سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :17

هيءُ واقعو سن 1124 هه / 1713ع ۾ ٿيو. تورڪيءَ جو قديم قبرستان، مرزا مغل بيگ جو خانداني مقام هو. کيس ابوالقاسم خان زمان جي مزار جي سپردِ خاڪ ڪيو ويو. مزار پيلي رنگ جي پٿر جي ڏاڍي سهڻي نقش و نگار سان ٺهيل آهي، مزار جي ٽنهي پاسن کان آيت تبارڪ الذي ڏاڍي نفيس خط ۾ اُڪريل آهي. مزار جي الهندي پاسي کان وچين چوڪڙيءَ تي نقاش ۽ ڪاتب جو نالو ”ڪتبہ حبيب الله تتہ“ تحرير ٿيل آهي. مزار تي هيٺيون تاريخي ڪتبو اُڪريل آهي:

”بتاريخ روز جمعه بيست و چهارم صفر مرزا بيگ مرحوم ابن مرزا جان بيگ ارغون

وفات يافت سن 1124 هه.“

مرزا مغل بيگ جي وفات تي شاهه صاحب هي لفظ چيا هئا: ”يڪ مغل به بوده“، جن مان تاريخ وفات نڪري ٿي. ”بود خبيث“ مان به تاريخ وفات 1124 هه نڪري ٿي (21).

7ـــ امير شاهه قاسم خان زمان جي مزار

ميون ونهين جي مقبري کان اٽڪل هڪ سؤ قدمن جي مفاصلي تي امير شاهه قاسم خان زمان جي مزار آهي. هيءَ مزار پيلي پٿر جي، پڪين سرن جي ٿلهي تي ٻين مزارن سان گڏ آهي. اهو پڪ ـــ سرائون ٿلهو اٽڪل ٽي چار فوٽ اوچو آهي. هن ٿلهي تي جُملي چار قبرون آهن. ٻه قبرون اتر ۾ ۽ ٻه قبرون پيرانديءَ کان آهن. شاهه قاسم خان زمان جي مزار مٿن کان اوڀر ۾ آهي. هيءَ مزار فنِ تعمير جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. خوبصورت زرد پٿر جي تعويذ تي نهايت ئي حيرت ۾ وجهندڙ نقش نگار، آيت الڪرسي ۽ چوڌاريءَ عبرت انگيز شعر ڏنل آهن. خان زمان جي مزار جي لوڙهه جي مٿن کان ڪلمو پاڪ لکيل آهي ۽ پيرانديءَ کان تاريخي ڪتبو لڳل آهي. ڪتبو هن ريت آهي!

”بتاريخ چاردهم روز دوشنبه وقت عصر شهر رمضان 1019 هه

مزار نوزده، امير شاهه قاسم خان

ارغون بيگلار که حاتم زمان و شجاع

دوران بود، از دار فاني بدار باقي رحلت نمود،

العبد محمود اسود الاهي در جوار رحمت.“

ساڳئي ٿلهي تي پيرانديءَ کان هڪ ننڍي زرد پٿر جي مزار ڪنهن ٻار جي آهي. جاءِ وقع جي ڏسڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن قبرن جي ٿلهي جي چوگرد احاطي جي ديوار نڪتل هئي، جا پوءِ ڊهي ويئي آهي. اڄ به ٽڙيل پکڙيل سرن جا ٽُڪر ٽوٽا ان جي اردگرد ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

سنڌ ۾ شاهه قاسم خان زمان وڏي بلند مرتبي جي ترخاني اميرن مان ٿي گذريو آهي. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مغلن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ يعني ترخاني دؤر جي زوال واري زماني ۾ سنڌ تي صحيح معنيٰ ۾ ٻن خاندانن جي حڪومت جو تسلط قائم هو. نصرپور واري پرڳڻي تي امير شاهه قاسم ۽ سندس پُٽ پوٽا قابض رهيا، ۽ ٺٽي واري حصي تي وري امير خسرو چرڪس جو گهراڻو اقتدار ۾ رهيو. شاهه قاسم خان زمان سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ عمرڪوٽ جي والي ورسه جي ڀائٽيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان ابوالقاسم سنه 947 هه ـــ 1540ع ۾ عمرڪوٽ ۾ ڄائو (22).

امير شاهه قاسم خان زمان، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ والده سان گڏ ”بُٺي ڳوٺ“ ۾ رهڻ لڳو. مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جي حاڪم، خان زمان کي مدد معاش لاءِ ”ڪاڇي جو ڳوٺ“ جاگير ۾ ڏنو هو (23). شاهه حسن ارغون سنه 962 هه ۾ لاولد فوت ٿي ويو ۽ مرزا عيسيٰ ترخان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. انهيءَ دؤر ۾ خان زمان عزت ڀري زندگي گذارڻ لڳو. مرزا عيسيٰ ترخان جي وفات کان پوءِ، سندس ٻن پٽن مرزا محمد باقي ۽ مرزا جان بابا جي وچ ۾ تخت لاءِ ويڙهه هلي، جنهن ۾ خان زمان، مرزا جان بابا جو طرف ورتو. پاڻ نهايت ئي بهادريءَ ۽ دليريءَ سان وڙهندو رهيو. بيگلارنامي جي مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته خان زمان فن سپاهه گيريءَ مان واقف هو ۽ ان سان گڏ شاعريءَ ۾ به ملڪو رکندڙ هو.

هن هڪ دفعي مرزا محمد باقيءَ تي شبخون هنيو، ليڪن مرزا باقي پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويو (24). آخر ۾ نيٺ مرزا جان بابا خود سنڌ جي تخت جي پَچر ڦِٽي ڪئي. مرزا محمد باقي، خان زمان کي نصرپور جو علائقو جاگير ۾ ڏنو. هن اُتي جو انتظام اهڙو ته بهتر رکيو، جو رياست جو شان پيدا ٿي ويو هو (26)، (27)، (28).

مرزا محمد باقي جي خودڪشي ڪرڻ کان پوءِ، سندس پٽ مرزا جاني بيگ سنڌ جي تخت جو مالڪ بڻيو. شاهه قاسم خان زمان سندس ٻانهن ٻيلي هو. مرزا جاني بيگ جي دؤر ۾ اڪبر بادشاهه جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو، خان زمان سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ مرزا جاني بيگ سان گڏجي مغل حملي آورن جو جوانمردي ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ خان زمان هڪ مضبوط فوج وٺي نصرپور جي قلعي ۾ مغل فوج سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. عبدالرحيم خان خانان جي ڏاڍي خواهش هئي ته خان زمان ڪنهن به طرح سان اچي ساڻس ملاقات ڪري، ليڪن خان زمان جي غيرت اهو گوارا نٿي ڪيو. آخر مرزا جاني بيگ جي پيش پوڻ کان پوءِ، خان زمان مجبور ٿي ”راهوٽ“ وٽ اچي خان خانان سان ملاقات ڪئي (29). خان زمان جي بهادري ۽ مردانگيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، اڪبر بادشاهه پڻ سندس ڏاڍو قدردان ٿيو (30). خان زمان جو اولاد سنه 1017 هه تائين نصرپور جي علائقي تي قابض رهيو (31).

خان زمان ٻه شاديون ڪيون هيون، جنهن سان گڏ هڪ شادي سنڌ جي راجپوتن مان به ڪيائين. انهيءَ سنڌي گهر واريءَ مان سندس وڏو پٽ مير ابوالقاسم سلطان ڄائو. شاهه قاسم خان زمان کي ڪل اَٺ پٽ ٿيا: مير ابوالقاسم سلطان، مرزا قاسم، مير مقيم سلطان، مير فتحي بيگ، مرزا باران بيگ، مير سليم  شاهه، امير مراد بيگ ۽ مير جندائي بيگ (32). خان زمان 14 ــــ رمضان 1019 هه تي سومر ڏينهن عصر جي وقت هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. انتقال وقت سندس عمر 72 سال هئي (33). ادارڪي بيگلار، شاهه قاسم خان زمان جي زندگيءَ جي حالات ۽ بهادريءَ جي ڪارنامن جو ذڪر پنهنجي فارسي ڪتاب ”بيگلارنامه“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.

8ـــ مير ابو القاسم سلطان جي مزار

مير ابوالقاسم سلطان جي مزار پنهنجي والد مير شاهه قاسم خان زمان جي پهلوءَ ۾ ساڳئي پَڪ ـــ سِرائين ٿلهي تي پيلي پٿر جي آهي. مزار جي تعويذ تي نهايت ئي خوشنما نقش نگار ۽ قرآني آيتون اُڪريل آهن. مزار جي پيرانديءَ کان هي ڪتبو لڳل آهي:

”تــاريخ وفات مير ابوالقاسم سلطان

ولد شاهه قاسم خان بيگلار 1039 هه.“

مير ابوالقاسم سلطان، خان زمان جو وڏو پٽ هو. مير صاحب سنه 969 هه ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ئي کيس اعليٰ تعليم ۽ تربيت ڏنل هئي. فن سپاهه گيريءَ ۾ به يڪتاءِ روزگار هو (34). بهادري ۽ جوانمرديءَ ۾ پنهنجي زماني جو مَٽ پاڻ هو. فن سپاهه گيريءَ سان گڏ پاڻ اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو. ”بيگلر“ سندس تخلص هو (35).

مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ (1008 هه) سنڌ جي حڪومت جو پروانو مرزا غازي بيگ کي حاصل ٿيو. مرزا غازي بيگ، مرزا جاني بيگ جو پٽ هو. مرزا غازي بيگ ۽ سندس جهونن اميرن جي وچ ۾ آويزش پيدا ٿي پئي. ابوالقاسم سلطان پڻ انهن پراڻن اميرن مان هڪ هو. سنه 12-1011 هه ڌاري سندس ۽ مرزا غازي بيگ جي درميان اختلاف وڌي ويا، جن آخر ۾ جنگ جي صورت اختيار ڪئي. گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ، نيٺ نصرپور جي ويجهو ”شاهه ڳڙهه“ جي قلعي ۾ سندس والد خان زمان جي وچ ۾ پوڻ ڪري مرزا غازي بيگ ۽ مير ابوالقاسم سلطان جي وچ ۾ قرآن پاڪ تي فيصلو ٿيو. ليڪن باوجود انهيءَ صلح نامي جي، مرزا غازي بيگ جي دل مان ڪدورت نه ويئي. انهيءَ دلي ڪدورت ۽ نفرت جو آخرين نتيجو اهو نڪتو جو مرزا غازي بيگ، مير ابو القاسم کي ڪنهن بهاني سان انڌو ڪرائي، ٺٽي ۾ نظربند رکيو. سندس ڀيڻ شاهه بيگم، جيڪا مرزا غازي بيگ جي ماٽيجي ماءُ هئي، سا روزانو رات جو ڀاءُ ڏانهن کيرڻي موڪليندي هئي. هڪ رات ٿالهيءَ ۾ کيرڻيءَ جي بجاءِ ڏانهنس رَسِي موڪليائين، جنهن جي وسيلي بند مان نڪري ٻاهر اُٺ تي چڙهي وٺي ڀڳو، پر بدقسمتيءَ سان پڪڙجي پيو (36). ان بعد اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته سندس وفات ڪيئن ٿي؟ البت وفات کان پوءِ کيس تورڪيءَ جي خاندانيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

مير ابوالقاسم سلطان ٽي شاديون ڪيون. پهرين ميان يار محمد ترخان جي نياڻيءَ سان سندس عقد ٿيل هو، جنهن مان فتح خان ڄائو. ٻي راڻي مينگهراج جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان عزيز بيگ ۽ شاهه بيگ نالي پٽ ڄاوا! ٽين سميجن مان شادي ڪيائين، جنهن مان سلطان بيگ، بهادر بيگ، خوشا: بيگ ۽ احمد بيگ نالي پٽ ڄاوا (37). بيگلارنامي واري صاحب، مير ابوالقاسم سلطان جي وفات جو سن 1023 هه ڄاڻايو آهي ۽ اهو ساڳيو سن ”مقالات الشعراء“ ۾ پڻ درج ڪيو ويو آهي. ليڪن مير صاحب سن 1039 هه ۾ انتقال ڪيو ۽ وفات وقت سندس عمر ستر ورهيه هئي (38).

 

9ــــ شير بيگ بن علي شير ارغون جي قبر

شاهه قاسم خان زمان ۽ مير ابوالقاسم سلطان وارين مزارن جي ساڳئي پڪ ـــ سِرائين ٿلهي تي ڏکڻ طرف کان پيرانديءَ ۾ ٻه مزارون آهن جي پڻ ساڳئي زرد پٿر جون ٺهيل آهن. انهن مزارن جي تعويذ تي پڻ قرآني آيتون ۽ شعر ڏنل آهن. شاهه قاسم خان زمان جي پيرانديءَ واري مزار شير بيگ بن علي شير ارغون جي آهي. مرزا شير بيگ، شاهه قاسم خان زمان جو نياڻو هو. سندس شهادت جو واقعو 1030 هه ۾ ٿيو. سندس مزار جي لوڙهه جي پيرانديءَ کان هيءُ تاريخي ڪتبو لڳل آهي:

”تاريخ رحلت نمود مير شير بيگ مرحوم بن

مير علي شير ارغون روز دو شنبه وقت

در پاس يازدهم شهر رمضان المبارڪ

سن 1030 هه در جنگ بمرتبه شهادت رسيد.“

10ـــ لاهوري سيد جي مزار

امير شاهه قاسم خان زمان جي مزار جي ٿلهي جي ڏکڻ اوڀر ۾ چند قدمن تي لاهوري سيد جي مزار آهي. گهڻي ڪوشش جي باوجود سيد صاحب جو نالو پڙهڻ ۾ نٿو اچي. مزار پيلي پٿر جي آهي، جنهن جي پيرانديءَ کان ڪتبو لڳل آهي. ڪتبي جي چوگرد فارسي شعر اُڪريل آهن. مزار جو تاريخي ڪتبو هن ريت آهي:

”تاريخ رحلت ڪرد از دارالفنا

بدارالبقا سيدنا.......................

بلده لاهور روز دوشنبه وقت چاشت

22 رجب المرجب سن 1102 هه.“

11ـــ مرگ مينار

برصغير هند و پاڪ جي مسلمان حاڪمن ۽ سلطانن، خصوصاً مغلن ۽ سندن اميرن جو رجحان ۽ ميلان فن عمارت سازيءَ ڏانهن گهڻو هو. هو عاليشان حويليون، محلاتون ۽ مقبرا ٺهرائيندا هئا، سنڌ انهيءَ دؤر ۾ برصغير هند و پاڪ جو هڪ اهڙو ملڪ هو، جتي اڪثر ڪري ايراني ماهر ۽ ڪاريگر ايندا رهندا هئا، جن هن ملڪ ۾ عمارت سازيءَ جي فن جا جوهر ڏيکاريا. سنڌ جي قديم تاريخي شهرن ۽ ايراني ۽ گجراتي ماهرن جا تعمير ڪيل مقبرا، قبا ۽ رائنڪون اڄ به يادگار آهن. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هر ڪنهن امير، جاگيردار ۽ سرنديءَ واري پنهنجي وس ۽ پڄت آهر تعميرات جو ڪم ڪرايو آهي. هنن پنهنجن محبوبن، پيارن، عزيزن ۽ دوستن جي مٿان چبوترا، قبا ۽ رائنڪون ٺهرايل آهن.

انسان ته انسان، مگر جانورن، گهوڙن، ڪُتن ۽ هرڻن تي به پنهنجي پيار ۽ محبت جي اظهار لاءِ مقبرا تعمير ڪرايا آهن. تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا. آگري ۾ هندستان جي هاڪاري مغل بادشاهه اڪبر پنهنجي وفادار ڪُتي تي هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايو هو، جو بادشاهه جي پاران درٻار خان تعمير ڪرايو هو ۽ آخر ۾ خان جي وفات کان پوءِ، درٻار خان خود ان مقبري ۾ دفن ٿيو. ساڳيءَ طرح آگري جي قلعي جي ڏکڻ ۾ سڪندره واري رستي تي هڪ گهوڙي تي عاليشان مقبرو تعمير ڪرايل آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ به اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا. تورڪيءَ جي هن تاريخي قبرستان ۾ امير شاهه قاسم زمان، پنهنجي والد شاهه قاسم بيگلار جي مزار جي ڏکڻ ۾ پنهنجي پياري گهوڙي تي ”مرگ مينار“ نالي هڪ منارو تعمير ڪرايو هو.

تاريخ ۾ اچي ٿو ته خان زمان جي سواريءَ لاءِ هڪ خاص گهوڙو هوندو هو، جنهن کي ”مرگ“ ڪري چوندا هئا. اهو گهوڙو ڪيترين ئي خوبين ۽ خاصيتن جي ڪري سنڌ ۾ مشهور هو. انهيءَ گهوڙي تي خان زمان سوار ٿي ڪيترائي جنگي معرڪا سر ڪيا هئا. بيگلار نامي وارو صاحب لکي ٿو ته جڏهن خان زمان ۽ مرزا محمد باقيءَ جي وچ ۾ صلح ٿيو، تڏهن خان زمان اهو گهوڙو سندس حوالي ڪيو، پر مرزا باقي سندس ڏنل تحفو پسند ڪندي وري سندس حوالي ڪيو. انڙ قوم جي زور ڀرڻ تي خان زمان ساهتي پرڳڻي جي سهتا قوم جي بستين ۽ ڏيپارجا ڳوٺ تي حملو ڪيو (39). ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس وارين بستين ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن خان زمان واپس نصرپور موٽي رهيو هو، ته رستي ۾ سندس نامور گهوڙي ”مرگ“ کي نانگ ڏنگيو، جنهن ڪري اُهو مري ويو.

”مرگ“ سان خان زمان جي ڏاڍي محبت هئي. اهو گهوڙو به ڏاڍو جرئت ڀريو ۽ جفاڪش هو. خان زمان ان گهوڙي کي کڻائي تورڪيءَ جي قبرستان ۾ اچي دفن ڪرايو ۽ ان جي مٿان هڪ عاليشان منارو تعمير ڪرايو، جنهن کي ”مرگ مينار ڪري چوندا آهن (40).“ هن وقت هيءُ منارو ڊهي زمين دوز ٿي ويو آهي. قديم آثارن واري کاتي جي کوٽائيءَ هيڪاري هن مناري کي نابود ڪري ڇڏيو آهي. افسوس! جو هي سنڌ جي ماضيءَ جو يادگار مينار  بي توجهيءَ ۽ لاغرضيءَ جو شڪار ٿي، هميشہ لاءِ تباهه ۽ برباد ٿي مِٽجي ويو.

12ـــ شاهه قاسم بيگلار جي مزار

مرگ مينار جي  اُتر ۾ اٽڪل ڏهاڪو قدمن تي شاهه قاسم بيگلار جي مزار آهي. هن بزرگ جو تعلق صحيح النسب ساداتن جي وڏي عزت ڀرئي خاندان سان هو. سندس خانداني نسب جو سلسلو هن طرح آهي: امير شاهه قاسم بيگلاربن ابوبيگ بن چوچڪ بيگ (فريدلار جو ڀائٽيو) سمرقند شهر جو ويٺل هو ۽ بيگلار قبيلي مان هو. اهو بيگلار حضرت علي ڪرم الله وجہ جي اولاد مان هو. بيگلار جو ڏاڏو سيد علاؤالدين علي خواجه بن سيد نظام الدين ملڪ بن سيد بهاؤالدين بن سيد علي بن سيد احمد بن سيد عبدالله بن سيد جعفر بن سيد عبدالله بن سيد نظام الدين بن علي (هي تمرذ شهر مان لڏي اچي سمرقند ۾ رهيو هو) بن سيد ابو القاسم بن سيد زين العابدين بن سيد شمس الدين محمد بن شرف الدين حسين بن سيد عبدالله الاعرج بن سيد حسين الاصفر زماني جي انقلابن سبب عربستان کي ڇڏي اچي ترڪستان ۾ رهيو، جتي ترڪن مان ٻه شاديون ڪيائين. ان ڪري امير شاهه قاسم بيگلار جو مائٽاڻو لاڳاپو ارغونن سان ٿي پيو (41). شاهه قاسم بيگلار، سنڌ جي حاڪم شاهه حسن ارغون جي زماني ۾ سنه 928 هه ڌاري سمرقند کان سنڌ ۾ آيو. هن جو جيئن ته سنڌ جي ارغون خانوادي سان تعلق سمرقند ۾ ئي هو، ان ڪري سنڌ ۾ اچڻ شرط مرزا شاهه حسن ارغون کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ۽ کيس پنهنجن خاص اميرن ۾ شامل ڪيو. شاهه حسن ارغون، ”جهيجو“ پرڳڻو کيس مدد لاءِ جاگير طور ڏنو. شاهه قاسم بيگلار، عمر ڪوٽ جي راڻي ڏهرسين جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪئي (42).

تاريخي لحاظ کان اهو زمانو همايون بادشاهه ۽ شير شاهه سوريءَ جي تخت ۽ تاج خاطر ويڙهه وارو هو، جنهن ۾ همايون  شڪست کائي، سنڌ ۾ ٻيهر پنهنجي تخت کي حاصل ڪرڻ لاءِ بخت آزمائي ڪرڻ لڳو. سنه 950 هه ۾ ”جوڻ“ پرڳڻي جي آسپاس شاهه حسن ارغون ۽ همايون جي فوجن جي درميان ويڙهه لڳي، جنهن ۾ شاهه قاسم بيگلار قتل ٿي ويو (43) شاهه قاسم بيگلار جي لاش کي نصرپور جي ڀرسان ”سانڱري واهه“ جي ڪناري تي تورڪيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

تورڪيءَ جي قبرستان ۾ اڄ به شاهه قاسم بيگلار جي قبر سالم ۾ موجود آهي. مزار زرد پٿر جي ٺهيل آهي. مزار جو تعويذ مخروطي نموني جو ٺهيل آهي. تعويذ تي نهايت ئي نفيس ۽ خوشنما ٽُڪ جو ڪم ٿيل آهي. مزار جي ٻنهي پاسن کان قرآني آيتون اُڪريل آهن. تعويذ جي پائِين تي هيٺيون تاريخي ڪتبو اُڪريل آهي:

”تاريخ مغفرت پناهي جلال آل

طہ و يٰس امير ڪبير سيد قاسم

بيگلار ابن امير مرحومي

ابوکه بيگ در شهر ربيع الاول

سن نهصد دو پنجاه و چهارم

از دارالفنا بدارالبقا رحلت نمود.“

مٿئين ڪتبي مان سندس وفات جو سال 954 هه نڪري ٿو. همايون 28 ــــ رمضان المبارڪ سنه 947 هه ۾ سنڌ ۾ پهتو هو ۽ 7 ـــ ربيع الاول سنه 950 هه ”جوڻ“ پرڳڻي مان نڪري قنڌار ويو. انهيءَ لحاظ کان شاهه قاسم بيگلار جي شهادت جو واقعو همايون جي سنڌ ۾ هجڻ وقت ٿيو. شاهه قاسم بيگلار جي مزار واري ٿَلهي تي ست ــــ اَٺ ننڍڙيون پِيلي پٿر جون قبرون آهن، جيڪي ٻارن جون معلوم ٿين ٿيون.

13ــــ سلطان مقيم بيگلار جي نياڻيءَ جي مزار

سلطان مقيم بيگلار، امير شاهه قاسم خان زمان جو ٻيو نمبر پٽ هو. سلطان مقيم فصيح بيان، خوش طبع، نرم مزاج، برد بار ۽ اعليٰ شخصيت، صحبتي، مددگار ۽ عزيز رکندڙ هو. ربيع الاول 987 هه ۾ ڄائو ۽ سنه 1033 هه تائين زندهه رهيو. مير صاحب، سلطان قلي بيگلار جي نياڻيءَ مان هو. علاؤالدين انڙ، راڻي مينگهراج ۽ قلعي ڪوٽڙي جي حاڪم پرٿويراج جون نياڻيون سندس نڪاح ۾ هيون. مير صاحب کي جملي ڇهه پٽ ڄاوا. سلطان مقيم جي هڪ نياڻيءَ جي قبر تورڪيءَ جي قبرستان ۾ ”مرگ مينار“ جي برباد ٿيل کنڊرن جي اولهه ۾ واقع آهي. هيءُ مزار پڻ خاندان جي ٻين مزارن وانگر پِيلي پٿر جي ٺهيل آهي. قبر جي لوڙهه جي پيرانديءَ کان هيءَ ڪتبو اُڪريل آهي:

”تاريخ رحلت عفت و عصمت پناهه

بيگ بنت سلطان مقيم

ارغون بيگلار روز يڪشنبه

1017 هه از شانزده سال بود که

رخت حيات برکلان قضا

و قدر سپرده در شهر ذوالحج.“

14ـــ ٻه تحقيق طلب قبرون

سلطان مقيم جي نياڻيءَ جي مزار ۽ مرگ مينار جي وچ تي ٻه مزارون آهن، جن مان هڪ مرگ مينار جي اولهه ۾ آهي، جنهن تي ابن قاسم سلطان جو نالو تحرير ڪيل آهي. مزار تي سهڻو ۽ دلڪش نقش نگار نڪتل آهي. ابن قاسم سلطان (؟) جي حياتيءَ جو ڪوبه مفصل احوال دستياب ٿي نه سگهيو آهي ۽ ساڳئي وقت مزار تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي، ان جي عبارت وقت گذرندي مٽجندي رهي آهي، جنهن ڪري پوريءَ طرح سان پڙهڻ ۾ نٿي اچي.

انهيءَ مزار جي سامهون هڪ ٻي پيلي رنگ جي پٿر جي قبر آهي، جنهن تي پڻ تاريخي ڪتبو لڳل آهي. ڪتبي مان صرف امير قاسم سلطان جو نالو پڙهڻ ۾ اچي ٿو، باقي عبارت جو حال اهو ساڳيو ئي مٿي بيان ڪيل ابن قاسم سلطان جي مزار واري ڪتبي جهڙو آهي. بهرحال انهن ٻنهي جي باري ۾ تحقيق ۽ جستجو جاري آهي ۽ احوال ملڻ کان پوءِ ئي ڪا صحيح راءِ ڏئي سگهبي.

15ـــ اسماعيل شاهه بخاريءَ جي درگاهه

تورڪيءَ جي قبرستان ۾ ميون ونهين جي مقبري کان ٿورو پرڀرو اولهه ۾ هڪ سفيد قبو آهي، جنهن ۾ سيد اسماعيل شاهه بخاريءَ جي مزار آهي. مزار تي ڪوبه تاريخي ڪتبو لڳل ڪونه آهي. قبي جي دروازي تي نهايت ئي نفيس ۽ عمدي ڪٽائيءَ جو ڪم ٿيل آهي. سيد اسماعيل شاهه پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو جيّد عالم، متقي بزرگ ۽ روحانيت جو صاحب هو. چون ٿا ته سيد سڳورو اصل ۾ سنڌ جي جهوني شهر مٽيارين جو رهاڪو هو. ميين ونهين سان سندس محبت جو رستو هو، فقير صاحب جي صحبت ۽ محبت کيس هتي آندو. ميين ونهين جي وفات کان پوءِ، جلد ئي هن بزرگ هيءُ جهان ڇڏيو. هر سال سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي ۽ هزارين عقيدتمند اچي ميڙو ڪن ٿا.

16ـــ ميان ٻڍي درس جي درگاهه

ميون ونهين ۽ شاهه اسماعيل بخاريءَ جي قبن جي وچ ۾ هڪ پڪ ـــ سرائون چبوترو ٺهيل آهي، جنهن ۾ ٻُڍي درس جو آخري آرامگاهه آهي. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ سير سلوڪ جو صاحب هو. هيءُ بزرگ سيد اسماعيل شاهه بخاري ۽ ميين ونهين جو معاصر هو. پاڻ ۾ ڏاڍيون رهاڻيون ڪندا هئا ۽ حال و قال ونڊيندا هئا. وقت جي حاڪمن جي ساڻس ڏاڍي عقيدت هوندي هئي. هن درويش جي چبوتري جي اڏاوت ۾ ننڍيون سنهيون سرون ڪتب آندل آهن، جن مٿان گچ جي گاري جو ڪم ٿيل آهي. چون ٿا ته سهتا قوم جا ماڻهو اڄ به سندس مزار تي گهڻو ايندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com