سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :8

”اهو ئي نه ته مون کي سيکاريو ۽ ها، توهان ته صرف ڳالهيون ڪري ڄاڻو، اهو ته مان به ڄاڻان ٿي ته توهان وٽ مون کي ته ڇا، پر پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ واري شڪتي به ڪانهي نه ته جيڪر سيتا چري نه ٿي هئي جو ليڪا لتاڙي ها“ هن سندس ڪمزوريءَ تي ٺٺول ڪندي چيو هو، تڏهن راشد لاجواب ٿيندي مرڪيو.

”هُهن ـــ“

پوءِ کن لاءِ خاموشي، چانهه جا چشڪا ۽ سگريٽ جا سوٽا. دونهون هڪ قسم جو گنبذ ٺاهيندو رهيو هو. تنهن بعد صوفي کي ٽيڪ ڏيندي راشد چيو هو.

”ثريا ــــ؟“

”هُون ـــ“

”ثريا، تو زندگيءَ ۾ هڪ وڏي چُڪ ڪئي آهي ۽ ها، مان چوندس پوءِ تون انهيءَ کي ڀل ته ڪابه معنيٰ ڏئين، پر مان چوندو ئي رهندس. تو پنهنجو پاڻ کي فريب ڏنو آهي، دوکو ڏنو آهي. تون ان ويرانيءَ طرف ڊوڙي رهي آهين، جتي پاڻيءَ جو ڦُڙو ڪونهي. ڪنهن به ڇپري ڇانو جو نانءُ نشان ڪونهي، جتي توکي ساهه پٽڻ لاءِ اڀل ملي. اتي ته رڳو رڃ ئي اُڃ آهي“

”اهڙا آدرش اڳ ڏيو ها ته شايد ڪارگر ٿين ها“ هن مرڪندي چيو هو.

”ثريا، توکي گهٽ ۾ گهٽ پراڻي پريت کي وسارڻ نه گهربو هو. ياد اٿئي هڪ ڀيري يونيورسٽيءَ جي لابيءَ مان گذرندي نثار ڏانهن اشارو ڪندي چيو هوءِ ”نثار ته اصل ڇسو آهي. مون کي ته اکين ڏٺي نٿو وڻي. جڏهن ڏس تڏهن پاڇي جيان ڪڍ، هُون باسٽر... ڪلهه ته اهڙي ڇنڊ ڪڍي اٿمانس جو وري نه  اهڙي واهيات حرڪت ڪندو“ پڇيو هوم ”خير ته هو؟“ تڏهن مرڪي اڃا به قريب ايندي چيو هوءِ ”خبر ڪانهي هو اڄڪلهه پاڻ کي ڇا ٿو سمجهي، هُون ـــ ڀائين ”راشد سان لاڳاپن تي ڪجهه غور ڪر، اهڙن خالي آئيڊيلسٽ اديبن سان اوهان جهڙن جو ايترو فري ٿيڻ ٺيڪ نٿو لڳي.“ تڏهن تو کن لاءِ خاموش ٿي منهنجي چهري جا تاثرات ڏسڻ چاهيا هئا ۽ پوءِ مون مرڪي چيو هو ”پوءِ تو ڇا چيو“ تڏهن تو مان سان گڏ هلڻ ۾ فخر محسوس ڪندي چيو هو ”توکي ڪهڙو ٿو حق پهچي ائين ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو ۽ تون ڪير ٿيندو آهين مان کي مشورو ڏيڻ وارو، تون لڳندو ئي ڇا آهين منهنجو. اي، مسٽر! اهو روب وڃي ٻين کي جهاڙاءِ، اڳ لاءِ جي ٻيهر اهڙي گستاخي ٿي ته پوءِ...“ وري جڏهن سيميسٽر ختم ٿيا هئا ڪجهه ڏينهن جي موڪل کان پوءِ يونيورسٽي کلي هئي، تڏهن پاڻ جڏهن مليا هئاسين، تڏهن تو چيو هو ”راشد صاحب پوءِ ايترا ڏينهن....“ چيو هوم ”وري اهي تنهنجا لقب“ تڏهن تو چيو هو ”تڏهن ڀلا توهان کي ڇا چئي پڪاريان؟“ مان چيو هو ”اهو ئي جيئن اڳ سڏيندي هئينءَ“ ان وقت هلڪو مرڪندي لڄ وچان ٻئي پاسي منهن ڪندي تو چيو هو ”پوءِ سکڻي نالي وٺڻ سان ته ماڻهو وڌيڪ...“ ۽ مان وڃان پيو وڌيڪ پٺتي ٿيندو ائين نه. اهو ئي پئي چوڻ چاهيئه نه“ تڏهن تو مرڪي ڏنو هو ۽ ان مرڪ سان گڏ انڊلٺ جيان سوين رنگ سندءِ مُک تي وري آيا هئا. ان کان به وڌيڪ ياد هوندءِ، جڏهن پاڻ ٻئي سمونڊ جي لهرين جي نچڻ ڪُڏڻ تي ڳالهائي رهيا هئاسين، تڏهن تو چيو هو ته ”انهن ڇولين جو ائين بار بار ڪنارن کي چمڻ آخر ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ اهي سانت ۾ به اينديون آهن ڪه نه... پاڻ جڏهن موڪلائڻ لڳندا آهيون تڏهن لڳندو آهي انهن ڇولين جهڙي ئي ڪا شيءِ هجي، جيڪا سرير ۾ ڊوڙون پائيندي هجي. پوءِ گهڻي گهڻي رات تائين آرام ڪونه، ۽ صبح ٿيندي لڱن ۾ ڀاڃوڙ، سرير ۾ ساهه ئي ڪونه...“ ۽ خبر اٿئي تنهن وقت به تنهنجي انهن ٻاراڻين حرڪتن کي کلي ٽاري ڇڏيو هوم، ڇو ته مان کي خبر آهي ته تو جهڙن البيلين جي سپنن ۾ اسان سڃا اديب، اديب جيڪي اڌ سگريٽ ۽ اُبتن سبتن ليڪن پاتل چيريل ڦاڙيل پنن جا مالڪ، ميرن گدلن ڪپڙن ۽ هوائي چپل تي اُڏرندڙن جا تصور ته اچي سگهن ٿا. پر حقيقي روپ ۾ توهان تائين پهچڻ ناممڪن آهي.“

”ها، اهوئي نه، پر مون کي ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه ياد آهي ــ مان ته اهو به ڪين وساري سگهي آهيان، جو جڏهن تو هڪ نئين ڪهاڻيءَ جي عنوان بابت پڇيو هو، تڏهن چيو هوم ’نه بابا نه، مان اديب ته آهيان ڪونه ـــ اها ڪهاڻي تو لکي آهي ۽ تون ئي بهتر ڄاڻي سگهين ٿوـــ مان، مان ته بس رڳو ڪهاڻيون پڙهي ئي ڄاڻان ۽ ها، هن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي عنوان تي به ڪڏهن سوچيو ٿي؟“ تڏهن تو چيو هو ”هروڀرو هر ڪهاڻيءَ کي عنوان ڏيڻ ڇا ضروري آهي.“ـــ ڪي ڪي ڪهاڻيون بغير عنوان جي به هونديون آهن“ـــ ته رهيو سوال اڄ جو ـــ غلطي نه رڳو منهنجي، پر تنهنجي به آهي ـــ پهرين غلطي تنهنجي جو رکائي، بي توجهي، سرد مهري ۽ بي حرارتي ڪيفيت سان پنهنجي دل جي صحن کي سدائين لاءِ سرد ۽ ويران رکيو ۽ ٻي غلطي منهنجي جو توهان جي لفظن ۾ غير فطري ۽ ڪوڙن ٻنڌڻن ۾ پنهنجو پاڻ کي سوگهو ڪري ڇڏيم ـــ اهو منهنجو انتقام نه، پر فطري ضرورت هئي ۽ هينئر جتي آهيان، جنهن حال ۾ آهيان، اتي ئي رهڻ ڏيو ته بهتر ٿيندو.“

”ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته توهان به روشن مستقبل لاءِ ڪجهه سوچو ـــ ڏسو نه ڀلا ائين ڪيستائين...؟“

ٻيهر جڏهن مليا هئا تڏهن ثريا چيو هو،

”تو جيان؟“ هن ٺٺول ڪندي چيو هو.

”مان جيان نه سهي پر پوءِ به...“

”ثريا، سچ پڇين ته مان، ٿو جيان نه ئي ڪنهن قسم جا ڪي سُهانا سپنا سهيڙيان ٿو ۽ نه ئي وري تو جيان ڪنهن روشن مستقبل جي ئي انتظاري اٿم ـــ مان اديب آهيان ـــ اديب جيڪي پياريون دل ۾ چڀندڙ ڪهاڻيون جوڙي ڄاڻن. اديب جيڪي ٻين جي خوابن جا تعبير ته ڪري سگهندا آهن، پر پاڻ اڌورا ۽ اڻ پورا ئي رهجي ويندا آهن ۽ پوءِ جڏهن مرندا آهن، تڏهن ساڻن گڏ سندن اڻ پورن خوابن کي به دفنايو ويندو آهي“ چوندي چوندي اُداسيءَ جي ڇانو هن جي چهري تي ڇڻي آئي هئي.

کن جي خاموشيءَ کان پوءِ هُن ٻيهر ڳالهايو هو.

”ثريا، خبر ناهي ماڻهو ماضيءَ کي ڇو الاجي ڀلائي ويهن ٿا!؟“

”توهان هروڀرو ٽٽل زنجير جي ڪڙين کي ملائڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيا آهيون؟ ۽ توهان کي ماضيءَ جي ڳڻتي به آخر ڇو؟“

””هُهن“ هو مرڪيو هو ”ماضي ـــ ماضي مون کي خبر ناهي ڇو پيارو لڳندو آهي، ۽ وڃايل جو ئي ته احساس رهي ٿو. گم ٿيل جوئي ته درد رهي ٿو ۽ تون ٿي چوين...“

”مون کي ماضي ايذاءُ ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه ٿو ڏئي سگهي، ان ڪري ماضي مون کي ياد ئي نه رهيو. ها، ماضيءَ ۾ لڳو هو ته مان به ڪنهن پراڻي ڪتاب ۾ هڪ اَمر ڪهاڻي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ماضيءَ ۾ مان به ڪنهن کي چاهيو هو، پر پوءِ انهي جي بي توجهيءَ ڪري ائين لڳو هو جو پنهنجو پاڻ به ويس پئي ڪٽجندي ـــ مان ٻين لاءِ ته پئي جيئس پر مون لاءِ ... ۽ انهيءَ ماضيءَ جي نراسائيءَ ئي ڌڪي ڇڏيو هو هن ڌٻڻ ۾. اڄ ماضي مان لاءِ هڪ کنڊر کان سواءِ ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪونهي. ماضيءَ ۾ مان نه ڪنهن کي ڳولي سگهان ٿي ۽ نه ئي وري پنهنجو پاڻ کي لڀي سگهان ٿي، ان ڪري اڄ ئي منهنجي لاءِ سڀڪجهه آهي ـــ اڄ کي ئي سيني لائي جيئڻو پوي ٿو ۽ تنهنجو اهو بار بار حق جتائڻ...“

”ها، حق جتائڻ  جي چاهنا هڪ ڀيرو ضرور اُڀري هئي، جڏهن تنهنجي شاديءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو مليا هئاسين، تڏهن ياد اٿئي مان ڇا چيو هو؟... مان چيو هو ’ثريا توکي گهٽ ۾ گهٽ پراڻي پريت کي وسارڻ نه گهربو هو...‘ ۽ اڄ، اڄ مان سڀڪجهه وساري ويٺو آهيان. صرف ۽ صرف هڪ ئي ياد باقي اٿم ته مان به ڪنهن کي چاهيو هو، جنهن سان اڄ به ازلي رشتو قائم اٿم. تڏهن ئي....“ هو جملي کي اڌورو ڇڏي، سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو هو.

وري هڪ ڀيرو.

”آخر ڪيتسائين ائين...“

”شادي ڇو ڪونه ٿا ڪريو؟“

”ثريا، اهو تنهنجو بار بار  شاديءَ لاءِ چوڻ مان کي سخت بڇان ڏياري ٿو ــ آخر شادي آهي ڇا؟“ هو چڙي پيو هو.

”شادي، اوهان جي ئي برادريءَ مان ٽالسٽاءِ شاديءَ لاءِ چيو آ ”هڪ معصوم ساده دل، ذهين ۽ دلڪش زال سان گڏ زندگي گذارڻ، اها ئي حقيقي ۽ لازوال مسرت آهي.“

”ها، پر مان اهڙن ڪوڙن ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي خودڪشي ڪرڻ نٿو چاهيان. خبر آهي ته ان  شاديءَ، جنهن تنهنجو کڻي مٿو خراب ڪيو هو، تنهن موٽ ۾ توکي ڇا ڏنو. اهو ئي نه کل خوشي پوءِ ڍڳي واري فرمانبرداري ۽ آخر ۾ ڏهاڳ، اڄ هو ته ايئر هوسٽس جي گرم جهوليءَ ۾ مزا ماڻي رهيو آهي ۽ تون... پر مان ٿو چوان شاديءَ ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟ اجايون هٿ ٺوڪيون سرحدون، ۽ خبر اٿئي ته مان انهن حدن جو قائل نه آهيان ـــ ياد ٿي هڪ شام يونيورسٽيءَ کان پري پهاڙن جي چوٽين تي ٽهلندي تو هروڀرو به قبوليت ڪرائڻ چاهي هئي ـــ تو چيو هو ”شاديءَ جو رشتو به ڪهڙو نه سڀاويڪ آهي. ٻن دلين کي هميشہ هميشہ لاءِ پيار جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌڻ، جن ۾ رهندي ٻه دليون ٻن ٻيڙين جيان پيار جي ساگر ۾ بي فلڪيون ۽ بي اُلڪيون ترنديون پيون وتن ـــ نه تيز طوفانن جو کٽڪو ۽ نه ئي وري ڪو لهر لوڏو“ تڏهن مان چيو هو ”پيار جي ٻيڙيءَ کي هروڀرو رسي ۾ سوگهو ئي ڇو ڪجي، جو هڪ هنڌ بيٺي بيٺي سينوارجي وڃي ۽ پيار جي قبوليت شادي ئي ڇو؟“ تڏهن تو چيو هو”صدين کان جو اها رسم دهرائبي پئي اچي“ ۽ اهو به ياد هوندوءِ ته ان وقت مان ڇا چيو هو. مان چيو هو ”شادي ڇا ٻن دلين کي ملائڻ ۾ پُل آهي؟ شاديءَ کان سواءِ پيار ڇا مري ويندو آهي؟“ تڏهن مرڪي تو سوال ڪيو هو ”پوءِ پيار ڇا آهي؟“ مان چيو هو ”پيار هڪ نه مٽجندڙ پياس آهي. پيار گلن جي سُرهاڻ آهي ـــ پيار ٽانگر ٽاري، ڀنل رابيل جي مَهڪار آهي... ۽ شادي؟ شادي مهذب سماج جو بنديخانو، شادي سکر سينٽرل جيل آهي. شادي لاڙڪاڻي جي چاوڙي، مچ جيل آهي...“ هن جي لفظن ۾ ترشي ۽ بيباڪي هئي، جنهن کان کيس سدائين ڪنبڻي وٺندي هئي ـــ هن کي لڳو هو؛ اڃا تائين منجهس ڪا نواڻ ڪانه آهي.

”ڪڏهن ڪڏهن توهان ضرورت کان وڌيڪ رُکا ٿي ويندا آهيو، جيڪا ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ منهنجي سهپ کان ٻاهر  آهي.“

”شادي شادي، شادي ۽ شاديءَ اهو ئي ته ڏنو ٿي نه جو ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجو روپ بگاڙي ايڊنٽٽي وڃائي چڪي آهين ـــ ڪٿي يونيورسٽيءَ واريون ڪنواريون ڪجليون اکيون، ڪٿي اڄ جون ويران ڏرا ڏنل اکيون ـــ لڳي ٿو ته شايد راتين جون ننڊون حرام، ڏينهن جا چين بيڪار ـــ توکي ته شايد ننڊ لاءِ به سليپنگ پلز واپرائڻيون پونديون هونديون.“

”بس ڪريو، رهڻ ڏيو ان سڀ کي“ چوندي چوندي هوءَ اُٿي. گئلريءَ ۾ وئي هئي ۽ راشد خاموش سگريٽ ڇڪيندو رهيو هو. کن لاءِ ڪمري ۾ خزان ۾ هڪ شام جيان اداس موسيقي ڦهلجي وئي هئي. هڪ اداس خاموشي ڇانئجي وئي هئي. پوءِ جڏهن ٻيهر واپس ڪمري ۾ گهڙي پاڻ کي صوفي تي سٽيو هئائين، تڏهن به ڪيترو ئي وقت ساڳي خاموشي ئي رهي هئي ـــ تنهن بعد راشد پڇيو هو.

ـــ ”سروس هلي ٿي؟“

ـــ ”ٻيو“.

ـــ ”ها، ٻڌاءِ اڄڪلهه هو ڪٿي“ راشد سگريٽ جي رک، رک ـــ وٽيءَ ۾ ڇاڻيندي پڇيو هو.

”ڪير نثار؟ نثار ساڳي ئي هنڌ پي. آءِ. اي ۾ سروس پيو ڪري.“

ـــ ”۽ هوءَ سندس؟“

”خبر اٿئي نه اها ايئر هوسٽس اهي ٻئي اسٽاف ڪوارٽرز ۾ رهن.“

”هيڏانهن ڪونه اچي؟“

”نه، ڪونه اچي ۽ اچي به ڇاڪاڻ. مان ڪا هاڻي...“

”پوءِ اڪيلائيءَ ۾ بور نه ٿيندي هوندينءَ؟“

”نه، ڪابه بوريتي ٻوريت ناهي.“

”ايڏي عرصي ۾ مون ڏانهن به ڦيرو نه ڪيئه؟“ هن جي مُک تي اڻ چٽي ڌنڌلي ڌنڌلي چاهنا جا اولڙا تجلا ڏيڻ لڳا هئا.

”پوءِ نوڪر جو آهي.“

”اهو ته ٿيو بهانو.“

”پوءِ ڪمزرو ئي سمجهو.“

”سڀڪجهه ڄاڻندي به ايڏي ماٺ!“ هن سامهون نهاريندي سندس مُک جا ڀاؤ ڏسڻ چاهيا هئا.

”ائين سمجهو مون ۾ بغاوت جي سگهه ڪين آهي.“ هن جي چهري تي ڏک ڀريون ريکائون اُڀري آيون هيون. لائيٽ جي تيز روشنيءَ ۾ هن اکيون ڇنڀندي جهٽڪي سان چهرو ٻئي پاس ڪري ڇڏيو هو.

”توکي اڄ به هن سان پيار آهي؟“

”نه، پيار نه پر نفرت.“ هن تيز لهجي ۾ چيو هو. هن مڙس کان مليل گهاوَن کي من ئي من ۾ ڪنهن راز جيان سانڍي رکيو هو، پر پوءِ به اهو راز ڪنهن نانگ جيان سِرڪي سندس چپن تي اچي ويو هو.

”هُن مون کي دوکو ڏنو آهي. هُن مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي ـــ هُن مون کي ... ان ڪري ئي ...“ ايئن ڄڻ صفائي پيش ڪندي هجي.

”پوءِ هي دک جون ريکائون؟“

”پر تون ته ٻڌاءِ، ايترا سارا ڀيرا آئين پوءِ ڀيرو به نه ڪيئه؟“ هن سندس حڪم کي ٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي چيو هو.

”ياد ٿي، تو چيو هو ”ماضي ايذاءُ پهچائڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه ٿو ڏئي سگهي“ ۽ مون کي وري ملڻ پيڙا پهچائيندو آهي.“ هن ڏانهس گهوريندي چيو هو.

”منهنجي چهري ۾ رکيو ئي ڇا آهي جو ائين بار بار چتائي رهيا آهيو.“ هن ٿڪل ۽ حجاب واري آواز ۾ چيو هو.

”هڪ اها شيءِ پيو ڳوليان، جيڪا ڪنهن وقت پيڙا کان پالهي هئي. جنهن کي خوشگوار روحاني سڪون حاصل هو. جنهن ٻين لاءِ پنهنجي زندگي برباد ڪندي سچي زندگيءَ جي لذت، مسرت ۽ مزو به وڃائي ڇڏيو آهي. اڄ جنهن تي مان کي روئڻ اچي ٿو، پر افسوس! جو منهنجا ڳوڙها به ان تلخيءَ کي مِٽائڻ لاءِ ڪافي ناهن.“

ثريا جو ڪنوارپ وارو زمانو هن وٽ ائين محفوظ هو، جيئن اڳ جون ڪنواريون شاديءَ کان پوءِ ڏاج کي پوڙهائپ تائين سانڍيون اينديون آهن ۽ پوءِ جڏهن ڪهني لڙڪيل کل واري چهري کي آئيني ۾ ڏسنديون آهن، تڏهن گذريل وقت کي ياد ڪندي پراڻن ڪاٺوڙن، صندوقن ۽ ٽينڪن جا پُڙ کولي پراڻي ڏاج کي اٿلائي پٿلائي کن لاءِ پنهنجو پاڻ کي ماضيءَ جي ماٿرين ۾ اُڇلائي ڇڏينديون آهن.

ليڪن هن وساريو ئي ڇا هو؟ يونيورسٽيءَ جي رنگين ماحول کان جبلن جي چوٽين، سمونڊ جي لهرن کان وٺي اڄ تائين هن کان ڪجهه به ڪين وسريو. هن کي ته اڄ به ياد آهي، سندس ڪهاڻين ئي هنن کي هڪٻئي جي قريب آندو هو.

”راشد صاحب، مان توهان جون ڪهاڻيون پڙهندي آهيان.“

”واهه وا، مهرباني مهرباني.“

”ڏسو نه، ان ۾ مهربانيءَ جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه. سچ پچ توهان عظيم اديب آهيو.“

”راشد صاحب اڄڪلهه ڇا پيا لکو؟“

”مان، اڄڪلهه هڪ ناول تي ڪم ڪري رهيو آهيان.“

”واهه! پوءِ ته ڏاڍو سٺو.“

”راشد صاحب، خبر ناهي، اوهان جو اسان کان ايترو پري پري رهڻ آخر ڇا معنيٰ ٿو رکي؟“

”توهان ڪيئن ٿا سمجهو؟“

”پوءِ نڪو ملڻ ۽ نه ئي وري...“

”بس.. ۽ ان ڪري به ته متان“

”ڇا مطلب؟ ۽ ڊڄو ٿا“ هلڪي مرڪ.

”ها.“

”ڪنهن کان؟“

”توکان“ سرگوشيءَ جي آواز ۾.

”مون کان؟“ مُک جو سرخي مائل ٿيڻ. من ۾ امرت جو اوتجي اچڻ.

ائين ئي ثريا عام ڇوڪرن جي ڪچڪول مان نڪري سڄو سڄو وقت مطالعي ۽ راشد سان ڪچهريون ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيءَ کان پري سمونڊ جي ڪناري، ڪڏهن ساوڪ سان ڍڪيل پهاڙن طرف، جتي فطرت جي گَهراين، سمونڊ جي وڏين ڇولين جي نچڻ ڪڏڻ تي، ڪڏهن پهاڙن جي خوبصورتي، ظاهر ۾ پُرسڪون اندر ئي اندر ٽهڪندڙ لاوا تي، ڪڏهن گهاٽن وڏن وڻن جي گلن سان جهنجهيل جهومندڙ ٽارين تي ۽ ڪڏهن زندگيءَ سان واسطو رکندڙ مسئلن تي ڳالهائڻ، خيالن جي هڪجهڙائي هوندي به ڪجهه وٿي. هڪ سماج جي دٻاءَ کي ڪنهن حد تائين برداشت ڪندڙ ۽ ٻيو عقيدن جي سهاري بنا ئي ڪائنات تي غور فڪر ڪرڻ سان دلي سڪون جاچيندڙ.

راشد ۾ جيڪڏهن ظاهر ۾ محبت واري گرمي ڪين هئي، پر پوءِ به پنهنجي منهن انهن پريت جي داستانن کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ اوتيندو ضرور هو. ڀڳل ٽُٽل لفظن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اظهار به ڪري ويهندو هو، ڄڻ دل جو ٿانؤ ڀڃي اهو محسوس ڪرائيندو هجي ته وٽس به ڪا دل آهي پر محبت جو اهو جهوٽو جهڙيءَ ئي تيزيءَ سان ايندو هو اهڙي ئي تيزي سان دلين کي واسڻ بنا ئي گذري ويندو هو. ان ڪري ئي ثريا مٿس گهڻو ڀروسو ڪري ڪين سگهي.

۽ اڄ وري ڳچ عرصي کان پوءِ پاڻ هينئن مليا، راشد ڪپ کڻندي چيو.

”ثريا، تو جيڪا پاڻ سان ويساهه گهاتي ڪئي هئي، ان کان بچائڻ جو موُهه ئي...“

”چُپ ڪريو رهڻ ڏيو ان سڀ کي، بار بار اهو توهان جو رحم وارو جذبو دک ٿو رسائي.“

”ڏٺو اٿئي پنهنجو پاڻ کي آرسيءَ ۾؟“

”پوءِ جڏهن آتما مري چڪو هوندو آهي، تڏهن سرير جي آخر ڇا معنيٰ“ چوندي چوندي سندس آواز ڀرجي آيو.

”پر تنهنجي عمر ئي ڪيتري آهي”،

”بس، ڪڏهن ڪڏهن انسان عمر کان اڳ ئي پوڙهو ٿي ويندو آهي.“

”سبب؟“

”هر ڳالهه جو سبب ٿيندو آهي ڇا؟“

”پوءِ هيءَ تنهنجي سرير کان لاپرواهي؟“

”سرير ۾ توهان جو ڏاڍو موه آهي؟“

”ها، ڇو ته مان اديب آهيان. مان کي سرير جي سونهن تي جيتري سرهائي ٿيندي آهي، اوتروئي سندس ناس ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندو آهيان.“

”پر ڏس، مان ان حد کان اڳتي نڪري آئي آهيان.“

”مان وري به دهرائيندس، تنهنجي عمر ئي...“

”ها، هڪ وقت اهو به هو جڏهن جسم ۾ هڪ قسم جي خوشبوءَ ۽ گرمائش ڊوڙون پائڻ لڳندي هئي. تڏهن لڳندو هو سچ به مان ڪو مور هجان ۽ مور جيان ئي اڪيلي اڪيلي جهرجهنگ ڪوڪيندو وتان. پر اڄ مان ان بن مان ٻاهر نڪري آئي آهيان. مان اڄ هر ڳالهه کان مُڪتي پائي ورتي آهي. ان ڪري اڄ مان لاءِ سڀڪجهه اجايو آهي. مان  بيهر پنهنجو پاڻ کي وري اهڙي بَنَ ۾ وڃائڻ نٿي چاهيان، جتان نڪرڻ لاءِ ڪو رستوئي نه لڀي“ پوءِ ٻالهائي رهي هئي ۽ سندس آواز ۾ دٻيل سڏڪا هئا.

”پوءِ ڪلهه جو احساس ڇو؟،

”تون ئي ته چوندو آهين سڀڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به ڪلهه جو احساس رهي ٿو. ۽ زندگيءَ ۾ رکيوئي ڇا آهي پر پوءِ به جيئڻو ئي پوي ٿو.“

”گذريل جو ڏک ڇو؟ ياد ٿي، مان چيو هو ’اسان اديبن لاءِ ماضي ئي قيمتي وٿ آهي ۽ مستقبل ـــ مستقبل اسان کي ڀانيئه نه اچي‘ تڏهن تو چيو هو ’مستقبل منهنجو آهي‘ مان مستقبل کي جيتينديس.“

”ها، پر مان اهو به ته چيو هو نه ته مان شڪست کائي ئي نٿي سگهان. پوءِ هي زندگيءَ جا ايندڙ پل آزاد پنڇيءَ جيان گذارينديس، ڇا اهو مون لاءِ ٿورو آهي...؟“ هوءَ اڃان به ڪجهه چوندي چوندي رڪجي وئي. هن جو گلو ڀرجي آيو. هن جي ساڙهي ڪُلهي تان تِرڪي صوفي ۽ بلاڪ تي وڇائجي ويئي.

”تڏهن به هڪ مڙس ۽ ٽانگر جيان  ٽڙندو ٻارڙن جي ته ڪمي رهندي.“

”نه، مان ٻار پيدا ڪرڻ ۽ مڙس سان گڏ هڪ بي معنيٰ ۽ فضول زندگي گذارڻ کان تنگ اچي چڪي آهيان.“

”پوءِ ائين ڪيسين اڪيلي زندگيءَ سان جنگ جوٽيون ايندينءَ؟“

”بس، ڇا ٿو چئي سگهجي؟“

”پوءِ؟“ هن دلچسپي وٺندي چيو.

”نه، بس، مان لاءِ جيڪو ٿيو سو ڪافي ٿيو،  ٻيهر ريتن رسمن جي قربان گاهه تي سيس نوائڻ لاءِ تيار نه آهيان.“

”پوءِ به؟“ هن جي منهن تي مرڪ نه پر وشواس ۽ اُميد پيرا ٺاهڻ لڳي.“

”توهان آخر چوائڻ ڇا ٿا چاهيو؟ جڏهن ته مان اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهيان. زندگي مون لاءِ ڪا معنيٰ نٿي رکي، جنهن جي سهاري باقي پل به ڪسارا گذاريان ۽ نه ئي وري اڄ به موهه اٿم جو چوڙڻ ماڻڻ جي چاهنا جاڳي اُٿي. مان هن دنيا کان پري دور پري وڃڻ چاهيان ٿي، جتي ڪنهن جي به ڪوڪ ڪَنين نه پوي.“

”سڪون ته توکي اتي به نه ملندو؟“

”گهٽ ۾ گهٽ مايوسي ۽ نراسائيءَ کان ته پلوَ اَچا ٿيندا.“ هن کي زندگيءَ جا گذريل پل ياد اچڻ لڳا، جڏهن راشد کي اڪيلو ڇڏي وڃي نثار جي جهوليءَ ۾ ڪِري هُئي. ڪاليج جي نوڪريءَ کان پوءِ گهر ۽ پوءِ سارو سارو وقت مطالعي ۾ رُڌل، تڏهن شام جي واپسيءَ تي نثار جي مسڪراهٽ جي هلڪي گرمي سندس دل جي خشڪي دور ڪرڻ لاءِ ئي ڪافي هئي. هڪ زمانو اهو به هو جو اهڙا منظر ڏاڍا من پرڀائيندڙ لڳندا هُيس، ليڪن ان کان پوءِ جو جيڪو زمانو آيو ته ان جي ڌنڌلي ڌنڌلي روشنيءَ ۾ نظر وجهڻ سان ساڳيائي منظر سندس بدترين يادين ۾ تبديل ٿيڻ لڳا. هن کي تعجب ٿيڻ لڳو ته ائين آخر ڇو ٿيو؟ هوءَ پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪندي رهي. ”آخر مان، هن سان شادي ڪرڻ تي راضي ئي ڪيئن ٿيس!“ ڪيئن ظاهري ڏيک تي ڀنڀلجي پنهنجو پاڻ کي فريب ڏنم؟ پنهنجي اکين ۽ چپن جي مسڪراهٽ ۽ خوشي، هُن جي وڏن ڳرن ٽهڪن ۾ ڪيئن گم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس؟“

”ثريا.“

”هُون...“ هن ڇرڪ ڀريندي چيو.

”ڇا پئي سوچين؟“

”ڪجهه نه؛ ڪجهه به ته نه.“

”ثريا، جن ڪَڙين توکي نثار سان جڪڙي ڇڏيو هو، اهي ڪُڙيون گلن جون هيون. ريشمي هيون، سونيون هيون يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ جون ۽ اهي سڀ اڄ جڏهن ٽُٽي چڪيون آهن، تڏهن تنهائي ۽ دک ڀري زندگي گذارڻ ۽ مدتن کان گهٽيل ٻوساٽيل رهڻ آخر ڇا معنيٰ رکي ٿو؟“

”ان معنيٰ کان ڪَڪِ ٿي ته پنهنجو پاڻ کي بي معنيٰ بنائي رهي آهيان.“

”۽ سو به ڪيستائين؟“

”في الحال ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي.“

”ثريا هڪ ڳالهه چوان؟“

”چؤ.“

”مان غلط هجان پر اهو ضرور ڄاڻان ٿو ته شايد تنهنجي اندر ۾ ڪو راز هجي، تون ڀل ته ان جو اقرار نه ڪر پر ان جي ڇيت سدائين لاءِ پئي تنهنجي من ۾ چڀندي رهندي ۽ مان؟ مون کي ته سدائين ياد رهندو هڪ اهڙي به عورت آهي جنهن سان منهنجو ازل جو رشتو آهي، ان مان ڪوبه فرق نٿو پوي ته آيا اهو رشتو دوستيءَ جو آهي. پنهنجائپ جو آهي يا...“ پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي باوجود سندس من ڀرجي آيو. سندس لهجي ۾ هڪ قسم جي پنهنجائپ ۽ سنيهه جي ڀاونا ڀريل رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com