سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :12

بلاول اٿندي چيو.” نه نه.... سهڻا ائين نه چئو، جيئري نه مار... ڏس نه ته...“ هو هن ٻانهن ۾ جهلي بيهي رهي.

” بس هاڻي يا تون منهنجي ٿيندينءَ يا مان قبر جو، وڻئي منهنجي حياتي تئون هٿ کڻ، وڻئي ته مائٽن تان“ بلاول فيصلا ڪن لهجي ۾ چيو.

” تو ويهه ته سهي... مون کي ويچارڻ ته ڏي“ هن بلاول کي ڇڪي وهاري ڇڏيو ۽ ٻانهن کي هار بنائي سندس ڳچي ۾ وجهي ڇڏيائين.

” ڇا ويچارينديءَ؟! هن رٺل لهجي ۾ ڀڻڪيو.

” ٻه ٽي ڏينهن ترس، مونکي دل من پڇڻ ڏي... پوءِجيئن تون چوندين.....آئون دنيا ڇڏينديس توکي ڪانه ڇڏينديس.“ هن ڀاڪرکي ڀچائيندي چيو.

۽جذبن جي باهه وجودن کي ويڙهي ويئي.

وڏي اسر جو هوموٽي هنڌتي آئي، پر سندس من ۾ بلاول جون پوکيل سوچون وڌي وڻ ٿي ويون،هن جو من منجهي پيو،

” هوڪيئن ڪري، ڪنهن تان هٿ کڻي، مائٽن تان، سهلين سرتين تان،راڄ تان، مٽن مائٽن تا؟ سنڱ به هن کي مئي مارائي ڪو نه ملندو ، رس راهڻ واري ڳالهه محبوب نٿو مڃي.

” اها ڳالهه وڻڻ جي به ڪانهي“ اندر مان آواز اٿيس.

” بلاول ٻي زال پرڻجي،ان سان سمهي سهڙي ته مون کان سٺو ٿيندو؟“ اندر مان وري سوال اڀريس.

” ڪليمن قيامين سٺو نه ٿيندم، پهاڄ مئي مٽي جي به بڇڙي، پهاڄ جو پرتي منهن هجي، دل جواب ڏنو.

” نڪاح جي ٻن اکرن کان سواءِ ٻيو ته ساڳيو معاملو آهي“

” ته پوءِ ڇا ڪريان“ هن تان هٿ کڻان،جيڏانهن جي بلا آهي اوڏانهن وڃي، وڻين تيئن وڃي ڪري جيئي يا...“ اڳيون اکر چوڻ کان اڳ سوچ کي ڳنڍو اچي ويس.

” هان هان مئي لالان! چوين ڇا پئي، مرين تون، مرن هن جا دشمن جيڪي هن کي ڏسي نه سهن، نه ڙي نه سڄڻ تان ڪو هٿ کڻبو؟ اهڙو مٺڙو ماڻهو ڇڏيان، حيف انم، وڻ وڻ کي اگهاڙ ته ڪو نه ڏيکاربي،جنهن سان لڳي تنهن سان وڳي،لائجي ته نڀائجي باقي.“ جند ۾ جنڊ ڦڙڻ لڳس، جان ۾ جنگ لڳي ويس، سڄو جهيڙو جيءَ سان رات گذري ڏينهن ٿيو، ڏينهن گذريو رات ٿي، نه کائڻ نه پيئڻ موڳي ٿيو پئي هلندي هئي، راتين جون راتيون روئي گذاريائين،  ڏينهن جا ڏينهن سوچيندي گذاريائين، پر ڪو به فيصلو ڪو نه ڪري سگهي.

نيٺ پنج ڇهه ڏهاڙا ٻيا به گذري ويا، چنڊ جون پويون تاريخون هيون ياد آيس ڪا ڳالهه ڇرڪ نڪري ويس، ڏيل ڏڪي ويس.

” مهينو پورو ائين ئي گذري ويو هو.

” متان ڪٿي....؟ هن جو هٿ پيٽ تي وڃي پهتو.

”شاهه قادري پناه ڏجئين، هي ڳالهه ته اصل نه لڪڻ جي نه لڪائڻ جي ....“

” هاڻي ته فيصلو ڪرڻو پوندو.“ ٻپهرن جو گهيڙ تان پاڻي ڀرڻ ويئي، گهڙا رکي چوڌاري نظر ڊوڙايائين، ڪير ڪو نه هو، پڪ ڪري،لوڻا هڻندي هو وڏي ڄار جون پکڙيل ٽاريون پاسي ڪري اندر گهڙي ويئي، اندر ويٺو هو.

” ايڏي دير....“ بلاول رٺل لهجي ۾ميار ڏنس.

”بيشڪ ڪر، ماڦي ڏي.“ هٿ ٻڌي مرڪي چيائين ۽ هن کلي هٿ جهلي ورتس.

” مٺا، ڳالهه ٻڌ“

” هونئن“

” مونکي ....“ هن پيٽ ڏي اشارو ڪري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، ۽ هو ڳالهه سمجهي ويو.

” پوءِ ....“

” هاڻ توجي مرضي“

” مان ته توکي اڳئي چيو آ ته، يا مائٽن کي راضي رک، يا مان سان هل، مٺو محبت ۾ قربانيون ته ڏيڻو پونديون آهن ،هاڻي ته ڪو فيصلو پڪو ڪرڻوئي  پوندئي . اڄ نه ته سڀاڻ هي راز کلندو. اٺ جي چوري  پکي نه لڪندي ،پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته مان هتي ڪيئن رهي سگهندم، يا مرڻو يا ملڪ ڇڏڻو پوندو“لالان هن جي چپن تي هٿ رکي ڇڏيو.

” مرڻ توجا دشمن،اهڙي ڳالهه نه ڪر، هائو ته هائو نه ته آئون ڦاهو کائي مرنديس.، مرڳو سڀني جي جند ڇٽي پوندي.“

” مرڻ مان به فائدو نه ٿيندوئي، خودڪشي ڪندئين ته ڊاڪٽر چيرڦاڙ ڪندئي ته به اهوراز ته ڪو نه لڪندو، مري به خواري مان ته جند نه ڇٽندئي.“ بلاول سمجهايس.

” الا پوءِ ڇا ڪريان؟“ هو سڄي هيسجي ويئي.

”بس هاڻي هڪڙي ئي راه آ، ته مان سان نڪري هل.“

هو ماٺ ٿي ويئي، ڳچ دير کان پوءِ چيائين.

هلان ته سهي پر پوءِ امان ۽ ابو....؟“

” ڪي ڏهاڙا ڪاوڙبا، پر سدائين ته ڪاوڙ نه هلندي، نڪاح کان پوءِ ميڙ منٿ ڪري هنن کي پرچائي وجهيو، آخر نه مائٽ ميڻ هوندو آ، هو به پڪ سان ڪاوڙ ڦٽي ڪري ڇڏيندا.“ هو وري چپ ٿي ويئي.

” هاڻ ڏينهن ٻن ۾ فيصلو ڪر، نه ته پنهنجي موڪلاڻي اٿئي“ ڏاڍو بي رحم لڳو، هن کي بلاول جولهجو دل تي ڏکن جي ڇپ ڪري پيس ۽ اکين مان لڙڪ ڳڙي پيس، پر هن جي ٻانهن ۾ گم ٿي ڪن گهڙين لاءِ سڀ ڪجهه وسري ويس.

هوگهڙا ڀري گهر موٽي آئي.

” نه ڏوهه بلاول جو، نه مون جو،نه مائٽن جو هي ته نصيب جو ڏوهه آهي“ سوچيائين هر لنگهندڙ ڏينهن هاڻي هن کي ڏنگڻ لڳو.

آخر سوچي سوچي هن فيصلو ڪيو.

” اتي ويٺي جي راز کليو ته هو به مارجي ويندو، آءُ به مارجي وينديس، ۽ خواري وري به ساڳي، تنهن کان يڪي خواري، ٻه جيئرا ۽ ٽيو اچڻ وارو ساهه ته بچي ويندا،پوءِ کٽن ڀاڳ“

پيار تان ساهه تان مائٽن جي عزت قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪري هن جڏهين بلاول کي ٻڌايو ته هن جي خوشي ڏسي سندس اندر جي مانڌ گهڻي گهٽجي ويئي،

بلاول اٺن ڏينهن جي موڪل ڪري، بندوبست ڪرڻ لاءِ ٻي ڏينهن ئي روانو ٿي ويو، ڪاڪي جمي کي ٻڌايائين ته سندس ڳوٺ ۾ ڪا شادي آهي.

۽نيٺ هفتي پڄاڻان هو موٽيو.

اهي رات ڏينهن هن جو ذهن مسلسل سوچن جي سفر ۾ رهيو.

” الائي ڇا ٿيندو، بلاول جا مائٽ مون سان ڪهڙا پير ڀريندا“ ڪيترا سوال ذهن ۾ چڀندا رهيا هئس، ۽ پوءِ جڏهن بل جانچي هن ٻڌايس ته هاڻوڪي جمعي جي رات نڪرڻو آهي ته وري به هن جو وجود ڏڪي ويو، پر هاڻي فيصلو واپس وٺڻ جو وقت ئي نه هو، سندس پيٽ ۾ پلجندڙ نئو ساهه هڪ ئي فيصلي جو منتظر هو جيڪو هو ڪري چڪي هئي.

بلاول ٻه ڏينهن ترسي هن سال پڪ ڪري، وري ماءُ جي بيماري جو بهانو ٻين کي ٻڌائين هليو ويو،

ڏينهن لهندا اڀرندار رهيا هو موڳي ۽ويڳاڻي بڻجي ويئي، سڄو ڏينهن ماٺ، کلڻ، ڳالهائڻ، کائڻ پيئڻ وسري ويس.

” ائي لالان! مئي ڪهڙوکنڊ جو جهاج ٻڏي ويو ائني، باهه لڳي سارو ڏينهن ويڳاڻي وتين، سامت ۾ ئي ڪانه آهين ڪڄاڙو ٿيو انئي؟“ زيبو پچس.

”الائي سوٽ، ڪجهه ڪونهي“ هن نٽايو.

” ڇڏ ڙي، متان هن بادل واري ڳالهه سچي آهي؟“ زيبو چيو ۽ هواندر کي ئي اندر ۾ ڏڪي ويئي،

” نه نه...... ڌوڙ مئي بادلئي جي ٻوٿ ۾“

” ته پوءِ ڇا پئي ويچارين، مکي به نٿي ٻڌائين.“ زيبو جي واتان پنهنجائپ ڀري ميار ٻڌي هن جي کين ۾ لڙڪ اچي ويا.

” مئي! روئين ڪوه ٿي، ڳالهه کڻي ڪر“ زيبو حيران ٿي پڇيس.

” زيبو!..... امان ابو ڇڏڻ ڏکيا آهن.... هائو نه ..... هن نيامت جو حال ڏس.... کبر آئون به........“

هو سڏڪن ۾ پئجي ويئي.

” ائي گهوڙا...... ڇوري تون ته چري ٿي وئي آهين.... مئي! کڳا ٿيا کوهر ۾ ويڳر ٿا هيئنر نه ڀئي اڃان ته مائٽن ۾ ويٺي آهين، اڃا تو وارو مڱيندو کنڊ واري ميل ۾ مزوريون پيو ڪري ڌڻين کي زاد ڪونهي ۽تون پئي هينئ ساڻ.....“ زيبوچيس.

” پر نيٺ ته“

” ائي چري! ان تو واري ڪاڄ ۾ اڃا سال پيا آهن ۽ تون هينئر ساڻ ئي پئي رويو رويو ڪن ڪرين“ زيبو وري دلدار ڏنس.

” ته ڏينهن گذرندي ڪهڙو ٿا ويرم ڪن“

”ڀلا جي ڏينهن به اچن ته به ڇا ٿي پيو، تو جا سهريجا ڪي ڌاريا آهن ڪيئن؟ ڪو ولات ۾ ويٺا آهن ڪيئن؟ پنهنجا مٽ آهن،اتي راڄ ۾ ويٺا آهن ڪير پڻهين ته ڪير ڪاڪو چاڪر.....“

اهڙي طرح دل جو درد وري به ڪنهن آڏو چٽو نه ٿيو، ۽ جمعي جي رات اچي پهتي.

ان ڏينهن هن ماءُ، پيءُ، ڀاءُ...... سمورن کي جانچي جانچي ٿي ڏٺو وري ڏسڻ يا نصيب، پيار جي رشتي رت جا رشتا ٽوڙي ڇڏيا هئا.

”جي ڪر... ابو مون جو سنڱ کڻي هن کي ڏي ته....“ اڻ ٿيڻي آس دل جي اونهاين مان اٿي، پر غيرت ديوار، دنيان جون رسمون، پنهنجي ۽ ڌارئين جو فرق، راڄ نيات جو تقاوت،روح جي رشتن آڏو ديوارون ئي ديوارون.

هن سنجهي مان ئي ننڍڙي لوهي پيتي ۾ پنهنجا ڪپڙا ۽ شيون رکي ڇڏيون هيون، ڍڳن جي پٽن ۽ مينهن جي مهن تي هٿ گهمائي کانئن آخري موڪلاڻي به ڪري ڇڏيائين ته ڪڪڙ جي چوزي کي به جهلي سيني سان لائڻ نه وساريو هئائين.

پر ماءُ کي ڀاڪر پائي چمي ڏنائين ته لڙڪ وهي پيس.

” ائي ڇاهي..... روئين ڪوه ٿي، ڪا ماڻهين مري ويئي آهي ڪ“ ماڻس ڳراٽڙي پائي چمي ڏنس.

” ڪڪڙن آڌي وارا دس هنيا، رات جي ڪاري چادر هيٺ سواءِ آر جي چر چر ۽ هوا جي سوسٽ بنا ماٺار ئي ماٺار ڇانيل هئي، هو آهستي آهستي وهاڻي تي ٺونٺ کوڙي اٿي ڪا گهڙي هنڌ تي ويٺي چوڌاري ڪنڌ ڦيري ڏسي پڪ ڪري پوءِ بنا ڪنهن کڙڪي جي کٽ تان لٿي، هٿيڪي رکيل پيتي کڻي ٻاهر آئي، گهر پويان ڀڳل پانجاري ڪوٽ  تي رکي چڙهي، اوطاق ۾ ان ڏينهن ڪو مزمان به ڪو نه هو، انهي ڪري اها خالي پئي هئي ۽ اتان ڪو کٽڪو ڪو نه هئس، هن پيتي ڪوٽ تي رکي هڪ هٿ سان جهلي ۽ ٻئي هٿ جي ٽيڪ تي پاڻ به ڀت تي چڙهي هن پاسي سهاڳي ۽ ڪيڻ لاءِ رکيل ڪاٺ تي پير ڏئي لٿي، پڻس اهو ڪاٺ وڏي واهه جي ڍاڪي مان داروغي کي خرچي ڪرائي وڍايو هو، نئون سهاڳو ۽ ڪيڻ چيرائڻي هئس، پر اڃا ڪاٺي آلي هئي ۽ اتي پيئي هئي، ۽ اڄ لالان جي ڪم پئي آئي، سڄو بت بي ساهو هئس، سواءِ دل جي ڌڙڪي جي ٻيو ڪو آواز هن ڪو نه ٿي ٻڌو دل به جهڙوڪر سيني سان گڏ لئو ندڙين ۾ پئي ڌڙڪيس، اوطاق جي اڱڻ مان ٿيندي هو پويان آئي، ڪنهن اڇي شئي تي اک پيس ڏڪي وئي.

”الائي ته ڇا هي، مئو ماڙهو نه هجي ڪو“ بيهي رهي پر رولو ڪتو ڊوڙندو مٽي ويو،

” مئي ڪتي کي باهه لڳي، هينئون ڦاڙيو هئائين“ هو اڳتي وڌي وڏي کاڻ جي ڪپ تي بيٺل گهاٽي ٻٻر هيٺ اچي پهتي، بلاول ۽ هڪ ٻيو ماڙهو اڳ ئي اتي بيٺا هئا.

بلاول هن کان پيتي ورتي.

” اچي وئين...“ هنڪا ورندي ڪا نه ڏني، بلاول سان گڏ آيل همراهه وڌي اچي مٿي تي هٿ رکيس.

ڀاڄائي....“هن کيڪر ڪندي هڪ لفظ ئي چيو، پر هي صفا چپ.

” هلو هاڻي دير نه ڪريو........“ اڳيان بلاول پويان هي، هن پويان بلاول جو سنگتي.

ڏهه فٽي رستي تي چڙهي ايڪڙ پنڌ هليا ته جيپ بيٺي هئي.

” ڍڙهه ڀلا....“ بلاول هٿ کانوٺي جيپ ۾ چاڙهيس. ڊرائيور اڳ ئي جيپ ۾ ويٺو هو.

بلاول به هن سان گڏ پوئين سيٽ تي اچي ويٺو ۽ بلاول جو ساٿي اڳيان ڊرائيور سان گڏ، جيپ گهرڙاٽ ڪري چالو ٿي، هاڻي لالان اڳيان ويٺل همراه جي هٿ ۾ بندوق به ڏٺي، جيڪا هن پنهنجي به ڏٺي، جيڪا هن پنهنجي ۽ ڊرائيور جي وچ ۾ کڻي رکي.

جيپ رواني ٿي وئي.

” ادا بلاول تهان ۽ ڀاڄائي کي لک لک مبارڪون هجن“ اڳئين همراهه چيو.

” ادا خير سان.....“ بلاول چيو ۽ هو چپ رهي، گهڙي ۾ جيپ اچي وڏي واهه جي پٽڙي تي چڙهي.

”بلاول اڳيئونپل تي پوليس بيٺي آ.....“ اڳئين همراهه چيو.

” پوءِ..... “ بلاول گهٻرائيندي چيو.

” الله مالڪ آ.... پر هتئون جو ڪو وڏيرو سجهئي وڏي ناءُ وارو؟ اڳئين همراهه پڇيو.

” ها وڏيرو عارب.... يونين ڪائونسل جو ميمبر به آ.....“ بلاول چيو.

” گاڏي روڪيان ڇا.....“ ڊرائيور پڇيو.

”اشارو ڏين ته روڪجان ۽....“ اڳئين همراهه  چيو.

” ڌڻي شل  خير ڪجئين“ لالان چپن ۾ ڀڻڪيو.

” ڀاڄائي! اوهين ليٽي پئو.... بلاول ! تون ڀاڄائي کي ائين جهل جيئن بيمار کي جهلبو آ....“

اڳئين همراهه وري چيو، لالان بلاول جي گوڏي تي مٿو رکي ليٽي پيئي، هن مٿانئس اجرڪ وڌي، پل اچي وئي، بيٺل سپاهي ٽارچ سان اشارو ڪيو، جيپ بيٺي سپاهي اڳتي وڌيو.

” ڪير آهيو، ڪيڏانهن ٿا وڃو“ سپاهي پڇيو.

” وڏيري عارب جو ماسات آهيان، گهر ۾ ناچاقائي آ... هي، سو شهر ڊاڪٽر....“اڳئين هميراهه چيو.

تر جي نامي گرامي وڏيري جو نالو ٻڌي پوليس وارن جو رعب وهندڙ واهه ۾ لڙهي ويو،

”ٺيڪ سائين وڃو....... وڏيري کي نياز چئجو“ ۽ ڊرائيور جيپ اڳتي وڌائي ڇڏي.

”ٻانڊن مان مس جند ڇٽي، تو به واه جي ڳنڍ ڏني ميرل!“ بلاول اڳئين همراهه کي چيو.

” مان ڇڙو ان ڪري پيو لنوايان ته متان ڪاٿي لهجي مئون نه سمجهن ته مڙس هن تر جو ناهي، پر هنن به ڌيان نه ڏنو خر چڱو ٿيو، ميرل چيو.

” تو واري ڀاڄائي جو به هنياءُ پيو فاٽي،“ بلاول چيو.

” ڀاڄائي ڊچڻي ناهي، ڊڄڻي هجي ها ته ايئن اسان سان نه اچي ها.“ ميرل چيو، جيپ پٽڙي ڇڏي پڪ تي اچي پهتي، اڳيان شهر جون جهر مر بتيون رات جي پوئين پهر ۾ وسندڙ ماڪ ۾ ويڙهيل.

” ڪا شي کائين ته وٺئون.....“ بلاول پڇيس.

” اونهن....“ هن ناڪار ڪئي، جيپ اڏامندي وئي، ڪيترا شهر پويان رهجي ويا، هڪ جاءِ ڊرائيور جيپ جهلي، پويان ٻڌل دٻو لاهي جيپ ۾ تيل وڌو ته پاڻي به ۽ وري به وڄ سڄڻ، لالان کي هاڻي ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳا.

” ننڊ ٿي اچئي؟“ بلاول پڇيو، هن ڪنڌ لوڏي ها ڪئي ۽ اتي ئي بلاول جي جهولي ۾ ننڍڙي ٻار جيئان سمهي پئي ۽ الائي ڪيتري دير ٿي وئي.

 اوچتو جهٽڪي تي هن جي اک کلي پئي، جيپ بيٺي هئي، رستي جي ٻانهي پاسن ڪيلن جا باغ هئا، ميرل ۽ ڊرائيور هيٺ لهي ويا، ڀنڀر ڪو ڦٽي آيو هو، نظر چڱي ريت چوڌاري ڏسي ٿي سگهي،بلاول هن کي سڌو ٿي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پيرن ۾ پيل بيگ کڻي  کوليائين.

” هاڻي تون هي ڪپڙا پاءِ....“ ڪپڙا ڏسي هن جو عقل چرخ ٿي ويو، هن ساري ڄمار اهڙا ڪپڙا شادي مرادي وهانءُ وڌائي به ڪو نه ڏٺا هئا.

لسو ۽ سنهڙو آسماني رنگ جو ريشمي ڪپڙو جهڙو مکڻ، سڄو وڳو مُٺ ۾ اچي وڃي. ڊگھو چولو ٿوري ڪپڙي جي سٿڻ، وري لوهي تان وارو برش وارن ۾ ڦيرايائين، هن کي مٿي ۾ ڪتڪايون ٿيڻ لڳيون، هر ڪو وار ڌار ڌار ٿي بيٺو، بلاول هن کي هٿ سان پونڊر مکيو ڪجل پارايو، ۽ پوءِ ننڍڙي خوبصورت آرسي هٿ ۾ ڏنائين.

” اڄ ته مارين پئي ٿي.....“ بلاول مرڪي چيو ۽ هو شرمائڻ لڳي.

ڪپڙا پائي سنگار ڪري مٿان ڪارو ميڪسي برقعو ۽ پيرن ۾ سونهري سينڊل پاتائين ته ڪير چوندو ته هي ڪا لالان آهي، جهڙي شهر جي کٿابڻ، ميرل ۽  ڊرائيور اچي ويا، وري پنڌ شروع، هيڏانهن سج ڪني ڪڍي ته هوڏانهن هو به اچي حيدرآباد پهتا. هڪڙي هوٽل وٽ  جيپ جهلي هنن بسڪوٽ کاڌا چانهه پيتي ۽ پوءِ جيپ ۽ ان جي ڊرائيور کي اتي ڇڏي، هي ٽيئي اچي هڪ رڪشا ۾ چڙهيا، ميرل رڪشي واري سان گڏ اڳيان ويٺو هي ٻئي پيتي ۽ بيگ سميت پويان، رڪشا ٽپ ڏيئي هلي ، ته لالان کي عجب لڳي ويو، شهر جا رنگ عجيب، موٽرن لاريون ٽانگا، رڪشا دڪان بتيون، لالان هي ڏسيو هو ڏسي هو ڏسيو هي ڏسي، هڪ جاءِ تي وڏا فوٽا لڳل هئا، ماين جا ڀاين جا، هن هيڏا وڏا فوٽا ڪڏهن ڪو نه ڏٺا هئا، بلاول ٻڌايس ته هي سينيما آهي، جنهن ۾ کيل هلندا آهن پوءِ هو هڪ هنڌ رڪشا جهلائي لٿا، رڪشا ويو هليو، ميرل به اڳتي وڌي ويو ۽ ٿوري ويرم کانپوءِ هڪڙي اڇي رنگ جي ڪار ۾ چڙهي آيو، بلاول ڪار جو در کولي هن کي وهاريو، پوءِ پاڻ به سندس ڀر ۾ ويٺو، ڪار جي ڊرائيور سامان پويان رکيو، ۽ ڪار رواني ٿي ويئي، ڪار جي سيٽ ڏاڍي ڪونئري هئي، ميرل ڊرائيور سان گڏ اڳيان ويٺو هو پر هاڻي وٽس بندوق ڪانه هئي شايد اها جيپ ۾ ئي ڇڏي آيو هو، ڪار جا هلڪا لوڏا جهڙو هندورو، وري جوڊرائيور جلال جي ريل کڻي چاڙهي ته آواز لالان جي ڪنن پويان نڪتو، هن ڇرڪ ڀري پوئتي ڏٺو ۽ پوءِ پاڻمرادو مرڪي ٻڌڻ لڳي، جلال عاشقن ۽ عشق وارن لاءِ پويون سج آهي،اکر اکر وڍ وجهڻ لڳو.

درياءَ مٽڻ لڳا، بلاول درياءَ ڏيکاريس، ڄام شورو اڳ رڳو ٻڌو هئائين سو به تڏهن جڏهن جهوني علڻ اتي پٿري جو آپريشن ڪرايو هو ۽پڻس جهوني کي ڏسڻ لاءِ ويو هو پر اڄ اهو شهر به اکين ڏٺائين، ڪار اڳتي هلي ساڄي هٿ مڙي وئي.

 لالان جي وڃڻ جي خبر سڀ کان پهرين ماڻس کي پئي، پکين جي چرپر تي هنجي اک کلي ڪلمون ڀري اٿي، پهرين نظر لالان جي هنڌ تي پيس، هنڌ خالي هو، دل کي ڇڪ آيس، پر دل ۾ چيائين.

” شت گهر جي پويان ويئي هوندي“ پر الئه ڇو اندر ۾ لپ جهپ ٿيس، هو اٿي ٻاهر آئي، دودو ۽ جمون اڃ ستا پيا هئا.

پوڙهي ڪاٺيون کڻي چلهه جي ڀر ۾ رکيون ۽ پوتي سان لڱ ويڙهيائين.

” نڀئي، ڪٿي آهي؟ اڃا پئي.....“ هو گهر جي جنڊي کان ڦري آئي.

” لالان.... او لالان.......“ آهستي آهستي سڏيائين، ورندي ڪانه مليس گهر پويان هلي آئي، ڪير ڪو نه هو، ڪوٽ جي ڀت سان رکيل اي پانجاري ڏٺائين، ڇرڪ نڪري ويس.

” رب مونجا خير ڪجئين، مرشيد اجهو ٿجئين..... مئي ويئي ڪيڏانهن، وري پوئين پيرن اچي جهوت هنيائين. کٽ هيٺ ڏٺائين جتي به ڪا نه هئي مٿي اک کنيائين پيتن مٿان رکيل لالان جي پيتي به ڪا نه هئي،اندر ۾ وڍ پئجي ويس، ساهه نڙي ۾ اٽڪي پيس. ڳالهه سمجهي ويئي، ڊوڙي اچي مڙس جي منهن تان ڇڪي سوڙهه لاٿائين.

” دودي جا پي.... دودي.. جا پي ... اٿي اٿي....“ رڙ ڪيائين.

” ڇاهي...... ڇاهي.... رن! خير ته آهي ڪهڙي نانگ ڏنگيئه؟“ جمو باهوڙ جي ڇرڪ ڀري اٿيو.

” خير ڪهڙو.... ڇوري ڪانهي.....“ منهن تي هٿ هڻندي چيائين.

” هان..... ڇوري ڪانهي..... ڪنهن جي ڇوري ڪانهي“ جمين نه سمجهندي پڇيو.

” لالان لالان ڪانهي، پنهنجي لالان ڪانهي....، هو بت ۾ ست نه سڀاري پٽ تي ويهي رهي. ” ڪيڏانهن وئي“ جمي اڃا به نه سمجهيو.

” مون نپٽي کي ڪهڙي کبر.... اڙي ڏاڙهي ڪوڙجي ويئي مئا تنهنجي“ اوڇنگار ڏيئي ڍاڍا ڏنائين ۽ جمعو سمجهي ويو، ٽپ ڏيئي ٿوي، آواز تي دودو به ٽپ ڏيئي اٿيو.

” ڇا هي ابا“

” ڪارو منهن ٿي ويو ابا.... دنگي ملجي ويئي پنهنجي منهن تي.“ جمعي مٿو پٽيندي چيو.

” ڇو ڇو....؟“ دودو وائڙو ويو.

” لالان ڀڄي ويئي“ ماڻس رڙ ڪئي، ۽ دودو پٿرائجي ويو، جهڙوڪر سندس اکيون ٻاهر نڪري ٿي آيون،

هو ٽيئي پيرن اگهاڙا ٻاهر نڪري آيا، وٺ وٺان ٿي وئي، هتان کان هتي تائين ڳالهه اڏري، ننڍو وڏو گڏ ٿي ويو، سڀ رنو پلٽجي پيون.

” ائي لال ڀڄي ويئي

” ائي نه نه... ڊوهي اٿئي پير جي سچي ته ٻڌاءِ“

” ائي مرشد سنهن“

” امان باڊل سچو هو“

” پر هنين رنين اهيرين گڏجي ويچاري کي ڪوڙو ڪيو“

” پر وئي ڪنهن سان؟“

” اها کبر ڪانهي، پر اجهي ٿا اڇا ڪارا پڌرا ٿين“

” پر پٽي کي ڪهڙي نانگ جهڙيو؟“ جيترا وات اوتريون ڳالهيون، سڄي ڳوٺ جو ڪنڌ جهڪي ويو،زالن ۾ لٺ ڦري ويئي، رڙيون، گاريون پٽڻا.

” سڄو ڪم آن رنن جو آهي“

” اي رڳو رنن مارڻ مان ٻانهن ٿلهي ڪانه ٿيندي، پهرين راڄن کي ڄاڻ ڪريو“

مڙس گهوڙن تي چڙهي پيا، ويجهن ڳوٺن ڏي پيادا ويا، هر ايندڙ ويندڙ گهوڙي پويان ڪتا ٿي ڀونڪيا، ۽ چپ ٿي ويا،

مينهون، ڍڳا، ڦر.... ٻڌا رهيا، ٻڪرين جي واڙين تان ڍينگهر پاسي ڪو نه ٿيو، ڪڪڙين جون کڏيون پوريل رهيون، ٻنين ۾ پاڻي نڌڻڪو وهندو رهيو، پا جا ڪم ڇاجا ڪار، ڪنهن وٽ رهي ته ڪنهن جو پسيل ٻج رهيو،

اوڙي پاڙي جا پٽڪي ور اچي گڏ ٿيا، لٺيون ڪهاڙيون، پيري پهتا، پير کنيا ويا، ڪوٽ کان کاڻ واري ٻٻر تائين رڳو لالان جو پير هو، پوءِ ٻن مڙسن جا پير گڏيا، رستي تي جيپ جا نشان ڏسي همت هارجي وين.

وڏيرن عارب به پهچي ويو، تر جو ميمبر چڱو مڙس، ڍنگ زميندار، سندس صلاح سان دودو ۽ ٻيا همراهه ٿاڻي تي ويا، وڏي صوبيدار ڏانهن وڏيري خاص خط لکي ڏنو، جمون اونڌي منجي ڪري، ڪري پيو،

باقي همراهه وهراڙو ڪري روانا ٿيا، گهوڙا، اٺ، پنڌ، هڻ جتي کي ڌڪ، اچي ييڻيان اچي جيپ جا نشان پٽڙي تان وڃي پڪي تي چڙهيا، هاڻي مڙس وائڙا ٿي ويا، پڪي تي ڀلا ڪهڙا پير لڳن، سو وهرڙو وري آيو.

سڄو شڪ هاڻي بلاول تي وڃي بيٺو،جن بادل کي ڪوڙو ڪيو هو سي هن اڳيان ڪنڌ نٿي کڻي سگهيا، ڪن صلاح ڪئي ته ڪي ڳولائو اتر وڃن، پر ڪٿي؟ شهر ۾ يا ڳوٺ ۾، ڪهڙي خبر ته ماستر جو ڳوٺ ڪهڙو؟ اوطاق مڙسن سان ٽمٽار ٿي وئي، سڀني جا منهن لٿل جهڙو قضيو ٿي ويو هجي، ديڳيون چڙهي ويون، آخر ته راڄن کي ٻه گرهه ته کارائڻا هئا، وڏيرو عارب کٽ تي باقي همراهه پٽ تي، نکون تنوريون تڏا جهلي ويٺا شام اچي لڙي.

گهاٽو منهن انڌارو ٿيو ته پوليس به اچي پهتي، وڏو صوبيدار اٽالي سوڌو پاڻ اچي لٿو، وڏي صوبيدار جو وڏو پيٽ ڏسي ۽ اڌوگابري ٻولي ٻڌي، گهڻن کي پڪ ٿي وئي ته اجهو ٿي ٻانهن ملي، وڏي صوبيدار لهندي ئي سر زمين ڏسڻ لئه گهر ۾ ويو،وڏيرو ساڻس گڏ، اوڙي پاڙي کي اک مان ڪڍيائين، ۽ نيٽ لالان جي بي سامت ماءُ وٽ اچي بيٺو ۽ جڏهين پنهنجو حرام اکيون هن پوڙهي جي اکين ۾ کپايون ته پوڙهي جو ڪنڌ جهڪي ويو.

” تون ڀجي ويل ڇوري جي ماءُ آهين“

” هائو ابا!“

” توکي سڀ خبر هوندي، ٻڌاءِ ڪيڙي پاسي ڪڍئيس“ صوبيدار کهرو ٿي پڇيو ته پوڙهي سان گڏ ٻين بيٺلن کي به چڪر اچي ويو،هر ڪو حيران،وات پٽجي وين.

” ابا! آئون ڪيئن پنهنجي ٻچي کي هٿ سان بڇڙو ڪري ڪڍينديس.“ پوڙهي ڄڻ ته کوهه جي تري مان ڳالهايو.

” هي سڀ ڪم تنهنجو ڪيل آهي، پوڙي، سچ بڌاءِ نه ته....“ صوبيدار ويتر ڪانڊر ڪئي ۽ پوڙهي بي اختيار روئي پئي.

وڏيرو عارب وچ ۾ اچي ويو،

” نه سائين نه. هي ماڙهو اهڙا ڪونهي، هنن غريبن سان ته ناحق ٿيو آهي“

” وڏيرا! اسان کي وڌيڪ خبر آهي، مائون اهڙن ڪمن ۾ ڌيئن سان سدائين گڏ هونديون آهن، پر خير هلو پوءِ ڏسبو “ صوبيدار وڏيرو ۽ ٻيا همراهه ٻاهر آيا، ٻه سپاهي هڪ جمعدار هڪ ڊارئيور، سڄو اٽالو، ڪڪڙ ڪسي ويا، کٽن تي هنڌ اڳ ئي وڇائجي ويا هئا، رسائي پوري هئي،

” وڏا سر زمين جونقشو تيار ڪر.“ صوبيدار وهاڻي کي ٽيڪ ڏيندي جمعدار کي چيو، جمعدار چمڙي جو ڪارو ٿيلهو سيراندي کان کنيو، کوليون، ڪاغذ، پينسل، ڪاربان فٽ پٽي ڪڍي تيار ٿيو،گاسليٽ واري بتي کڻي ويجهي ڪيائين.

” لک.... گهر جي مغرب کان به سئو فٽ پري اسڪول.... ها پرائمري اسڪول.... جنهنجو منهن مشرق طرف.....“ صوبيدار سمجهائڻ لڳو ۽ جمعدار ڪاغذن تي ليڪا پائي لکڻ لڳو.

اوچتو صوبيدار کي ڪا ڳالهه ياد آئي.

”وڊيرا !....“

” جي سائين!......“ وڏيرو کٽ اڌ اٿيو ويٺو.

” مان ٽيهه سال نوڪري ڪئي آهي ڊوهي کي لکن ۾ سنجاڻا، هي ڪيس داخل ٿي ويو آهي، پر مان جانچ پنهنجي مرضي سان ڪندس، هتي به ٽي جانچون خونن جون رهيل آهن،ڪماني صاحب جو حڪم آهي ته پهرين اهي ختم ڪريون، پر رڳو تنهنجي ڪري هي ڪم هٿ ۾کنيو اٿم،آخر ته عزت جو سوال آهي نه“ صوبيدار چيو.

” سائين مهرباني.“ وڏيري خوشي ۾ گوگڙي وانگر ٽڙندي چيو.

” اي ڏٺئي، پانجي اپيسر جو حڪم ڇڏي، وڏيري جو ڪم پهرين ٿوڪري، هلنديون اهي آهن“ ڪچهري ۾ ڪنهن سرٻاٽ ڪيو،

” مڙسن جو ياريون اهي اٿئي“ ڪنهنوارو وٺايو.

” بروبر....“

” ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي ته ويل شئي جي ڳولا ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي جوابدار جي ڪا پڪي ائڊريس ناهي، انڌي گهورپ ڪرڻي آهي،خيرپور کان جيڪب آباد تائين لاڙڪاڻي کان شڪارپور تائين اتر آهي، ظاهر آهي ان پاسي پوليس ويندي، جاسوس ويندا....“ صوبيدار چوندو رهيو ۽  وڏيرو ٽيڪ ڏيندو رهيو.

. بروبر سائي بروبر......“

”.... ۽ اهو سڀ ڪجهه خرچ سان ٿيندو“ صوبيدار چيو.

” ها سائين اڄڪلهه بنا خرچ جي ڇاٿو ٿيئي“ وڏيري چيو.

” هر ڳالهه ۾ هر ڪم ۾ خرچ ته ٿيئي ٿو، جهوني علڻ چيو.

” ته هاڻي ڳالهه ڪريو خرچ جي، خرچ ڪير ڀريندو،ائين نه ٿيئي ته پئسو کٽي ونجي ۽ ڪم اڌ ۾ رهجي ونجي“ صوبيدار چيو.

    ”ها سائين ! اهو ته ڪرڻو پوندو ...... پر  هاڻي اها به خبر ناهي ته خرچ ڪيترو ايندو.“

               وڏيري چيو.

. ويل شيءِ جي ڳولا آهي..... انهن ڪمن جي تخميني جي خبر وڏي کي وڌيڪ آهي،.... وڏا! ٿورو حساب ته لڳاءِ، صوبيدار جمعدار کي چيو، ۽ جمعدار ٿوريدير ويچاريو.

” سائين! بنهه هٿ جهلي هلجي. مٺ ڀڪوڙجي ته به جهڙوڪر پنجويهه ٽيهه هزار ته لڳندئي لڳندا...“ جمعدار چيو.. ۽ ويٺلن کي حيرت وٺي وئي.

” هينئر سلو وارن تيرنهن هزارن ۾ بنگالڻ وٺي پٽ کي پرڻايو آهي“ گلو بچل کي ٺونٽ هڻندي چيو.

” هائو.... پر هتي معاملو ٻيو آهي“ بچل ڀڻڪيو.

” سائين! هي به غريب ماڻهو آهن، رقم تمام وڏي آهي، ڪجهه مڙيئي خيال ڪريو“ وڏيري چيو.

” وڏيرا سائين پئسا عزت کان مٿي ته ڪونهي، بانهن ڀڄي ٿي سورن لاءِ“ جمعدار چيو.

”هائو پر وڏا، حال به سقيمي هي“ وڏيري وري چيو.

” بس سائين، اوهين مالڪ آهيون، هيڏانهن صاحب به پاڻ آهي، اوهان جي مرضي“ جمعدار چيو.

وڏيرا! مان ته رڳو تنهنجي ڪري اها تڪليف مٿي تي پيو کنان نه ته اهڙا ڪئين ڪيس، بي ڪلاس ۾ نيڪال ٿيو ونجن، وڌ به تنهنجي صلاح....“ صوبيدار چيو.

ڀلا پوءِ آئون همراهه سان پنهنجي منهن ڳالهايان“ وڏيري چيو، ۽ جمين دودي، چاڪ کي ٻاهر وٺي ويو،ڳچ ويرم گذري ته وڏيري وڏي جمعدار کي به سڏيو، ۽ وڏو جمعدار پنهنجين وڏين ڳاڙهين مڇين کي وٽ ڏيئي وڃي ڳالهين ۾ شريڪ ٿيو.

” يار مٺا خان! هاڻي تون ڪا مدد ڪر...“ وڏيري چيو.

” سائين! پاڻ توسان ٻڌل آهيون“ جمعدار چيو.

” ڪم به ضرور ڪرڻو آهي، عزت جو سوال آهي، پر ڏوڪڙن ۾ ڪجهه گهٽتائي ڪراٰءِ“

” سائين! سچي پڇين ته صوبيدار صاحب ته وڏو وات پٽيو هو، پر اهو ته مون بنهه پنهنجو ڄاڻي حساب لڳايو، رولڙن ۾ خرچ ته ٿين ٿا، پوءِ تون وڏيرو چوندين نه هٿ پير ٻڌي کڻي ٻه ٽي هزار گهٽ ڪرائبا، باقي ويهين کان گهٽ ته پوءِ به ڪم ڪو نه ٿيندو“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com