سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :11

” اشڪول جي اوريان بيهي سڏ ڪندس ته پاڻهي لکانو کڻي ويندو، هونئن به ڪوٽ جي پويان ئي ته اشڪول آهي،ڪهڙو ولات وڃڻو آهي.“ سوچيائين پروک وک سان دل جي رفتار تيز ۽ قدم ڳرا پئي ٿيندا ويس، ڪوٽ جي گهٽي مٽي الهندي ٻانهين کان ڦري آئي ته ڄنگهن ۾ صفا صاف رڦڻي ٿي پيس.

ٿوروئي پريان پهرين اسڪول جو سڦو ۽ پوءِ اوطاق جي لانڍي ٺهيل هئي، ڏينهن ويل اوطاق صفا سڃ هوندي هئي،باقي اسڪول مان ٻارن جي زور زور سان پڙهڻ جا آواز آيا پئي،هو بيهي رهي.

” سڏ ڪريان..“

” پر جي ڪو ڳوٺ وارو ٻڌي ڏسي وٺي ته....؟ چوندا ڪنواري ڌيءَ پاڻ پئي اوطاقن تي مانيون پڄائي.“

” ته پوءِ وري وڃان، پاڻهي بک لڳنديس ته ڪنهن نه ڪنهن کٿابي کي موڪليندو“ انهي ٻڏتر ۾ ٻه ٽي گهڙيون گذري ويس.

اوچتو هو اسڪول مان ٻاهر نڪتو، هن تي نظر پيس ته ويتر بت مان ساه ڇڏي ويس، ٿورو ڀت منهن ۾ ڏئي پاسيري ٿي،اسڪول ۾ ڪنهن ٻار زور سان ٽهڪ ڏنو، هو ويندي ويندي بيهي رهيو ۽ پوئتي ڪنڌ ڦيري ڇوڪرن کي دڙڪو ڏنائين، ڪنڌ ڦيرائڻ سان نظر لالان تي پيس جيڪا ڀت پويان اڌ لڪل اڌ ظاهر ماني کڻيو بيٺي هئي ، هو تڪڙيون وکون کڻندو هن ڏي اچڻ لڳو.

” ائي گهوڙا.... هي ته پاڻ پيو اچي.“ سرير ڏڪي ويس.

هيڏانهن هوڏانهن  ڏٺائين ويجهي شڪ ۾ ڪو، ڪونه هو، ماستراچي ويو،صفا ويجهو، هڪ گهڙي لاءِاکيون اٽڪيون ساعتن ۾ صديون لنگهي ويون.

” هي.....ماني........“ زبان مان مس مس ٻه لفظ نڪتا.

” مان کي ڏي سائين“ مسافرن تي هيڏا ٿور ا “ ماستر  جي لبن مان لفظ ماکي ڦڙ ا ٿي نڪتا . ماني وٺندي ٻئي هٿ سان هن جي هٿ کي جهلي ورتائين لالان جي سڄي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو .

 ” ماري ڇڌيئي سائين “ماستر ٿڌو ساه کڻي چيو.

۽ هو بنا دير پوئتي وري، ڪوٽ جي ڪنڊ وٽ پهچي هن ڪنڌ ڦيرايو، هو ماني جهليو اڃا اتي بيٺو هو،هن جي چپن تي مرڪ تري آئي، ٻئي گهڙي گهٽي مٽي اڱڻ اڪري سڦي ۾ پيل کٽ تي اچي ڪري، بت ۾ ڄڻ ته ساهه ئي ڪو نه هئس، تڙي ۽ زبان سڪي ويا هئس پر منجهس ايتري همت ڪانه هئي جو اٿي گهڙي مان ٻه ڍڪ پاڻي پيئي، مٿس ڪا ڳهر ڇائنجي وئي هئي.

” گهوڙا...هي ڇا ٿيو........ ڪيڏو نه مٺو ڳالهائين....... مسافرن تي هيڏا ٿورا......... ماري ڇڏيئه سائين........... مست اکيون.........“ ور ور ڏيئيهن جا ڳالهايل لفظ ڪنن ۾ اوتبا رهيا ته اکيون جگر ۾ چڀينديون رهيس.

انهي هٿ کي ڏٺائين، جنهن کي هن جهليوهو، هن کي لڳو ڄڻ سندس ان هٿ ۾ ٽانڊو ٻرندو هجي...... ۽ پوءِ هن اهو هٿ چپ چاپ چپن تي رکي ڇڏيو.

وچين ويل ماڻس، پڻس وري آيا، ماڻس ڪجهه ڪجهه ڇاق هئي،

” امان! هي ماڻهين جي دوا رک، هي ڪلي واريون گوريون روز ٽي صبح ٻپهر ۽ شام جو هڪ هڪ ڪري کارائبيون، هي ڦڪيون گوريون روز ٻه صبح شام ماني مٿان ڏبيون ۽هي شيشي واري دوا روز ٽي دفعا چمچو چمچو پيارڻي آهي، ڀيڻسان ڊاڪٽر به ٻن سوين جا ٽيهه رپيا وٺي ڇڏيا، وري سٺ جي دوا اشٽور جي لکي ڏنئين“ پڻس دوا سمجهائيندي ۽ ڊاڪٽر جي شڪايت ڪندي چيو.

”ابا! ڪري ڪهڙا ڪرائبي؟“ هن پڇيو.

” جهڻ، ڌنئورو، مرچ سڻڀ سڀ بند رڳو ڪڻڪ جي اڻڀي ماني کير سان کارائبي“ پڻس ٻڌايس ۽ ڍڳن کي ٿانيڪو ڪرڻ لڳو هو ماڻس جي ڀر ۾ ويهي کيس آهستي آهستي زور ڏيڻ لڳي.

صبح جو کير ولوڙي مکڻ ڪڍيائين، ايتري ۾ لکانو جهڻ جو لوٽو کڻي آيو. ” ادي جهڻ ڏي“

” ها اد لوٽو رک“ لکانو لوٽو رکي ڀر ۾ ويهي رهيو، ماڻس اندر سڦي ۾ ستي پيئي هئي تپ گهڻولهي ويو هئس پر اڃان  نڇانڊ ڪو نه ڇڏيو هئائينس.

” ادي!....... سائين......“ لکاني پڪ ڳڙڪائي نڙي آلي ڪئي پر ڊپ ۽ حراس ۾ ڀريل لهجو ڏڪي ويس، هن ڇرڪ ڀري گهر ڏي،وري پوئتي..... ڪير به ڪو نه هو، پڻس ٻني تي ويل هو، دودو اڃا ميڙي تان ڪو نه وريو هو.

” ها ڇا چيو آهس....“ ڪنڌ هيٺ ڪري آهستي پڇيائين، هن کي ننڍڙي لکاني کان به شرم پئي آيو.

” ادي! سائين.... هي ڏنو آهي“ لکاني ور مان ويڙهيل ريشمي رومال ٻڌل ڳنڍڙي ڪڍي ڏني، هن جهٽ هڻي کڻي ور ۾ سوگهي ڪئي، لکانو لسي وٺي هليو ويو ۽ هو لسي تڙ تڪڙ ۾ سانڀي، گهر جي پويان ڦري آئي، جتي پڻس جوئار ۽ ٻاجهر جي ڪانن جي دن اچي گڏ ڪئي هئي، اتي بيهي هن رومال واري ڳنڍڙي ڪڍي، هيڏانهن هوڏانهن نهار پڪ ڪري ڳنڍ کليائين.

ٻه جونهر جون ٽڪيون، چار ڦوٽا، هڪ سوپاري جو اڌڙ ۽ هڪ عطر جي ننڍڙي شيشي، هڪ ڦوٽو کڻي وات ۾ وڌائين، باقي شين کي رومال سميت هٿ تري تي جهلي چمي، وري ڳنڍ ٻڌي ور ۾ رکي گهر ڏي وري، جتي ماڻس سوڙهه اوڍيو ستي پئي هئي، هن سندس پيتي جو ڍڪ آهست کوليو، رومال ڪڍي آڏي اک سان ماءُ ڏي ڏٺو ۽رومال کي ڪپڙي هيٺ لڪائي رکي ڀچائي ڪرف ڏني، ڪنجي پاسي واري کيسي ۾ رکي ٻاهر نڪري آئي، شام جو ٻني مان ساڳ پٽيندي سندس نظر وڃي ماستر تي پيئي جيڪو پريان ٻنو وٺيو اوطاق ڏي پئي ويو، نظر نظر کي ڏٺو، ماستر نراڙ تي هٿ گهمائي سلام ڪيس،هو سمجهي ويئي، پر جي ٻيو ڪو ڏسي ته سمجهي ها ڄڻ ماستر پگهر اگهيو هجي، موٽ ۾ هن به گندي کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڇنڊڪو ڏنو.

ٻئي ڏينهن لکانو لسي وٺڻ آيو ته لالان کيس لسي ڏيندي، هوريان هوريان چيس.

” تنهنجي ماستر کي چئجان ته رات جوهئو مئو ٽاري ڪوٽ پويان اچي بيهي“

هو ڪنڌ لوڏي هليو ويو.

رات جو پڻس ۽ ماڻس جڏهين سمهي پيا، اوطاق مان ايندڙ ڪچهري ڪرڻ وارن جا آواز ڪڏهوڪو ماٺار ۾ وڃائجي چڪا،ڪڪڙن آڌي وارا دس هنيا، پڻس جي کونگهري ۽ماڻس جي ڦوڪن کي ڪنائي پڪ ڪري، ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ بت سان اٿي، اوندهه ۾ هريل اکين سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي پڪ ڪيائين پوءِ پير پير ۾ ڏيئي ٻاهر نڪتي ۽ گهر پويان ڦري آئي، دل کي ڏڍ ڏيئي ڪانن جي دن تي چڙهڻ لڳي.

سڪل ڪانا ۽ پن چرچر ڪري کڙڪڻ لڳا، هوهٻڪي بيهي رهي، پوءِ وري همت ڪري ٿڌا ٿڌا پير ڏيئي چڙهڻ لڳي، ٻئي هٿ ڪوٽ جي ڀت تي رکي سڌي ٿي ۽جهڪي هيٺ ڏٺائين.

هو هيٺ بيٺو هو، الائي ڪيتري دير کان هن جو اوسيئڙو ڪندو رهيو هو، ٻئي اوندهه ۾ هڪٻئي کي پاڇا ٿي نظر آيا.

” لهي آءُ.....“ بلاول سرٻاٽ ڪيو

اونهن.........هن انڪار  ڪيو.

” ڇو....... ڊپ ٿو ٿيئه؟“

” ها.....“ هن ڪنڌ لوڏي چيو.

” ڪير به ناهي“

” نا..... آئون هيٺ ڪانه لهنديس“

” ته مان ٽپي اچان......“

” ناڙي.....“ هوڏڪي ويئي.

” ڀلا ڏينهن جواينديئن“

” ڏسان....“

” ڏس مٺا! مان کي ستاءِ نه مان پرديسي ماڻهو هتڙي تنهنجي قرب ۾ ڪسجي ويو هان جي تون به ماڻا ڪري ماريندينءَ ته پوءِ ڀلا مان جو هٿ ٻيو ڪير آ.“

”آئون توکي ڪيئن ٿي ستايان؟“

” ٻيو ڇاهي پنج ڇهه مهينا اچي ٿيا اٿئي، پري پري ٿي گهمين، نه اچين نه اچڻ ڏين، ان کئون ته زهر ڏيئي ڇڏين ته چڱو.....“

” الا ائين نه چئو زهر کين تنهنجا دشمن“ هو اندر ئي اندر تڙپي ويئي.

” پوءِ اچين ڇو نٿي“

”ايندس.....“

”ڪڏهن“

”ڏسان.......“

گهرم پڻس کنگهيو.

” اتي گهوڙا ابو جاڳي پيو......“ هن ڪانن جي دن تان ٽپ هنيو ۽ تڪڙي پوئتي موٽي پنهنجي هنڌ تي ڪري، ڇرڪ سبب ساهه ڀرجي ويو هئس.

” جي ابو هليو اچي ها ته؟“

دودو سنبري بيهي رهيو، چئي لاڙ ويندس، پڻس سمجهان وارو ماءُ جهلڻ واري.

” ابا رول نه ٿي، اڃا پٿوري مان آئي اٺ ڏينهن مس ٿيا اٿئي، وري لاڙ ......؟ ڀلا ڪير هتي جي ڪندو، ٻيلي! آئون اچي پوڙهو ٿيو آهيان، مٿان واهن واٽر جون کائٽيون ٿيڻ واريون، هي ڇيڙون، آبٿون.....“ پر دودو ڪو جهليو جهلجي چئي.

” الهورائي جي پٽ جي شادي آهي، منهنجو پڳ مٽ يار آهي، ان جي شادي ۾ جي آئون نه ويس ته هن اڳيان ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلندس، دنيا جٺيون ڪنديم“

ڇوڪراڻو ضد، ڪجي ته ڇا ڪجي، نيٺ جمون مجبور ٿي پيو.

” ابا! تنهنجي گهوڙي ويهه واڳون، آئون نه پهتس ٻيلي!......“

ٻئي ڏينهن دودو خير سان ٿيو لاڙ روانو ته مرشد ڪامل شاهه ڍوري پوريان اچي مريدن ۾ منزل ڪئي، همراه ڊوڙندوآيو، چئي خليفا جمان مرشد ڪچهري لاءِ ڪوٺايو اٿئي، خير جو هلي حاضر ٿي، ڀريو تريو راڄ، سڀ پنهنجا پاڻ ۾،سو هيڪلئي جو ڀئو به ڪو نه هو، مٿان مرشد جو نياپو، وڃڻو به لازم ٿيو، سو سنبري ٺهي، ڌي کي سمجهايائين.

”امان! آئون ماستر کي چيو ٿو وڃان، ڇوڪرو موڪلي ماني کڻائي وٺندو تون ماڻهين کي دوا ٽيم تي پيار جئين، ڊپ ڊاءُ ڪونهي، ڪوٽ جي در کي اندران ڪڙو ڏيئي ڪرف هڻي دلجاءِ ڪري سمهي پئجان، آئون خير جو صبح تائين اچي ويندس“

ماڻس هاڻي بيماري مان جند ته ڇڏائي ويئي هئي، پر نستائي صفا حال وڃائي ڇڏيا هئس، ڏهن پندرهن ڏينهن جي بيماري پوڙهي جا ارا الوڙي وئي هئي، سو دوا اڃان به هلي پئي ته گهر جو سڄو ڪم ڪار به لالان جي سر تي هو، هن مهلاتي سانجڻ ڪري ورتي، ماستر جي ماني ڍڪي رکيائين، ماڻس سوڙهه اوڍيو گهر اندر هنڌ ۾ پئي هئي، ننڍڙو لکانو ماني کڻڻ آيو ته هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، لالان کي ڪاغذ ۾ ويڙهيل پڙي ڪڍي ڏنائين.

” ادي! سائين چيو آهي ته امان پوڙهي کي هي کارئي ڇڏ ته ننڊ اچي وڃيس.“

لکاني سرٻاٽ ۾ چيو ۽ ماني کڻي هلي ويو.

هن پڙي کولي چلهه ۾ ٻرندڙ ٽانڊي جي سوجهري ۾ ڏٺي، ڪاغذ ۾ ٻه ڦڪسريون ننڍڙيون گوريون پيون هيون.

” خبر زهر هجي ته....“ خيال آيس.

” امان سان ڪهڙو وير آهيس جو.....“ دل دليل ڏنو.

پوءِ جي ميون نشو ڪن ته....“ دل ۾ اڻ تڻ ٿيڻ لڳس.

پر جڏهن ماڻس جي ماني ۽ کير جو وٽو کڻڻ لڳي ته نه چاهيندي به ٻئي گوريون چپٽي ۾ مهٽي کير ۾ وجهي ڇڏيائين، هڪ ڀيرو دل ۾ آيس ته کير هاري ڇڏي، ماءُ کي نه پيئاري، پر ڪنهن اڻ ڄاتل خواهش هن کي ايئن ڪرڻ نه ڏنو، هن ماني ۽ کير آڻي ماءُ جي اڳيان رکيا، وهاڻن جي ٽيڪ تي کيس وهاري، وي پاڻي وٽو به ڀري آڻي اڳيان رکيائينس، پوڙهي چپ چاپ ماني کائڻ لڳي پر ٻه ٽي گرهه کئي ماني مان هٿ ڪڍي ڇڏيائين.

” ڇو امان!....؟“ هن ماءُ کان پڇيو.

” امان! ارواح کي نٿي وڻي....“ ماڻس جهيڻائي مان ڳالهايو.

”پندرهن ڏينهن اچي ٿيا آهن رکي کائيندي، ڀلا وڻندي به ڪين، ميون گوريون به نٿيون کٽن جوکڻي ڪري لهي... ڀلا هي کير ته پي ڇڏ“ هن ماءُ کي چيو، پر دل ڪنهن اڻ ڄاتي دپ کان ڏڪي ويس، ماڻس چپ چاپ کير پيئڻ لڳي ۽وٽو خالي ڪري ماني مٿان ٿالهي ۾ رکي ڇڏيائين.

” ٿانءُ کڻان امان!؟“

”ها کڻي وڃ..........“

هو چپ چاپ ٿانءُ کڻي سانڀڻ لڳي، پوءِ چلهه جي ڀر ۾ ويهي ماني کائڻ لڳي، پر اڄ ته کيس به ماني ڪانه پئي وڻي، هن به گرهه اڌ کائي ماني مان هٿ ڪڍيا، ٿانءُ ٺڪر جائتا ڪري ڍڳن کي گاهه مٺ ڏنائين پوءِ هٿ منهن ڌوئي اچي ماءُ کي زور ڏيڻ ويٺي، آهستي هستي ماڻس کي نند اچڻ لڳي،

” بس امان، هاڻي تون به سمهي پئو“ ماڻس چيس.

هو اٿي گهر پريان ٿي آئي ڦوڪ ڏيئي بتي کي وسايائين ۽ پوءِ اچي پنهنجي کٽ تي ليٽي، ماڻس هاڻي پڪي ننڊ ۾ هئي، ڦوڪ پئي پيس، هن هڪ ٻه ڀيرا اٿي ماءُ کي ڏٺو، کيس طرح طرح جا وهم تپائڻ لڳا،

” خبر امان جي دشمنن کي ڪجهه ٿي وڃي ته پوءِ....“

” الله پناهه ڏيندو...هي مون ڇا ڪيو؟“

”مرشيد سچا، هاڻي ساڻي تجئين“

”خبر هو ويٺو هجي هتي  ۽آئون ...... هتي .....“

” پر چيو ته ڪونهيس“

” ته پوءِ گوريون ڇو اماڻيائين.

” شت تپ جون هونديون ويچاري کي ڪٿان مليون هونديون ڏٺئين ته هنن وٽ ماني ٽڪي پيو کانيان سو موڪليو هوندئين ٻيو...“

 گهوڙا... جي هتي اچي وڃي ته...؟“

”ٻٽ هينئون ڦاٽي پويم.....“ سوچيائين.

ڪو هلڪو کڙڪو ٿيو ۽ هو ڇرڪجي ويئي.

” شت ٻلي هوندي....“ دل کي ڏڍ ڏنائين، سوڙهه ڇڪي منهن تي وڌائين.

پر ڪنهن آهستي آهستي سوڙهه ڇڪي منهن تان لاهي ورتيس،سندس دل جي رفتار تيز تي ٿي ويئي، ڊپ ۾ ساهه سڪي ويس، سوڙهه کي وري ڇڪ آئي، اوندهه ۾هن جو پاڇو چٽو پئي ڏٺو.

گهوڙا... امان ٿي ڏسي ته.....“ هو ساهه ماهه ماري پئجي رهي.

” اٿي مان.....“ هن منهن تي جهڪي سرٻاٽ ڪيس .

پر هن ورندي ڪانه ڏنيس ۽ سوڙهه ڇڪي منهن تي وجهي ڄڻ ته پاڻ لڪائي ڇڏيائين.

” خدا ڪري وڃي هليو... ڪنهن ڏٺو ته مري ويندس“ پر نه هو ويو، نه ڪنهن ڏٺو ۽ نه لالان جو هينئون ڦاٽو.

” اٿي مان......“ هن وري سوڙهه ڇڪي سرٻاٽ ڪيو ۽ لالان پنهنجي ڳل تي هن جي سا هن جو ڇهاءُ به محسوس ڪيو، سڄي بت مان ساهه ڇڏائجي ويس.

ڪو ....... اچي ويندو..... هينئر وڃ... پوءِ.....

” نه ويندس.“ هن نٺر ٻار جيئن وراڻيو

اسر مهل هو ڪانن جي دن تان چڙهي، ڪوٽ ٽپي هليو ويو ۽ لالان...؟ اڌ رهجي ويئي

اکين کي ننڊ جو هلڪو گهيرٽ آيس، ماڻس سڏ ڪري اٿاريس.

” لالان... او لالان!!... اتي امان، ڏينهن اڀري آيو آهي، نڀئي ايڏي ننڊ مينهن ڏهي کير لپ آڻ ته چانهه ڪاڙهيون“ هو اٿي اوجاڳيل گلابي اکين سان...... منهن ڌوئي لوٽي کڻي کير ڏهڻ هلي وئي.

 اڄ هن کي هر شئي تي بي انتها پيار اچي رهيو هو،اتر جي هوا هن کي  ڄڻ ته ڪتڪايون ٿي ڪيون وڻ ٽڻ اڳي کان وڌ ساوا ٿي لڳيس،وقت جو پکي اڏامندو ويو، هاڻي حجاب ٽٽي ۽ ڊپ لهي ويو هئس، سو پيار ڪچهريون گهر کان ٻاهر ڍوري جي ڪپ تي ڄارين ۾ .... ڪماندن ۾ مڪئي ۾ به ٿيڻ لڳيون ڪيترا ڏينهن گذري ويا، بلاول هن جي لاءِ چريو هو لالان مٿس فدا هئي.

ٻنپهرن جي مهل هئي، پڻس شهر ويل هو، دودو اڃا ٻني تان ڪو نه وريو هو، ماڻس رلهي ۾ لهه پئي وڌو، لالان جي دل ۾ صبح کان وٺي الائي ته ڪهڙي اڻ تڻ هئي، هو بي خيالي ۾ گهر پويان آئي، ڪانن جي دن هاڻي ڪانه هئي، ڍڳا ڀري ڀري ڪري کائي ويا هئا، هن گهر پويان رکيل ڍڳن جي پانڃاري کنئي، ڪوٽ تي چاڙهي جيئا رکي، چڙهي ڪنڌ مٿي کنيو، هو به شايد تاڙ ۾ هو سو اڳتي وڌي آيو.

هن کلي ڄڀ ڏيکايس، ۽ اوچتو هن جي نظر اوطاق جي پويان ايندڙ بادل تي پئجي وئي، بادن ٻنهي کي ڏسي ورتوهو.

” ائي گهوڙا....“ هن کان هلڪي رڙ نڪري وئي.

”ڇا هي ....؟

” بادل......“ هن چيو، ۽ پانجاري تان ٽپ ڏيئي لهي آئي، پانجاري ڇڪي ساڳي جاءِ رکيائين، دل  جهڙوڪر  وات  ۾  وري آيس.

” رب مونجا... هاڻي تون بچائجئين، گهوڙا گهوڙا... آئون ته ماريس سو ته اکئين پيو ڏسجي، پر هو مسڪين مارجي ويندو، مرشد ڪامل شاهه هاڻي تون ڪا، ڍڪ ڪجئين، مئي مرو بادل جي اکين تي ڪا پٽي ٻڌجئين، باتشاه پير جيلاني...“ هڪل لحظي ۾ ياد ايندڙ سمورن اوليائن کي سوال ڪري ويئي، ٻاهران ايندڙ ڳالهاءُ کي ڪن ڏيئي ٻڌائين.

” اي اتي ڇا پيو ڪرين ڙي!؟“ بادل هڪل ڪئي.

” ڇا... ڪجهه به نه... مان ته... مان ته.....“ بلاول جو گهٻرايل آواز ڪنين پيس.

” مان جا پٽ!..... تنهنجي ته......“ بادل پٽي گار ڏني.

” واتئون سمجهي ڳالهاءِ....“ بلاول ڪاوڙ ۾ چيو.

” ڀاڙيا ڏٺا انئي، هائونه؟......“ بادل وري به گٿو لفظ ڳالهايو ۽گڏوگڏ هن لٺ جو ڦهڪو ٻڌو.

” ڌڪ نه هڻ.....“ بلاول رڙ ڪئي،

لٺ جو ٻيو ڦهلڪو ٿيو، ٻئي ڌڪ ڄڻ ته لالان جي دل تي لڳا هوءَ ڀڳي.

” امان! ....... امان!.....“ هو ماءُ تي اچي ڪري.

” ڇا هي ، ڇا هي ..؟؟“ماڻس  ڇرڪ ۾  اٿي بيهي رهي .

” امان بادل  ماستر کي ماري  ڇڏيو.“هن رڙ  ڪري بيهوشي ۽ چريائپ واري گڏيل  حالت ۾  چيو.

” ڇو ...ڇو ....؟؟“ پوڙهي ٻاهر ڊوڙڪئي، جتي پهرين ئي اڌ ڳوٺ گڏ ٿي ويو هو.

” ڌڻي مونجا خير ڪر“ الله کي ٻاڏيائين... ٻاهر هل هو،

ٿوري در ۾ ڳوٺ ۾ ڳالهه هلي وئي، پيار جي چوراڻي سنگت تان لڪ جو پردو لهي ويو، ماستر کي بادل ڪهاڙي جا ٻه ڳن هنيا هئا، هڪ چيلهه ۾لڳو هئس، ٻيو ٻانهن ۾، ٻانهن جي کل  ڦاٽي پيئي هئي ۽ چيلهه تي ڪارو نير اڀري آيو هئس رت ڪو نه نڪتو هو، هو بچي ويو هو، لالان خيالن ۾ ڪهاڙين جا اڇا ڦر اکين اڳيان ڦرندي ڏٺا،سڄي راڄ جون مايون اچي گڏ ٿيون.

” آئي لالان! هي وري ڇاهي، ڪهڙي پئي پڻهين کي پڳ ٻڌائين“ ماس خيران هن کي بجو ڏنو.

” ماسي! ڪوڙ ٿو هڻي اهومئو بادليو، انين جو ڪم ئي ڇيڻا ڀور آهي، اهومئو اڳ منهنجي پويان لڳو، مون گاريون ڏنيون مينس..... ته اڄ مون تي خواري ڪري وير پاڙيو آهس، مئي کي شاهه قادري ڄاين ۾ لوڙائيندو“ هن پڙ تي بهانو ڳوليندي اڇنگار ڏني.

” مئو منهنجي ماشوم ڳوڀ ڌي تي ڪارٽ ٿو هڻي، الله، الله جو رسول ڪندومئا، اڳڙي اگهاڙ ٿيندئي“ لالان جي ماءُ چولو کڻي بادل کي پٽيو.

” ميون: بڇڙيون ٿيو آئين پاڻ. پاڻ اهڙيون آهيو نه ته ڪر مونجي ٻچي جو آن سان ڪو وير هو ڪي“ بادل جي ماءُ سوڍي ڪرڙاٽ ڪيو.

”ائي بس ڪر ڙي...... آهيو آئين، آن جون ست پيڙيهيون، پٽهين چغلخوري ڪئي هاڻي وري تون جهالو ٿي آئي آهين.“ لالان جي ماءُ هڪل ڪري پوڙهي سوڍي کي ست سريو سڻايون.

” جهلي ڇڏ پٽهين ڪار ٻوٿي کي، جي هاڻي اسان جونالو وٺندو ته گڏهه تي چارهي ڳوٺ گهمائيندي سانس“ لالان ريهه ڪئي،

وٺ وٺان ٿي ويئي، رنن ۾ ٻائيتال مچي ويو، جهڙيون ڪٻريون،گاريون،بجا، پٽڻا پاراتا،ايتري ۾دودو اچي ويو،نورو سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، تپي باهه ٿي ويو.

” بس ڪريو رنون: پٽيانو نه چوٽيون.“ هن ڀيڻ کي چنبو هڻندي چيو.

” ڏائڻيون، هاڻي ته خوش ٿيون، مونجي ڳوڀ کي مارئي... اي ڪو توجو ڌن کائي ويئي  ڪ، جومارين ٿو.  ماڻس دودي سان جوٽڻي ڪئي،

ٿوري ديرهل بند ٿي ويو، دودو سڌو ماستر وٽ ويو، هن الائي ڇا ٻڌايس، وري بادل وٽ بچل جي دڪان تي پهتو.

” اي بادل: آهي ڇا“

” ڇا،وري ڇا آهي، ڀيڻين پڳ ٻڌائي انئي ٻيو....“

” وات مان سمجهي ڳالهاءِ“ دودي هڪل ڪئي،

” ماستر ٿا هٿ ڪريو، اشڪول به کڻي پانجو کوليو.“ بادل ٽوڪ ڪئي،

” اڙي اسان اشراڦن تي ٿو ڪارٽ ملين، تنهنجي ته.....“ دودي گار ڏيندي بادل کي ڪهاڙي جو پاهو واهي ڪڍيو، بادل به گار سامهون گار ڏيئي وريو، ٻئي ٻکجي ويا، چارهمراه وچ ۾ پيا، هنن جا هٿ هڪ ٻئي مان پٽي ڪڍيئون/ شام جو جمعو آيو، سڄي ڳالهه ٻڌئين، ماٺ ٿي ويو، ڌي جي منهن ۾ ڏٺئين،جتي معصوميت جي پردي پويان الائي ته ڇا لڪي ويو هو، رات جو ڪاڪي علڻ جي گهر فيصلو ٿيو، اهڙا فيصلا اوطاقن ۾ ڪو نه ڪبا آهن.

” ڀائر: راڄ آهيون، ابي ڏاڏي، پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، آنجا ننگ اسان جا، اسان جا ننگ آن جا، سڀ ڪو ڄاين وارو آهي،اڄ بادل مونجي عزت تان ڪک لاٿا آهن، سڀاڻي وري ڪنهن ٻي تي ڪارٽ هڻندو، هي کونن جهڙيون ڳالهيون آهن،

آئون اهو فيصلو، آن ڀائر اڳيان ٿو رکان، ڏسان ته آئين ڪهڙو ٿا نياءُ نبيرون.... باقي ڀاڙيو آئون به ڪين آهيان” ڪاڪي جمين ڏک ڀرئي لهجي ۾ چيو.

”ادا! ڳالهه ڇٽندي سنهين ساکين، پڙ تي هڪڙو خدا هو بادل هو يا ماستر هو، پرائي ڄائي تي ڇنڊا هڻڻ ڪا چڱ مڙسي ڪونهي، فيصلو ٻيو ڪهڙو“ جهوني علڻ چيو.

” بس بادل قرآن کڻي وڃي، ته ٻڌايو ته ماستر ٽپڙ ۽ڪريو مائي جو بلو“ ميرڻ ڪهاڙي تي هٿ ڦيري چيو،

” بادل ته بڇڙو آهي، ڪوڙو آهي، اهو ڇالئه سنهن کڻي، ننگ جمين جو، ڏوهي ماستر، قرآن کڻان آئون، واهه جو فيصلو آهي؟“ بادل چيو.

” ته پوءِ پراين ڄاين تي ڪوڙ هڻڻ سان توجي ڪهڙي ٻانهن ٿلهي ٿي، هن غريب پرديسي ماڙهو سان جدا وڙهئين.“ ميرڻ چيو.

” اي مون اکين سان ڏٺو، ڇوري ڪوٽ تان نرا کنيو پي ماستر کي اشارا ڪيا“

بادل جوش ۾ ڀرجي چيو.

” ڀلا انهي ساڳي نينگري اڳي توکي به ته گاريو ڏنيون هيون،تون ۽ دودو تڏهن به وڙهيا هئا، تڏهن ته ماستر ڪو نه هو اهو ڇو؟ ميرڻ چيو.

” جباب ڏي“ جهوني علڻ بادل کي رهڙ ڏني.

” جباب ڪهڙو، مڙيئي پيٽ ڀرئي جا ڪم، ٻيو مون ڪو.....“ بادل ڦڪو ٿيندي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.

” نينگري جي اهڙي هجي ها ته پوءِ توکي ڪوه گاريون ڏي ها“ چاڪر ٽيڪ ڏني.

” تنهن جو مطلب ته تون اهو ڪارٺ جو ٺڪر هنين تي ڏيئي وير پاريو آهي“

 پيرو پهريون ڀيرو ڳالهايون، ۽ بادل منجهي پيو.

” گوهيون ڇوٿو ڏئين، سڌو ٿي ڳالهاءِ“ چاڪر ڇڙٻ ڏنيس.

” اڙي ته پوءِ سڏيو ماستر کي روبرو، آئون منهن تي ٿو ٿيانس“ بادل جوش ۾ چيو.

” اي گلو تون وڃ، ماستر کي سڏي آ، ٻچو هي پانجو، ڪو نه ٿو پاڻ کي عيب لڳي، اڇا ڪارا ته پڌرا ٿين“ جهوني علڻ چيو، ٿوري دير ۾ ماستر اچي ويو.

” اسلام عليڪم !“ ماستر جتي لاهي تنئوري تي چڙهيو.

”ماليڪم سلام “ سڀني جواب ڏنو، نورو هٽي ماستر کي وهڻ جي جاءِ ڏني.

” ابا ماستر!...... هي بادل اڄ توسان وڙهيو آهي، جمين وارن تي به ڪارٺ اڇلي اٿس، هاڻي توسان روبرو منهن مقابل ٿو ٿيئي“ ميرڻ چيو.

” سائين! مان حاضر آهيان.....“ ماستر کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪئي،

” مان پرديسي ماڻهو آهيان، مان جو هتڙي نه ادو نه ابو.... نه ڌڻي نه سائين، نوڪري سرڪار جي ڪيان ڳڀو ٽڪر چاچو محمد جمن کارائي، مان کئون اڳ واري ماستر کي به کائيندو هو، هي اوهان جيڪر مان کي ماريندو اها به اوهان جي نيڪي چئبي، ڏر تي گدڙ به شينهن آ، توهان جا پنهنجا جهيڙا جهٽا پاڻ ڄاڻو مان تهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟“ ماستر ڏک ۽ طنز مان چيو، سڀني جا ڪنڌ هيٺ ٿي ويا،

”پر هن بادل جيڪا ڳالهه ڪئي .....“ چاڪر مئل آواز ۾ چيو.

” بادل خان لک ڳالهيون ڪري، جيڪا نه هوندي سان نه ٿيندي، مان ٻين ڳوٺن ۾ به نوڪري ڪئي آ، اهڙا بد هجئون ته ڪو هڪ ڏينهن به ڪو نه سهي، مان نه ماين نياڻين کي ڄاڻا نه سڃاڻان، هڪ پاسي اوطاق ۾ پيوهان ڳڀو مليو ته کاڌو نه مليو ته خير، مان تهان جي راڄ ۾ مسافر ماڻهو، پنهنجي هر ڄائي ماءُ ڀيڻ، پاڻ به مائرن ڀينرن وارا آهيون،لنب لوفر ناهيون، مان کي به رڳو تهان جي عزت جو خيال ٿيو نه ته مان پگهار سرڪار جي ٿو کاوان،اڄ ئي ٿاڻي تي پهچي ڊيوٽي اٽڪائو جو ڪيس داخل ڪيان ها ته....... پوءِ خبر پوي ها پر ......“ ماستر اکر اکر اهڙو ڳالهايو جو سڀني جون اکيون کلي ويون.

” ته پوءِ اڄوڪو مامرو متو ڪيئن؟“ چاڪر وري پڇيو.

” سائين! هروڀرو ٿا زبان کولرايو  ته ان جي مرضي...... پر مان ته چوان ٿو ان ڳالهه کي ئي کڻي ڦٽي ڪيو“ماسترنٽايو.

” نه ماستر هاڻي ڍڪ ڪانهي، ڳالهه چٽي ڪبي“ ڪاڪي جمين چيو.

” ها ماستر لڪاءِ نه پنهنجي عزت کان مٿي ڪنهن جي ڪانهي.“ جهوني علڻ چيو.

” سائين! مان اڄ منجهند جواسڪول هلائي بند ڪري ڳڀو کائي نم هيٺ کٽ رکيون اڳي وانگر  سمهيو پيو هئس. سوچيم ته جهٽ پلڪ سونپو ڪري وٺان....... ايتري ۾ بادل خان اچي پهتو مان سان گڏ کٽ تي ويٺو، هتئون هتئون جون اوڀاريون لهواريون ڪندي چيائين......“

” ڪوڙ ڇوٿو هڻين...... آئون ڪٿي چي تو وٽ ويٺو هوس“ بادل ماستر جي ڳالهه ڪاٽي رڙ ڪئي،

” اڙي تون بس ڪر..... هن کي ڳالهائڻ ڏي.....“ ميرڻ بادل کي ڇڙب ڏني.

” ماستر تو ڳالهه ڪر.....“ چاڪر چيو.

” ها ته سائين همراهه چيو ماستر تو پڙهيل مڙس آهين..... مون کي ڪو ڏس ڏي، ڪو تعويذ ڦل ڪري ڏي يا ڪاٿئون ڪرائي ڏي......... پڇيومانس ته ڪهڙو؟ چيائين هڪ ڇوري سنوت نه ٿي....“

” اڙي اهو اکين ڏٺو ڪوڙ...... بادل وري رڙ  ڪئي.

” ماٺ ڪر نه ته...... ها ماستر تون ڳالهه ڪر.....“ ميرڻ وري بادل تي ڏکو ڪندي ماستر کي ڳالهه جاري رکڻ جو چيو.

” ته سائين........ مان بي مذاق ۾ چيومانس ته ڪير ڇوڪري آ........ پهرين ته همراهه گوٿ ناٿ ڪئي پر پوءِ جڏهن زور ڀريومانس ته هن چاچي جمين جي ڇوڪري جي نالي چيو....“

” اڙي جهل وات، ڪوڙ ته ڪيئن ٿو هڻين هن ته.....“ بادل وري اڀو ٿي ويو، پر ڀر ۾ بيٺل نوروءَ ٻانهن کان جهلي ڇڪي وهاري ڇڏيس،

”.... هاڻي جي تو وچ ۾ ڳالهايو ته ٻڌي وهاريندو سئين“ ڪاڪي ميرڻ چيو...

” بس ائين! ....... مان اها ڳالهه ٻڌي ته مان کي باهه وٺي ويئي، مان آخر ته چاچي جمين جو نيمڪ ٿو کاوان.... بيغيرت ناهيان.... مان هن کي ڇنڊ ڪڍي ته جي اهڙي ڳالهه ٻيهر ڪيئي ته مان بڇڙو ڪندو ماءِ، اهو به چيو مانس ته اڄ چاچو جمون اچي يا دودو خان گڏجي ته مان هن کي ٻڌائيندس..... بس سائين همراهه کي ڪاوڙ وٺي وئي، مان کي ڏنڊا هڻڻ شروع ڪيائين، چئي نه هوندين نه چوندين اڦٽ ماريندو مانءِ...... ايتري ۾ ٻيا همراهه آيا، جن اچي مان کي ڇڏايو، آهي نه آهي ڳالهه اها اٿو.....“ ماستر ڳالهه ڪئي..

” ڪوڙ  ٿوهڻي.... سو به اکين ڏٺو... آئون.... “ بادل مرڻ مرڻ تي تيار ٿي ويو.

” بس ڪر  ڙي ڀولڙا......“ چاڪر هڪل ڪئيس.

” پر هي ڪوڙ ته ڏسو.“ بادل احتجاج ڪيو.

” ماستر! تون قرآن کڻندين؟“ ميرڻ چيو.

” ڇو نه کڻندم، سچي تي مار ڪانهي.“ ماستر پڪائي سان چيو.

”اي بادل هاڻي ورندي ڏي“  چاڪر چيو.

” ڪهڙي ورندي ڏيان، ڏاڍو هڪڙواهو جو منهن تي مڃائي ٻيو اهو جو درياءَ پراڙ بيهي گاريون ڏ..... هن ته پير ٻڌي ڪوڙ هنيو آهي“ بادل حيرت ۽ ڪاوڙ مان چيو.

” ڪاڪا علڻ! هاڻي فيصلو ڪر“ ميرڻ چيو.

” ابا! ڳالهه پڌري ٿي پئي آهي، بادل قسم نٿو کڻي، ماستر ڀلو سڳورو کڻڻ لاءِ راضي آهي، جهڙو چيو تهڙو کنيو، بادل وارو اڳ جو مامرو آن کي زاد  آهي، هاڻي جوماستر ڳالهه ڪئي ته اها به دل سان لڳي، ماستر سچو آهي، بادل ڪوڙوآهي، وڌ جيڪا راڄ جي صلاح، جهوني علڻ چيو.

” ته بس... فيصلو اهو ته بادل کي راڄ ڀاڳ مان ڪڍون ٿا، نه مرڻي نه پرڻي نه ڏيتي نه ليتي، جيڪو بادل سان کائيندو يا بادل کي کارائيندو اهوبه ڇٽو ان سان به ساڳيو فيصلو..... ۽ بادل صبح ساڻ ٽپڙ کڻي ڳوٺ مان لڏي وڃي.“

ڪاڪي ميرڻ فيصلو ڪيو،سڀني قبول ڪيو،

” بادل هاڻي صبح جو هن ڳوٺ ۾ تولئه ان پاڻي مردار آهي“ چاڪر چيو.

ڪاڪي علڻ، ميرڻ ، چاڪر ۽ جمين، واري واري سان ڳراٽڙي ڏيئي ماستر کي پرچايو.

پيار جي پت رهجي ويئي، بادل ڳوٺ مان لڏي ويو، ۽ لالان جي دل تا ڪا ڇپ لهي وئي، هاڻ ٻئي محتاط ٿي ويا هئا، بل سواءِ هڪ ٻئي جي پاڇي ڀر به ڪو نه لنگهندا هئا، ڳوٺ وارن کي به پيٽ ۾ ساهه پيو،ماستر سمورن تي ٿورو ڪري ڇڏيو هو،نه ته رڳو ٿاڻي تائين پهچي ها ته سرڪاري ماڙهو هو، ڦوجون چڙهي پون ها، وڏيري عارب جو به هٿ ڪونه پوي ها، وڻ گهوڙو ڪو نه ٻڌجي ها، ڀلا سرڪار ته فيل مست آهي، ان سان ڪهڙوجهيڙو؟

اهو سڀ ڪجهه ته ٿيو، پر ماستر انهي واقعي کان پوءِ ويڳاڻو ٿي پيو، راضي شاهه جو ساهو سومار لڳو ته سڄو ڳوٺ زالين مڙسين سنبري پيو، پر لالان ڪا نه وئي، ماڻس ۽ دودو ويا زيارت ڪرڻ، گهر ۾ لالان ۽ پڻس جمون هئا، جمين جو پيار هاڻي ماستر سان اڳئي کان به اڳرو هو،راتين جون راتيون ويٺو ساڻس ڪچهريون ڪندو هو.

هينئر به رات ڳچ وهامي ويئي آهي، پر ڪاڪي جمين ۽ماستر جي رهاڻ هلي پئي.

”چاچا محمد جمن! هاڻ نه جيڪر چانهه چڪو ٿي وڃي ته واهه واهه....“ ڪچهري ڪندي ماستر چانهه جي فرماش ڪئي.“ چانهه جا توکي مڻ“ جمين چيو ۽ چانهه ڪاڙاهڻ لاءِ اٿي گهر ڏي روانو ٿيو.

” چانهه مڙيئي ڪڙڪ هجي،پتي ۽ کنڊ مڙيئي سرس، مان کي مٿي جي سور جي گوري وٺڻي آ......“ ماستر پويان زور سان سڏي چيس.

” هائو ...... هائو.....“ ڪاڪي ويندي ويندي ورندي ڏني.

” امان !.... چانهه جا ٻه ڪوپ ڪڍي وٺ کنڊ ۽ پتي ڳچ وجهي.“ ڪاڪي گهر اچي ڌيءَ کي چيو، لالان چانهه کي گهمائي ورتو ۽ڪٽلي ۾ وجهي، ٻه ڪوپ ڌوئي آڻي پيءُ جي ڳيان رکيائين.

” ابا! تون هتي پيو وڃ“

” نه امان! آئون به اتي وڃي استاد وٽ پيئندس.“ جمين چانهه جي ڪٽلي ۽ ڪوپ کنيا.

چانهه کڻي اوطاق ۾ آيو، جتي هڪ کٽ تي ماستر جو هنڌ وڇيل هو ۽ٻئي ائين رکي هئي،

” چاچا! مان تهان کي تڪليف ته گهڻي ٿو ڏيان....“ هن چاچي کان ڪوپ ۽ ڪٽلي وٺندي چيو.

” اڙي ابا! ڇڏ اهي ڌارين واريون ڳالهيون، تون هڪڙو ماڻهو لاکيڻو، ٻيو ڏسڻ جو ٺاهوڪو جوان،آئون توکي پنهنجي ٻچن برابر ٿوسمجهان يار،اهي حجابن واريون ڳالهيون نه ڪندو ڪر.“ جمين هن جي ڳالهه ڪاٽيندي چيو.

” لک قرب تهان جا چاچا.“ ماستر چانهه ڪوپن ۾ وجهندي چيو.

” چاچا هي اوطاق واري ڪاٺي سري اهڙي ته کائي ڇڏي آ جو ڪنهن وقت به ڌڪ ڪڍي ويندي ،“ ڪاڪي اُمالڪ ڇت جي لاٽڻ  ڏي ڏٺو.۽ ماستر  جي چپٽي ۾ جهليل  ٻه ننڍيون گوريون مهٽجي  اٽو بڻجي چانهه جي ڪوپ ۾ پئجي ويو.  

” هئو ٻيلي! بروبر.... دودو اچي ته پوءِ هڪڙو ڏينهن کڻي آبٿ ڪريون ڇت سڄي ڇنڊڻي پوندي.“

” خير اڃان ته اهڙي ويل به ناهي، مان ته ائين ئي تهان کي ڌيان ڏياريو.“

ماستر هڪڙوڪوپ چانهه جوکڻندي چيو۽ ٻئي آمهون سامهون ويهي چانهه پيئڻ لڳا.

” کنڊ به ڳچ اٿس پر پوءِ به چانهه ڪجهه ڪساري ٿي پئي آهي، ڀانيان ٿو ته پتي بنهه گهڻي پئجي وئي اٿس.“ ڪاڪي ڍڪ ڀريندي چيو.

” سرڪار! چانهه اصل اها، صفا پوڙهي کي جوان ڪري ڇڏي، اسان ڏي ته تهان جي عمر جا پهلوان به اهڙي چانهه پيئن.“ ماستر چيو.

۽ ڪاڪو جوان ٿيڻ جي شوق ۽ پهلوانن جي ريس ۾سڄو ڪوپ پي ويو.

”ڀلا هاڻ ڪلام ٻڌايانو؟“

ڀلي ٻڌاءِ يار! تو وارن ڪلامن ته ڪهي وڌو آهي، اسان پوڙهن کي به جواڻي زاد اچي وڃي.“ ڪاڪي اوٻاسي ڏيندي چيو.

” ڪاڪا! ننڊ اچئي ته ڀلي وڃي آرامي ٿيءُ، ڪلام وري کڻي ٻي ڀيري ٻڌجان!“ ماستر چيو.

” نه نه.... تون، ٻڌاءِ ڪلام، ننڊ ته اڇا ڪا نه ٿي اچيم“ ڪاڪي چيو.

” چڱو ڀلا“، ماستر جهونگار شروع ڪندي، آواز جي پکي کي اڀ ڏي اڏارڻ لڳو.

ملبو مٺڙا توسان جلدي، متان وسارين سائين.
ڏک سک ڏوري اچبو آخر، تنهنجي در گهر تائين.

آواز سرن جو ويس ڍڪي اڏاڻو، ۽ لالان جي ڪن تائين وڃي پهتو، شاعر جي محبوبه هئي، شعر سمجهڻ لڳي هئي، سو نياپو سمجهي ويئي.

” ڪاڪا او ڪاڪا.... محمد جمن!؟“ ڪاڪي جا کونگهرا ٻڌي بلاول سجاڳ ڪيس.

” هان... هان... شت جهٽڪو اچي ويو... ڪاڪي  اک پٽيندي چيو.

” خير آ چاچل! هاڻي اوهين وڃي آرامي ٿيو، مان کي به ننڊ ٿي اچي، چانهه ۽ماني وارا ٿانو ساجهر کڻي وڃجئو.

” ٺيڪ آهي ابا... “ ڪاڪو اٿيو ۽گهر روانو ٿيو، پر ننڊ سڄي جسم  ۾ ڇائنجي ويئي هيس، نيٺ اکيون مهٽي اچي گهر پنهنجي کٽ ڀيڙو ٿيو

     ”لالان پٽ! مون کي ننڊ ٿي اچي ، تون به هاڻي سمهي پئو “ڪاڪي ننڍاکڙي آواز ۾ چيو ۽ رڳو ليٽيو ، گهرڙ  گهرڙ ......گهرڙ.... کونگهري جو ٺڪاءُ.

لالان پاڻ مرادو کلي پئي.

        ”هوئين .......... ڪيڏو نه چالاڪ   آهي . هاڻي بابو ساري رات ٽنگ  به ڪو نه چوريندو . راڄ  سڄو  زالين مڙسين ويو  راضي شاهه تي ، هاڻي وس  وارو آهي .“

دل  ئي دل  ۾ مرڪي پئي .

” وري نياپو به ائين پيو ڏي جو ٻيو ڪو سمجهي ته ڪلام پيو ڳائي، پر آئون ته سمجهي ويس“ هن جي چپن تي محبوب جي شرارت جو خيال ايندي مرڪ اچي ويئي.

۽ هو به اچي ويو، پير جي آڱوٺي مان وٺي ڌوڌنداڙي اٿاري يائينس، هو به بنا نخري اٿي، هڪ نظر پيءَ تي وڌائين جنهن جو کونگهرو ننڊ جو ضامن هو.

 هوگر جي جنڊي کان اچي ويٺا.

” اڄ جي ابو اٿيو ٿو پوي ته...؟“ سرٻاٽ ۾ چيائين.

” ڪونه اٿندو پوريون ٻه زافا کائي ستو آ“ مرڪي جواب ڏنائينس.

” تڏهن پي ڳايئي ته ڏک سک ڏوري اچبو.

” چڱو ٿيوجو شاعري سمجهي ته وئين. پر لالي! ڳالهه ٻڌ“

”چئه“

” مان هاڻي هتڙي نه رهي سگهندم“

” ڇو.....“ اتاولي مان پڇيائين.

” ان ڪري جو مان هتڙي هڪ ڀيرو بي عزتون ٿي چڪو آهيان“

” مٺا، عشق ۾ اهو ته سڀ سهڻو ٿو پوي“

” مان تو سر لاءِ سهي ويم نه ته.... پر خير هاڻي ٻڌ! مان جي دل هتڙي اصلي نه ٿي لڳئي“

” مون سان به نه؟“

”ائين نه چئو تنهنجي پيار ئي ته ماريو آ.....“

”ته پوءِ توکي به مان سان ايڏو ئي پيار ڪرڻ گهرجي“

” ته توسان پيار ڪونهيم ڇا؟.... مٺا توتان سر قلبان آهي، مائٽن کي نشا کارايو به تولاءِ ٿي اچان“

” برابر مان تنهنجي وفاداري کان ته انڪار نٿو ڪيان پر.....“

” پر ڇا...“

” مان هميشه توکي پنهنجو ڪرڻ ٿو چاهيان نڪاح ۾ آڻڻ ٿوگهران“

” اهو وري ڪيئن ٿيندو؟“هو ڇرڪي پئي.

” منهنجا مائٽ توکي ڪڏهن به ڪليمين قيامين سنڱ ڪو نه ڏيندا، تون ٻي ذات...“ اسين ٻي ذات، نه ڀائچاري نه برادري... ۽ ٻيوته... ٻيو ته ننڍپڻ کان مون جو مڱڻو ڪاڪي چاڪر جي پٽ سان ٿيل آهي. سو...“

” سو توکي ضرور ان سان پرڻائيندا“

” پر اڃا ته ڪو نه ٿا پرڻائين..“

” پر نيٺ به ته....“

” پوءِ به آئون ته توجي آهيان، نالي ماتر مڙس ٿيو ته ڇاٿي پيو.“ لالان چيو.

” مطلب ته ياري مان سان ۽لانئون لهين ٻي سان..... نه لالي! مان کنئون اهو نه پڄندو... مان اڦٽ مري پوندوسانءِ ڳالهه اٿئي صاف“

”الله پناهه ڏي شل“ هن سندس وات تي هٿ کڻي رکيو.

” مان پرديسي ماڻهو تو وٽ دل هارائي مجبور ٿيم، پادر کاڌم... هاڻي تون ڪنهن ٻي جي ڪنوار ٿئين ته منهنجي محبت منهنجي غيرت اهو اصل برداشت نه ڪري سگهندي، مان پاڻ کي ماري ڇڏيندم، بلاول جي اکين مان لڙڪ لالان جي ٻانهن تي چڻگون بنجي ڪريا، ۽ هو تڙپي ويئي.

” نه روءِ جاني نه روءِ !.... تون جيئن چوين تيئن ڪريان، منهنجو ته محب به تون ته مڙس به تون“

” ته مان پنهنجي امڙ کي وٺي اچي تنهنجو سڱ گهران؟“ بلاول چيو.

” نه نه ... اهو هي ڪڏهن ڪو نه ڪندا، ۽ تنهنجا مرڳو ويري ٿي پوندا، موکي به بروقت پرڻائي ڪند روانو.“

” ته پوءِ .... هڪڙو ئي رستو آ...“ بلاول چيو.

ڪهڙو؟“

” تون مان سان  نڪري هل“

” ڇا... ڀڄي...؟“ لالان ڏڪي ويئي لفظ سندس نڙي ۾ اٽڪي پيا.

” ها... ان کئون سواءِ ٻيو چاروبه ناهي.“

پوءِ... پوءِ امان ابو ڪيڏانهن ويندا؟ سندن، راڄ ۾ ڪهڙي عزت رهندي؟ سڄي راڄ م نڪ وڍجي ويندن، ڪهڙا پٽڪا ٻڌي هلندا، نه نه جاني ائين ڪو نه ٿيندو! لالان چيو.

” ته پوءِ پنهنجي به اڄ موڪلاڻي ٿئي، محبت نه ملي ته موت ته ملي پوندو، تون ڀلي مائٽن جي عزت رک، مان جي زندگي تنهنجي پيار تان قربان ٿي ته ڇا ٿيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com