سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :4

رشيد ”ارشد“

غزل

رهبرن جو قافلو1

گُمرهن جو قافلو!

بي رُخيءَ سان ويو لَڏي دوستن جو قافلو!

ڪو ٻڌاءِ ويو ڪٿي، نڪهتن جو قافلو؟

تيز تر هر هرقدم اهلِ فن جو قافلو!

رهزنن جي هٿ لڳو رهروَن جو قافلو!

سوجهري ۾ ڇا ڪندو! ظُلمتن جو قافلو!

هر بشر پنهنجي جڳهه عظمتن جو قافلو!

ڪهڪشان در ڪهڪشان شاعرن جو قافلو!

غربتِ شامِ وطن! بي ڪَسن جو قافلو!

ڏمريل ٿو ڀانئجي مَي ڪَشن  جو قافلو!

هاءِ ’ارشد‘ جي بنان

علم و فن جو قافلو!

عاجز اُڄڻ

وائي

جيئڙو ڪيئن نه جلي،

ڏيرن مُئيءَ سان ڏاڍَ ڪئي.

پِينڍون جنهن کي پيار جون، سا ڪيئن پاڻ پَلي،

آڏو آريچن جي، چارو ڪونه چَلي،

ڪين نيائون نال مون، گِهلِي ساڻ گَلي،

ڏينهن تَتي تِڙڪول ۾، ڏونگر پير ڇِلي،

’عاجز‘ ڳالهيون ڳُجهه جون، ساجن ريءَ نه سَلي،

ڏيرن مُئيءَ سان ڏاڍَ ڪئي.

احمد خان ”مدهوش“

غزل

جا جدائي جي گهڙي آهي سڄڻ،

سا گهڙي گويا صدي آهي سڄڻ!

هيءَ رواجي آشنائي ڪين آ، پر ازل جي دوستي آهي سڄڻ.

تون ته تون پر مان به تون، باقي اڃا، درميان ڇاجي وِثِي آهي سڄڻ.

حسن آڏو عشق کي سجدو ڪرڻ، هر طرح سان لازمي آهي سڄڻ.

ها، هزارين حسن وارا ٿا وتن، تنهنجي ليڪن ڳالهه ٻِي آهي سڄڻ.

دانا دانا ڀي ديوانا ٿي پيا، هڪ نه منهنجي دل چري آهي سڄڻ.

اڄ سُڀان جي آسري ٽاري نه ڇڏ، آرزوئي ٿورڙي آهي سڄڻ.

تو وفائون پئي ڪيون مون کان ته ڀي، ڪا شڪايت ڪين ٿِي آهي سڄڻ.

جي نڀائڻ جي نه هوندي آ ته مور، هيئن نه دل هِرکائبي آهي سڄڻ.

هوش ۾ ’مدهوش‘ واپس ڪيئن اچي؟ چوٽ ڪاپاري لڳي آهي سڄڻ!

اَدل سومرو

وائي

ڏيئا پائن ليئا،

اک اوندهه ۾ اٽڪائي،

لاٽ نه وِسڻي آهي.

واتَ پٽتي طوفان ويا،

ڪک پَنَ کي ڳڙڪائي،

لاٽ نه وِسڻي آهي.

ڪاري رات جي ڪامڻي،

ڇيرين کي ڇمڪائي،

لاٽ نه وِسڻي آهي.

مايوسين جي ويرانين ۾،

روح نه ڪو ڀٽڪائي،

لاٽ نه وِسڻي آهي.

اياز گل

اُداس پل جو هڪ وعدو

مان پنهنجو پاڻ سان

اهڙو ڪيان ٿو وعدو اَڄُ

ته تُنهنجي نينهن جي ناتي نه

آئنده جيئبو

نه مُرڪبو ئي ڪڏهن هاڻي

تُنهنجو نانءُ وٺي

نه تُنهنجي راهگُذارن تان گذربو هاڻي

جي گُذريو به ته ڪنڌُ هيٺ ۽ جهُڪيلَ اکيون

نه تنهنجو خيالُ نه جذبنِ جي ڪائي

ڪِتڪائي

نه جاڳ ۽ نه وري ڪا اکين ۾ لالائي

جي ذڪرُ آيو ڪٿي، تُنهنجو ڪنهن به محفلِ ۾،

ته اهڙو ڏيکُ ڏبو، ڄڻ نه ڪا شناسائي

اَڪيلو ڪمري ۾ ويهي ۽ توکي ياد ڪري

نه غزل لِکبو نه ڪو، شعرُ تُنهنجي نانءِ ڪبو

جي دل گهُري ڪنهن پُڇيو

دوستَ تنهنجي باري ۾

ته ٽَهڪُ ڏيئي وڏو، چئبو:

”ڪُوڙ هو سڀ ڪُجهه

مڙيئي دل پئي وندرائي سي

ٻه ـــ ٽي ڏينهڙا،

اَسان ۽ پيارُ!!

ڪو کوڙو لڳي ٿو دوستَ ڀلا!؟“

نه تُنهنجو ساٿُ نه آٿتُ، نه هانوَ تي ڇنڊو

ته پوءِ روزُ دُکن جا صليبَ ڇو کڻجن؟

ڇو روزُ مَرجي ۽

ڇو روزُ رولجنِ موتِي

جي جيتَ ناهي اسان جي ته ماتِ ڇاجي لاءِ

ڊگهو سفر ۽ اُداسيءَ جي رات ڇاجي لاءِ؟

سدا اَڪيلو رهان

سو چڱو آهي اڳنا

مان پنهنجو پاڻَ سان اهڙو

ڪيان ٿو وعدو اَڄُ

ته هاڻي ڪنهن سان به ڀُلجي

ڪڏهن نه پيارُ ڪبو.

مختيار ملڪ

غزل

توکان ڪيڏو ڏور ٿياسي،

صحرائن ۾ چور ٿياسي.

ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون، يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسي،

قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون، ڏاڍي لئه پر سور ٿياسي.

ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا، اسان به اڄ منصور ٿياسي.

لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون،

ايڏو اڄ مجبور ٿياسي.

زيب سنڌي

آزاد نظم

(1)

ڪاش وري ڪو اهڙو واءُ

جو تون ۽ مان

وري ملون

۽ هجي اهو اهڙو واءُ

جو تون ۽ مان

وري ڪڏهن

جدا نه ٿيون.

(2)

هيترن ڏينهن جي

وڇوڙي کان پوءِ

اڄ اوچتو رستي تي

ملي آهين ته پڇين ٿي:

”ڇا ٿو ڪرين اڄڪلهه؟“

سچ ته اڃا به نه بدلي آن

ساڳي ٻاراڻي طبيعت اٿئي!

مان ڀلا توکي

ياد ڪرڻ کان سواءِ

ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهان!؟

واجد

غزل

 

پڳ پڳ آهن پُور اوهان جا،

ساٿي آهن سور اوهان جا.

رک ٿو ڀاسي جڳ سمورو، ڪاڏي وڃن مجبور اوهان جا.

سڀ سان سُهمت، مون سان رنجش، هي ڪهڙا دستور اوهان جا.

مان ڀل جاڙ گذاريان جيوت، نيڻ رهن مخمور اوهان جا.

آءٌ ڇا ڄاڻان سهڻا سائين! راز مڙئي درپور اوهان جا.

رئندي کلندي ’واجد‘ ويٺو، ڳڻ ٿو ڳائي حور، اوهان جا.

منهنجي خاڪ بسر جيون تي،

ٿورا هِن ڀرپور اوهان جا.

ج. ع. منگهاڻي

رينگا

 

اهڙا رنگ رچايا مينهن،

آس اجائي جرڪي پيئي،

ريءَ مندن جي ڳڀيا نينهن ـــ

سوچ سموري ڍرڪي پيئي،

چني سر تان سرڪي پيئي.

 

پنهنجو پاڻ وڃان مان ڳولڻ!

چري چوندو سارو جڳ،

ڪانه وڃان ٿي پاڻ کي رولڻ ـــ

پاڻ سڃاڻي کڻندس پڳ،

پڳ پڳ هيٺيان منزل دڳ.

 

آئي رنگ رنگيلي ريکا،

مُرڪي جرڪي اُٿيا نيڻ،

ٻن نيڻن جا ڪهڙا ليکا ـــ

پاڻ ئي سڄڻ پاڻ ئي سيڻ،

جليا وچ ــ ڪٽورا ڏيڻ.

مريم مجيدي

غزل

پاڻ ته پيار وهيڻا آهيون،

وره ونڊائڻ آيا آهيون.

ريب ريا مان مور نه ڄاڻون، صاف سچا آئينا آهيون.

ڪلهه ٿي سوچون سوري چڙهيون، سپنن ۾ اڄ سوگها آهيون.

ويساهن جا واٽهڙو ٿي، اوسيئڙن مان اُڪتا آهيون.

ڏنگ سهي ٿا مُرڪ ڏيون ڄڻ، ڪارونجهر جي ڪايا آهيون.

سونهن اسين هن ڌرتي جي ڪي، اُڀ جا چنڊ نه تارا آهيون.

اُڃ ۽ رُڃ جو ساٿ سدا جيئن، اهڙا اڻ ٽٽ ناتا آهيون.

ڪنڊن واڙي تي ڪا گهاٽي، گولاڙن جي ڇايا آهيون.

نور شاهين

رباعيون

ڪي عشق جي راهن جا اشارا ته ملن،

منزل تي رسڻ مون تي، سهارا ته ملن،

دردن جا سفينا ئي هجن ڇو نه کڻي،

گرداب سهي، ڪنهن جا ڪنارا ته ملن!

 

ڪجهه عشق و وفا ساڻ اگر جڙجان مان،

ڪنهن سوز جي سانچي ۾ اگر گهڙجان مان،

هڪ پل نه بيهي منهنجي مقابل دنيا،

ڪجهه پيار ڪرڻ ڪاڻ اگر اڙجان مان.

مهر پروين

غزل

دل گهري ٿي اڄ وري دلدار جون ڳالهيون ڪريون،

محب مشفق من گهرئي منٺار جون ڳالهيون ڪريون.

قول جڏهن ڪيا قريبن ٿي قسم رب جو کڻي،

اڄ عجيبن جي انهيءَ اقرار جون ڳالهيون ڪريون.

سر کي سينگاريو سڄڻ ٿي، سينڌ سرما ٿي ڪيئين،

تنهن قريبن جي ڪجل جي ڪار جون ڳالهيون ڪريون.

سوچ ۾ ساجن جڏهن هو، محب محبت کان اڳي،

وروڪڙ واري تنهين ويچار جون ڳالهيون ڪريون.

اک اشارو ڪيو عجيبن، هنڌ هُن بيهي جڏهن،

اچ ته انهيءَ ماڳ ۾ ان پار جون ڳالهيون ڪريون.

رس رهاڻيون ٿي ٿيون ۽ هوش هليو ٿي ويو،

ماڳ تنهن موٽي هلي، مختار جون ڳاليهون ڪريون.

پيار ٿي پل پل ڪيو، پروين سان پياري پرين،

سونهن واري تنهن سڄڻ سردار جون ڳالهيون ڪريون.

جيءُ جهوريءَ ۾ پيو ۽ جند جدائيءَ ۾ جلي،

مهر اچ ان عشق جي آزار جون ڳالهيون ڪريون.

”سوز“ هالائي

غزل

سوچ جا سهڻا، پيارا پنڇي،

لوچ جي لامن تان ويا اڏري.

پاڻمرادو پر پکيڙي، واريءَ وانگر ويئڙا وِکري.

توبن روح کي راس نه رانول! پونم جي ٿڌڙي چانڊوڪي.

ساوڻ ڀاوڻ جي رُت ڪانهي، ڪنهن جي ڪارڻ ڪويل ڪُوڪي؟

پاڻ ۾ وِره ورهايون ويٺا، مان ۽ منهنجي ڪا خاموشي.

ديپ جلايم پر نه آيو، ڪانگل ڪوڙي لات لنئي هئي.

منهنجي ڪَوتا منجهه ملي ٿي، ”پن ڇڻ“ جهڙي مايوسي.

غلام حسين رنگريز

غزل

هَلِي هوتَ ٺاهيا ته چارن تي ملبو،

عجب عشق وارن نظارن تي ملبو.

زبان سان نه ظاهر ٿيو راز دل جو، ته پو سِينيڍ سُرٻُر اِشارن تي ملبو.

ڳُنڌي وارَ ڳهيلي، ڪري چاڳ اچجان، وڏي شوق ڪِينجهر ڪنارن تي ملبو.

جڏهن چت چيري ڪندي ڪُوڪ ڪوئل، ڇڏي سَڱَ سياپا پُڪارن تي ملبو.

نه گهٻراءِ، پَن ڇڻ جي ٿيندي پُڄاڻي، پَسي گُلَ ڳاڙها بهارن تي ملبو.

ڦُلاريو نه جي ڦوڳ، موتيو نه مهڪيو، ته لاڻن لَين ۽ ليارن تي ملبو.

نه ڪا مِلڪ مارُئن نه ڪا سيڄ سُرهي، ڪري ٻانهن وهاڻو پو خارن تي ملبو.

اڃان تيل آهي چراغن ۾ باقي، جهَڪي جوت جي بي سهارن تي ملبو.

ڪُڇڻ ڪين ’رنگريز‘ ڀانئين پيوسين،

مُٺي ماٺ جي ئي مَيارن تي ملبو.

منير سولنگي

غزل

ڏينهن ڍولڻ تو وڃي لاتا گهڻا،

ٿا ستائن دل کي انديشا گهڻا.

اچ سگهو ساجن تي ٿئي پهرين شوال، مون رکيا رمضان جا روزا گهڻا.

ڪيترا ئي عشق کان عاري ڏٺم، هر قدم تي ڪاغذي چهرا گهڻا.

پنکڙيون هيري سندو ڪاٽن جگر، ڪَنِ پڻي پٿر کي ٿا شيشا گهڻا.

ٿو وهايان ياد تنهنجيءَ ۾ سڄڻ، رات جي هر سانت ۾ ڳوڙها گهڻا.

حالِ دل توکي ٻڌايان ڇا ’منير‘

تنهنجي محفل ۾ ڏٺم ويڇا گهڻا.

پير بخش پياسي

نظم

پيار پريت جا رشتا ناتا، تون به نڀائي مان به نڀايان،

بستي بستي گيت وفا جا، تون ڀي ڳائي مان ڀي ڳايان.

 

چنڊ چانڊوڪي تارن جيئان، جهرمر جهرمر جڳمڳ جڳمڳ،

ديپ دکن جي آشائن جا، تون به جلائي مان به جلايان.

 

ڪلهي ڪينرو ٻيجل پائي، تند تنواري ڏياچ ڳولي،

آءٌ هلي اُن سَئن تي ڪنڌ، تون به ڪپائي مان به ڪپايان.

 

منهنجي دل تي گَهرا گهاءُ، تُنهنجي من منجهه آ اُلجهاءُ،

هڪ دفعو يَر دل جي ڳالهه، تون به ٻڌائي مان به ٻڌايان.

 

ڪَليءَ ڪَليءَ پن پيلا سارا، ڇاتن تي آهن ليڪا ڪارا،

صدين جو هيءُ رنگ ۽ روپ، تون بدلائي مان به بدلايان.

 

سوريءَ تي اڄ سيج سجائي، خاطر سچ جي سِر سهسائي،

اچ ڪلمثه حق پڙهي ”منصور“، تون به سڏائي مان به سڏايان.

 

چُوٽ هوا جا ڦَڙڦَڙ ڦَڙڪا، دهشت دم دريا جا دڙڪا،

سينو تن سان ساهي، ونجهه تون به هلائي مان به هلايان.

 

پل پل ويو سو ورڻو ناهي، سُستيءَ مان ڪجهه سرڻو ناهي،

آءٌ ته تڪڙي منزل ڏي وک، تون به وڌائي مان به وڌايان.

 

دنيا ناهي دُک جو دارون، ڪير نه لهندو ڪنهن جون سارون،

بهتر آ ته پاڻ ئي پنهنجو، تون به بَنائي مان به بَنايان.

 

تار ڇيڙي ڪا تند تپائي، گيت گوندر جا گڏجي ڳائي.

آءُ ’پياسي‘ سُر سان سُر، تون به ملائي مان به ملايان.

مظهر جلباڻي

نظم

عمر! ڏاڍ تنهنجا ڪڏهن نيٺ گهٽبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين ساڻ مٽبا.

رکي ريب دل ۾ اُچائڻ ڇڏي ڏي، ڏئي لوڀ لالچ ستائڻ ڇڏي ڏي،

ڏکي منهنجي دل کي ڏکائڻ ڇڏي ڏي، ٻيائي جون ڳالهيون ٻڌائڻ ڇڏي ڏي،

اٿم آس دل ۾ پرين پاڻ پسبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين ساڻ مٽبا.

ڌري ڌيان دل ۾ امانت سان هلجي، عمر هن دنيا ۾ ديانت سان هلجي،

گهڙيون چار هتڙي صداقت سان هلجي، لٽيرو نه ٿي تون، شرافت سان هلجي،

پڇا توکان ٿيندي اُهي وير وٺبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين ساڻ مٽبا.

ڏکيا ڏينهن گهاري سڄڻ ٿي سنڀاريان، مٺا محب مارو ڀلا ڇو وساريان،

ڪري آهه اهڙي سندءِ ڳو‎ٺ ڳاريان، ڪِري ڪوٽ پوندئي اجهو ٿي پڪاريان،

اهو ڏينهن ايندو ستمگر به سٽبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين ساڻ مٽبا.

نه پرواهه ڪائي ڀلي موت ماري، ڪيان ياد مارو اکين آب هاري،

اصل کان انهن جي پئي هان پناري، ڏکن ۾ به تن کي سدا ساهه ساري،

ڪندا ڏاڍ جيڪي سندن پير پٽبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين سان مٽبا.

ٻٻر سڀ ئي ٻيريون وطن جون ڏسان شل، قطارون انهن ۾ اُ‎ٺن جون ڏسان شل،.

ڦِرن جي به ٽوليون ڦَرن جون ڏسان شل، لَڏن جي به لامون لَون جون ڏسان شل،

پُڄي ديس پنهنجي پيرون خوب پٽبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين ساڻ مٽبا.

غريبن سان ڇو آ عمر تو اُچايو، ڪري قيد مون کي ڏکيو ٿي رهايو،

کڻي هٿ ٻئي مون ڌڻي در ٻاڏايو، پري ڪين آهي اجهو وقت آيو،

جهٽيون جن به جهرڪيون اُهي باز جهٽبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين ساڻ مٽبا.

ٿيون جي به خوشيون ڦرن ۾ ڏسان شل، بهاريون نياريون برن ۾ ڏسان شل،

سنگهاريون سڀيئي گهرن ۾ ڏسان شل، سٺي سونهن ساوڪ سرن ۾ ڏسان شل،

ڪپي ڪانهن سرڙا وڃي واڻ وٽبا،

پکا ڪين هرگز ماڙين ساڻ مٽبا.

مقصود گل

گيت

برکا برسي، تن ٿو ترسي، تو لئه من ٿو تاڻي يار،

آءُ هليو تون هاڻي يار.

راتيان روئان، منهن کي ڌوئان، ڀورل آ تون ڀاڻي يار،

آءُ هليو تون هاڻي يار.

ٿڌڙيون هيرون، ڏين ٿيون جهيرون، چوماسو ڏي دل کي چير،

بوند وجهي ٿي لوڻ ڦٽن تي، هر هر ڏنڀ ڏئي ٿي هير،

پلپل پڄران کامان ويٺي، گهايو گهورن گهاڻي يار،

آءُ هليو تون هاڻي يار.

هيکل هينئڙو توکي ساري، ساجن واڳ ورائي آءُ،

تو ريءَ مٺڙا مينگهه ملهاريون ڪين ڏين ٿيون سهڻل ساءُ،

واجهايان ٿي واٽون ويٺي مالڪ توکي آڻي يار،

آءُ هليو تون هاڻي يار.

ڪاريون راتيون، بادل ڪڙڪن، ڪيهر شينهن گجي ٿو مور،

تو ريءَ منهنجي من جا ما رون منهنجو هانءُ ڇڄي ٿو مور،

بول ٻڌي وئين، واهه وڻي وئين، ماريو تنهن جي ماڻي يار،

آءُ هليو تون هاڻي يار.

کنوڻيون کجڪن، ٽهڪن ٽمڪن، تو لئه راهه نهارن نيڻ،

لاٽ ڏياٽيون، واٽ سندءِ ٿا، ويچارا پيا ٻارن نيڻ،

مٺڙا مون کي وارن پنهنجن ساڻ وئين تون واڻي يار،

آءُ هليو تون هاڻي يار.

بلبل گل کان دور رهي ڇو، منهنجي دل مجبور رهي ڇو،

گهايل گهايل منڙو منهنجو سهڻا هيڏا سور سهي ڇو،

موٽي آءُ اڱڻ تي منهنجي سهڻا پاڻ سڃاڻي يار،

آءُ هليو تون هاڻي يار.

قاضي عبدالحي ”قائل“

درد جون دانهون ٻڌڻ وارو نه ڪو،

ڏاڍ جي هٿ کي جهلڻ وارو نه ڪو.

ڪو سڙي سڏڪي پيو ڀل سور ۾، حال دل ڪنهن کان پڇڻ وارو نه ڪو.

اڄ زماني جي فضا اهڙي ڏٺم، پيار سان پنهنجو ٿيڻ وارو نه ڪو.

ڀل ته ڪوڙو ڪر کڻي گهمندو وتي، بي وڙي کي سچ چوڻ وارو نه ڪو.

کِل خوشيءَ ۾ ٿا ٿين ساٿي سوين، درد ۾ آٿت ڏيڻ وارو نه ڪو.

ظاهري دعويٰ عبادت جي مگر، اڄ عقيدي سان جهڪڻ وارو نه ڪو.

جسم ٿو هر هر جهڪي سجدا ڪري، دل سندو سجدو ڏيڻ وارو نه ڪو.

گهر سڙيو سڀني تماشو ٿي ڏٺو، باهه تي پاڻي وجهڻ وارو نه ڪو.

ڪوبه ’قائل‘ قرب جو ڪونهي هتي، مئي محبت جي پيڻ وارو نه ڪو.

نظام ”زائر“

غزل

الائي ڇو اوهين خاموش آهيو،

نٿا احوال ڪو پنهنجو ٻُڌايو.

ٽُٽي وَئي دوستي آهي اسان جي، اِهو ڪنهن دشمنن آهي هُلايو.

نڀائڻ جو قسم آ مون ته کاڌو، اوهان چاهيو نڀايو يا ڦٽايو.

هي سالن جو پُراڻو زخم دل جو، اوهان جي مُرڪ مٺڙا ڇُٽايو.

روئڻ ايندو روئي وهندس او سائين، ائين ايڏو نه مون کي اڄ کلايو.

ڏسڻ ’زائر‘ ٿو چاهي پنهنجي قسمت، ذرا اکيون ته اکين سان ملايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com