سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :18

حوالا ۽ واڌارا

(1) سانڱري واهه جي ڪناري تي شاهه قاسم خان زمان بيگلار ”شاهه ڳڙهه“ نالي هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو. جو شيخ موسيٰ اَهنداڻي جي مقام جي اتر ۾ سيد محمد حسن شاهه (عرف ڀورل شاهه) جي ڳوٺ کان پنجن ـــ ڇهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اوڀر پاسي کان ”سانڱري“ جا نشان اڃا به قائم اهن.

(2) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي دؤر ۾ نصرپور کان چار ميل الهندي طرف ”سانڱري“ جي ڪناري تي ”شاهپور“ نالي هڪ نئون شهر ٻڌايو هو. 25 ـــ محرم الحرام 1173 هه ـــ 20 سيپٽمبر، 1759ع تي پاڻ انهيءَ شهر ۾ اچي رهيو. درياهه جي رخ بدلائڻ ۽ تيز هوائن سبب اهو شهر جلد ئي ڦٽي ويو. اهو شهر ”الهڏني ساند“ جي ڀرسان هو، جنهن کي ”شاهپور درپور“ چوندا آهن. ميان غلام شاهه ساڳئي نالي سان هڪ ٻيو شهر به ٻڌايو هو، جو پڻ ڦٽي ويو.

(3) روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي، مورخه 18-12-1979ع.

(4) قريشي حامد علي خانائي: ”ڪوٽڙي مغل ــ لطيف جي مجازي بستي“، قلمي مقالو.

(5) سيد حسام الدين راشدي: ”مثنوي چنيسرنامه“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، مقدمو ص 30.

(6) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش: ” تاريخ طاهري“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 353.

(7) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش: ”بيگلارنامه“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1980ع صه 34-234.

(8) ”قانع“، مير علي شير: ”تحفة الڪرام“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 99-186.

”قانع“، مير علي شير: ”تحفة الڪرام، (سنڌي)، صه 221،343،393.

(9) ميمڻ، خانبهادر محمد صديق: ”بيگلارنامو“ (سنڌي)، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1940ع، ص 46، 47، 86.

(10) ”قانع“، مير علي شير: ”مقالات الشعراء“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 249.

(11) ”مثنوي چنيسرنامه“، ص 30.

(12) محترم يار محمد درس ويٺل ڳوٺ ميون ونهيون جي زباني معلوم ٿيو ته اتان لڌل شين مان جنڊ ۽ ڪجهه سڪا ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سنڌالاجيءَ لاءِ کڻائي ويو آهي.

(13) مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي حيدآباد، 1959ع، ص 277.

(14) ”تحفة الڪرام“ (سنڌي)، 393.

(15) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش:  ”سنڌي شاعريءَ ۾ نئون اضافو“ (مقالو)، ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد، ماهه آگسٽ ـــ سيپٽمبر 1981ع، ص 37.

(16) ميون ونهين جي ڪن همعصرن ۽ معتقد بزرگن جو احوال ”تحفة الڪرام“ ص 94-393) ۾ ملي ٿو، جن جو احوال هتي ڏجي ٿو:

(الف) درويش لڌو: هيءُ بزرگ پنهنجي زماني جي وڏن دويشن ۽ عالمن مان ٿي گذريو آهي. ميين ونهين جي مسندِ فيض تان روحاني فيض حاصل ڪيو هئائين. مٿس درويش جو ڏاڍو توجه هو ۽ پاڻ وڏي ڪشف ۽ حضور جو صاحب هو.

(ب) مولانا عباس: شيخ ونهين جي خاص خادمن ۽ شاگردن مان هو. روحاني فيض پڻ شيخ ونهين کان حاصل ڪيو هئائين. پاڻ وڏي حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي.

(ج) شيخ صدو نوهريو: پنهنجي وقت جو وڏو عارف ۽ زماني جي وڏن بزرگن مان ٿي گذريو آهي.

(17) ”تحفة الڪرام“ جي سنڌي ترجمي (ص 393) ۾ ميون ونهين جو سن وفات 1100 هه لکيو ويو آهي، جو بلڪل غلط آهي. هن بزرگ جي مزار جي لوڙهه تي پيرانديءَ کان لڳل ڪتبي تي لکيل سن 1001 هه درست چئي سگهبو.

(18) امير شاهه قاسم خان زمان جي درويش ۽ الله وارن بزرگن سان عقيدت هوندي هئي. ان زماني جي وڏي درويش ميون ونهين سان پڻ سندس ڏاڍي عقيدتمندي هئي. انهيءَ بزرگ جي نالي سان ئي هن وقت اهو بيگلارن جو قبرستان سڏجي ٿو.

(19) ميون ونهين درويش جي باري ۾ مختلف روايتون:

(الف) هيءَ روايت اسان کي ميان عبدالرحمان منگيي صاحب کان سڪرنڊ شهر مان بروز آچر تاريخ 23 ـــ مارچ 1980ع ـــ جمادي الاول، 1400 هه تي ملي. هن روايت موجب سڪرنڊ تعلقي جي ”ڇتن شاهه ڳوٺ“ جي ڀرسان ”دوست علي مري بلوچ جو ڳوٺ“ آهي. ان ڳوٺ جي اتر ۾ ميون محمد عثمان منگيي فقير عرف ”ونهيو شير“ جي درگاهه آهي. ميون عثمان فقير اصل ۾ اُچ شريف جو وڏو درويش ۽ حال و قال جو صاحب هو. ميون عثمان فقير اصل ۾ اُچ شريف جو وڏو درويش ۽ حال و قال جو صاحب هو. زماني جي انقلابن سبب اُچ مان هجرت ڪري، پنهنجن ڇهن ڌيئرن ۽ هڪ حجامڻ سان گڏجي اچي انهيءَ ڳوٺ ۾ رهيو. ان زماني ۾ ان ڳوٺ جو جاگيردار ”بگو خان انڙ“ هو. فقير صاحب ۽ سندس ڪچي عيال جي باري ۾ ٻڌي جاگيردار جي نيت خراب ٿي پئي ۽ دل ۾ دغا ڌاري، پنهنجي فوج جا ماڻهو وٺي اچي فقير صاحب جي مٿان ڪڙڪيو.

باگي خان انڙ جو ڳوٺ ان زماني ۾ موجوده ”راهب شاهه جي ڳوٺ“ جي نزديڪ هو. حسن علي خان انڙ وارا مذڪوره باگي خان جي پشت مان آهن. فقير صاحب هلان ڪري ايندڙن جي خلاف درگاهه الاهيءَ ۾ دعا گهري ته هو گهوڙن سميت يڪدم زمين ۾ اندر دٻجڻ لڳا. آخر فقير صاحب کي گهڻيئي آزيون نيزاريون ڪيائون. نيٺ فقير صاحب کي سنڱ ڏيڻ جي شرط تي کين آزاد يٿڻ لاءِ دعا گهري ويئي ته هنن جا بند خلاص ٿيا. ليڪن آزاد ٿيڻ کان پوءِ جاگيردار پنهنجي شرط تان ڦري ويو. عثمان فقير ڏاند تي چڙهي، انڙ جاگيردار ڏانهن روانو ٿيو ۽ کيس پنهنجي شرط جي پورائي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. ان تي جاگيردار ناراض ٿي فقير جي ڏاند کي کڻي شينهن سان گڏ پڃري ۾ بند ڪرايو ۽ کيس ڪُٽِيءَ ۾ زهر ملائي کائڻ لاءِ ڏنو ويو. جڏهن صبح ٿيو ته ڏٺائون ته فقير زندهه ويٺو آهي ۽ ڏاند شينهن کي کائي ڇڏيو آهي. فقير جي اها ڪرامت ڏسي کيس سنڱ ڏنائون، جنهن مان کيس اولاد ٿيو. ”ڇتن شاهه“ ڳوٺ وارا منگيا فقير سندس پيڙهيءَ مان آهن. فقير صاحب اڪثر شينهن تي سواري ڪندو هو، انهيءَ ڪري کيس ”ونهيو شير“ ڪري چوندا آهن. ڪاڇائي مري بلوچ جي ڳوٺ جي ڀرسان فقير صاحب جو آخرين آرامگاهه آهي. چون ٿا ته تورڪيءَ ۾ فقير جو تڪيو هو ۽ هتي سندس اصلي ابدي آستانو آهي.

هيءَ روايت تاريخي ۽ عقلي لحاظ کان بعيد آهي، اسان جو خيال آهي ته فقير عثمان منگيو هڪ الڳ شخصيت آهي ۽ ميون ونهيو چانهيو هڪ ٻيو جدا درويش آهي.

(ب) ميرپورخاص جي طرف ڪن چانهين جا قبيلا رهن ٿا، جي پڻ هر سال فقير جي زيارت لاءِ تورڪي ايندا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته ونهين درويش جو تڪيو ڪاٺياواڙ جي طرف پڻ آهي ۽ فقير اتي جي چانهين مان هو.

(20) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند: ”شاهه جو رسالو“ جلد پهريون، 1924ع، ص 26.

(21) ”مقالات الشعراء“، ص 429.

(22) ان ڳوٺ جو نالو ”بٺي ورسه“ آهي.

(23) ”تحفة الڪرام“، ص 88.

(24) ”مقالات الشعراء“، ص 28-523.

(25) ايضاً

(26) ”بيگلارنامه“ (فارسي)، ص 243.

(27) اوائل ۾ نصرپور جو علائقو مرزا باقي پنهنجي پُٽ مرزا شاهه رخ کي ڏنو هو. هن جي وفات کان پوءِ، هن جو عَلم ۽ نقارو خان زمان جي حوالي ڪيائين ۽ ان سان گڏ سيکاٽ ۽ جوڻيجن جو پرڳڻو پڻ کيس ڏنو. (بيگلارنامه سنڌي ص 53-150)

(28) ”مقالات الشعراء“، ص 26-525.

(29) ”بيگلارنامه“ (فارسي)، ص 243.

(30) ايضاً

(31) ”مظهر شاهجهاني“، ص 308.

(32) ”بيگلارنامه“ (فارسي)، ص 241.

(33) ”تحفة الڪرام“ (فارسي)، ص 203.

(34) مير ابو القاسم سلطان ادراڪي بيگلار جو وڏو ممدوح ۽ محسن هو. ادراڪي، سندس ساراهه ۾ هڪ وڏو شعر چيو آهي.

(35) ”مقالات الشعراء“، ص 118.

(36) ذخيرة الخوانين“ ج اول، ص 164.

(37) ”بيگلارنامه“، ص 143.

(38) ”مقالات الشعراء“، ص 18-116.

(الف) ”تحفة الڪرام“، ص 204.

(39) ڏيپارجن جو پراڻو ڳوٺ موري تعلقي ۾ نوان جتوئي جي ڀرسان آهي. قديم زماني ۾ وڏن عالمن، فاضلن ۽ ولين جو مرڪز هو. قاضي ميان ابوالخير هتان جو وڏو جيّد عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. ڏيپارجن جا قاضي ان جو اولاد آهن ۽ هاڻي قريشي سڏائيندا آهن.

(40) ”بيگلارنامه“ (سنڌي)، ص 86

(41) ”مسافر“ محمد صديق: تاريخ سنڌ، ڀاڱو پنجون ــــ ”سنڌ ۾ مغلن جا گورنر“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1942ع، ص 27-26.

(42) ايضاً

(43) ”مقالات الشعراء“، ص 249 ــ ”مثنوي چنيسرنامه“، ص 29-28.

پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي

سنڌي ديني عالم

اسان جي سنڌ سونهاري سدائين علم و فيض، برڪتن ۽ ڪرامتن جو مرڪز رهي آهي. هن سونهن ڀري سوني ڌرتي ۾ اُهي ته اُملهه ماڻڪ ۽ مڻيادار موتي مدفون آهن، جن انسانذات کي اهڙا ته سهڻا ۽ دلپذير گفتا ۽ نڪتا نمايان طور تي ٻڌايا ۽ سمجهايا، جي عين قرآن ڪريم جي آيتن جا سچا ۽ صحيح ترجما ۽ تفسير آهن.

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته کيس باب الاسلام جو شرف بخشيو ويو. دين محمدي داخل ئي هندستان ۽ پاڪستان ۾ اسان جي سونهاري سنڌ کان ٿيو. اها ڪا لڪل ڳالهه ڪانهي ته سنڌ تي ديني علم جي پالوٽ صدين کان جاري ۽ ساري آهي. هتي ٺٽي ضلعي ۾، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو ديني مرڪز چوندا هئا، تنهن ۾ اڄ به اُهي ته جيد عالم، مفڪر، محقق، فقيہ ۽ قرآن ڪريم جا قاري ۽ مفسر مدفون آهن، جن جي مقبرن ۽ مينارن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو دور دراز جا سفر ڪري، پنهنجي دل جي تسڪين ۽ سڪون لاءِ ڪَهي اچي هنن بزرگن جي چائنٺ چمندا آهن. بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ رحمت:

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،

اُن جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،

ڪــوڙين ڪــن سلام اچيو آسڻ اُن جي.

اسان جي سنڌ هميشہ کان ديني علم جو مرڪز رهي آهي. جن بزرگن دين جي تبليغ ۽ خدمت ڪئي آهي، تن جا نالا جيڪڏهن ويهي ڳڻبا ۽ لکبا ته نه ڳڻي سگهبا ۽ نه لکي سگهبا:

1. قرآن ڪريم جا ترجما:

منهنجي ڄاڻ ۽ علم مطابق قرآن ڪريم جي ترجمي تي جن مصنفن پنهنجي اڻ ٿڪ محنت، بي لوث خدمت ۽ باريڪ بينيءَ سان ڪم ڪيو آهي، تن مان مولانا تاج محمود امروٽي مولوي عبدالرزاق، مير گل حسن ٽالپر، موالانا الحاج احمد ملاح (قرآن ڪريم جو منظوم ترجمو) مولوي محمد عثمان نورنگ زادو، مولانا محمد عثمان ڏيپلائي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جا نالا سر فهرست آهن. الهامي ڪتاب جو سليس ۽ سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ معنيٰ جي سمجهاڻي، سادن اَٻوجهه ۽ اَڻڄاڻ ڀائرن کي ڀلي ڀت ٻڌائڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي.

”ماڻهو منهنجي ملڪ جا اَٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ،

ڏکــن ڏڌيــون جهوپڙيون بکـن ڀــريا ڀاڻ،

الله تــن ۾ آڻ سـاڃهه پنهنجي سـاهه جـي.“

منهنجي خيال ۾ قرآن ڪريم جو ترجمو هڪ وڏو قلمي جهاد آهي، جنهن جو اَجر عظيم آهي ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ کين دنيا و مافيها ۾ پنهنجي خاص نظر سان نوازيندو.

2. متعلقات قرآن شريف

ازانسواءِ جن بزرگن ۽ برگزيده هستين متعلقات قرآن جو ذڪر پنهنجو نور نچوئي، موتي پوئي پنهنجي پرڳڻي سنڌ کي سرهاڻ ۽ سڳنڌ سان معطر ۽ مشڪبار ڪيو آهي، تن جا نالا وسارڻ ۽ سندن ذڪر خير هن مضمون ۾ نه ڪرڻ هڪ وڏي غلطي ۽ گناهه جي مترادف ٿيندو. چند نالا جيڪي ياد اٿم تن مان شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب قرآن بابت اخلاق القرآن و الحديث، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ڪتاب ارشاد القرآن ۽ قرآني دعائون، مولانا عبدالواحد سنڌي جو ڪتاب اسان جو پيارو قرآن، عبدالعزيز سليمان جو الهام الرحمان، عبيد الله سنڌي جو الهام القرآن، حاجي فيض محمد جو تاريخ قرآن، قاضي عبدالرزاق جو جمال القرآن، مولانا شير محمد جو عروس القرآن، محمد ذڪريا جو فضائل القرآن، خليق مورائي صاحب جو قرآن ۽ نئين روشني، قاضي عبدالحئي هالائي جو ڪيميا جو نسخو، قاضي عبدالرزاق جو فتح الرحمان ۽ حافظ مولانا مولوي عبدالحميد جوتجديد القران جهڙا انمول سنڌي ديني ادب جا ذخيرا آهن، جن مان اسان جا سنڌواسي پنهنجي ديني تعليم ۾ ڪافي معلومات ۽ مواد حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجي زندگيءَ کي سنوارين ۽ سڌارين ٿا. درس و تدريس جي تعليم ۽ تلقين خود قرآن ڪريم ڪئي آهي. اِقراً جو حڪم پهرين آيو ۽ ن والقلم جو پوءِ. پڙهڻ ۽ لکڻ جو حڪم اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ تي حضرت جبرائيل جي ذريعي وحي جي صورت ۾ نازل ٿيو. دين مذهب اسلام جي خاص خصوصيت پڙهڻ ۽ لکڻ آهي. جيڪي انسان پنهنجي زندگي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ وقف ڪن ٿا ۽ آئينده جي نسل کي انسانيت جا سبق سيکارين ٿا، سي به وڏي مان ۽ مرتبي جا مستحق آهن.

3. تفسير

قرآن ڪريم جي تفسير تي تمام گهڻو ڪم جن سنڌي مفسرن ڪيو آهي، تن مان مولوي محمد عثمان نورنگ زادو ۽ مولانا قاضي عبدالرزاق جا نالا سر فهرست آهن. سندن اڻ ٿڪ محنت ۽ بي لوث خدمت واقعي هڪ وڏو قلمي جهاد آهي. سندن قرآن شريف جو لکيل تفسير سنڌي ادب جو لافاني ۽ لاثاني سرمايو آهي. اسان جي سنڌي قوم کي قرآن جي صحيح ۽ سليس سمجهاڻي سندن ئي لکيل تفسيرن مان ملي ٿي.

مولانا قاضي عبدالرزاق سنڌ جو هڪ مشهور ڪهنه مشق اهل قلم ٿي گذريو آهي. قرآن ڪريم جو ترجمو ۽ تفسير لکڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي، ڇو ته وڏن وڏن عالمن به قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير لکندي پنهنجي عجز ۽ انڪساري ظاهر ڪئي آهي ۽ خداوند تعاليٰ کان امداد طلب ڪئي آهي ته خدايا! پنهنجي حبيب ﷺ جي صدقي هن مشڪل ڪم ۾ اسان جي غيبي مدد فرمائي، اسان کي چڱي طرح ترجمي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن بزرگ ترجمو ۽ تفسير لکڻ وقت جناب حضرت شاهه ولي الله صاحب محدث دهلوي ۽ جناب حضرت شاهه عبدالقادر صاحب جا ترجما سامهون رکي عرق ريزي ڪئي آهي. هي ڪو معمولي ڪتاب نه آهي. مالڪ عرش و ڪرسي خداوند لوح و قلم جو ڪلام الاهي آهي.

ڪتاب اَحۡکِمَتِ آيتَہ ثَمَّ فُصّلَتَ مِنُ لَّدُنَّ حَڪيمّ خَبِيرّ.

قرآن شريف سڀني علمن ۽ فيضن جو سرچشمو آهي ۽ منجهس خدائي فيض جا بي پايان خزانا رکيل آهن، جن مان انسانذات کي دنيا ۽ آخرت ۾ هر قسم جو فائدو ۽ برڪت حاصل ٿي سگهي ٿي. حضرت عثمان رضي الله عنہ کان روايت آهي ته حضور ﷺ فرمايو آهي ته خَير ڪُمُ مَنۡ تَعَلَّمَ القرآن و عَلَّمہَ (البخاري، مسلم و ابودائود و الترمذي) يعني توهان مان چڱو ماڻهو اهو آهي، جو قرآن مجيد سکي ۽ ٻين کي سيکاري. مولانا حاجي قاري عبدالڪريم صاحب مدرس مدرسه مظهر العلوم کڏه ڪراچي ۽ موالانا قاري حافظ عزيز الله صاحب مدرسه مظهر العلوم کڏه ڪراچي، انهن ٻنهي صاحبن سندس لکيل قرآن جي ترجمي ۽ تفسير جي تصحيح ڪئي ۽ عباسي ڪتبخانه جهونا مارڪيٽ ڪراچي  شايع ڪرايو. هن کان اڳ اهڙي قسم جو قرآن مجيد ترجمي ۽ تفسير سان سنڌي ۾ شايع نه ٿيو آهي. منهنجي علم ۽ ڄاڻ مطابق جن ٻين بزرگن قرآن ڪريم جو تفسير لکيو آهي تن مان حضرت مولانا مولوي محمد مدني، مولانا ابوالحسن، شاهه ولي الله محدث دهلوي، شاهه رفيع الدين، پير مولانا عبدالقادر ۽ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي خاص طور تي مشهور ۽ معروف آهن. ٻيا به ڪيترائي جليل القدر صاحب آهن، جن قرآن ڪريم جي مختلف سيپارن جا تفسير ۽ ترجما لکيا آهن، جن مان حضرت مولانا رشيد الله صاحب جهنڊي وارو، مولوي عبدالخالق، مولوي حاجي عبدالرحيم، مولوي قاضي عبدالڪريم، مخدوم الله بخش عباسي صاحب جن جا نالا نموني طور پيش ڪريان ٿي.

4. حديث شريف

اسان جي سنڌي ادب ۾ حديث شريف جي ڪتابن تي به ڪافي ڪم ٿيو آهي. مرحوم مولوي دين محمد وفائي واقعي کيرون لهڻيون. منهنجي ڄاڻ مطابق ست جُلد صحيح بخاريءَ جا ترجما الهام الباري جي نالي سان لکيا ۽ شايع ڪرايا. انهيءَ کان علاوه انتخاب صحيح بخاري ڪتاب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ٻين بزرگن جن حديث شريف جي ڪتابن جو ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو، تن جا نالا حسب ذيل آهن.

مولوي محمد عثمان جا لکيل ڪتاب تحفة المسلمين ۽ تحفة الاسلام جا ٽي جُلد به سنڌي ادب جو بهترين سرمايو آهن. علاوه ازين ڪريم ڏنه راڄپر جو ڪتاب اقوال رسول، مولوي محمد انيس مهيري جو اُصول نجات، شاهه ولي الله محدث دهلوي جو تاويل الاحاديث، مولوي عبدالرحمان ڀٽي جو چاليهه احاديث، مولانا قاضي محمد عثمان جو شمائل ترمذي شريف، مولوي شاهه محمد جتوئي جو صد حديث، مولوي محمد عمر جوڻيجي جو لکيل مشڪواة شريف جا جُلد پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

5. سيرت پاڪ

سڀني نبين جي سهڻي سردار خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي سهڻي سيرت ۽ صاف پاڪ صورت تي به سنڌي ادب ۾ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيا ويا آهن ۽ جن سانگيئڙن ۽ سٻاجهڙن سهڻا ۽ صاف سيرت جا ڪتاب لکيا آهن، تن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو لکيل ڪتاب حيات النبي مون ناچيز ۽ ناتوان جي نظر ۾ هڪ لاثاني ۽ لافاني سنڌي ادب جو سرمايو آهي. سيرت النبي تي ٻيا خاص ڪتاب جن لکيا تن مان مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي جو ڪتاب اخلاق النبي، علامه فضل احمد غزنوي به سيرت تي ٻه جلد لکيا آهن. مخدوم محمد صالح ڀٽي جو ڪتاب اسان جو پيارو آقا، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب اصول شرح محمدي، عبدالڪريم چشتي صاحب جو ترجمو ڪيل ڪتاب جواهرات، قاضي عبدالرزاق جو ڪتاب اسان جو پيارو نبي، جناب علي خان ابڙي جو ڪتاب حالات نبوي، مولانا دين محمد وفائي جو ڪتاب حضرت محمد مصطفيٰ، جناب عبدالحڪيم جو ڪتاب دربار نبويءَ جا فرمان ۽ فيصلا، مرحوم غلام محمد شهواڻي جو ڪتاب رسول پاڪ، حبيب الله ڀٽي جو ڪتاب رسول مقبول، حاجي حقير ابن مڱڻ جو ڪتاب شاه عرب ۽ مولوي نثار احمد جو لکيل ڪتاب سيرت رسول ﷺ به ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا ڪتاب آهن. الله تبارڪ و تعاليٰ کين سندن محنت جو اُجورو ۽ ڦل ٻنهي جهانن ۾ ڏيندو آمين.

مٿين ذڪر ڪيل ڪتابن مان اسان جي سهڻي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي حالات، زندگي ۽ سيرت مبارڪ تي تمام سٺو ۽ سهڻو مواد ملي ٿو، جو اسان جي ديس واسين لاءِ مشعل راهه آهي. ضرورت صرف انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هر گهر ۽ هر فرد تي لازم قرار ڏنو وڃي ته پنهنجي آقا جي سهڻي سيرت جو مطالعو ڪن ۽ ٻئي جهان موچارا ڪن.

اسان جي حڪومت هن ڏِس ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اسلاميات جو مضمون لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ته جيئن آئينده جا اَبا اسلامي تعليمات کان روشناس ٿي قوم ۽ ملت ۽ ملڪ جي بي لوث خدمت ڪن. اسان جي دين مذهب اسلام ۾ هر مسلمان تي لازم آهي ته حقوق الله، حقوق العباد ۽ حقوق النفس جو ڀرپور مطالعو ڪن ۽ پنهنجي زندگي اسلامي ۽ صرف اسلامي طور طريقن تي گذارين. اسلام زندگيءَ جي هر پهلو تي روشني وڌي آهي ۽ عمل ڪرڻ سان انسان هڪ سٺو شهر واسي، سٺو پاڙيسري، سٺو پاڪستاني ۽ سچو مسلمان بنجي سگهي ٿو. اسان جو مذهب انسان کي هر بري ۽ شيطاني شرارتن کان روڪي ٿو، قرآني تعليمات مسلمانن جي دلين کي نور سان نوازي ٿي ۽ سندن قلب کي اُجاري ۽ اڇو ڪري ٿي.

آمين ــــ ثم آمين.

مراد علي مرزا

ريڊيو ڊراما

ريڊيو جي ايجاد پهرين وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ترت ئي ٿي. مقصد هيءُ هو ته ماڻهن کي ملڪي توڙي غير ملڪي حالتن کان ترت آگاهه ڪجي، پر ساڳئي وقت ماڻهن جي وندر ۽ تعليم جو به خيال رکيو ويو؛ تنهن ڪري ريڊيو جي ذريعي ڪيترائي پروگرام نشر ٿيڻ لڳا، جن ۾ موسيقي، ڊرامن ۽ خبرن جي پروگرامن کي خاص اهميت حاصل ٿي، جو اهي وندر ۽ معلومات جا اهم وسيلا هئا. پهريون ريڊيو ڊرامو (اصلوڪو) هڪ انگريز ڊراما نويس Richard Hughes (رچرڊ هيوز) لکيو، جنهن جو عنوان هو Danger (خطرو). اهو ڊرامو برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (B. B. C) لنڊن تان 15 ــ جنوري سال 1924ع تي نشر ٿيو. اهو فقط 15 منٽن جو ڊرامو هو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪوئلن جي هڪ کاڻ ۾ ڇِت ڪرڻ سبب ڪي پورهيت اندر ڦاسي پون ٿا، پر پنهنجي همت ۽ ڪوشش ڪري سلامتيءَ سان ٻاهر نڪري اچن ٿا. ان کان اڳ تجربي خاطر شيڪسپيئر جو ڊرامو (Twelfth Night) 28 ـــ مئي 1923ع تي بي ـــ بي ـــ سي تان نشر ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ريڊيو ڊرامن جي شروعات ٿي.

برصغير ۾ ريڊيو سال 1935ع ۾ قائم ٿيو ۽ دهليءَ مان نشريات جو سلسلو شروع ٿيو. پوءِ سنه 1939ع ۾ ٻين وڏن شهرن جهڙوڪ: لاهور، پشاور، لکنؤ، بمبئي، مدراس، ڪلڪته ۽ ڊاڪا ۾ به ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيون. ان زماني ۾ انهن اسٽيشنن تان انگريزي ۽ اُردوءَ ۾ ڊراما نشر ٿيندا هئا. عشرت رحماني پنهنجي ڪتاب ”اردو ڊراما ڪا اِرتقا“ ۾ ان دؤر جي ريڊيو ڊرامن بابت لکي ٿو ته ”ريڊيو ڊرامي جي تڪميل جا ڪيترائي دؤر آيا. پهريون دؤر 1935ع کان 1939ع تائين هو، ۽ ٻيو دؤر 1939ع کان 1942ع تائين هو. انهن ستن ورهين ۾ ريڊيو ڊرامي جي اصولن ۽ ٽيڪنيڪي ضرورتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان کان پوءِ، ڊراما نويسن کي نشرياتي ٽيڪنيڪ ۽ مائڪرو فون جي ضرورتن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ٿي، ۽ ان مطابق هو ريڊيو جي لاءِ ڊراما  لکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا. فني خيالن کان ريڊيو ڊرامي جي تڪميل ۾ ايڏي عرصي لڳڻ جو سبب صرف هيءُ هو ته ان وقت ريڊيو ڊراما انهن ڊراما نويسن لکيا، جن جو اسٽيج ڊرامن سان واسطو رهيو هو. ريڊيو ڊرامي لکڻ وقت به هنن جي ذهن ۾ اسٽيج ڊرامي جو تصور هوندو هو. هنن جي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته اسٽيج ڊرامي ۽ ريڊيو ڊرامي ۾ به ڪو فرق آهي. نيٺ ريڊيو جي ڊراما پروڊيوسرن جي محنتن ۽ ڪوششن سان اها ڳالهه ڊرامه نويسن جي سمجهه ۾ آئي ته ريڊيو ڊرامو آواز، لفظن ۽ لهجي جي وسيلي پيش ڪري سگهجي ٿو. ريڊيو ڊراما اداڪاري نه پر صداڪاري آهي. ريڊيو ڊرامي جي ٽيڪنيڪ يا جوڙجڪ يا سٽاء اسٽيج ڊرامي ۽ فلم کان بلڪل جدا ۽ نرالي آهي. اسٽيج ۽ اسڪرين جون ڪيتريون ئي اهڙيون خوبيون آهن، جيڪي ريڊيو ڊرامي ۾ آڻي ئي نٿيون سگهجن. اسٽيج ۽ اسڪرين جو اثر سنئون سڌو اسان جي ٻڌڻ کان وڌيڪ ڏسڻ جي حواسن تي ٿئي ٿو ۽ اسان جن اکين اڳيان عمل ٿيندو رهي ٿو؛ ڪردارن جي سماجي حيثيت، هنن جو ماحول هن جو زمانو يا دؤر، هنن جو لباس، هنن جون عادتون ۽ خصلتون، هنن جي گفتگوءَ جو ڍنگ، هنن جي جسماني بناوت، هنن جا جسماني عيب يا خوبيون، هنن جون شڪليون، منهن مهانڊا، هنن جي چهرن جي رؤنق ۽ بي رونقي، هنن جي اکين جي ذهانت، معصوميت يا شرارت، خوشي، ڏک، مايوسي، اُميد ۽ نااُميديءَ جي  موقعن تي ڪردارن جو جسماني ردِ عمل، رات ۽ ڏينهن جا جدا جدا وقت، مختلف موسمون ۽ مندون؛ مطلب ته عام زندگيءَ جي جيڪڏهن پوري نه تڏهن به گهڻي قدر تصوير اسان کي اسٽيج يا اسڪرين تي نظر اچي سگهي ٿي. اهو ان ڪري ته اسٽيج ڊرامي، ٽي. وي ڊرامي ۽ فلم ۾ Perspective هوندو آهي؛ يعني اتي ڪردار پنهنجي سموري ماحول جي پس منظر ۾ ڏسي سگهبا آهن، پر ريڊيو ڊرامي ۾ اها خوبي ٿئي ڪانه.

ريڊيو ڊرامو ته لفظن ۽ لهجي، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ جو نالو آهي. ان جي لاءِ اک جي نه پر ڪَنَ جي ضرورت هوندي آهي. ٻڌندڙ لفظن، لهجي، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ کي ٻڌي ڊرامي جي ڪردارن ۽ انهن جي ماحول بابت پنهنجي ذهن ۾ هڪ تصوير ٺاهيندو آهي. يا وري لفظ، لهجو، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقي ڊرامي جي ماحول، سٽاء، ڪردارنگاريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اُڻي ان جي مڪمل تصوير ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ٺاهيندا آهن.

ادب جي هر صنف وانگر ريڊيو ڊرامي ۾ به لفظن کي بنيادي اهميت حاصل آهي. لفظ خيال جي ترجماني ڪن ٿا ۽ اهي واقعن، ڪردارن ۽ ماحول کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو هڪ تمام اثرائتو وسيلو ۽ ذريعو آهن. ٻڌندڙ جي اکين اڳيان ڪابه تصوير ڪانهي، ڪابه اسٽيج يا اسڪرين ڪونهي. هن جي اڳيان رڳو ريڊيو آهي، جنهن جي اسپيڪر مان نڪرندڙ آواز جون لهريون آهن، جيڪي هن جي ٻڌڻ وارن حواسن سان ٽڪرائجي نشر ٿيندڙ لفظن مطابق هن جي ذهن ۾ هڪڙي تصوير پيون ٺاهين.

ساڳيءَ ريت لهجي جو مسئلو آهي. لهجو انسان جي جدا جدا نفسياتي حالتن ۽ ڪيفيتن جي ترجماني ڪري ٿو. خوشي ۽ ڏک، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ، ڳڻتي ۽ فڪر، محبت ۽ پيار، نفرت ۽ ڌڪار جا لهجا جدا جدا ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ ڪردار هڪڙو ئي هجي، پر سندس نفسياتي حالتن ۽ ڪيفيتن جي اثر هيٺ هن جي لفظن جي ادائگي ۽ لهجو بلڪل جدا هوندو. ريڊيو ڊرامي ۾ انهن نفسياتي حالتن ۽ ڪيفيتن کي سچائيءَ سان پيش ڪرڻ کي صداڪاري سڏيو وڃي ٿو ۽ ريڊيو ڊرامي جي صداڪار يا فنڪار جي عظمت ۽ وڏائي حقيقت ۾ لهجي جي سچائي آهي. اها سچائي ٻڌندڙ جي ڌيان کي سوگهو ڪري، هن کي پنهنجيءَ دنيا مان ڪڍي ڊرامي جي ماحول ۾ وٺيو اچي، جتي هو به ذهني طرح ڊرامي جو هڪ ڪردار ٿيو پوي ۽ هن تي به اهي ساڳيون ڪيفيتون طاري ٿيو وڃن، جن جو اظهار ڊرامي جا ڪردار پنهنجي لهجي جي وسيلي ڪندا آهن. ٻڌندڙ به ڊرامي جي ڪردارن وانگر کلندو آهي، ٿڌا ساهه کڻندو آهي ۽ روئندو آهي.

اهو آهي لفظن ۽ لهجي جو جادو. پر ريڊيو ڊرامي ۾ صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ کان سواءِ اهو جادو بي اثر ٿيو پوي. جهڙيءَ طرح لفظ خيال جي ترجماني ڪن ٿا، جهڙيءَ طرح لهجو نفسياتي ڪيفيتن ۽ حالتن کي پڌرو ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح صوتي اثرات وري ماحول جي تصوير چٽين ٿا ۽ پس منظر موسيقي احساسن ۽ امنگن جي سمجهڻ ۽ انهن جي شدت ۾ تيزي آڻڻ ۽ واڌاري ڪرڻ جو هڪ تمام اثرائتو وسيلو ٿئي ٿي. ريڊيو ڊرامي جا ڪي اهڙا به حصا هوندا آهن، جن جي پس منظر ۾ جيڪڏهن صورتحال مطابق موسيقي نه ڏجي ته هوند اهي حصا اڻپورا رهجي وڃن، انهن جو اثر ٻڌندڙ محسوس ڪري نه سگهن. رومانوي مڪالمن، الميه مڪالمن ۽ شديد جذباتي ڇڪتاڻ وارن حصن جا تاثير، لفظن، لهجي ۽ موزون پس منظر موسيقيءَ کان سواءِ ممڪن ئي ڪونهي. پس منظر موسيقي ڊرامي جي اهڙن حصن جي خالن کي ڀري ٿي ۽ انهن جي تاثير ۾ شدت آڻي صورتحال فضا مطابق ٺاهي ٿي.

حقيقت ۾ ريڊيو، ڊرامو One-Act Play يا Short Play يعني ننڍڙي ناٽڪ جي صوتي تصوير آهي. ان جي تاريخ به ايتري ئي قديم آهي جيتري ڊرامي جي. مشهور يوناني ڊرامانويس سوفو ڪليز (تقريباً 496-406 ق. م) جي هڪ ننڍڙي ناٽڪ جو هڪ حصو سلامت مليو آهي. ٻئي مشهور يوناني ڊرامانويس يوريپائيڊز (480-406 ق. م) جو لکيل هڪ ننڍڙو ناٽڪ “The Cyclops” اڄ تائين موجود آهي. يوناني تهذيب جي زوال کان پوءِ ننڍن ناٽڪن جا اُهڃاڻ وري روپ جي سجاڳيءَ واري دؤر ۾ ملن ٿا، جڏهن انهن جي وسيلي عيسائيت جو پرچار ڪيو ويندو هو. ان کان پوءِ، انگريز بادشاهه هينري اٺين جي دؤر حڪومت ۾ بادشاهه ۽ سندس درٻارين جي وندر لاءِ شاهي درٻار جي دعوتن ۾ اهڙا ننڍڙا ناٽڪ پيش ڪيا ويندا هئا. ان بادشاهه جي زماني ۾ ئي اهو ناٽڪ درٻار مان نڪري تعليمي ادارن ۾ آيو ۽ شاگردن جي مذهبي ۽ تعليمي اصلاح جو وسيلو بنيو. فرانس ۾ وري One Act Play جي اوسر مشهور ڊرامانويس موليرَ (73-1622ع) سان ٿي، جنهن اهڙا ننڍڙا مزاحيه ۽ طنزيه ناٽڪ لکي ادب جي ان صنف کي نه رڳو نئين سر جياريو، پر ان کي اوج تي به پهچايو ۽ ويهين صديءَ جي معروف ڊرامانويس چيخوف ۽ جارج برناڊشا لاءِ ننڍن طنزيه ناٽڪن لکڻ لاءِ ميدان تيار ڪيو. اڻويهين صديءَ ۾، ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ روايت هيءَ به هلي ته اسٽيج تي مڪمل ڊرامي ڏيکارڻ کان اڳ One Act Play ڏيکاريو ويندو هو ته جيئن ٿيٽر ۾ دير سان ايندڙ ماڻهو اصل ڊرامي ڏسڻ کان محروم نه رهن. اهڙن ناٽڪن کي Curtain Raiser به سڏيو ويندو هو. ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته سنڌ ۾ وري اهي ننڍڙا ناٽڪ اصل ڊرامي (Full Length Play) کان اڳ ڏيکارڻ جي بدران ڊرامي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڏيکاريا هئا ۽ ڊرامي جا ڏسندڙ خوش ٿيندا ۽ کلندا پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن ويندا هئا. مطلب ته يورپ توڙي سنڌ ۾ اهي ننڍڙا ناٽڪ وندر خاطر ڏيکاريا ويندا هئا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجن ننڍن ناٽڪن جي مجموعي ”جيون چهچٽا“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، 1894ع ۾ ’ڊ. ج. سنڌ ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽي‘ برپا ٿيڻ سان جيئن سنڌ ۾ وڏن ناٽڪن جو آغاز ٿيو، تيئن ننڍن جو پڻ ٿيو ۽ ٻنهي جو بانيڪار مرزا قليچ بيگ هو... مرزا صاحب جا ننڍا ناٽڪ اڪثر کلائيندڙ نقل هوندا هئا، جي دلسوز وڏن ناٽڪن کان پوءِ ناظرين ۾ چڱي خوش مزاجي ۽ وندر پيدا ڪندا هئا. انهن مان پهريون ’لوڀي ۽ ٺوڳي‘ هو جو 1894ع ۾  ديوان ليلا رامسنگ جي ’هرشچندر‘ کان پوءِ ڪري ڏيکاريو ويو. ٻيو ’انڪوائري آفيسر‘ 1896ع ۾ خود مرزا صاحب جي ’شڪونتلا‘ کان پوءِ ڪيو ويو ۽ ٽيون ’نيم طبيب خطره جان، نيم ملان خطره ايمان‘ 1897ع ۾ سندس ’حُسنا دلدار‘ جي آخر ۾ ڪيو ويو. انهن کان سواءِ هن صاحب ٻيا به پنج ڇهه ننڍا ناٽڪ لکيا، پر مڙني ۾ ظاهري کل مسخريءَ جي هيٺان سماجي يا سرڪاري سرشتي جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ تي طنز رکيل هوندي هئي. ننڍي ناٽڪ يا  One Act Play  جو اهو اندازو گهڻو وقت قائم رهي نه سگهيو. سن 1903ع ۾ آمريڪي اديب ڊبليو. ڊبليو جيڪب جي مشهور افساني “The Monkey`s Paw” جي ڊرامائي روپ ڏيکارڻ سان ان روايت جو خاتمو ٿيو ۽ One Act Play جي صنف هڪ ڀرپور ۽ اثرائتي انداز ۾ اڀرڻ لڳي. ڪيترن ئي وڏن اديبن جهڙوڪ: چارلس ڊڪنز، جيمس جوائس، وليم فاڪنر، ارنيسٽ هيمنگوي ۽ ٻين ناول نويسن ۽ افسانه نگارن جي ڪهاڻين ۽ افسانن کي ڊرامائي روپ ۾ پيش ڪيو ويو، جن کي ڏاڍي مقبوليت حاصل ٿي. اڄوڪي دؤر ۾ به يورپ ۽ آمريڪا جي جڳ مشهور اديبن جهڙوڪ سيميوئل بيڪيٽ، يوجين آئيونيسڪو، برٽالٽ بريخت، هيرالڊ پنٽر، ايڊورڊ اَلبي ۽ ٻين ڪيترن ئي فني توڙي ادبي خيالن کان نهايت اثرائتا ۽ بي مثال ننڍا ناٽڪ لکيا آهن، جيڪي نه رڳو اسٽيج تي پر ريڊيو ۽ ٽي وي تي به ڪاميابيءَ سان ڏيکاريا ويا آهن.

اسان وٽ سنڌ ۾ به لڳي ٿو ته هن صديءَ جي شروعات ۾ ننڍي ناٽڪ جي اڻويهين صديءَ واري روايت ختم ٿي چڪي هئي، ڇاڪاڻ ته مرزا قليچ بيگ جي ننڍن ناٽڪن کان پوءِ، جيڪي به ننڍا ناٽڪ لکيا ويا هئا، اهي وڏن ناٽڪن جي آخر ۾ نه بلڪ علحده ڏيکاريا ويندا هئا. اهڙن ننڍن ناٽڪن لکڻ وارن ۾ لعلچند امر ڏنومل، ڀيرومل مهرچند، نانڪرام ڌرمداس، ڪشنچند بيوس ۽ ڄيٺانند ناگراڻي اهم ۽ مک ناٽڪ نويس ليکجن ٿا، جن سال 1906ع کان سال 1940ع تائين ڪيترائي ناٽڪ يا One Act Plays لکيا. انهن مان چونڊ ناٽڪن جو مجموعو ”انڊلٺ“ جي عنوان هيٺ ”سندر ساهت منڊل“ سن 1939ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. پر سنڌ ۾ ننڍي ناٽڪ جو بهترين ليکڪ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ کي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ملڪاڻي صاحب 1945ع تائين ويهه ـــ پنجويهه ننڍا ناٽڪ گنڀير گهرُو، پنگتي ۽ قومي مسئلن تي حقيقت نگاريءَ جي اصولن موجب لکيا. سندس لکيل انهن ناٽڪن جا ٽي مجموعا ڇپجي ڇڪا آهن. پهريون مجموعو ”پنج ننڍڙا ناٽڪ“ جي عنوان سان سن 1937ع ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ”پنگتي پردا“ سن 1938ع ۾ ”رتن ساهت منڊل“ وارن ڇپايو هو ۽ ٽيون مجموعو ”جيون چهچٽا“ سن 1957ع ۾ بمبئي مان ڇپجي ظاهر ٿيو هو. انهن ناٽڪن بابت ملڪاڻي صاحب پاڻ لکي ٿو ته انهن ۾ ”انساني جيوت کي پيش ڪرڻ ۽ ان کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪيم، منهنجو مَتو آهي ته ساهت کي وندر سان ساٿ ساٿ سکيا پڻ ڏيڻي آهي ۽ منهنجو عقيدو آهي ته زندگيءَ جون خاميون تڙي ڪڍڻ ۽ انسانذات کي خوشحال ڪرڻ لاءِ ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ جهڙو ٻيو ڪارائتو واهڻ ڪونهي؛ ڇو جو زندگيءَ جا منظر اسٽيج تي اکئين ڏسڻ سان جو تاثر پيدا ٿو ٿئي، سو ڪتبخاني ۾ ڪتاب پڙهڻ سان ٿي ڪونه سگهندو“.

پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي پنهنجي ڪتاب ”ادبي گلشن“ ڀاڱو 3 ۾ لکي ٿو ته ”ننڍو ناٽڪ ويهين صديءَ جي دنيا جي ادب جي پيدائش آهي“، تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ One act play ۽ ساڳئي وقت مختصر افساني، جيڪو پڻ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ گهڻي ترقي ڪري چڪو هو، انهن ٻنهي صنفن جي ريڊيو ڊرامي جي سٽاءَ تي ڳوڙهو اثر ملي ٿو. ننڍي ناٽڪ ۽ مختصر افساني وانگر ريڊيو ڊرامي ۾ به واقعا پنهنجي عروج (Climex) تي پهچندا آهن. وڏي ڊرامي (full length drama) ۾ ناول وانگر وسعت ۽ پکيڙ هوندي آهي. پر One act play ۽ ريڊيو ڊرامو ڄڻ ته ڪوزي ۾ درياءَ مثل آهن. ٻنهي ۾ ڪا هڪ صورتحال يا ڪو هڪ واقعو هوندو آهي. ٻنهي ۾ وڏي ڊرامي يا ناول وانگر نه پلاٽ اندر پلاٽ ۽ نه وري ڪو متوازي پلاٽ ٿئي. جيئن مختصر افساني ۾ ڪردارن جي خوبين يا خامين جو نهايت تيزيءَ سان، پر ٿورن لفظن ۾ نقش چِٽبو آهي، ساڳيءَ طرح ننڍي ناٽڪ ۽ ريڊيو ڊرامي ۾ به ڪردارن جي اوسر تمام تڪڙي پر اختصار سان ٿيندي آهي. ڊرامي جي موضوع مطابق هر ڪردار ۽ هر واقعو مختصر وقت ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌي پنهنجي عروج تي پهچندو آهي. ريڊيو ڊرامي توڙي ننڍي ڊرامي ۾ غير ضروري سينَ ۽ ڪردار ٿين ئي ڪونه. ان ڪري ڊرامي ۾ شروع کان وٺي آخر تائين عمل جي ايڪائي (Unity of action) هوندي آهي. گهڻا ڪردار ۽ گهڻا سِينَ ٻڌندڙن لاءِ دقت پيدا ڪندا، ڇا لاءِ ته ٻڌندڙ ته آواز ۽ لهجي جي وسيلي ڪردارن کي ڄاڻي سڃاڻي ٿو. ڀرپور ڪردارنگاريءَ لاءِ ٿورن ڪردارن جو هجڻ بيحد ضروري آهي. ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته ننڍي ناٽڪ ۽ مختصر افساني وانگر ريڊيو ڊرامي جي لاءِ وقت به مختصر هوندو آهي، تنهن ڪري ريڊيو ڊرامي جي تعارفي شروعات يعني (Exposition) به مختصر ٿئي. ان ۾ صرف انهن واقعن ۽ خوبين جا اهڃاڻ ملندا آهن، جن جو سنئون سڌو ڊرامي جي پلاٽ سان واسطو هوندو آهي. اسٽيج ڊرامي ۾ ڪيترائي ايڪٽ ٿين، جيڪي وري ڪيترين ئي سينن ۾ ورهايل هوندا آهن. پر One act play ۽ ريڊيو ڊرامو هڪڙي ايڪٽ جو ناتڪ آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي سينون هونديون آهن؛ يا وري اهي سين کان سواءِ لاڳيتا به ٿيندا آهن ۽ جيئن مختصر افساني ۾ ‘Climex’ (عروج) بلڪل آخر ۾ ايندو آهي، ساڳيءَ ريت One act play ۽ ريڊيو ڊرامي جو عروج به بلڪل آخري مڪالمن ۾ ظاهر ٿي، هڪ بيحد اثرائتي اختتام تي پهچندو آهي. تنهن ڪري ڏٺو ويو آهي ته جيڪي One act play ۽ ريڊيو ڊراما پنهنجي عروج تي پهچي ختم ٿين ٿا، اهي وڌيڪ ڪامياب سمجهيا ويا آهن، ڇاڪاڻ جو اهڙن ڊرامن جو اثر گهڻي وقت تائين ٻڌندڙن جي ذهن تي قائم رهي ٿو.

سنڌيءَ ۾ ريڊيو ڊرامن جي شروعات تقريباً سن 1950ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ٿئي ٿي. پر پهريون سنڌي ناٽڪ جيڪو ريڊيو تان نشر ٿيو هو، ان جو عنوان هو ”ٽي پارٽي“. اهو ننڍڙو ناٽڪ سن 1942ع ۾ اردوءَ جي مشهور شاعر ۽ اديب پروفيسر ايم ڊي. تاثير سنڌيءَ مان ترجمو ڪري آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ڪيو. ساڳئي وقت اهو ناٽڪ ان وقت جي ٻين اسٽيشنن تان به نشر ٿيو هو. ”ٽي پارٽي“ جو مصنف پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هو. ”ٽي پارٽي“ پروفيسر ملڪاڻيءَ سن 1935ع ۾ لکيو هو ۽ شاهاڻي هاءِ اسڪول جي سالياني جلسي جي موقعي تي فريئر هال ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريو ويو هو. ان ۾ ٿورا ڪردار، تُز مڪالما ۽ Quick Action آهن، جيڪي خوبيون ريڊيو ڊرامي لاءِ تمام ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. پروفيسر ملڪاڻيءَ پنهنجن ڊرامن بابت ”پنگتي پردا“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، ”جهوني زماني جا افسانا جن ۾ جنگ ۽ عشق جي بازار گرم هوندي هئي ۽ ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون وهنديون هيون، سي اڄ ناٽڪ ۾ آڻجن ته ناممڪن پيا لڳن. اسان جي گهرو، پنگتي ۽ قومي جيوتَ اُوڻاين سان ٽمٽار آهي. اڄوڪن ناٽڪن ۾ انهن اُوڻاين آڻن کان سواءِ رهي نٿو سگهي.“ ’ٽي پارٽي‘ ۾ اهڙي ئي هڪ گَهرو جيوت تي سِٺَ (Satire) ڪيل آهي.

ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان جن اديبن جا لکيل ڊراما نشر ٿيا هئا. اُهي هئا: امام بخش نياز، حبيب الله فڪري، عبدالڪريم شاد، خديجه چاڳلا ۽ عبداللطيف عباسي. حبيب الله فڪري ۽ خديجه چاڳلا معروف عوامي داستانن جهڙوڪ: عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي وغيره کي ريڊيو ڊرامن جو روپ ڏنو. عبدالڪريم شاد وري پنهنجن ڊرامن لاءِ واقعا اسلامي تاريخ مان ورتا. البت امام بخش نياز ۽ عبداللطيف عباسي پنهنجي وقت جي سماجي ۽ معاشرتي مسئلن تي ڊراما لکيا. افسوس جو اهي ڊراما نه ڪٿي ڇپيا ۽ نه وري انهن جا مسودا موجود آهن، تنهن ڪري انهن جي فني ۽ ادبي خوبين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ممڪن ڪونهي.

هڪ وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو: اها هيءَ ته ريڊيو لاءِ سنڌي ڊراما پهرين جن اديبن لکيا هئا، تن جو سنڌي ادب ۾ حصو اَٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونهي. نتيجي ۾ سنڌي ريڊيو ڊرامي جي شروعات ڪمزور بنيادن تي ٿي، جنهن جا اُگرا نتيجا ڪيترن ورهين تائين نڪرندا رهيا. سنڌي ريڊيو ڊرامي جي ڀيٽ ۾ آل انڊيا ريڊيو جي شروعاتي ڏينهن ۾ اردو ريڊيو ڊراما اهڙن اديبن لکيا هئا، جن کي نه رڳو اسٽيج ڊرامن جو ذاتي تجربو هو، پر اُهي اردو ڊرامي جي روايت مان به پوريءَ ريت واقف هئا. انهن ڊرامه نويسن ۾ رفيع پيرزاده، سيد امتياز علي تاج، سعادت حسن منٽو، ڪرشن چندر، اوپيندر ناٿ اشڪ!، سيد عابد علي عابد، شوڪت ٿانوري، راجندر سنگهه بيدي، عصمت چغتائي، احمد نديم قاسمي، انتظار حسين وغيره جا نالا ذڪر جوڳا آهن. جيڪڏهن اردو ڊراما نويسن وانگر سنڌي ڊراما نويس به پنهنجي ادبي ورثي ۽ روايت مان واقف هجن ها ۽ ادبي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل هجن ها، ته هوند سنڌي ۾ به ريڊيو ڊرامي جون پيڙهون پختيون هجن ها. تنهن ڪري سن 1955ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان جي حيدرآباد ۾ اسٽيشن قائم ٿي ۽ پروگرامن جي وقت ۾ واڌارو ڪيو ويو، تڏهن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو اديب يا شاعر موجود ڪونه هو، جيڪو ريڊيو لاءِ هڪ ڪلاڪ جو اصلوڪو ڊرامو لکي ڏئي. لازمي طرح، ان کان سواءِ ٻي ڪابه واٽ نه هئي ته اردو ريڊيو ڊامن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پورائو ڪيو وڃي. سيد منظور نقوي جي چوڻ مطابق، جيڪو شروع کان ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مسوده نويس (Script Writer) آهي، حيدرآباد تان پهريون سنڌي ڊرامو ”روٽي“ جي عنوان سان نشر ٿيو هو. اهو هُن پاڻ هڪ اردو ڊرامي تان ترجمو ڪيو هو. مطلب ته شروع کان ئي ان روايت جا بنياد رکيا ويا ته جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ڪوبه ڊرامو موجود ڪونهي ته اردوءَ تان ترجمو ڪري نشر ڪيو وڃي. اها روايت اڄ به قائم آهي. ترجمو ڪرڻ ڪو عيب يا ڏوهه ڪونهي. ترجمي ۽ خاص ڪري اعليٰ ادب جي ترجمي سبب ٻوليءَ ۾ خيال ۽ اظهار جا نوان نوان وسيلا ۽ ذريعا پيدا ٿين ٿا ۽ ٻولي وڌي ويجهي ٿي. پر ساڳئي وقت هڪ نقصان هيءُ به ٿئي ٿو ته اظهار جو اصلوڪو ذريعو بند ٿي وڃي ٿو ۽ اصلوڪين لکڻين جي ڪري ٻوليءَ توڙي فڪر ۾ جيڪا رواني پيدا ٿئي ٿي، اُن کان ادب خالي رهجيو وڃي. ان هوندي به ڏٺو وڃي ته انهن ترجمن سان گڏوگڏ ريڊيو لاءِ اصلوڪا ڊراما به لکيا ويا، جن جي مقبوليت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.

هن وقت تائين ريڊيو لاءِ جن اديبن ڊراما لکيا آهن، انهن ۾ سيد منظور نقوي، محمد بخش انصاري، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، محمد اسماعيل ابن واصف، ابن الياس سومرو، آغا سليم، حميد سنڌي، غلام حيدر صديقي، زيب عاقلي، امر جليل، علي بابا، قاضي خادم، ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت شورو ۽ ٻيا شامل آهن.

هنن ڊراما نويسن کي ٽن گروپن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ گروپ مسوده نويسن جو آهي، جن جي ذمي ٻين مسودن لکڻ سان گڏ ڊرامن لکڻ جو ڪم به هوندو آهي. ان گروپ ۾ سيد منظور نقوي، ممتاز مرزا ۽ زيب عاقلي اچن ٿا. ٻيو گروپ انهن ڊرامه نويسن جو آهي، جيڪي ريڊيو جي اداري ۾ عملدار ٿي رهيا آهن؛ جهڙوڪ: محمد بخش انصاري، آغا سليم ۽ امر جليل. انهن لاءِ ڊرامه لکڻ ضروري ڪونه هو،  ٽيون گروپ اهڙن ڊرامه نويسن جو آهي، جن جو ريڊيو جي اداري سان سواءِ ان جي ڪوبه تعلق ڪونهي ته اهي اداري جي گذارش تي ريڊيو لاءِ ڊراما لکندا آهن. آءٌ پنهنجي ذاتي تجربي مان چئي سگهان ٿو ته اُنهن ڊرامه نويسن جا لکيل ريڊيو ڊراما فني توڙي ادبي نقطهء کان وڌيڪ اثرائتا ۽ ڪامياب ٿيا آهن، جن فرمائش تي يا فرض ادائي سمجهي نه، پر پنهنجي دلي خواهش جي تڪميل خاطر لکيا. ڇاڪاڻ ته ريڊيو ڊرامي جو تعلق به ادب سان آهي ۽ ادب جو واسطو وري دل سان آهي، احساسن سان آهي ۽ اُمنگن سان آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ادبي فنپاري ۾ اُمنگن ۽ احساسن جي عڪاسي نٿي ٿئي، ڪنهن به ادبي تخليق ۾ اديب يا شاعر جي دل ڏڪندي محسوس نٿي ٿئي. جيڪڏهن اهو فنپارو يا ادبي تخليق پڙهندڙ ڏسندڙ يا ٻڌندڙ جي دل کي ڌونڌاڙي نٿي سگهي؛ هن جي سُتل احساسن ۽ اُمنگن کي جاڳائي نٿي سگهي، ته پوءِ اهو فنپارو يا ادبي تخليق ڪهڙي ڪم جي!

ڊرامو يا ناٽڪ افسانوي ادب (Fiction) جي هڪ اهم صنف آهي. ٻين صنفن وانگر ان جا به ڪي قاعدا هوندا آهن، جيڪي ڪنهن ادبي شهپاري جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وقت اڳيان رکڻا پوندا. انهن مطابق ريڊيو ڊرامي جي سٽاء ۾ چار عنصر تمام ضروري سمجهيا وڃن ٿا. اهي آهن ڪردار، ماحول، عمل ۽ مرڪزي خيال يا موضوع. ٻين ادبي صنفن وانگر ريڊيو ڊرامي ۾ به ائين ٿئي ٿو ته ڪي ڪردار ڪنهن ماحول جي پس منظر ۾ ڪو عمل ڪن ٿا، جنهن جي ذريعي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تائين ان ڊرامي جو ڪو مرڪزي خيال پهچي ٿو.

ادب ۾ ڪردار نگاريءَ جي اهميت ۽ ضرورت جو هڪ سبب هيءُ به ٻڌايو ويو آهي ته ان ۾ مرڪزي ڪردار هڪ اهڙي مثالي شخصيت هوندو آهي، جنهن کي پڙهي يا ڏسي دل ۾ يا ته بزرگي، برتري ۽ عظمت جو احساس پيدا ٿئي يا وري نفرت ۽ ڌڪار پيدا ٿئي. قديم يوناني ۽ هندستاني ڊرامن جا مرڪزي ڪردار ان ڪري اهميت وارا هوندا هئا، جو اهي مخالف ماحول ۾ پنهنجي عمل سان ناممڪن ڳالهين کي ممڪن ڪري ڏيکاريندا هئا ۽ ڏسندڙن جي دلين تي پنهنجيءَ حشمت ۽ عظمت جو ڌاڪو ويهاريندا هئا، پر انهن يوناني ۽ هندستاني يا وري پوءِ جي يوروپي ڊرامن جو Canvas تمام وسيع ۽ پکـڙيل هوندو هو، جنهن ڪري انهن ڊرامن ۾ ڀرپور ڪردار نگاري ممڪن ٿي سگهندي هئي. انهن ڊرامن جي ڀيٽ ۾ ريڊيو ڊرامي جو ڪنواس تمام ننڍو ۽ مختصر هوندو آهي، تنهنڪري ان ۾ ڪردار جي انهن خاص ۽ اهم خوبين کي ظاهر ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڊرامي جي ڪهاڻيءَ جي عمل تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن.

ڊرامي جو ٻيو عنصر عمل يا Action آهي. عمل نه رڳو جسماني پر ذهني سرگرميءَ جو نالو آهي. هر ڊرامي ۾ ڪهاڻي هڪڙي نقطي کان ٻئي نقطي تائين، هڪڙي واقعي کان جيڪو ان کي اڳتي ـــ وڌائي ٿو، ٻئي واقعي تائين، جنهن تي اها ختم ٿي ٿئي، سفر ڪندي آهي، تنهن ڪري ڊرامي ۾ عمل جي بيحد ضرورت هوندي آهي. ان کان سواءِ ڊرامي جي ڪهاڻي اڳتي هلڻ جي بدران هڪ هنڌ بيهي رهندي.

ريڊيو ڊرامي جو ٽيون عنصر ماحول يا Setting آهي، جنهن جي پيش منظر ۾ ڊرامي جي ڪهاڻي عمل ۾ اچي ٿي. صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ جي ذريعي ڊرامي جي ماحول کي بيحد اثرائتي نموني ۾ ظاهر ڪري سگهجي ٿو.

چوٿون مرڪزي خيال يا Theme آهي، جيڪو Abstract هوندو آهي، يعني جيڪو لفظن ۽ ڪهاڻيءَ جي پٺيان تهه درتهه لڪل هوندو آهي. مرڪزي خيال هڪ پيڙهه آهي، جنهن تي ڊرامي جي عمارت اَڏي ويندي آهي. اهو درست آهي ته هر ڪهاڻيءَ جو ڊرامي جي آخر ۾ ڪونه ڪو نتيجو ظاهر ڪيو ويندو آهي، پر غور سان ڏسبو ته ان نتيجي جا اسباب انهن اصل واقعن کان وڌيڪ اهميت وارا هوندا آهن. واقعن جي پس منظر ۾ ڪانه ڪا معنيٰ، ڪونه ڪو مطلب هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان معنيٰ يا مطلب کي ٻڌندڙ قبول ڪري ٿو يا رد ٿو ڪري. تنهن ڪري ڊرامه نويس لاءِ ضروري ٿيو پوي ته هو پنهنجن ٻڌندڙن کي اها معنيٰ يا مطلب قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪري. حقيقت هيءَ آهي ته مرڪزي خيال انساني ورتاءُ يا زندگيءَ بابت سچائي بيان ڪري ٿو. مشهور روسي افسانه نگار ۽ ڊرامه نويس چيخوف پنهنجي هڪ نوجوان دوست کي چيو هو ته ”ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ ڪنهن مسئلي کي سچائيءَ سان بيان ڪري.“ ريڊيو ڊرامي ۾ ضروري آهي ته ڊرامه نويس سچائيءَ سان ٻڌائي ته سندس ڊرامي جي ڪهاڻي ڇو ائين ٺهي تيار ٿي ۽ ڇو ان جا ڪردار اهڙيءَ ريت عمل ڪن ٿا؟

پر ڊرامي جو هڪ ٻيو اهم ۽ لازمي عنصر آهي تصادم Conflict. آمريڪي نقاد جان هاورڊ لاسن جي خيال مطابق، ”ڊرامي لکڻ جي فن جا ٽي اهم ۽ وڏا اصول هي آهن: پهريون عمل، ٻيو ايڪو ۽ ٽيون تصادم.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڊرامي جي بنيادي خوبي تصادم آهي. يعني هڪ فرد ۽ ٻين جي وچ ۾ تصادم، يا هڪ فرد ۽ گروهن جي وچ ۾ تصادم يا هڪ گروهه ۽ ٻين گروهن جي وچ ۾ تصادم، يا ڪنهن فرد يا ڪنهن گروهه ۽ سماجي يا قدرتي قوتن جي وچ ۾ تصادم. تنهن ڪري ڊرامي جي سٽاءَ جو مطلب آهي تصادم کي پيش ڪرڻ، ان کي اڳتي وڌائڻ ۽ آخر ۾ ان کي حل ڪرڻ.“ جان هاورڊ لاسن ڊرامي ۾ تصادم کي استعمال ڪرڻ لاءِ هي چار اصول بيان ڪيا آهن:

1ـــ تصاد کي عمل جي ذريعي پيش ڪرڻ گهرجي، 2ـــ تصادم ۾ ايڪو هجڻ گهرجي، 3ــــ تصادم ۾ منطق هجڻ گهرجي ۽ 4ــــ تصادم جو بنياد انفرادي ۽ اجتماعي نفسيات تي مختصر سماجي قوتن جي پوريءَ ڄاڻ ۽ علم تي هجڻ گهرجي.

مطلب ته تصادم يا Conflict هڪ اهڙو عنصر آهي، جنهن مان ڊرامو نسري ۽ اُسري ٿو، اهو تصادم هيرو ۽ خارجي قوتن جي وچ ۾ به ٿي سگهي ٿو. جيئن قديم يوناني ڊرامن ۾ ڏيکاريل آهي؛ يا وري هيرو ۽ سندس ڪوتاهين يا داخلي قوتن جهڙوڪ: حسد، لالچ، هوس ۽ شڪ وغيره جي وچ ۾ به ٿئي ٿو، جيئن شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ ڄاڻايل آهي. جديد دؤر جي ڊرامه نويسن وري فرد ۽ سماج جي ويڙهه کي کنيو آهي ۽ معاشرتي بي انصافيءَ ۽ غير برابريءَ جي ڪري سماج ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، ان تصادم يا Conflict کي پنهنجن ڊرامن ۾ آندو آهي. بهرحال فرد ۽ هن جي چؤطرف يا خود هن جي اندر ۾ جيڪي متضاد قوتون موجود آهن انهن جي وچ ۾ ٿيندڙ ويڙهه، تصادم يا Conflict ئي آهي، جيڪو موضوع، ماحول، ڪردارن، واقعن ۽ بنيادي ڳالهه ته ڊرامي کي جنم ڏئي ٿو.

ريڊيو ڊرامي جا اهي فني اصول جيڪڏهن ڊرامي لکڻ وقت ڊرامه نويس جي  ذهن ۾ هوندا ته سندس تخليق فني لحاظ کان نه رڳو مضبوط ۽ پائدار هوندي، پر ان جي نفاست ۽ نزاڪت به نڪري نروار ٿيندي.

هن تفصيل ڏيڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ريڊيو جي لاءِ هن وقت تائين جيڪي ڊراما سنڌيءَ ۾ لکيا ويا آهن، اهي سڀئي نه فن جي لحاظ کان شاهڪار چئي سگهجن ٿا ۽ نه وري انهن ۾ فني اصولن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هر ڊرامه نويس پنهنجي اُتساهه، علم ۽ تجربي مطابق ۽ ريڊيو جي مقرر ڪيل پاليسيءَ هيٺ ڊرامن لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت هر ڊرامه نويس هڪ يا ٻه اهڙا ڊراما لکيا آهن، جن کي جيڪڏهن انهن جا يادگار ڊراما چئجن ته وڌاءُ نه ٿيندو. مثال طور: سيد منظور نقويءَ جو لکيل ڊرامو ”جيئرو بت“، ممتاز مرزا جو ڊرامو ”آخري رات“، آغا سليم جو ڊرامو ”روپ ٻهروپ“، زيب عاقليءَ جو منظوم ڊرامو ”ستارا“، علي بابا جو ڊرامو ”رڃ جا راهي“ ۽ ”تموچن“ وغيره ريڊيو جا مثالي ڊراما آهن، جن ۾ نه رڳو ريڊيو ڊرامي جون فني نزاڪتون ڏسجن ٿيون، پر ساڳئي وقت اهي زندگيءَ بابت ڊرامه نويسن جي نقطهءِ نظر کي به نهايت ڪاميابيءَ سان ٻڌندڙن تائين پهچائين ٿا.

ريڊيو ڊرامي جي فن ۽ ڊرامه نويسن بابت ايتري ساري گفتگو ڪرڻ وقت بي انصافي ٿيندي، جيڪڏهن انهن صداڪارن ۽ ٻين ڪارڪنن جو ذڪر نه ڪجي، جيڪي ڪاغذن تي پکڙيل بي جان لفظن ۾ روح ڦوڪي انهن کي زنده ڪندا آهن. محمد بخش انصاري، نسيم مغل، سيد صالح محمد شاهه، مشتاق مغل، عبدالڪريم بلوچ، عبدالحق ابڙو، سرور بلوچ، نصرت چنه، مهتاب چنه، سيما چنه، سيما، زرينه بلوچ، روبينه ۽ ٻيا ڪيترا صداڪار سچ پچ ته لفظن جا مسيحا هئا، جيڪي پنهنجي ڏات وسيلي بي جان لفظن کي جيئرو ڪري ٻڌندڙن کان داد حاصل ڪندا هئا. انهن جي بي مثال صداڪاريءَ ٻڌندڙن کي نه رڳو روئاڙيو ۽کلايو، پر انهن کي سوچڻ ويچارڻ تي به آماده ڪيو. ساڳيءَ ريت ڊرامي جي ماحول کي ٻڌندڙن جي ذهن ۾ چڱيءَ طرح ويهارڻ لاءِ صوتي اثرات ڏيندڙ اقبال جعفريءَ، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقيءَ جي چونڊ تي جيڪا محنت ڪئي آهي، سا ورلي ڪو ڪندو. ريڊيو ڊرامي جي پيشڪش گڏيل ڪوشش يعني Team Work جو نتيجو آهي. ڊرامه نويس، پروڊيوسر، صداڪار، صوتي اثرات ڏيندڙ، رڪارڊنگ انجنيئر جي گڏيل ۽ لاڳيتي ڪوشش سان ئي هڪ بهترين ڊرامو پيش ڪري سگهجي ٿو.

ٿورو زمانو اڳ ريڊيو ڊرامي جو اوج هوندو هو. ماڻهو وڏي شوق سان ڊراما ٻڌندا هئا ۽ پروڊيوسر، ڊرامه نويس وغيره به وڏي اُتساهه سان ڏينهن جا ڏينهن محنت ڪري ڊراما تيار ڪندا هئا. پر هاڻي ٽي. وي جو زمانو آهي. جيئن فلم جي اچڻ کان پوءِ اسٽيج ڊرامي جو اوج ٽٽي ويو هو، تيئن ٽي. وي جي ڪري ريڊيو ڊراما پٺتي پوندا وڃن. هاڻي آهستي آهستي ريڊيو ڊرامو ماڻهن کان وسرندو وڃي، تنهن ڪري ٻئي پاسي به چاهه ۽ اُتساهه گهٽبو وڃي. شايد اهو وقت تمام ويجهو پيو اچي، جڏهن ريڊيو ڊرامن ۽ انهن جون ڳالهيون رڳو ڪتابن ۾ لکيل هونديون.

ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“

ادبي اهڃاڻ

علم بديع

علم بديع اهو علم آهي، جنهن ۾ ڪلام جون خوبيون بيان ڪيون وينديون آهن. ڪلام جون خوبيون ٻن قسمن ۾ ورهايون وڃن ٿيون:

(1) صنائع لفظي يا لفظي خوبيون.

(2) صنائع معنوي يا معنوي خوبيون.

صنائع لفظي ۾ اهي خوبيون هونديون آهن، جي لفظن جي ذريعي پيدا ڪيون وڃن ۽ صنائع معنوي اهي خوبيون آهن جي معنيٰ جي ذريعي پيدا ڪيون وڃن. صنائع معنوي ۽ لفظي جا گهڻائي قسم آهن، انهن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪيا وڃن ٿا:

صنائع لفظي

1ـــ صنعتِ تجنيس: ڪلام ۾ ٻه اهڙا لفظ آندا وڃن جي اُچار (۽ لکڻي) ۾ ملندڙ هجن، پر معنيٰ ۾ مختلف هجن، هن صنعت جا ڪيترائي قسم آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن:

(الف) تجنيس تام: ڪلام ۾ ٻه اهڙا لفظ آندا وڃن، جي لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ هڪجهڙا هجن. پر انهن جي معنيٰ مختلف هجي. پر جيڪڏهن اعرابن ۾ تفاوت هوندو ته ان کي تجنيس ناقص چئبو:

مثال تجنيس تام:

جا هَڙَ اندر جيءَ، سا هَڙَ ڏني ساهه کي

سا، هڙ ڇُڙي نه ساهه جي، ساهڙ، ساهڙ ريءَ

ساهَڙُ ميڙ سميع ته سا، هَڙ ڇڙي ساهه جي.  (شاهه)

هن بيت ۾ ساهڙ لفظ جون ٻه معنائون آهن: هڪ جي معنيٰ آهي ساهڙُ، يعني ميهار ۽ ٻيو لفظ آهي، سا، هَڙَ يعني اُها ڳنڍ.

مثال: تجنيس ناقص:

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو.  (شاهه)

هن مصرع ۾ پهريون وَرَ لفظ جي ”ر“ تي زير آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مڙس، خاوند. ٻي ”ور“ لفظ جي ”رُ“ تي پيش آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ڏِنگُ. مٿينءَ مصرع ۾ لفظ ته هڪجهڙا آهن، پر انهن جي اعرابن ۾ تفاوت آهي، تنهن ڪري ان کي تجنيس ناقص چئبو.

(ب) تجنيس مرڪب: ڪلام ۾ اهڙا ٻه لفظ آندا وڃن جيڪي صورت ۾ لڀندڙ هجن؛ ليڪن انهن مان هڪ لفظ مُفرد هجي ۽ ٻيو لفظ مُرڪب هجي. جيڪڏهن لکڻ ۾ ٻئي لفظ هڪجهڙا هجن ته ان کي ”تجنيس مرڪب متشابه“ چئبو. پر جيڪڏهن لکڻ ۾ ٻئي لفظ مختلف هوندا ته ان کي ”تجنيس مرڪب مفروق“ چئبو:

مثال: تجنيس مرڪب متشابه:

جـي ڀــائين ته حاصـل ٿئي داريــن ۾ دَرُجــو،

ٿي دل سان گدا حضرت حسينن جي دَرَ جو. ”گدا“

پهرين مصرع ۾ لفظ درجو مفرد آهي، ۽ ٻي مصرع ۾ ”در جو“ لفظ مرڪب آهي.

(ج) تجنيس مضارع:

جڏهن تجنيس جي ٻنهي لفظن ۾ صرف هڪ حرف جو فرق هجي ۽ اهي حروف قريب المخرج هجن ته ان کي تجنيس مضارع سڏيو ويندو.

مثال:

مون کي ماري وري جياري ٿو،

هــي جلال آهه هُــو جمال آهــي!      (گدا)

مٿينءَ مصرع ۾ صرف ”ل“ ۽ ”م“ ۾ فرق آهي، جي ٻئي قريب المخرج آهن:

(د) تجنيس خط: ڪلام ۾ اهڙا لفظ آڻڻ، جي صورت ۾ هڪجهڙا هجن، مگر انهن جي لفظن ۾ فرق هجي. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته ساڳي آواز سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪٻئي جي ڀرسان رکڻ. شاهه جو سڄو رسالو انهيءَ صنعت سان سينگاريل آهي.

مثال:

دهشت، دم، درياهه ۾، جت، لڙ، لهريون، لس ليٽ.   (شاهه)

هن مصرع جي پهرئين اڌ وارا الفاظ ”د“ سان شروع ٿين ٿا؛ اهڙيءَ طرح ٻئي اڌ ۾ ”ل“ سان شروع ٿيندڙ الفاظ هڪ ٻئي جي ڀرسان رکيا ويا آهن.

(هه) تجنيس قلب: ڪلام ۾ ٻه اهڙا الفاظ آڻڻ، جن جا حرف ته هڪ هجن؛ مگر انهن جي ترتيت ۾ فرق هجي: هن جا چار قسم آهن.

1. مقلوب ڪل 2. مقلوب بعض 3. مقلوب مستوي 4. مقلوب مجنحّ: هن هيٺ مقلوب بعض جو مثال پيش ڪجي ٿو:

مقلوب بعض: ڪلام ۾ اهڙا ٻه لفظ آڻڻ، جن جا حروف يڪسان هجن. صرف انهن جي ترتيب ۾ فرق هجي.

مثال:

عزيزن کان وئي موڪلائي قرابت،

رهــي هــن جهــان ۾ رڳي آ رقابت. (حسرت)

قرابت ۽ رقابت جا حروف يڪسان آهن، پر صرف انهن  جي ترتيت ۾ فرق آهي.

(2) صفتِ شبه اشتقاق: ڪلام ۾ اهڙا لفظ آڻڻ، جي ظاهر ۾ هڪ ئي مادي يا مصدر مان ٺهيل معلوم ٿين، ليڪن حقيقت ۾ ائين نه هجي.

مثال: رُسُ مَ ڇڏ ايءَ رسم، ڪڇ پچ ڪينڪي،


§ . راقم الحروف احسانمند آهي محترم سيٺ ڪرم خان ڀاڻو جي ويٺل ڳوٺ ڪوڏ ڀاڻو جو نزد شهمير راهو تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد جو، جنهن وڏي خلوص ۽ محبت سان هن تاريخي قبرستان گهمائڻ جو بندوبست ڪيو. نصرت فوٽو اسٽوڊيو ٽنڊي آدم جي ڪارڪن محترم محمد فاروق فوٽو گرافر جا پڻ ٿورا، جنهن وڏي محنت سان تصويرون ڇڪيون. ساڳئي وقت آءٌ پنهنجي پياري دوست محترم بشير احمد هيسباڻي مئنيجر حبييب بئنڪ لميٽيڊ قاضي احمد جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي انيڪ مصرورفتين هوندي به هن سفر ۾ ساٿ ڏنو ۽ ڪتبن پڙهڻ، فوٽن ڪڍائڻ، نقشي ۽ صاف ڪاپي لکڻ جي تڪليف گوار ڪئي.

[1] . جرمن ريڊيو ڊرامن جي هڪ مجموعي جو نالو ئي آهي ”ڳالهاءِ، جئن آءٌ توکي ڏسي سگهان“ ”Sprich damit ice dich sehe“.

[2] . شايد 1955ع ڌاري ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار علي بخاري ”لائيٽ هائوس ڪي محافظ“ نالي ڊرامو نشر ڪيو هو جنهن ۾ هن پاڻ اڪيلي سر پوڙهي پيءُ ۽ نوجوان پٽ جو ڪردار نهايت ڪاميابيءَ سان ڪيو. اهو ڊرامو حقيقت جو بهترين مثال آهي.

[3] . ”سنڌي نثر جي تاريخ“، منگهارام ملڪاڻي ص ص 193-194.

[4] . جيون چهچٽا (ص 1-2) ڪهاڻي پبليڪيشن، بمبئي 1957ع.

[5] . جيون چهچٽا (ص 5) ڪهاڻي پبليڪشن، بمبئي 1957ع.

[6] . تازو هندستان ۾ سنڌو  ڪلاسنگم جي طرفان 24 کان 26 سيپٽمبر 1980ع تائين سنڌي ڊرامي جي سؤ ساله جشن جي موقعي تي جيڪو Souvenir ڇپايو ويو آهي، ان ۾  پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجي مضمون ”Sindhi Drama An Overview“ ۾ لکي ٿو ته سندس لکيل ريڊيو ڊرامن جو هڪ مجموعو ”پيار جي شادي“ پڻ ڇپجي ظاهر ٿيو آهي، جنهن ۾ گهرو زندگيءَ جي انيڪ موضوعن جهروڪ: ڏاج، پيار جي شادي، پيري، اڪيلائي وغيره تي ڊراما آهن، جيڪي آل انڊيا ريڊيو بمبئي تان نشر ٿي چڪا آهن.

[“Hundred years of Sindhi Drama” 1880-1980, Delhi, 1980, P-4.]

[7] . جيون ڇهچٽا، ص 5.

[8] . سنڌي نثر جي تاريخ ـــ مصنف پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ص 207

[9] . جيون چهچٽا ـــ مصنف پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ص 97.

[10] . “The law of Conflict” John Howard Lawson, New Theatre, June 1935, pp. 10,27.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com