سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :20

ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سان نه رڳو علم ادب جي ناتي پر پاڙيسري هئڻ ڪري به ويجهائپ هئي، ڪجهه وقت  هڪ آفيس (روينيو کاتي) ۾ به گڏ ڪم ڪيو هيوسي، سڏ ۾ سڏ ڏيڻ جي اميد منهنجي ٻين کان وڌ مرحوم ۾ هوندي هئي.

ڊاڪٽر صاحب گهڻ پهلو  شخصيت جو حامل هو،  نه رڳو تحقيقي ڪم ۾ ڀڙ هو پر تخليقي ڪم ۾ به گهڻو مٿاهون هو، سندس مضمونن ۽ ڪتابن ۾ گوناگون موضوع موجود آهن ڇپيل مواد ته سندس ڪافي آهي پر اڻ ڇپيل مواد به وٽس ڪافي موجود هيو، نه رڳو سنڌي ۾ پر اردو ۾ به ڪافي ڪتابن جو مصنف هو، لسانيات تي سندس اردو ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ مون ترجمون ڪيو آهي، تحقيقي ڪم سان گڏ تنقيد جو به وڏو ماهر هيو، سندس قلم مان تبصرا، تعارف ۽ خاڪا به نڪتا، اعزاز جي علم ۽ ادب ۾ کيس ملياسي اڪيچار آهن، سندس قابليت ڪري حڪومت به کيس ” تمغه امتياز“ سان نوازيو.

ڊاڪٽر صاحب جي اوطاق ۾ هميشه رونق لڳل هوندي هئي، ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو جن ۾ اديبن ۽ شاعرن سان گڏ ضرورت مند پڻ هوندا هئا، ڪهي وٽس ايندا هئا، هر هڪ سان محبت سان پيش ايندو هو پنهنجن سان به اهڙو ته پراون سان به اهڙو، دستر خوان جو به ڪشادو هو، ٻاهريان ته ٺهيو پر مقامي ماڻهن کي به ماني وقت کارائڻ سوءِ ڪين ڇڏيندو هو، سياري ۾ چانهه ۽ اونهاري ۾ شربت هر هڪ آئي وئي کي سڪ مان پيش ڪندو هو، طعام سان گڏ قيام جو بندوبست پڻ وٽس هو، ٻاهريان ماڻهو رات اڪثر وٽس گذاريندا هئا.

مصروفيتن (ماڻهن سان ملڻ، سندن خاطر تواضح ڪرڻ، گهرجائن جون گهر جون پوريون ڪرڻ، ضرورت مندن سان آفيسرن وٽ پير ڀري وڃڻ، مجلس، مذاڪرن ۽ مشاعرن ۾ بهرو وٺڻ وغيره) مان پتو نه آهي، ڪهڙي وقت فراغت حاصل ڪري مطالعو ڪندو يا لکندو هو، سندس ڇپيل مواد مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ننڊ جو وقفو مختصر ڪري بچيل وقت ۾ تحقيق ۽ تخليق جو ڪم ڪندو هو.

تحقيقي ڪم ۾ مطالع سان گڏ مشاهدي جي ضرورت به ڪڏهن پيش ايندي آهي، مطالع لاءِ ته ڊاڪٽر صاحب جي لئبريري ئي ڪافي هئي، سندس ذاتي لئبريري ۾ ڪيئي قيمتي ڪتاب موجود آهن جي هر موضوع ۽ صنف تي مشتمل آهن، انهن مان نه رڳو پاڻ فائدو حاصل ڪندو هو پر ٻيا به گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا هئا، ڪنهن ڪتاب لاءِ ڪبي هئي ته بنا ججهڪ ڪنهن نه ڪنهن دريءَ جو طاق کولي جنهن ڪتاب ۾ هٿ وجهندو هو اهوئي گهريل ڪتاب هوندو هو، پنهنجي لئبريري کان علاوه ضرورت وقت دوستن يا مقامي لئبريرين مان به مواد هٿ ڪندو هو، مشاهدي لاءِ سر زمين تي وڃي روبرو چيزن کي ڏسندو هو، لاڙڪاڻي جي هسٽاريڪل سوسائٽي پاران شهر، پسگردائي دور دور هنڌن تي وڃي دڙن، ڀڙن ۽ تاريخي آثارن بابت تحقيقات ڪري، فوٽو ڪڍائي مفصل رپورٽ پيش ڪئي هئائين، ٻن مضمونن خاطر اچ شريف بهالپور جا ڪي آثار، ريتي جا اهڃاڻ ۽ روهڙي جي پريان ٿر جو مون سان گڏ مشاهدو ڪيائين.

 عالم هيو ۽ علم جو قدردان، پڇا ڪرڻ تي علم ۽ ادب جي سلسلي ۾ صلاح به سٺي ڏيندو هو، سندس رايو بنا رد ۽ رعايت جي هوندو هو، حق ۽ سچ چوڻ ۾ ڪيٻائيندو ڪين هو، بعد ۾ وزنائتا مشورا ڏئي مواد کي وڻندڙ بنائڻ ۾ مدد پڻ ڪندو هو، ٻئي جي چڱي چيز جي دل کولي تعريف ڪندو هو.

ڊاڪٽر عبدالمجيد اڏاوت جي ڪم جي چڱي ڄاڻ رکندو هيو، پنهنجن جاين جڳهن جا نقشا پاڻ تيار ڪيا هئائين، مٽيريل جي چونڊ به پاڻ ڪندو هو، اوساري وقت پاڻ بيهي ڪاريگرن کي همٿائيندو ۽ ماني پاڻي جو خيال رکندو هو، ٿوري جڳهه ۾ گهڻي سهولت واري اڏاوت ۾ ماهر هو اها ڄاڻ کيس اووريسئر جي ٽريننگ ۽ نوڪري دوران حاصل ٿي، انهي سبب ڪري دوست واقف ڪار جاءِ ٺهرائڻ وقت ساڻس صلاح مشورو ڪندا هئا.

 نوڪريءَ جو عرصو محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيائين، ڪجهه وقت روينيو ۾ رهيو، بعد ۾ اووريسئر جي ٽريننگ وٺي ان کاتي ۾ ويو، اورچ ته هيوئي، امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ گهڙيو، جتي پي، ايڇ ڊي ڪيائين، جنهن هنڌ به نوڪري ڪيائين جي پنهنجي شرافت، محنت ۽ ديانت جي ساک ڇڏيائين، ڪجهه ڪتاب سيڪنڊري ۽ مٿاهين درجن لاءِ گائيڊ طور لکيائين، سندس ڪي ڪتاب درسي طور پڙهايا پڻ ويندا هئا، سندس ڪتاب CSS جي نصاب تي پڻ پڙهڻ لاءِ سفارش ٿيل ڪتابن ۾ آهي، پاڻ ڊاڪٽريٽ جي لاءِ گائيڊ پڻ هيو، ان گس جي پانڌيئڙن کي سٺي دڳ لائيندو هو، سندس صلاح ۽ مشوره ڪافي وزنائتا ۽ وڙائتا هئا، منجهانئس گهڻن ماڻهن فيض پرايو.

ڏاڍو همدرد انسان هو، قضا الاهي منهنجي ڄنگهه ڀڄي پيئي، پلنگ جي پائي سان مهينا ٻڌل رهيم پندرهن منٽ به هڪ هنڌ قرار نه ڪندڙ انسان جو مهينا سنئين ڪنڊي پلنگ سان ٻڌو پيو هجي، ان جي ذهني ۽ جسامي اذيت جو ڪاٿو لڳڻ جوئي نه آهي، پر ان دوران دوستن جي موجودگي  ذهني آسودگي ۽ جسماني ڪرب ۾ ڪمي آڻيندي هئي، روزانو ڀيرو ڪرڻ وارن ۾ ڊاڪٽر مرحوم به شامل هو، نه رڳو ايترو پر منهنجي وندر ۽ وقت گذارڻ لاءِ منهنجي پسند جا ڪتاب پڻ مهيا ڪري ڏيندو هو، هڪ رات جو ڏاڍو پريشان ٿيس، وقت به ٻارهن وڄڻ جي ويجهو هو، اهڙو ڊاڪٽر نه پئي سجهيو جو سڏ ورائي، ميمڻ صاحب کي ٽيليفون ڪيم، چيومانس ” بي گاهه وقت آهي، ڪنهن ڊاڪٽر ۾ اميد نه آهي ته اچي، تڪليف ۾ آهيان، ڪجهه ڪيو،“ پنجن منٽن ۾ ڊاڪٽر (جو سندس نياڻيو آهي) سميت اچي پهتو، هڪ دوست جي موجودگي ۽ ٻيو سٺي ڊاڪٽر جو نسخو! ذهني ۽جسماني عذاب مان نجات ملي، نه في ئي قبول ڪيائون ۽ نه بي جا وقت تي تڪليف جي معذوت:

دوست آن باشد که گيرد دست دوست
در پر شان حالي و در ماندگي

مرحوم ۾ در گذر ڪرڻ جو مادو گهڻو هوندو هو، مخالفن سان به ملڻ وقت محبت سان پيش ايندو هو هڪ تنقيدنگار جنهن سندس تخليقن تي ڀرپور تنقيد ڪئي آهي، جڏهن بيمار ٿيو ته مون سان گڏ هلي سند طبح پرسي ڪيائين، اڳئين به جنهن جي مخالفت علمي تنقيد تائين محدود هئي سوساڻس محبت سان مليو، سندس (تنقيد نگاري) فون ٿيڻ تي ڊاڪٽر صاحب مرحوم شهر کان ٻاهر وڃي سندس تڪفين ۽ تدفين ۾ شريڪ ٿيو هو، ٻنهي ڄاڻن جي وچ  ۾ جا وڇوٽي هئي سا هئي علمي تنقيد، الله تعاليٰ مرحومين جي روح کي راحت پهچائي آمين.

مذهب سان مرحوم جودلي لڳاءُ هو، ان ڪري حج ۽ عمرا ڪيائين، ان ڏس ۾ سندس مطالعو به وسيع هو، تصوف جو اونهو مطالعو ڪيو هئائين، سڀني مکيه سلسلن جي ڄاڻ هيس، ان موضوع تي متعدد مضمون به لکيائين.

اصولي طور موحد هيو پر سندس اعتقاد ۾ بي جا سختي ڪانه هئي، هر مذهب جي پولڳ سان رواداري رکندو هو، اختلافي مسئلن ۾الجهڻ پسند ڪين ڪندو هو،

نماز ۽ روزي جو پابند هو، پوئين وقت ۾ ڪجهه بيمار زياده رهڻ لڳو هو، رمضان جي ڏينهن ۾ منهنجو وٽس وڃڻ ٿيو، افسوس سان اظهار ڪيائين ته ڊاڪٽر کيس روزي رکڻ کان منع ڪئي آهي،

حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم سان انتها درجي جي محبت ۽ عقيدت هوندي هيس، سندس شان م نعتن ۽ مولودن جو ذخيرو گڏ ڪري ڇپايائين، سندس فوت ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ وٽس ويو هيم، سيرت پاڪ جو مطالعو ڪري رهيو هيو، سيرت تي متعدد ڪتاب سنڌي، اردو ۽

انگريزي ۾ ڏيکاريائين ۽ ٻڌايائين ته ڪافي مطالعو ڪري چڪوآهيان ۽ خيال آهي ته سيرت پاڪ تي هڪ جامع ڪتاب لکان، ان خواهش جي هو تڪميل نه ڪري سگهيو، پر الله تعاليٰ نيتن جو پارکو آهي، مون کي قوي اميد آهي ته ان نيت جو اجر کيس اوس ملندو.

اذان جي آوازتي لبيڪ چوندي همايون وانگر ڏاڪڻ تان ٿڙڪيو، جو سندس اصلي ماڳ تي وڃڻ جو سبب بڻيو.

بابر منير قاضي

هُو جي هئا  هِت.....

        11  سيپٽمبر 1931ع مطابق 67 رمضان المبارڪ 350 هه جمعي ڏينهن هڪ اهڙي هستي شڪارپور کان ٽي ميل پري سند واهه تي اڏيل ڳوٺ ” هاڙي“ ۾ جنم ورتو، جنهن اڳتي هلي سنڌي علم، ادب ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو، اها هستي عبدالمجيد ميمڻ (پوءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) جي هئي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي والد جو نالو حاجي غلام حسين هو، سندس خاندان جو ڌنڌو ڪپڙو اڻڻ ۽ڪاروبار ڪرڻ هو، هي اهوئي عظيم پيشو آهي، جنهن جي لاءِ شاهه لطيف ڪجهه هن طرح چيو آهي.

هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن،      ڇنڻ مور نه سکيا.

ميمڻ صاحب شروعاتي تعليم ماڙي ۾ حاصل ڪئي. 1942ع ۾ٻوڏ اچڻ ڪري سندس خاندان لڏي شڪارپور ۾ آيو، ميمڻ صاحب کي شڪارپور ۾ ئي مولوي فضل الله جي مدرسي ۾ وهاريو ويو، جتان عربي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين، ٿوري عرصي کانپوءِ کيس مدرسي مان اٿاري پرائمري اسڪول شڪارپور ۾ وهاريو ويو، جتان ڪامياب ٿي نڪتو، انگريزي تعليم لاءِ شڪارپور جي پرائيويٽ اسڪول ۾ کيس داخل ڪيو ويو، اهواسڪول شڪارپور جي هندن طرفان هلايو ٿي ويو، 1948ع ۾ وري سندس خاندان لاڙڪاڻي لڏي آيو ،جتان 1952ع ۾ ميمڻ  صاحب ميئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽1954ع ميمڻ صاحب سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما سکر مان پاس ڪيو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ قدرت خدا جي کيس روينيو ۾ ڪلارڪي جي پوسٽ ملي، اندوران پاڻ بي اي پاس ڪيائون، بعد ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ڇڏي پي ڊبليو ڊي ۾ اووسيئر مقرر ٿيو، ان عرصي دوران پاڻ ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) ايم اي (مذاهب عالم جو نقابلي جائزو) ۽ ايل ايل بي جونڊگريون حاصل ڪيون.63-1962ع ۾ پاڻ اها نوڪري به ڇڏي اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ان ليڪچراري دوران ميمڻ صاحب ڪاليج جي پرنسپل شيخ عبدالرزاق سان ملي ڪاليج ۾ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تقريبات جو بنياد وڌو، يوم لطيف، يوم سچل ۽ يوم بيدل هر سال منعقد ڪرائيندا هئا، انکان علاوه مشاعره ۽ مختلف موضوعن تي مذاڪره پڻ ڪرايا هئائون،هڪ ادبي سوسائٽي بنام ” سنڌي ادبي سوسائٽي“ پڻ قائم ڪئي هئائون، جنهن ذريعي ڪتاب شايع ڪرائڻ شروع ڪيائون، ان سوسائٽي طرفان ميمڻ صاحب جا به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا هئا، بعد ۾ هڪ ٻيو ادارو ” لطيف اڪيڊمي“ پڻ قائم ڪيائين، جنهن طرفان ميمڻ صاحب ” پارس“ نالي هڪ ڪتابي سلسلو پڻ شروع ڪيو.

1972ع ۾ جڏهن پرائيوٽ ڪاليج نيشلزائيزڊ ٿيا، تڏهن محڪمي تعليم کائنس مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال طور خدمتون حاصل ڪيون، انهن ڪاليجن جا نالا بالترتيب هن ريت آهن: گورنمينٽ شاهه عبداللطيف ڪاليج شڪارپور،گورنمينٽ شاهه عبداللطيف ڪاليج قمبر علي خان، گورنمينٽ قمبر علي خان، گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ميرس،گورنمينٽ ڪاليج رتو ديرو ۽ گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو شامل آهن، جتان 1991ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.

انهن تدريسي خدمتن دوران 1984ع ۾ ميمڻ صاحب ” بيان العارفين جي تدفين“ تي تحقيقي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين، ان ڊگري جو گائيڊ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جن هئ، بعد۾ ميمڻ صاحب کي به يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي لاءِ گائيڊ مقرر ڪيو ويو هو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ صاحب 1935ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي، ان زماني ۾ الوحيد ۽ نئين زندگي ۾ سندس ليک شايع ٿيندا هئا، پوءِ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ليک لکڻ لڳو، پاڻ سنڌ جي تاريخ ،سنڌي ادب ،سنڌي ادبي شخصيات ۽ سنڌي ثقافت تي ڪيترائي مضمون ، مقالا  ۽ ڪتاب لکيائين .سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

(1)ڏور (لوڪ ادب _1961ع) (2) تاريخ قوم هڪڙا (تحقيق _  1962ع) (3) ماڻڪ موتي لعل جلد پهريون (مضامين_1962ع) (4) ڪريم جو ڪلام تحقيق وتنقيد_ 1962ع) (5) تذڪرا شعراءِ سکر   )تحقيق وتنقيد_1963ع)(6)ماڻڪ موتي لعل  جلد ٻيو( مضامين-1965ع)(7) تذڪره شهباز (شخصيات-1965ع)(8) ذڪر اشرف (شخصيات _1966ع) (9) ديس ديس جون ڪهاڻيون (ترتيب_ 1966ع) (10) فڪر لطيف (شخصيات _1967ع) (11) قيمتي ڪهاڻيون (ترتيب _1969ع) (12)ملا نصير الدين جا لطيفا (مزاحيه ادب _1969ع) (13) پرک ۽ پروڙ (اخلاقيات_(1971ع) (14) فڪر بيدل (شخصيات _ 1971ع) (15) سنڌي علم ادب ، اصول ۽ اهڃاڻ (تنقيد_1971ع) (16) جو تيون جواهرن جون (لوڪ ادب_ 1972ع) (17) سندي ادب جو تاريخي جاءزو.... (تحقيق ۽ تنقيد _ 1972ع) (18) اسلاميات (نصاب _1972ع) (19) اقتصاديات براءِ فرسٽ ايءِر... رٽس (نصاب_ 1972ع) (20) اقتصاديات براءِ انٽر آرٽس ( نصاب_ 1972ع) (21) رتيءَ جي رهاڻ ( مضامين _1971ع) (22) اسلامڪ ڪلچر (نصاب _ 1972ع) (23) اسلام ۽ ان جي ڄاڻ (مذهبيات _ 1972ع) (24) سر ڏهر (لطيفيات _ 1973ع) (25) سر سارنگ (لطيفيات _ 1973ع) (26) سندهي ادب کي مختصر تاريخ (تحقيق ۽ تنقيد _ 1976ع) (27) لطيف جو پيغام (لطيفيات _1978ع) (28) سوانح قلندر (شخصيات_ 1978ع) (29) سچل جو سنيهو (شخصيات _1980ع) (30) سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري (تحقيق_ 1980ع) (31) شهري حياتي ۽ ڳوٺ...... (ٻاراڻو ادب _ 1981ع) (32) پورهيي جو مان (ٻاراڻو ادب _ 1981ع) (33) شڪارپور ، ماضي۽ حال (ترتيب _ 1984ع) (34) سيرت النبي صلي....... (ٻاراڻو ادب _1984ع) (35) سنڌي نصاب _ نائِين.... ڏهين ڪلاس لاءِ..... (نصاب _1980ع) 36) لاڙڪاڻو..... ساهه سيباڻو (ترتيب _ 1980ع) (37) سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات (تحقيق_1989ع) (38) سنڌي شرح قصيده برداه (مرتب _1989ع)39) سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن (نصاب _1990ع) (40) لطيفي لات...... (لطيفيات _ 1991ع) (41) نگارشات سندهه ( تحقيق _1993ع) (42) شڪارپور جي ٻولي (لسانيات_ 1993ع) 43) لسانيات پاڪستان (لسانيات_1994ع) (44) گهڙيون گهاريم جن سين (يادگيريون _1994ع) (45) پاڪستان مين صوفيانه تحريکين (تحقيق وقنقيد _1994ع) (46) تاريخ جا وکر يل  ورق  (تحقيق_1990ع) 47) ڪلام بشير (شخصيات _1996ع) .

ڊاڪٽر صاحب جا ويهه کن اڻ ڇپيل ڪتاب به لکيل آهن، جن ۾ ڪلام غلام محمد بگائي ”فيض دريا شاهه“ ، ”ميمڻ قوم جي تاريخ“ ، بيان العارفين جي تدوين“ ، تاريخي مقالا  ”پڪا ۽  پيرون“ ۽  ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندن وارثن وٽ موجود آهن.

 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي نه صرف ڪيترن ئي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو باني هو ، بلڪ سندس علمي ۽ ادبي ڄاڻ سبب کيس ڪيترن ٰئي ادارن جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو  ويو هو ، انهن ادارن ۽ سنڌس ادبي بورد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الا.جي ڄام شورو ، قومي نصاب ڪميٽي ، صوبائي نصاب ڪميٽي ، سنڌي ادبي سوسائٽي (باني ميمبر) بزم طالب المولي ، بزم شهباز ، لطيف ادبي اڪيڊمي (باني ميمبر ) ، ساهت سوسائٽي پاڪستان قومي هجره ڪاميٽي سنڌي ادبي اڪيڊمي (باني ميمبر ) ۽ ماهوار السنڌ وغيره شامل آهن ادبي سوسائٽي کان علاوه ميمڻ صاحب هيٽين علمي، ادبي ثقافتي ۽ تعليمي ڪانفرنس، سيمينارن ۽ تقريبن ۾  پڻ شريڪ  ٿيندو هو ، جهڙوڪ  سنڌي ادبي ڪانفرنس ، شاهه لطيف ادبي  ڪانفرنس ، سچل ادبي ڪانفرنس، شاهه لطيف ڪانفرنس (سکر نئون ديرو ۽ شڪارپور )، سچل سيمينار، پاڪستان هسٽري ڪانفرنس ، اهل قلم ڪانفرنس ، تنظيم فڪر و نظر ۽ ٻيون شامل آهن.  

ڊاڪٽر صاحب وٽ پنهنجي لائبريري پڻ هئي، جيڪا موصوف 1947ع کان قائم ڪئي هئي، هن وقت هن لئبريري ۾ 19 هزار ڪتاب موجود آهن، تاريخ، ادب ثقافت، مذهب، فلسفي ۽ سائنس تي سنڌي، اردو، انگريزي عربي، فارسي، پشتو، پنجابي ۽ سرائڪي زبانن ۾ وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو، چيو وڃي ٿو ته هي لئبريري لاڙڪاڻي ڊويزن جي واحد، لائبريري آهي، جنهن ۾ ٻارهين صدي، ارڙهين صدي ۽ اڻويهين صدي جا اڻ لڀ ۽ بيش بها ڪتاب محفوظ آهن، مختلف دوران ۾ شايع ٿيل رساله پڻ هن لئبريري ۾ موجود آهن، ڪيترن ئي علم و ادب جي اڃايلن هتان پنهنجي اڃ اجهائي آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جي مڃتا طور حڪومت پاڪستان طرفان کيس 23 مارچ 1982ع ۾ ” تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو، 1991ع ۾ کيس نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سنڌي ڪتاب کي ” بهترين ٽيڪسٽ بڪ“ قرار ڏيندي کيس وفاقي وزارت تعليم ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان پڻ انعام ڏنو ويو.

ڊاڪٽر صاحب کي 9 فيبروري 1996ع ۾ گهرجي ڏاڪڻ تان ڪرڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳا هئا، جنهن کان پوءِ کين سول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ آندو ويو، مگر ان اسپتال ۾ نيورو سرجري جي سهولت نه هجڻ سبب کيس ڪراچي نيو ويو، پر پاڻ جا نبر نه ٿي سگهيو ۽ 11 فيبروري 1996ع تي آچر ڏينهن وفات ڪري ويو، سندس عمر 65 ورهيه هئي، کيس سومر ڏينهن سوين عزيزن، دوستن ۽ شاگردن جي موجودگيءَ ۾ شيخ زيد اسپتال لڳ قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، بقول لطيف رحه جي:

هوُ جي هئا هِت، ته هٿن هوُند حق ٿيو،
مڻيون،موُرت، مت،مان وسريون،ڪي  لهان.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي وفات تي عالمن ۽ علم دوستن جا موڪليل ويچار

         ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي آخري ملاقات 24، 12، 1995ع تي جيڪب آباد ۾ ” هارس ايڊ ڪيٽل شو“ جي موقعي تي سڏايل ادبي ڪانفرنس ۾ ٿي، افسوس جو هاڻ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب سان ڪابه ملاقات رهاڻ نه ٿي سگهندي، ڇاڪاڻ ته هاڻ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي دوستن ۽ احبابن کان هميشه لاءِ موڪلائي اوڏانهن ويو آهي، جتان ڪو به واپس نه موٽيو آهي.

الله تعاليٰ کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي، (آمين) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هڪ سٻاجهڙو، مٺڙو ۽ هرد لعزيز محقق هو، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي هن گهڻو ڪجهه لکيو آهي، ايئن کڻي چئجي ته هن سڄي زندگي سنڌ تي ئي لکيو، سنڌ جي تاريخ، ادب، سوانح، شاعري، زبان ۽ تصوف تي مرڻ گهڙي تائين لکندو رهيو، گهڻو ڪجهه سنڌي ۾ لکيائين، اگر اردو ۾ لکيائين به سهي ته اهو به سنڌ متعلق لکيائين، سنڌ تعلق مٿين موضوعن تي سندس لکيل مختلف تحقيقي ڪتاب، مضمون ۽ مقالا اسان لاءِ قيمتي سرمايو آهن، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته انهي قيمتي مواد جي حفاظت ڪريون ۽ سنڀاريون، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جا ڪيترائي ڇپيل ڪتاب هنوقت ناياب آهن، انهن کي هٿ ڪري دوبار ڇپائڻ گهرجي ۽ سندس اهي قيمتي مقالا ۽ مضمون جيڪي اڃا تائين مختلف رسالن جي زينت بڻيل آهن ۽ ڪتابي صورت ۾ نه آيا آهن، تن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ گهرجي.

محمد پنهل ڏهر

ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ زندگي جون پنجهٺ بهارون ڏٺيون، سندس وڃڻ جي ويل ته ڪانه هئي، پر موت هڪ اهڙو خزان جو تيز جهوٽو آهي، جو ڪنهن به گل کي، ڪنهن به وقت پنهنجي شاخ کان الڳ ڪري وجهندو آهي! اڄ ڊاڪٽر عبدالمجيد اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر اهو سچ آهي ته سندس ادبي خدمتن جي مهڪ اسان کي اهو بانور ڪرائي ٿي، ته ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي زندگي آهي.

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو شمار سنڌ اهڙن اورچ  اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي زندگي ادب جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏڻ جذبي سان ڪم ڪيو، ادب جي حوالي سان سندس شخصيت گهڻ رخي هئي، هن صاحب هڪئي وقت وقت ملڪو حاصل هو، ڊاڪٽر صاحب جي ادبي شهرت جو چوٻول پوري ملڪ تائين پهتل، هن پنهنجي ڄاڻ جي کاڻ مان موتين جي ونڊ ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪنجوسي نه ڪئي.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جي دلي خواهش اها هئي ته پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد جو مقدس پيشو اختيار ڪري عم ۽ تعليم کي فروغ ڏجي، قدرت سندن آرزو بر ثواب ڪئي ۽  پاڻ 1961ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، پاڻ پنهنجي فطري لاڙن موجب پاڙهڻ سان گڏ پڙڻ جو سلسلو به جاري رکندو آيو ۽ 1963ع ۾ ايل ايل بي جي سند حاصل ڪيائون، سن 1965ع ۾ ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۽ ايم اي رليجن(مذاهب عالم جو تقابلي مطالعو) جا امتحان پاس ڪيائين.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب سن 1974ع ۾ ” سنڌ يونيورسٽي“ مان بيان العارفين سنڌي جي ترتيب ۽ اپٽار“ جي عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي اعليٰ سند حاصل ڪئي، ڊاڪٽوريٽ جي ان تحقيقي مقالي لکڻ لاءِ سندس رهبري ۽ رهنمائي سنڌ جي مشهور عالم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪئي، سندس تحقيقي مقالي جو انتخاب سن 1976ع  ۾ اداره ” سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو “  پاران ”ڪريم جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، سندس ان تحقيقي ڪارنامي کي سنڌ ۽ هند جي مڙني محققن ۽ دانشورن خوب ساراهيو.

ڊاڪٽر صاحب جي علمي ذوق جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ ننڍپڻ کان ئي ان ذوق ۽ شوق سان واڳيل رهيو، شاگردي جي زماني ۾ ئي قصن ۽ ڪهاڻيون جا ڪتاب پڙهندو هو، سندس مطالعو نه رڳو قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رهيو، پر ان ايتري وسعت اختيار ڪئي، جو علمي ادبي، اخلاقي ۽ اسلامي ڪتابن جا ڪوٽ سندس ڳوڙهي اڀياس هيٺ رهيا، گهڻي مطالعي ۽ مشاهدي سبب سندس مزاج جو اهڙو عالم ٿيو جو آخر قلم هٿ ۾ کڻي پاڻ به ڪتاب تصنيف ڪندو رهيو، سن 51، 1952ع کان پاڻ لکڻ شروع ڪيائين، پهريائين روزانه اخبار ” الوحيد“ ۽ ماهوار رسالي ” نئين زندگي“ ۾  سندس قلمي ۽ علمي ڪاوشون شايع ٿينديون رهيون، ان کان علاوه سنڌ مان شايع ٿيندڙ هر رسالي، اخبار، مئگزين ۽ اشاعتي سلسلن ۾ سندس مقالا ۽ مضمون شايع ٿيندا رهيا، سندس لاتعداد مضمونن ۽ مقالن کان علاوه ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي منظر عام تي آيا آهن، جن کي علمي حلقن مان بي حد مڃتا ملي آهي.

انور فگار هڪڙو

هن دنيا جهان جو ڪم ڪاروبار ته پيو هلندو رهندو، پر هڪ ڳڻوان ماڻهوءَ جي اٿي وڃڻ جي ڪري ان جي خوبين جي خوشبو جي کوٽ ضرور محسوس ٿيندي آهي ڊاڪٽر صاحب جي وفات جي ڪري به ائين ضرور ٿيندو ته لاڙڪاڻي توڙي سنڌ جون ادبي محفلون هڪ سٻاجهڙي لهجي جي خوشبو کان خالي ٿي وينديون.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب سان جيڪو ويجهو رهيو هوندو ۽ جنهن سندس جي ۾ جهاتي پائي ڏٺو هوندو، انهي ضرور سندس پنهنجائپ واري سرهاڻ جي سڳنڌ کي محسوس ڪيو هوندو.

ڊاڪٽر صاحب هڪ سادڙو ۽ سٻاجهڙو سنڌ ماءُ جو سپوت هو، جنهن سنڌي ادبي جي تحقيقي گلشن جي آبياري ڪرڻ سن گڏ پيار ۽ پاٻوهه جا گل به پوکيا، اهوئي سبب آهي جو  سندس دوستن محبتين ۽ ساڻس عقيدت رکندڙن جو حلقو ڪافي وسيع آهي.

ادبي خدمتن سان گڏ سندس تعليمي خدمتن جو وچور به ڪافي وسيع آهي، جتي سندس سيڪڙي کان وڌيڪ لکيل ادبي ڪتاب، سندس ادبي حيثيت جي ثابتي پيش ڪن ٿا، اتي سندس پر تاثير نظر هيٺ تعليم حاصل ڪري، علم ادب ۽ تعليم کان علاوه ٻين شعبن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز سندس شاگرد، سندس اعليٰ استاد هئڻ جي عظمت جو پڻ ثبوت آهن.

مقصود گل

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تعليم جي فروغ لاءِ پڻ خواب پاڻ پتوڙيو، خاص ڪري ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جي حق ۾ ته ايترو اڳتي هو جو خود پنهنجي ٻن نياڻين ” رضيه“ ۽ ”نجمه“ کي پڙهائڻ تان کيس برادري جي ناراضگي به قبول ڪرڻي پئي پر پوءِ به ” نجمه صاحبه“ کي ڊاڪٽرياڻي بنائي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ آندائين، جتي خود سندس مخالفت ڪندڙ اڄ هن جي علاج جا محتا آهن، اهڙي طرح پنهنجي پٽ ”  عبدالوحيد“ جي پڙهائي تي به اوتروئي ڌيان ڏنائين، جنهن پڻ دل ج بيمارين واري شعبي ۾ ڊاڪٽري مهارت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ اهو به اڄ پنهنجي پيءُ جي انهن مخالفت جي ڪٽ لڳل دلين جو علاج ڪرڻ ۾ مصروف آهي، تحقيق ۽ تخليق جي شعبي کان سواءِ تصنيف جي ڪم ۾ به ڊاڪٽر صاحب 80 کان مٿي ڪتاب ڇيايا آهن، جيڪي خدا خدا موضوعن تي مشتمل آهن، سندس مقالن جو ته ڪو شمارئي ڪونهي.

جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب، سنڌ کانسواءِ اردو ۾ به پاڪستان ۽ نظريه پاڪستان لاءِ خوب ڪشالا ڪاٽيا.

ڊاڪٽر حيدر سنڌي

ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي سادو سودو مٺڙو ۽ ٻاجهارو عالم هو، هٺ وڏائي ۽ انانيت کان گهڻو مٿڀرو رهي خدمت ڪيائين، هو منهنجي سن يا ٽهي جو ته نه هو، پر ننڍن سان شفقت واري حوالي سان مون کي ڀائيندو هو، ان جو ٻيو سبب شايد هي به هو ته منهنجو ادبي ڪم جيڪو به هو، تنهن کي هن پسند ڪيو هو.

ڊاڪٽر صاحب منهنجي ڀاءُ ۽ استاد سردار علي شاهه ذاڪر جو دوست هو، پر هن جي ادبي لڏي سان ادبي ٽڪراءُ ۾ شامل نه هو، هن وچٿرائي اختيار ڪئي هئي ۽ ان لائين تي ڪم ڪندو رهيو، اها وچٿرائي هن جي تحريرن ۾ به نمايان آهي جيڪا جذباتي لکتن کي پسند ڪندڙن لاءِ گهڻي ڪشش واري نه آهي پر سنجيدي سوچ کي اپيل ڪري ٿي.

مون هڪ ڏينهن ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تي، هن جي علمي ادبي ڪم تي، سندس روبرو جار حاڻي تنقيد ڪئي ته هو ٻڌندو ۽ مرڪندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين انهي تنقيد جو هڪ ڀاڱو مناسب آهي ۽ ٻيو گهٽ ڄاڻ هجڻ جي ڪري وجود ۾ آيو آهي، ان موقعي تي هن وڌيڪ مطالعي ۽ غور فڪر ڪرڻ جي صلاح ڏنم اهڙي سهپ ٿورن عالمن ۾ هوندي آهي.

مان سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ۽ ٻين ڊاڪٽرن توڻي انهن ڏات ڌڻين جو ڪم / پورهيو تهن پنهنجو تسلسل قائم رکي سگهندو، جڏهن تحقيق جو سلسلو جاري رهندو ۽ ڇنڊبو ڇاڻبو، جنهن جو اڪيلو طريقو تنقيد آهي، جيڪي اڃا پهرين مرحلي مان پئي گذري.

امير بخاري

ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات مير حيمداد خان مولائي شيدائي وٽ ٿي، ٻي ملاقات سکر جي شاهي بازار ۾ ٿي ته مون کي ساڻ وٺي آيو ۽ جڳهه ڏيکاريائين پوءِ مان مهيني ۾ هڪ  ٻه دفعا ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ ضرور ويندو هيس، روزانه اخبار عبرت حيدرآباد هر مهيني هڪ ميگزين ڪڍندي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب تاريخي مقالا ٺٽه، ساموٽي وغيره ڇپيا هئا مان اهي سانڊي رکندو هيم، سائين حسام الدين شاهه راشدي، آغا بدر الدين خان دراني وٽ ڳڙهي ياسين ۾ اچي رهندا هئا، مان به سند خذمت ۾ روزان ويندو هيم، هڪڙي ڏينهن منجهند جي ماني پير صاحب سان گڏ پئي کاڌم ته گفتگو هلندي پئي رهي ته مون کان پڇيائون ” شڪارپور ۾ ڪهڙا اديب آهن؟“ عرض ڪيم ته بدوي خاندان کان علاوه جهامنداس ڀاٽيه آهي ۽ حبيب الله ڀٽو به آهي،“ وري پڇيائون: ” ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ڪاٿي ويٺو آهي؟“

عرض  ڪيم: سائين، اها خبر ناهي ته ميمڻ صاحب ڪاٿي ويٺو آهي؟ نه ئي ڪڏهن ساڻس ملاقات ٿي اٿم.“

تنهن تي راشدي صاحب جن ميمڻ صاحب جي تعريف ڪندي فرمايو: ” هي ماڻهو اسان جي جاءِ ڀريندا.“ ۽ پوءِ جڏهن ڊاڪٽر ميمڻ صاحب سان ملاقات ٿي ته کيس راشدي صاحب جي سندس باري ۾ راءِ ٻڌايم ته ڏاڍو خوش ٿيو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب بيحد محنتي قلم ڌڻي هيو، ائين چئجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ته هو هڪ پورهيت اديب هو.

غلام مصطفيٰ ڀيه ڪرن

سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي، هو هڪ ئي وقت اديب، محقق، مورخ، ڪهاڻيڪار ۽ با اخلاق شخصيت جو مالڪ هو، مون کي سندس خلوس، نهٺائي ۽ نماڻائي گهڻو متاثر ڪيو، ڊاڪٽر صاحب اتر سنڌ جي علمي محفلن ۽ مجلسن جو روشن چراغ هو، سندس وفات تي علمي محفلن ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ نه رڳو سندس ڪمي محسوس ڪئي ويندي، پر اهي ڪيترو وقت اٻاڻڪيون پيون لڳنديون.

اتر سنڌ ۾ پروفيسر لطف الله بدوري مرحوم کانپوءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جن علم ۽ ادب جي هر صنف تي نه صرف ڇانيل رهيا، پر ڪيتريون ڪاميابيون ماڻي، چڱو نالو پڻ پيدا ڪيو، سندس علميت جو اعتراف نه رڳو لاڙڪاڻي، شڪارپور، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ڪيو ٿي ويو، پر پوري سنڌ سندس ڄاڻ ۽ علمي ادبي خواه تحقيقي ڪاوشن جي متعرف آهي، سائين ميمڻ صاحب جن سمورو عرصو ڪتاب به قلم سان سنگ سلامت رکيو ۽ ڪڏهن به انهن سان نينهن جو ناتو ڍرو نه ڪيائون، علم ۽ ادب جي هر موضوع تي سوين مقالا ، مضمون ۽ ڪتاب لکيائون، ورلي ڪو رسالو ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي ڪارنامن کان وانجهيل هوندو، نه ته هر هڪ مڃيل معياري رسلي ۾ سندس پيش بها تحرير پئي پڙهبي هئي.

خليل مورياڻي

کُلُ نفس ذآئقت الموت ، هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي (القرآن)

جو ٺڪر ٺهو سو ضرور ڀڄندو، پر ڪن ڪن انسانن جي ناگهاني موت تي ڪافي خال پيدا ٿيو پون، جي صدين گذرڻ کانپوءِ به نه ٿا پر جن.

تازو اسان کان سنڌي ٻولي جو محقق، تاريخدان، عالم ۽ عاشق رسول صلي الله عليه وسلم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ” سنڌي“ صاحب،  خالق ڪائتاب جي سڏ تي لبيڪ چئي هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جا جيڪي گهڙا ڀريا، انهن جو مثال مشڪل آهي، سندس اوچتي جدائي تي هر هڪ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهي آهي، پاڻ نهايت ملنسار، کلمک، مهمانواز، شفيق ۽ آئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ وارو هو، سدائين مرڪندو هو، سچ پچ اهڙا املهه ماڻڪ ۽ عالم صدين پڄاڻان ئي پيدا ٿيندا آهن.

حديث مبارڪ آهي ته:  ”موتُ العالِمِ موتُ العالم “ (هڪ عالم جو موت ساري جڳ جو موت آهي) آخر ۾ ڌڻي در دعاڳو آهيان ته مرحوم و مغفور کي الله تعاليٰ پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ جنت الفردوس عطا فرمائي ۽ ان سان گڏ پوئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي (آمين ثم آمين)

منظور احمد سولنگي

بي انتها شريف،حليم ۽ خاموش طبع جا مالڪ، اجائي ڳاله ٻولهه کان پرهيز، نجو علمي بحث، ادبي محاذ کان معتبر، حق گو ۽ مجتهر طبع جا مالڪ هئا، سفر ۾ خوش مزاج، سنڌي جي ڪيترن ئي قديم آثارن تي ساڻس گڏ پيرين پنڌ هلڻ ٿيو ۽ مون هميشه منجهن ذوق ۽ شوق ڏٺو، اهڙي ئي هڪڙي شام مون ۽ والد محترم (معمور يوسفاڻي) ساڻن گڏ ”چٽوڙي“ جي قبرستان ۾ گذاري، جتي گامون سچا “ جي تربت تي پاڻ ٻه دفع فاتح پڙهيائون ڄڻ پنهنجي ادبي اک سان ” گاهڻ فقير“ سان ڳجهه ڳرهيندا هجن.

سنڌي ادب ۾  تحقيق جي سلسلي ۾ سندن نالو ۽ معتبر طريقي سان ويندو، سندن ڪتاب . ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ انهي سلسلي جو گواه آهي ۽ پڻ سندن گهر ۾ موجود لائبريري انهي ڳالهه جي ساکي آهي.

سنڌ جي ڌرتي سان سندن عقيدت ته سندن نالي مان ظاهر آهي، انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سندن وفات سان سنڌي ادب جو هڪ اهم مورچو هڪ جانباز سپاهي کان خالي ٿي ويو.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد صاحب هڪ وڏو تاريخدان، وڏو جاگرفيدان ۽ وڏو عالم هو، پر ان کان به وڌيڪ هو هڪ وڏو انسان دوست هو، جنهن وٽ اڻ مئي محبت هئي، نوجوانن سان پيار ڪرڻ ۽ انهن کي همٿائڻ، ميمڻ صاحب جو خاص شيوو هو، سنڌ جي نئين ٽهيءَ مان هنن جون وڏيون اميدون وابسته هيون، هن سڄي عمر محبت ونڊي ۽ ورڇي.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب سنڌي علم ۽ ادب لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو، هن جا ڪيترائي تحقيقي ڪم اڻپورا رهجي ويا، هن شاهه جي رسالي تي هڪ نئين انداز سان ڪم ڪرڻ پئي چاهيو ۽ سنڌي لغت به نئين نموني تيار ڪرڻ جو ارادو هئس ۽  ڪيترن ئي نون موضوعن تي لکڻ جي خواهش هئي،  ويجهڙائي واري دور ۾ جدد ادب تي ڪم ڪرڻ جو خيال هئس، ان لاءِ هن شيخ اياز کي پڙهڻ شروع ڪيو هو، سندس پويان ڪيتروئي علمي مواد ڇڏيل آهي، خاص ڪري سنڌي بيت بابت هڪ ذخيم ڪتاب، سنڌ الاجي وٽ ڇپائي لاءِ ڏنل آهي ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به اشاعتي ادارن وٽ ڏنل آهن، ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي سنڌ سان ڏاڍو پيار هو، هن سنڌ جو چپو چپو گهميو، سنڌي ٻولي سان ، سنڌي ثقافت سان بيحد لڳاءُ هئس، هن تحقيقي ڪم لاءِ خوب جستجو ڪئي عمر جي آخري حصي ۾ به هن اها جستجو  جاري رکي، ڏٺو وڃي ته هن پنهنجي زندگي ڏاڍي سڦل گذاري.

مون کي فخر آهي، ته مان ميمڻ صاحب جي ويجهو رهندڙن مان هئس، لاڙڪاڻي ۾ ميمڻ صاحب ۽ انيس انصاري جن ئي هيا، جن وٽ ما تمام گهڻو ويندو هوس ۽ ٻنهي بزرگن سان خوب رهاڻيون ٿينديون هيون، سائين انيس انصاري صاحب سان اهائي مندي برقرار آهي، پر ميمڻ صاحب پنهنجو وارو وڄائي ويو، اڄ هن جي ياد هن جون ڳالهيون جيءُ جهوري ٿيون وجهن.

امام راشدي

يعقوب علي زرداري

مها راڳي ڦوٽي زرداري جي موت تي تعزيتي نوٽ

” پڳهه ڇوڙي جي هليا، شال ورن وڻجارا“

          گذريل سانوڻ ج رات ڀني جڏهن سر سامونڊي مان مٿيون ڪلام ڳائڻ لڳو ته حاضرين مجلس جهومي اٿيا، هو مڪمل طرح پنهنجن ٻڌندڙن تي

غالب اچي چڪو هو، جيڪي راڳ هلندي وجد ۾ اچي جهومي رهيا هئا، طبلي جي ٿاپ ۽ هرمونيم ۽ فڊل جي گڏيل ڌن ماحول تي پائنجي ره هئي، خود راڳي پنهنجي سوز ۽ آواز جي جادو ۾ مدهوش ٿيندو پئي  ويو، هلڪي ڦلڪي موسيقي ۾نيم ڪلاسيڪل رنگ گڏڻ جو  فن کيس ڪيترن ئي فنڪارن کان مٿڀرو ڪري رهيو هو، ان رات هن پنهنجي فن جو ڀرپور مطالعو ڪيو و، هر ڪافي جي پڄاڻي تي حاضري مجلس بي اختيار واه واه چئي کيس داد ڏئي رهيا هئا، ڦوٽي زرداري ان رات صبح ٿيڻ تائين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، آسا، ڪاموڏ، تلنگ، ڪوهياري، ڀيري، پهاڙي ۽ ٻيو ڪيتريون ئي راڳڻيون هڪ هڪ ڪندي ڳائيندو رهيو، راڻو شروع ڪرڻ کان اڳ خاص طرح سان مون ڏي مخاطب ٿيندي هڪ اعليٰ فنڪار سان ڀيٽ ڪرڻ جو چيو هئاين ۽ جڏهن:

آءُ راڻا ره رات..... چئي بس ڪياين ته بي اختيار واهه واهه ڪندي مون اٿي وڃ کيس ڀاڪر پائي داد ڏنو. واقعي ڦوٽي زرداري راڻي کي خوب ڳايو، طالب الموليٰ جو ڪلام هر محفل ۾ ڳائيندو هو، ان رات پڻ.

 

محتسب مستي نه ڪراڄ مان به پي موٽيو آهيان
هن مئل دنيا اندر مس مس ته جي موٽيو آهيان

ڳائي ٻڌائين ۽ پڻ اعجاز جو ڪلام جنهن جا ٻول مٿئين ڪلام جي ابتر هئا ساڳي طرز تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيائين.

ساز ۽ آواز جا شوقين مون سان ان ڳالهه تي سهمت ٿيندا ته بلا شڪ ڦوٽو زرداري پنهنجي وقت جو هڪ تڪراري بهترين فنڪار هو، سنڌي موسيقي ۾ نيم ڪلاسيڪل رنگ ڀرڻ جو به ماهر هو، هلڪي ڦلڪي موسيقي تي کيس ملڪو هو، هاڻي هو پڳهه ڇوڙي هڪ اهڙي سفر تي راهي ٿي ويو، جتان ڪو به واپس ڪو نه ايندو آهي، پر سر سامونڊي جي ڳايل اها ڪافي منهنجي ڪنن جي پردن سان سڄي عمر ٽڪرائيندي رهندي ۽ آئون ان مان پر سوز لطف حاصل ڪندو رهندس، ان ئي رات هن ڪجهه دوستن جي بيوفائين ۽ ڪلچر کاتي جي ڪرتا ڌرتائن جي غير منصفانه روين جون سڪايتون پڻ ڪيون کيس اهڙ عمل سندس دل کي جهوري وڌو هو، ان رات مون کيس دلداري ڏيندي چيو هو ته سندس شڪاين ڪلچر کتي وارن تائين پهچايون وينديون، مون کي ان وقت ذرو به گمان ڪين هو ته منهنجي اڳيان ڦوٽي زرداري جي اها آخري محفل هوندي، هو اڃا چاليهه بهارون مس ڏسي چڪو هو، پر مون جي فرشتي اسان کان اهو املهه راڳي هڪ جهٽڪي ۾ ڦري ورتو ۽ اسين سواءِ افسوس جي ڪجهه به نه ڪري سگهاسين، اڃا ڪالهه ئي ته هن جيبمار هئڻ جي خبر ڪنهن مقامي اخبار ۾ پڙهي هيم جنهن ۾ سندس علاج لاءِ ولايت موڪلڻ جي اپيل ٿيل هئي، هاڻ ن رهيو هو پاڻ نه سندس ڪي شڪايتون، البته هڪ عام شهري جي ناتي اسين ان ڳالهه کان هميشه شرمسار رهنداسين ته اسان ان املهه فنڪار جو سندس زندگي ۾ ڪو قدر نه ڪيو ۽ نه ئي سندس بيماري دوران ڪا مناسب مدد ڪري سگهياسين، يقينن اهو موت فقط ڦوٽي زرداري جو ڪو نه آهي پر اهو هڪ قومي فنڪار جو موت آهي،  ڇا اسين هميشه بي حس قوم جيان پنهنجي نڪار جا لاش ئي ڍوئيندا رهنداسين؟ اڃا ڪجهه ينهن اڳ پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ وصول ڪندڙ مها سنڌي فنڪار نورمحمد لاشري به ته سول اسپتال جي ڪنهن وارڊ ۾ بي ياد مددگار پيو رهيو، شاباس هجي ڊاڪٽر ڪامل راڄپر کي جنهن جي واهر سبب کيس سروسز اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ مفت علاج جو اعلان ڪيو ويو.

ڦوٽو ته هميشه لاءِ اسان کان ڌار ٿي ويو پر سندس روح ائين ئي چوندو هوندو ته:

جيت جيت کي عمر گنوائي، هڻ تي هار فقيرا،
جيتي دا ملهه يک قصيرا، هاري دا ملهه سئو هيرا،

ڦوٽي کي شايد اها خبر ڪانه هئي ته استاد بخاري سندس لاءِ ئي ته اهو چيو هو ته:

جڏهن توسان نينهن جو ناتو ڇنو هو
تڏهن دور آڪاش ڪيڏو رنو هو
جڏهن جيءَ جهورڻ آيون جدايون
الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

ڦوٽي جون اکيون صدين تائينفن جي دنيا سان وابسته افراد جي ذهنن تان ميسار جي ڪو نه سگهنديون، بلاشبه هو سنڌ جو هڪ امر راڳي هو، جنهن لاءِ استاد بخاري ٻوليو هو ته:

اسان کي زماني وساري نه سگهندو
اها ڳالهه ٻي ته لڙڪ هاري نه سگهندو
جيئن ڪاڻ جڳ ۾ ڪونڌر ڪسن ٿا
انهن کي ڪڏهن موت ماري نه سگهندو.

ڦوٽي به پنهنجي مڌر آواز ۽ الازوال فن سان پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو، هاڻ ڪنهن کي همٿ جو کيس وساري ويهي، سماج وارا ڀلي، مستيون ڪن پر هو کين مات ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سنڌ موسيقي جا عاشق هاڻ ڦوٽي کي اڳيا ويهاري ساڻس مجلس ڪري ڪو نه سگهندا پر سندس ڳايل ۽ رڪارڊ ٿيل موسيقي سندن ڪنن تي پوندي رهندي ورنه ثاقب انجان جي مصداق:

اب کي برس بهر سوکها ساون
ساج تم بن کيسا ساون
اپي گائون کي يادين کيا کيا
جهولي پنگهٽ برکها ساون
درد کي بوٽي من مين جاگي
جب بهرا ساني لکها ساون
تب تب برپ اڳني بهڙکي
جب جب ٽوٽ کي برس ساون
تم نه آي اب کي برس بهر
اب کي برس بهر آيا ساون
درشن پيالي نينا رم جهم
ايسا انوکها ديکها ساون
انجاناجڙا اجڙا من هي
 سوني رت هي سونا ساون

ڦوٽو زرداري ٻين عام فنڪار جيان هڪ غريب خاندان جو چشم و چراغ هو،فنجي دنيا ۾ هن جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي، سندس محنت جوئي نتيجو هو، ٻالڪ جتي ۾ مصري فقير جا ڳايل ڪلام دلچسپي سان ٻڌندو هو،مصر فقير سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي موسيقي جي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڇائنجي چڪو هو، سندس تعلق سرهاري شهر سان هو جيڪو ڦوٽي  زرداري جي جنم ڀومي ڳوٺ عالم خان زرداري کان اٽڪل پنجن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي، مصري فقير جنهن به محفل ۾ ڳائڻ لاءِ ايندو هو ، ته ڦوٽو زرداري پري کان لڪي اچي کيس ٻڌندو هو ۽ سندس فني مهارت جو ڳوڙهو اڀياس ڪندو هو، پوءِ پنهنجي آستاني تي وڃي راتي جون راتيون رياض ڪندو هو، توڙي جو هو مصري فقير جو باقاعده شاگردن ڪو نه هو، پر سندس ڳائڻ جو انداز مصري فقير جهڙوئي هو، راڳ جي باقاعده تعليم هن عبد علي فقير کان ورتي، سندس پيءُ ۽ ماءُ ان ڌنڌي کان روڪيندا هئا، پر ڦوٽو راڳ ۽ آُاز جي دنيا ۾ رنڱجي ريٽو ٿي ويو هو ۽ بزرگ جي روڪ جي پرواهه نه ڪندي رياض جاري رکيو ۽ نيٺ وڃي اعليٰ درجي تي پهتو، غربت جي ڪري ڪڏهن ته گهر ۾ ڪجهه به ڪو نه پچندو هو، تڏهن بکئي پيٽ ئي سمهي پوندو هو يا وري سندس سئوٽ عرض محمد کاڌي لاءِ ڪجهه ماني ڳڀو ۽ کير جي لپ آڻي اڳيان رکندو هوس، غالب جي مصداق:

هم سي کهل جائوبه وقت مئي پرستي ايک دن
ورنه هم چهيڙين گي عذر مستي ايک دن
 

قرص کي پيتي تهي،ليکن سمجهتي تهي که هان
رنگ لائيگي هماري فاقه مستي ايک دن

 بالآخر سندس فاقه مستي رنگ لاتو ۽ هو هميشه اسان کان جدا ٿي ويو، نه هاڻ کيس ڪلچر وارا ڪو نقصان ٿا رسائي سگهن ۽ نه حڪومت جو ڪو ڪارندو سندس مدد ڪري ٿوس گهي، سندس معصوم ۽ يتيم ٻارن ۽ بيوهه گهر واري کن علاوه ڪنهن جو  به نقصان ڪو نه ٿيو، خدا انهن جو به حامي ۽ ناصر آهي، ڇا ڪلچر وارا هنن معصوم ۽ بي زبان ٻارن لاءِ ڪجهه ڪري سگهندا؟ ان سوال جو جواب ڦوٽو زرداري پنهنجي شڪايت ۾ اڳئيتي ڏئي چڪو آهي.

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

1.        پنهنجو تخليقون موڪلڻ وقت ” مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اهو ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اها اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن اخبار يا رسالي کي نه موڪليل آهن.

2.     ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، ان اصل جي صفاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي، ان طرح ضروري حوالا پڻ چٽائيءَ سان ڄاڻائڻ لازم آهي، جي آخر ۾ آڻجن.

3.     مواد ۾ پيش ڪيل راين، تجويزن، نتيجن ۽ علمي ۽ فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي، سندن راين کي ” سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي،

4.     اهو ضروري ڪونهي ته ڪو به مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي، اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري سمجهيو ويندو، نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

5.     ايڊيٽر کي مواد ۾ درستين ۽ ڦير ڦار ڪرڻ جو اختيار آهي، البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

6.     فوٽو اسٽيٽ صورت م مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ڪيو ويندو، ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي

7.     مواد، صاف سٺن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي، آخر ۾ پنهنجي ايڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي، فون نمبر هجي ته اهو به لکجي.

8.     پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي، ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو.

9.  تڙ تڪڙ ۾ رهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ ڪافي وقت ڏيڻ پوي ٿو، جيتري قدر ٿ سگهي، اطمينان ڪجي ته مواد آخري طرح صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي..... ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com