سڏ پنڌ تي پڪو رستو هو،سو رڳو بس کي هٿ ڏنائين، ” لالان جي دل ۾ڏاڍي لپ جهپ هئي، ننڍڙي کي ائين ڇڏڻ نٿي گهريائين، پر مڙس جو رايو ڏسي ماٺ ٿي وئي، اڪيلائي ۾ ڪئين وهم ويڙهڻ لڳس، هٿ کڻي دعا گهرڻ لڳي،

” الله سائين! مرشد ڪامل شاهه جي صدقي منهنجي ٻچڙي جو خير ڪجئين“

بلاول کي ويئي، اڃا ڪي ساعتون ئي ٿيون هيون ته در تي ڪنهن جيپ جو آواز ٿيو، ۽ گڏوگڏ در کڙڪيو، دل ڇرڪجي ويس.

” رب منهنجاٰ‎! پناه ڏجئين....“ وري خيال آيس ته متان ميرل آيو هجي.

وري در کڙڪيو، پير گهليندي در ي پهتي، در تي وري زور سان هٿ لڳو.

دل ۾ چيائين ته جي ڪو ڌاريو هجي ها ته پڪ اوطاق ڏي وڃي ها، آهي ته ڪو واسطي وارو.

شت ادو ميرلهجي“ ويچاريائين.

” ڪٿي بلاول جا مائٽ ته ڪونهي“ در تي وري زور سان ڌڪ لڳا، ايئن ٿي لڳو ڄڻ کڙڪائڻ وارو در ڀڃي وجهندو.

ڇا هي ادا...؟“ اندران بيهي پڇيائين.

” مائي! در کول“ ڳرو ۽ اڻ سڃاڻو ڳالهاءِ ٻڌائين، نه چاهيندي به سندس هٿ در جي ڪڙي تي پهتو ۽ ڪڙو کلي پيو، در دڪ سان کليو.

سامهون صوبيدار ٻه ٽي سپاهي ۽ڀاڻس دودو بيٺا هئا، ميرل جو هڪ هاري رامشي ڪولهي به ساڻ هئن، لالان ٻهترجي ويئي، ڳوٺ کان پري، اڪيلي عورت نه اوهي نه واهي، گهٻرائجي نه ته ٻيو ڇا ڪري؟

” هي  آهي رن“ صوبيدار دودي کان پڇيو ۽ دودي ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.

صوبيدار با دير لالان کي ٻانهن کان جهلي ٻاهر گهلي ورتو. ۽ هو بي ستي  بت سان در ٻاهران اچي ڪري ، دودي جي اکين ۾ ٻرندڙ باهه ڀڙڪو ڏنو ۽ امالڪ رومڙ ڪيائين، پر ڀر ۾ بيٺل سپاهي ڌڪو ڏنس.

. پري ٿي ڙي“

” سائين ڇڏ ته هن کي....... پورو ڪريان“ دودي اگرو اکر ڳالهايو.

” پري ٿي چپ چاپ بيهه رهه نه ته هڻي هٿڪڙي وجهندو سئين جيل ۾“ صوبيدار دڙڪو ڏنس، ۽ دودو بيهي رهيو، هڪ سپاهي بندوق سميت اچي لالان جي ڀر ورتي، ۽ صوبيدار ٻن سپاهين سميت گهر ۾ گهڙي پيو، ٽپڙ نه مليو ٽپڙ سان، جهڙتي ايئن ٿي، جيئن ڪو ڌاڙيل گهر ۾ اچي پيو هجي.

” رن! ڪٿي آهي تو وارو چگهه....“ صوبيدار هڪل ڪئي، هوڪو جواب نه ڏئي سگهي،

” هو ڳوٺ....“ لالان جي زبان ڪوڙ ڳالهايو، هن نٿي چاهيو ته بلاول ۽اشرف به ڦاسن، هو هر ستم سر تي سهڻ لاءِ تيار ٿي ويئي،

هڪ سپاهي صوبيدار کي هڪ طرف وٺي ويو.

” سائين! هي کهرو علائقو آهي،هتي جيترو بيهبو اوترو ڏکيو آهي، هي هيڪلو گهر آهي، ڪولهين جا ماڻهو به ڪم ڪار سان آهن، جي ڳوٺ هجي ها ته پاڻهن مهل تائين سڄي لڱين ڪونه بچون ها، هي ماڻهو عملدار آفيسر جي به ساڃاهه نه ڪندا آهن،اوهان هلڻ واري ڪريو ائين نه ٿئي جو همراه پهچي وڃن ۽ جهيڙو ٿي پوي.“

” پوءِ مشير نامو....“ صوبيدار چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com