سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :10

ته امجد، هي تو ڇا ڪيو. ڇو پنهنجو پاڻ کي ڏکيو ڪيئي. ڇو ڪنهن سان محبت ڪئي هئي. توکي خبر به هئي ته انجم توکان اسمارٽ ۽ کلمک گهڻو آ، هو هر ڇوڪريءَ سان ڪچهري ڪري سگهندو آ. هن ته شيرين سان به ڳالهايو ٻولهايو هوندو، تو ڪيئن ٿي شيرين کي پاڻ ڏانهن مائل سمجهيو. جڏهن ته تون خود به ڪم همٿ ۽ بزدل هئين.

پنهنجو منهن به ڪڏهن  آئيني ۾ ڏٺو هيئي. ڪارو ٺوٺ ۽ ڪٿي هوءَ انگريزن جهڙي حسين! توکي زمين ۽ آسمان جو فرق ڏسڻ گهرجي ها.

دل ڀڳي ته ڄڻ حياتيءَ جو پورو وايومنڊل، ذرڙن ۾ ٽڙي پکڙجي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ مان اُتان هليو آيس. نه انجم کي ڪجهه ٻڌايم ۽ نه کيس شيرين جو خط ڏنم. الائي ڇو مان سيلفش ٿي ويو هئس.

۽ اڄ جڏهن مان اهوئي سيڪنڊري استاد آهيان. پنهنجي اڳوڻي جڳهه کان بدلي ڪرائي. هڪ اهڙي هنڌ اچي رهيو آهيان، جتي جي ڪائنات بيحد سادي ۽ شهري ڪَٽ کان صاف آهي. منهنجو وجود اڄ به محرومين جو شڪار آ. مون اڄ تائين شادي ڪانه ڪئي آ، الائي ڇو مون کي انتظار آهي شيرين جو. هوءَ ته منهنجي باري ۾ سوچيندي به ڪونه هوندي، انجم به الائي ڇا مون کي ليکيندو  هوندو. ٻڌائڻ کان سواءِ جو موٽي آيو هئومانس. مان الائي ڇو اڄ به شيرين جو منتظر آهيان. الائي ڇو. اي ڪاش. هوءَ هڪ ڀيرو موٽي اچي. مون وٽ اچي. صرف هڪ ڀيرو، پر هوءَ مون وٽان وئي ئي ڪڏهن هئي.

مان جڏهن به آئيني ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسندو آهيان ته الائي ڇو فخر جو ڀرپور احساس ٿيندو اٿم. مان مردانه سونهن جو مڪمل شاهڪار آهيان. سڀني دوستن ۾ حد کان وڌيڪ اسمارٽ ۽ هئنڊسم مشهور آهيان ۽ پنهنجي پاڻ تي حد کان وڌيڪ اعتماد ئي منهنجي ذات جو اهم جزو آ. ڪڏهن ڪڏهن امان چوندي آ ”جڏهن تون ڄائو هئين نه، ته مون تنهنجو نالو انجم رکيو، نس پس ڇوڪري هئين، ان نالي تي سڀ ايترو ته کليا جو بس ڪينهي.“

حالانڪ منهنجو نالو زناني ٽائيپ جو آ. پر مان هڪ مڪمل مرد آهيان. ننڍڙي هوندي کان ئي سک ۾ پليل آهيان. ڪابه پريشاني ڪڏهن به پيش نه آيم. هميشہ شرارتن ۾ اڳ اڳرو هوندو هئس. ننڍپڻ جواني ۽ پوءِ هي وقت، جڏهن مان ٻن ٻارن جو پيءُ آهيان، هيءَ سڄي عمر کل مسخريءَ ۾ گذري اٿم. نٿو ڄاڻان ڪڏهن ڪو ڏک به ٿيو هجيم. منهنجا دوست به منهنجي ئي فطرت جا هوندا آهن، شوخ ۽ شرير. ان مان اهو مطلب صفا ڪونهي ته مان سنجيده ماڻهن سان دوستي نه ڪري ڄاڻان. ڪيترائي سنجيده دوست ڪيا هئم، انهن سڀني ۾ امجد حد کان وڌيڪ سنجيده ڇوڪرو هو، اسان ٻنهي جي دوستي ايم. ايڊ ۾ ٿي هئي. هو منهنجي طبيعت جي بلڪل ابتڙ هو، سنجيده، متين ۽ گهٽ کلڻو. مان سڀني ڪلاسين ۾ مشهور هئس ۽ هو هرهنڌ گمنام. سندس اکيون اداسيءَ جي ڪري بيحد ڀرپور هونديون هيون ۽ پوءِ هڪ ڏينهن الائي ڇو هو منهنجي ذهن ۾ گهڙي آيو. اسان ٻئي ڪلاس جا ذهين ترين شاگرد هئاسين ــ ڪجهه ڏينهن ته مان هن جي سنگت ۾ بور ٿيس پر پوءِ اسان الائي ڪيئن هڪٻئي جي حد کان وڌيڪ ويجهو اچي وياسين.

هاڻي مون کي هن جي صحبت ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. هو ماڻهو به دلبر هو، سڄو وقت هن سان شام جو گئلريءَ ۾ چانهن پيئندي، رات جو ڪمري ۾ رڪارڊ ٻڌندي، مان هن جو مٿو کائيندو هئس، هو ماٺ ڪري ٻڌندو هو ۽ ٻڌي صرف مرڪندو هو. سندس ۽ منهنجي دوستي بيحد پڪي ٿي ويئي. سڄو ڏينهن اسان ٻئي گڏ هوندا هئاسين ۽ هڪ ڏينهن منهنجي مڱينديءَ نگهت مون کي ٻڌايو ”اها شيرين آ. اپر سنڌ واري.“

”هونهن“ مون هن ڏانهن ڏٺو ”ڇا ٿيو هن کي.“

”اها، توهان واري دوست سان محبت ٿي ڪري.“ هن معنيٰ خيز نگاهن سان ڏٺو.

”ڪنهن سان!“

”امجد سان.“

هن مرڪيو. نگهت ۽ منهنجي مڱڻي جي ڪنهن کي به خبر ڪونه هئي. امجد کي به نه، ڇاڪاڻ جو اسان کي سختيءَ سان گهر وارن منع ڪئي هئي. بس شاديءَ ۾ ڪجهه مهينن جي ئي دير هئي، ۽ ٻيو ته اسان پاڻ ۾ اهو واعدو به ڪيو هو ته ڪلاس جي ڪنهن به شاگرد کي ان ڳالهه جي خبر نه پوندي.

مون اها ڳالهه هڪدم امجد سان وڃي ڪئي. پر هن مون کي ڪوبه مُنهن ڪونه ڏنو. هو احساس ڪمتريءَ جو حد کان وڌيڪ شڪار هو. مان جيئن هن سان هڪ ڳالهه ڪيان، هو لنوائي، ٻي ڪري ڇڏي. کيس حد کان وڌيڪ احساس سندس شڪل جو هو. هو اهڙو خراب به ڪونه هو، بس رڳو سانورو هو ۽ شيرين بيحد حسين.

مان سڄي ڪلاس ۾ سڀني سان فِري هوندو هوس ۽ امجد صرف مون سان. مون کي لڳو ٿي ته سندس ان خاموش رهڻ واري عادت ئي شيرين کي موهيو هو. هڪ ڏينهن سچ پچ مون کي بيحد حيرت ٿي، جڏهن شيرين هن کان نوٽس گهريا. منهنجا شڪ يقين ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ان شام مون امجد کي قائل ڪري ورتو. منهنجي دل چوندي هئي هو ائين اُدس اُداس نه رهي. ڪنهن جو پيار سندس انهن محرومين کي ختم ڪري. ان شام هو لڳو به عجيب پئي: گم سم، سوچن ۾ وڃايل. مون کيس شيرين سان وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ چيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. کيس جهڪڻ گوارا نه هو ۽ مون کي ئي شيرين کان نوٽس گهرڻا پيا.

ان ڏينهن جڏهن لئب ۾ شيرين آئي ته مان اڪيلو هئم، ان ڏينهن امجد ڪونه آيو هو. مون محسوس ڪيو. هن مون کي ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. مون ئي ڳالهه جي ابتدا ڪئي.

”اڄ ائڊوانس ليڪچر سمجهه ۾ آيو.“

”نه، الائي سر ڇا پئي چيو“ هن رئي جي ڪُنڊ آڱر کي ويڙهي.

”ڇو، سمجهه ۾ ڇو ڪونه آيَوَ“ مون ڳالهه کي اڳتي وڌايو، لئب ان مهل اتفاقاً خالي هئي.

”بس“ هوءَ ڪنڌ جهڪائي بيٺي رهي. دل ۾ آيم ته چوانس، جنهن جي ڪري مون سان گڏ بيٺي آهين، سو اڄ ڪونه آيو آهي. پر چئي نه سگهيم، صرف ايترو چيومانس ”مون کي ٽيچرس ايڊيوڪيشن جا نوٽس ته ڏجو، ڪجهه نقل ڪرڻا آهن.“

”حاضر.“

هن گائون ۾ ويڙهيل فائل ڪڍي، نوٽس ڪلپ آئوٽ ڪري مون کي ڏنا.

”مهرباني. سڀان پرينهن واپس ملي ويندوَ.“ مون هن ڏانهن ڏٺو. هوءَ اڃان به عجيب نظرن سان ڏسي رهي هئي. مان ان مهل الائي ڇو گڙ ٻڙائجي ويم. ماٺ ڪري لئب مان نڪري ته آيس پر ساهه کي ڄڻ مونجهه وٺي وئي هجيس.

ان شام جڏهن مون ۽ امجد هن لاءِ خط لکيو هو ته آخري لفظن تي ڳالهائيندي امجد الائي ڇو ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيو هو. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، هوڏانهن هوءَ نخرا پئي ڏيکاري، هيڏانهن هي نواب. ان شام اسان ڪافي گوڙ ڪيو هو. ان ڏينهن مون امجد کي اڪيلو ويهڻ نه ڏنو هو، خط فيئر ڪرڻ کان پوءِ اسان خوب گهميا هئاسين.

ٻئي ڏينهن جڏهن مون شيرين ڏانهن فائل وڌائيندي “ Something inside” چيو هو ته امجد سڄو پگهرجي ويو هو. سوچيم هاڻي ته شيرين پڪ سمجهندي ته خط ڪنهن لکيو آ. اها شام امجد ايترو ته اُڻ تڻ ۾ هو جو کيس ڪنهن پل به قرار نه پئي آيو.

”او گيدي، خط به مان لکان، ڏيان به مان، رلان، پنان، محنتون به مان ڪيان. تون رڳو پريشان ٿي، ڦيرون پائيندو رهه. مون هن تي ٽوڪ ڪئي.

“اها ڳالهه ناهي انجم. سوچيان پيو ته ڇا مان واقعي ان لائق آهيان ته هوءَ مون سان پيار ڪري. ڏس نه...“

”خدا جا بندا، تون وڃي ڪنهن پڃري ۾ ويهي ٽڪيٽ لڳراءِ. ڏاڍو ڪمائيندين.“

هن کي چٻارا ڏنا هئم. مارڻ آيو ته ڪمري مان ئي نڪري آيومانس. ڪجهه ڏينهن ته سندس حياتي اهڙي حسين ٿي ويئي، جو بس نه. هو هر لمحي مرڪندو هو، مون سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي محبت جي فلسفي تي ڳالهائيندو هو.

پر هڪ شام هو الائي ڇو هليو ويو، ڪمرو ڇڏي. مان ان ڏينهن يونيورسٽيءَ نه ويو هئم، شام جو روم تي ويومانس ته هو وڃي چڪو هو، الاءِ ڪيڏانهن. مون هن کي ڏاڍو ڳوليو. ٻئي ڏينهن شيرين ملي ته هن کان پڇيومانس ”توهان امجد کي ڪجهه چيو ڪونه“ سوچ آيم، متان شيرين ڪجهه چيو هجيس ۽ ڏک ٿيو هجيس. هو، هئو به اهڙو ذري ذري تي سوچڻ وارو.

”نه، مون ته ڪجهه ڪونه چيومانس“ هن انڪار ڪيو.

دل ۾ آيو ته پڇانس، هن کي توهان جواب ته ڪونه لکيو، پر سوچيم ان سان امجد تي ذاتي اثر پوندو، ان ڪري ماٺ رهيس.

”پر ڇو، توهان پڇا ڇو پيا ڪيو؟“ هن حيرانيءَ مان پڇيو.

”دراصل امجد ڪالهه کان روم ڇڏي، الاءِ ڪيڏانهن هليو ويو.“

سوچيم، ٻڌي بيحد ڏکاري ٿيندي. مون کان وَرَ وَرَ ڪري هن جو پڇندي، پر هن ته صرف ايترو چيو ”تعجب آ“ ۽ هلي ويئي.

مون کي ڏاڍي حيرت ٿي سوچيم ’چڱو ٿيو امجد جواب وٺي نه ويو.‘

مون کي شيرين سان سخت نفرت ٿيڻ لڳي. اکين جو جادو به هلائين ۽ لمحن ۾ وساري به ويهن. ان ڏينهن کان پوءِ مون هن سان ڪڏهن به ڪونه ڳالهايو. هوءَ ته هميشہ کان گهٽ ڳالهائيندڙ هئي.

هاڻي، جڏهن مان پنهنجي پراڻي زماني کي ياد ڪندو آهيان ته سچ پچ امجد مون کي بيحد ياد ايندو آ. هو چريو انسان، الاءِ ڪٿي هوندو. گهٽ ۾ گهٽ موڪلائي ته وڃي ها. جيڪڏهن ٻڌائي وڃي ها ته مان نگهت ائين هن کان سواءِ ته نه پرڻجون ها.

هي حياتيءَ جو فلسفو به ڪيترو نه عجيب آ. جدايون، قربتون، محبتون، عذاب ۽ الائي ڇا ڇا. خاص طور تي اسين ڇوڪريون ته دل جي هٿان مجبور ٿي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون غلطيون ڪري ويهنديون آهيون. هونءَ به چوندا آهن ته محبت ڪڏهن به ڪنهن کي هوش ۾ نه ڇڏيو آ.

اڳ جڏهن به ڪو ائين چوندو هو ته مون کي ڏاڍي کل ايندي هئي. ڀلا ائين به ڪڏهن ٿيو آ ته چڱو موچارو ماڻهو محبت جي ڪري پنهنجا هوش ئي وڃائي ويهي.

مان پنهنجي خاندان جي سڀ کان حسين ڇوڪري آهيان. ننڍي هوندي کان ئي لاڏلي، ضدي ۽ الائي ڇا ڇا هئس. ان ضد جي ڪري، منهنجي طبيعت ۾ الائي ڇو خاموشيون رچي ويون آهن ۽ ڏسڻ وارا ائين سمجهندا آهن ته ڄڻ مان پنهنجي حسن تي مغرور آهيان.

منهنجي اندر ۾ هڪ احساس هو، من ۾ ڪجهه آئيڊيل هئم. سوچيو هئم جيون ساٿي هيئن هووندو هونئن هوندو ۽ ان ڪري ايم. اي ڪري اسڪول ٽيچر ٿيس، پر شادي نه ڪيم. مان انتها درجي جي آئيڊيلسٽڪ آهيان. اڄ تائين امان ويچاري، بابي جي مرڻ کان پوءِ منهنجو واحد عزيز هئي. سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پوندي هئي.

”ڏس شيرين، زندگي الائي ڪيتري؟ ڊگهي ڪِنَ ٿوري. پر پٽ، ائين ته نه ڪبو آ، جيئن تون ٿي ڪرين.“

”ڏس نه امان...“ مان هن جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي وري شروع ٿي ويندي هئم، ساڳين پراڻن قصن ۾.

زندگي ڳولا ۾ ورتل هئي، جستجو هئم، آئيڊيل جي. محبت ڪرڻ جو حق ۽ ڪرائڻ جو حق صرف آئيڊيل کي ئي هوندو آ، ۽ پوءِ مون پنهنجي خوابن جو تعبير ڪندي، دل ۾ چيو، دنيا کي رڙيون ڪري چوان ڪير چوندو آ، ته  آئيڊيل جو ڪو وجود ڪونهي.

مان جڏهن ايم. ايڊ جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ آيم ته هر طرف هڪ چوٻول مچي ويو، منهنجي سونهن جو، مان سڀني ۾ حسين هئم، اهو احساس مون کي اڀاري ويو.

مان سيمسٽر شروع ٿِئَي وئي هئس. ڪافي ڪم مون کان اڳ ۾ ٿي چڪو هو. پهرئين ڏينهن ئي جڏهن ڪلاس ۾ داخل ٿيس ته هر ڪنهن جون نظرون مون تي کُپجي ويون هيون. مون فخر سان سڀني کي لنوائي ڪنڊ واري سيٽ منتخب ڪئي هئي، ۽ ان مهل مون ڏٺو، هڪ بيحد سانورو شخص، هڪ ڪرسيءَ جي ٻانهن تي ويٺو، ڪرسيءَ تي ويٺل سان ڳالهائي رهيو هو. هنن ٻنهي مون ڏانهن ڏسڻ به گوارا نه ڪيو هو. منهنجي دل کي ڄڻ ڌچڪو لڳو هجي. اوچتو ڪنهن ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي سڏيو.

”هون“ هن مڙي ڏٺو، ”ڇاهي؟“ هن ڳالهائڻ واري کي مخاطب ٿيندي چيو ۽ مان ڇرڪجي ويم.

هي ته نس پس اهوئي هو، خوابن جو شهزادو. اهوئي ڳورو، اسمارٽ، کلمک، سهڻو، برائون ڪلر جا وار. هو ڳالهائيندو رهيو ۽ مان ڏسندي رهيمانس. ايڏو حسين جهڙي ڇوڪري.

۽ پوءِ جيئن اسان جو سيمسٽر هلندو ويو، اسين پاڻ ۾ گَهرا ٿيندا وياسين. هو، هر ڪنهن سان شرارتون ڪندو هو. مون سان به. ۽ مان هميشہ چپ چاپ هن جون سڀ مذاقون برداشت ڪندي هئم. هو ۽ امجد ڪلاس جا سڀ کان هوشيار ڇوڪرا هوندا هئا. مون سان نگهت امجد جي ذهانت جون ڏاڍيون تعريفون ڪندي هئي.

مان هاڻي الائي ڪيئن ٿي وئي هئم. سڄي عمر ڪنهن کي اک کڻي نه ڏٺو، هاڻ هنن ٻنهي ڏانهن ڏسندي هئس. هو ٻئي هوندا به ته هر هنڌ گڏ هئا. امجد هميشہ رزرو ۽ انجم اهو ئي شرارتي. هنن جي جوڙي سچ پچ عجيب هئي. منهنجي دل چوندي هئي ته مان انجم سان ڳالهايان، هو صرف مون سان مذاق ڪري، ڪلاس جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان نه ٿئي.

هڪ ڏينهن مون امجد کي پاڻ ڏانهن ڏسندي محسوس ڪيو، مان جيڏي مهل به انجم کي ڏسڻ لاءِ هنن ڏانهن ڏسان، انجم هن کي ٺونٺ هڻي پيو ۽ هو مون کي ڏسڻ پيو لڳي.

مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. دل ۾ ڄڻ واچوڙا اٿيا. ٿي سگهي ٿو ته کيس مون سان محبت هجي ۽ امجد کي رازدان بنايو هجيس. ان ڏينهن مون ان ڳالهه کي جانچڻ لاءِ امجد کان نوٽس گهريا، هو ويچارو ايڏو ته ڪنفيوزڊ هو جو اکر به ڪونه ڳالهايائين ۽ نوٽس ڏئي چپ چاپ هليو ويو. مون کي هن جي حال تي ڏاڍي کل آئي. صفا شريف ۽ بي ضرر انسان هو.

نوٽس موٽايم ته به چپ چاپ وٺي رکي ڇڏيائين. سوچيم، ’هن سان انجم جي مسئلي تي ڪيئن ڳالهايان.‘

هڪ ڏينهن انجم پاڻ مون سان لان ۾ مليو. اهي لمحا منهنجي حياتيءَ جو سرمايو ها، هن جي قربت هئي ته دل لوڏن ۾ هئم. الائي ڇا چوي، پر هو به ماٺ ڪري نوٽس گهري هليو ويو. مون کي پڪ هئي ته هو ڪجهه ڳالهائيندو، پر هن ته ڪجهه ڪونه ڪڇيو.

۽ آخر هڪ ڏينهن منهنجين عبادتن رنگ لاتو. ان ڏينهن هن نوٽس ڏيندي چيو:  “Something Inside”

ان هڪ جملي منهنجي ڪائنات ئي ڦيري وڌي ۽ ويتر هن جو چوڻ ته گهر وڃي کولجو. گهر وڃي کوليم ته ڄڻ دنيا جو خزانو هٿ اچي ويو هجيم. هن اقرار ڪيو هو مون سان محبت جو. مون کي الائي ڇا ٿيڻ لڳو. دل ڄڻ ٽپ پئي ڏنا. آئيڊيل ملي وڃي ته ٻيو ڇا گهرجي.

مان هن کان شرمائڻ لڳم. هن سان سنئون سڌو نه پئي ڳالهائي سگهيم، ان ڪري خط جو جواب امجد ذريعي موڪليم،

ان کان ٻئي ڏينهن انجم بيحد پريشان مون وٽ آيو.

”توهان امجد کي ڪجهه چيو ته ڪونه.“سوچيم، الائي ڇا ٿو پڇڻ چاهي. مرد شڪي فطرت جا هوندا آهن، الائي هن جي ڪهڙي مراد آ.

”نه بلڪل نه.“ مون صاف انڪار ڪيو.

”هو، رات ڪمرو ڇڏي هليو ويو.“ هو مون ڏانهن غور سان ڏسي رهيو هو.

دل چيو ته پڇانس، توهان کي منهنجو جواب ڪونه پهچايائين ڇا. پر هن کي ڪٿي ڪو شڪ ته ڪونه پيو هو، ڪٿي هو امجد جي باري ۾ منهنجو تاثر ته نه پيو جانچڻ گهري. دل چيو چوانس ’مون کي امجد جو ڪوبه فڪر ڪونهي، صرف تون هج.‘

بس ايترو چيم، ”تعجب آ.“

انجم حيرت سان مون ڏانهن ڏٺو، ڪجهه به نه ڪڇيائين. مان به هن کي خاموش ڏسي هلي آيم.

ان ڏينهن کان پوءِ انجم مون کان پري پري رهڻ لڳو. هن مون سان پوءِ ڪڏهن به ڪونه ڳالهايو. مان اڳ به چپ هئم، هاڻ به. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن انهيءَ ڳالهه جي سڄي ڪلاس کي خبر پئجي وئي ته هو ۽ نگهت مڱيل هئا. مان ان ڏينهن کان وٺي هن ڏانهن ڏسڻ ڇڏيو ۽ اڄ مان وري ساڳي جڳهه تي آهيان، پنهنجي گهر ۾ اڪيلي، اداس.

منهنجي امڙ، منهنجي ضد اڳيان هميشہ جيان هارائي زمين اندر هلي وئي. ها، هاڻي مون کي يقين آ، محبت انسان جا هوش حواس ختم ڪيو ڇڏي. پر ان کان وڌيڪ يقين ته ان ڳالهه جو آ ته آئيڊيل جو وجود ته هوندو آ، پر ان جي پنهنجائپ جي پڪ نه هوندي آ، ۽ مان شيرين، پنهنجي تمام تر حسن ۽ خاموشين سميت اڄ به پنڊ پهڻ لڳي پئي آهيان.

هاڻي به هٿ مون لاءِ وڌندا آهن، پر مون پنهنجي وجود جي دردن کي قلف هڻي، ڪنجيءَ کي لئنسڊائون پل ۾ لوڙهي ڇڏيو آ.

ها، اڄ به ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته هن جو مڱڻو ٿيل هو ته پوءِ هن مون سان محبت ڇو ڪئي، مون کي ڇو لکيو.

روشن علي تنيو

آڪهه سوڌو گم

دَرُوۡ تَتَل لوهه جيان ٻَري ڳوٺ موٽيو هو. پٺيان رمون به لڳو هوس، مُڇون تائي، من ئي من ۾ بغليون هڻي.

هاڙهه جا ڏينهن هئا، سج نراڙ مٿان ٽامڻي هنيون بيٺو هو، لُڪَ ڪانونِ جون اکيون پئي ڪڍيون.

ٻنهي جو اڄ به ريج تان کٽراڳُ ٿي گذريو هو. گارگند سان گڏ، هڪ ٻئي کي هڪلون ڏئي، حملا به ڪري ورتا هئائون.

اڄ رمونءَ جي ٽيڙائي، وڌيل ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي. سندرو ٻڌيو بيٺو هو جهيڙي تي، هٿ ۾ اڇي ڪهاڙي کنيو، ور ۾ ڪارتوسي طمنچو هنيون.

ايندي ئي، سدا واهه جي وهندڙ پاڻيءَ مان ٻه ٻُڪ ڀري، پي، بُڙُ بڙايو ـــ هئائين، ”ڀلاڙي، وائڙيءَ جا ڦَرَ، جي لڳئي ته اڄ، آڪهه سوڌو گم آنۡ، پوءِ سندس اَوهاندو لٽي، پنهنجو پٽي ڇڏيو هئائين.

ٻنهي جا نمبر سينئن برابر هئا، دروءَ جو اَوهاندو اڳَ تي هو جنهن جي کلندي، رمونءَ جو رّيجُ واهه ۾ موٽي پوندو هو.

درو پنهنجو اَوهاندو به هميشہ، کليو رکڻ جو ڪندو هو، جنهن تي ڏهاڙي ٻنهي جا ڏند چڪ ٿيندا ئي رهندا هئا.

رمون متل شاهه جو ڪڙمي ۽ درو سيٺ رحيمداد جو دادلو هو. دروءَ کي جيئن ته پُٺِ هئي، ان ڪري رمونءَ جو ساڻس اُپڙَڻُ ائين لڳندو هو، جيئن جبل سامهون مٿو. دروءَ جي هڪل هيانءُ کائي ڇڏيندي هيس، پاسيرو ٿي وڃي پري بيهندو هو ۽ اتان بيٺو رڳو ڪتي جيان بڇيون ڏيندو هو.

ڪئي ڀيرا دروءَ پٽڪو لاهي پادر به هڻي ڪڍيا هيس. مگر اڄ؟... اڄ ڳالهه ئي نرالي پئي ڏٺي. اڄ رمون پڪ ڪنهن جهرڪيءَ کان ڀونڊو جهلي آيو هو، جو اصل وٺُ ئي نه پئي ڏنائين.

درو جيئن ئي آيو هو تيئن هڪل ڪئي هئائينس ”خبردار، وائڙا، متان واهه ۾ گهڙيو آهين، ليٽيو پيو هوندين.“

پر دروءَ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، اوهاندي کولڻ جي ڪئي هئي. رمونءَ اڳڀرو ٿي ٻي هڪل ڪئي هيس ”اڙي ٻڌين نٿو بي غيرتا...“ دروءَ ڪن ڪيا هئا، لفظ ”بي غيرتا“ بت ۾ باهه لڳائي ڇڏي هيس.

”ڇا ٿو چئين ڙي مان بي غيرتو هان؟“ هن خار ۾ ڀرجي رمونءَ تي جُلِههَ ڪئي هئي.

”تڏهن ڇا هين؟گهر جو سماءُ لڌو ٿي، رڳو مون مٿان شينهن بڻيو بيٺو آنۡ، نامراد!“

رمونءَ طمنچو ڪڍي هٿ ۾ جهليو هو، درو ڊنو هو، هو ڪوڏر سان رمونءَ تي، حملي آور هو.

”حرام ٿي مري ويندين“ رمونءَ چتايو هوس.

”حرام جا پٽ، اڄ تنهنجو رت پي، ڳوٺ موٽندم“ دروءَ ڏند پينهين رمون تي موتمار اُلر ڪئي هئي.

رمون سستي لکائي پيو هو پر جلد ئي پاڻ سنڀالي، لٻلٻيءَ تي آڱر رکي نالي دروءَ جي سيني برابر تاڻي، چئي ڏنو هو، ”ماءُ جو رت پيتو ٿي، جا جوڻهي کي، سڄو ڏينهن پنهونءَ سان سلهاڙيون ويٺي آهي.“

رمونءَ جي ٽنگن ۾ ڏڪڻي هئي ۽ دروءَ جا تاڪ نڪري ويا هئا. جيئن رمونءَ ترار هڻي وڍي ٻه اَڌ ڪري ڇڏيو هجيس. وڌيل وکون ڏانوڻجي پيئون هيس. ڪا گهڙي بيهي رمون کي تڪيندو رهيو هو، پوءِ ڏند ڪرٽي ڳوٺ موٽيو هو تتل لوهه جيان ٻري، تڪڙو ائين، جيئن ڪنهن ڇٽڻ واريءَ ريل تي چڙهڻو هجيس.

رمون سڌو متل شاهه جي اوتاري تي آيو هو ۽ اچي چيو هئائينس ”قبله، هوءَ ٻني هو تون، مون کان ڳالهه چڙهي وئي. چواءِ ٿو، نئين قلم ۾ ڏئي ڪا مهميز ڏيار يا ڇڏ ته ڪيانس، پورو پر تون!؟

”تون ته ويٺو آهين سڄو ڏينهن مسيت ۾...“

متل شاهه، ويچارو بڻجي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو هو. ٿڌو ساهه ڀري وراڻيو هئائين ”ڪهڙي مهميز ڏياري سگهنداسونسِ اسين، مسڪين فقير، ڏسين ٿو آهي ڪو عدل، انصاف؟ پاڻهي هڪ ڏينهن وڃي نيّت لوڙيندو، تون صبر ڪر بابا...“

۽ رمون لفظ نيّت وات تي رکي اُمالڪ موٽي پيو هو ۽ اچي سيٺ ”رحميداد جي بنگلي تي پهتو هو، جت ٿاڻيدار صاحب جي ٺٺ سان دعوت هلي رهي هئي.

ٿورا ڏينهن ٿيا هئا رمونءَ کي سيٺ جي بنگلي ۾ ايندي ويندي، نه ته رمون ۽ سيٺ ائين لڳندا هئا جيئن ڪتو ۽ فقيرُ.

رمون سيٺ کي ”بدمعاش“ کان سواءِ سڏيندو ئي نه هو. جتي به ڪو سيٺ جو سڄو نالو وٺندو هو اُتي ان کي روڪي ڇڏيندو هو ”خبردار مون اڳيان رحيمداد نه، رحمون گابي چوندو ڪر.“

پوءِ وضاحت ڪري ڇڏيندو هو ”اهو ٿَس اصلي نالو، بڻياد کان سڃاڻانس، ڀتِ جي پانئُنڇي هيٺ ويهي واڱڻ بصر وڪڻندو هو، پڪوڙا تَري اسان پارا معصومڙا ڦريندو هو. اڃا سوڌو منهنجا سڄا سارا چار آنا هڙپُ ڪيون ويٺو آهي.“

مڇون تائي لا پرواههُ ٿي بيهندو هو ”پُٺ ته ڏسوس، هيس ڪو ٿوڻي وارو هت! ڪنهن به پيڙهيءَ ۾؟

ٻڌندا سو آهيون ته ڏاڏهنس ڏاند تي اچي ڏوهٽ کپائي هئي. اڄ، چڱو مڙس ٿو چوائي پاڻ کي...“

حيرت جو نشان ٿي ويندو هو ”بس ير گابيون به ٿيون گامڻ خان سڏائين! ڀالو لڳي بڙي ميان کي، جنهن ممڙي کي ماڻهن جهڙو ڪري اسان کي آزار ۾ ڏئي ڇڏيو.“

سيٺ جي طرفدارن سان وڙهڻ جهڙو ٿي پوندو هو ”اڙي ڇا ڏٺو ٿَوَ هن ۾ جو کڻي ممبر بڻايو ٿَوسِ، رڳو هُشِ تي خوش.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com