سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :5

سرفراز راڄڙ

ڪافي

مون کي نينهن ڇڏيو اُت نيئي،

ڪانه جتي ڪل پنهنجي پيئي.

آءُ ته اڪيلو گهڙيون گهاريون، ورهه وڇوڙا سڀ وساريون،

قول ڪيا تو ڪيئي.

تنهنجي ملڻ کي ساهه ٿو ساري، هيءُ نماڻو راهه نهاري،

سڻج سڄڻ مون کان حال سڀوئي.

عشق جي منزل آهي اڻانگي، محبت ’فراز‘ آهي مهانگي،

پرت لڳي ڪل پيئي.

بشير احمد ”شاد“

نظم

ماڻهوءَ جو من سمنڊ اجهاڳ،

انت لهي جو تنهن جو ڀاڳ.

ماڻهوءَ جو من پورنماس، فرقت ۾ پر اَههِ اُماس.

ماڻهوءَ جو من گل گلاب، يا ڪو سانوڻ رُت جو خواب.

ماڻهوءَ جو من جهڙو مور، جنهن تان ڪيئي ٿيندا گهور.

ماڻهوءَ جو من ڪاڳر ڪور، جنهن تي مرڪي نينهن نِڪور.

ماڻهوءَ جو من کليو ڪتاب، ظاهر جنهن ۾ ڏوهه ثواب.

ماڻهوءَ جو من آ معصوم، جنهن جو پڌرو آ مفهوم.

ماڻهوءَ جو من آهي ڪنول، سادو سهڻو جئن غزل.

ماڻهوءَ جو من پر اسرار، رازن رمزن جو ڀنڊار.

ماڻهوءَ جو من تاج محل، مُرڪي جت ممتاز محل.

ماڻهوءَ جو من جذبن کاڻ، هر جذبو پنهنجو مٽ پاڻ.

ماڻهوءَ جو من امرت ڌار، مٺڙو جهڙو ماکيءَ لار.

ماڻهوءَ جو من بيتُ ربي، ڪهڙي تنهن جي ڳالهه ڪبي.

ماڻهوءَ جو من ’شاد‘ رهي، شل دردن کان آزاد رهي.

ناظم منگي

غزل

چونڊي سڄڻ ڪيو مون هردوسرا کي ڳولي،

لهبو آ جيئن ڪڪر مان ماهِ لقا کي ڳولي.

هن ناز مان نهاريو تڏهين ته ڀاڳ ڀرميا،

هلندي صنم سنواريو ڪاٿئون قضا کي ڳولي.

فرقت هلي وئي جو دلبر ڏٺم اچي پيو،

آيون وٺي صدائون مشڪل ڪشا کي ڳولي.

کوليو نقاب منهن مان ڪرڻو مطالعو آ،

عاصي هان آخرت ليءِ لهبو شفا کي ڳولي.

محبوب جي حرم کي ناصح چُمي ڏيڻ ڏي،

حج اڪبري ڪريان ٿو رسمِ وفا کي ڳولي.

اسرار ايزدي ڪو هن ۾ هو توڙ کان پر،

غفلت وڏي ڪئي مون ٻئي هنڌ خدا کي ڳولي.

درد و فراق سڀ کي ’ناظم’ الڳ الڳ آ،

هر دل ٿي پنهنجي پنهنجي دارون دوا کي ڳولي.

اسحاق ”راهي“

غزل

بازارِ محبت ۾ طلبگار ڏٺاسين،

سورن جا گهڻا ئي ته خريدار ڏٺاسين.

جلون جي خدائي ۾ خدا ياد اچي ويو،

ڪردار حسينن جا حسين يار ڏٺاسين.

هر وقت محبت ۾ سهي صدما وڌياسين،

الفت ۾ گهڻا عشق جا آزار ڏٺاسين.

گل يار جي مکڙي تان فدا ٿيندا ڏٺاسين،

چهري ۾ سمايل ڪيئي گلزار ڏٺاسين.

ميخانو ڪري صدقي ڇڏيان چشمِ بتان تان،

خمخانه نگاهن ۾ ئي هر بار ڏٺاسين.

تعريف بجا آهي ڪرڻ زلف سندس جي،

گيسوئي صنم واهه جا خمدار ڏٺاسين.

درياءِ محبت ۾ گهڙڻ وارا اي همدم،

سهڻيون به ڏٺيون سين ۽ ڪي ميهار ڏٺاسين.

مجنون و فرهاد ۽ ”راهي“ جي نظر سان،

دنيا ۾ عجب جا اسرار ڏٺاسين.

بيوس بازيد پوري

غزل

اڱڻ منهنجي هلي آيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا،

سجايا ٿي ويا لايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

ڪيا دک دور سڀ سڄڻن، اڱڻ تي پير پائي اڄُ،

ڪروڙين ڪرم فرمايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

ڏسڻ سان تيرِ مزگان واه! ڪيا سيني مٿي سٽڪا،

اڃا وَڌِ پئي ڪيئون سعيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

مہِ انور جي پيچيدن، وڌا وَرَ ڄڻ ته واسينگن،

اڻانگا پيچ تن پايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

سڄڻ جا ڏند سنهڙا هوبهو موتين مثل آهن،

ڏسو محبوب مرڪايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

هزارين حُسن وارا مون ڏٺا پر هِتِ نه آ حُجّت،

لکين هن لال لڙڪايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

ڏسو خورشيد ڌرتيءَ تي لهي آيو آ ڇا يارو،

ڪٿان هي اولڙا آيا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

ڀلا خورشيد سان هن کي ڏيان تشبيہ ڪيئن ”بيوس“،

سڄڻ ڪئين شمس شرمايا، ڀلي آيا سڄڻ منهنجا.

”ساجد“ لعلپوري

غزل

سمورا عيش دنيا جا وساري، ڪو ته ڏيکاري،

مرڻ کان هت اڳيئي پاڻ ماري، ڪو ته ڏيکاري.

فقيري ويس پائڻ آ زماني ۾ ته، سولو پر،

فقيراڻي طبع ۽ دل به ڌاري، ڪو ته ڏيکاري.

اکر ٻيائيءَ سندو دل مان ڪڍي ٻاهر، هميشہ لئي،

صداقت ۽ سچائيءَ سان گذاري، ڪو ته ڏيکاري.

گهڙيءَ ۾ راز سمجهائي ڇڏي جيڪا، حقيقت جو،

نظر اهڙي کڻي ڪنهن ڏي نهاري، ڪو ته ڏيکاري.

نگاهِ مست سان جيئن هو ڪري، سرشار ٿو يارو!

ائين مستن کي جڳ ۾ ٻيو پياري، ڪو ته ڏيکاري.

سڪايو عشق ۾ جيئن خونِ دل خون ِ جگر مجنون،

جهانِ عشق ۾ ائين جان ڳاري، ڪو ته ڏيکاري.

عبادت ۽ رياضت سان، حقيقت ۽ صداقت سان،

جهان ۾ زندگي پنهنجي سنواري، ڪو ته ڏيکاري.

سوين سيڻهه سهاري سير مان هردم ترن ٿا پر،

سوا ڪنهن تار، تُرهي پاڻ تاري، ڪو ته ڏيکاري.

زبان سان ٿو ڪري هر شخص دعويٰ هت، شجاعت جي،

مجاهد ٿي مگر ڏونگر به ڏاري، ڪو ته ڏيکاري.

سکن ۾ سڀ ته گهارين ٿا سڪون و صبر سان ليڪن،

ڏکن ۾ صبر سان هر وقت گهاري، ڪو ته ڏيکاري.

ڪِنَن، ڪوجهَن، جي جيئن هو سار ٿو، لهندو رهي هردم،

بُرا، بدڪار، ائين ساري سنڀاري، ڪوته ڏيکاري.

بره جي باه گرمائي ڇڏي، دل ۽ جگر جيڪو،

اهو آبِ وصل ڌاران به ٺاري، ڪو ته ڏيکاري.

هميشہ خوابِ غفلت ۾ رهي ٿو، آدمي جيڪو،

انهي کي خوابِ غفلت مان اُٿاري، ڪو ته ڏيکاري.

نئون ناتو رکڻ سنسار ۾ سولو ته آ ”ساجد“

پراڻو پيار پنهنجو يار پاري، ڪو ته ڏيکاري.

مختيار گهمرو

وائي

منهن نه اسان کان موڙ او مٺڙا،   

     منهن نه اسان کان موڙ.

دل جو گهر آ خوب سجايو، محب مهارون موڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

من مندر ۾ منهنجا سائين، خيما پنهنجا کوڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

چند گهڙين جي چاهت ڪهڙي، ساٿ نباهيو توڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

قيد قيامت تائين ڪري ڇڏ، وارن منجهه وڪوڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

منزل دور نه آهي ساٿي، پيارا پاڻ پتوڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

گيت سريلا ڇيڙ ته جهومان، خاموشيءَ کي ٽوڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

بي قربن سان قرب ڪمائي، پاڻي ڪين ولوڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

دور وڃڻ جا دڙڪا ڏيئي، جذبن کي نه جنجهوڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

قرب ڪڙي ’مختار‘ سان او مٺڙا، جيون ڀر لئي جوڙ او مٺڙا،

منهن نه اسان کان موڙ.

مسافر عباسي

غزل

ڏُک اِهو آهي جو مٺڙا بي وفا نِڪري پِئين،

حالِ محرم هَر ڪنهِين جو اي مِٺا نِڪري پِئين.

بيوفائيءَ جي عَوض هردم ڪيم توسان وفا،

تُون تڏهن ڀِي پيار ۾ ڪوڙو صفا نڪري پِئين.

تنهنجي هڪ ديدار سان سڀ سُور ٿي ڪافُور ويا،

سَچُ ته منهنجي هر مرض جي تون دَوا نڪري پِئين.

پيار ۾ تو اڳ ڪڏهن مون سان نه ڪو ليکو ڪيو،

اڄ واري ڇاجي ڪري ايڏو خفا نڪري پِئين.

پاڻ کي تنها ڏسي دلدار دانهون ٿو ڪريان،

بند ٿيو کائڻ پيئڻ مون لئي سزا نڪري پِئين.

جيئن اڳي ايندو هُئين منهنجي اڱڻ تي روز روز،

ڇو نه اڄ ڀي ڪنهن بهاني اي مٺا نڪري پِئين.

مون ته سمجهيو هو سڄڻ، منهنجو ٿي رهندين عُمر ڀَر،

بي سبب ڇا لئي رقيبن جو صفا نڪري پِئين.

پنهنجي طرفان نينهَن جو ناتو ’مسافر‘ پيو نڀاءِ،

جئن نه چئي ڪوئي ته تون ڀي بي وفا نڪري پِئين.!

منظور مگسي

 

وائي

ڪهڙي پل جي ڳالهه ڪرين ٿو، مون لئي گذريو هر پَل گهاءُ.

اڄ به گُهلي پيو ساڳيو واءُ.

قيد ڪٽهڙي سوچون قابو، ڦٿڪي ڦٿڪي ڪن پڙلاءُ،

اڄ به گُهلي پيو ساڳيو واءٌ.

گهن گهور گهٽا جو گهونگهٽ پائي، رولڻ ۾ مون کي چنڊ نه آءُ،

اڄ به گُهلي پيو ساڳيو واءُ.

وياڪل من پيا پنڌ پڇائن، ڪاري رات کٽائڻ لاءُ،

اڄ به گُهلي پيو ساڳيو واءُ.

کن پَل ۾ وسامي ويندو آ، چڻنگ ٽانڊاڻي جو چمڪاءُ،

اڄ به گُهلي پيو ساڳيو واءُ.

وَهُلُورَن کي واٽ ويندي، ايڏو پاپي ڪين ستاءُ،

اڄ به گُهلي پيو ساڳيو واءُ.

مشاهد منگي

غزل

هٿن ۾ حوصلو ڪونهي،

رڳن ۾ ولولو ڪونهي.

جفائون جام تو وٽ، پر وفائن جو صلو ڪونهي.

فصل سارو سڙي ويو آ، ۽ ثابت ڪو سلو ڪونهي.

حياتي آهه هِڏڪين ۾، ۽ ساهن سلسلو ڪونهي.

لڇڻ لوچڻ ويو وسري، ڪڇڻ جو ڪو ڳلو ڪونهي.

سريرن ۾ رڳي سردي، اندر ۾ ڪو اُلو ڪونهي.

’مشاهد‘، ماٺ پئي ماري! ٿرن ۾ ٿرٿلو ڪونهي!

سميع لنڊ

غزل

پاڻ وڌي ٿئي هينئڙي هير،

هونئن اچي هيئن هرهر ڪير.

روز ڏئي آواز ٿي مون کي، تنهنجي خوشبو سانجهه سوير.

پٿر هڻو ڪيڏا به اوهين پر، پيار ڇڻي ڪيئن ناهي ٻير.

سُرت ۾ رهجانءِ هاڻ سسئي تون، ڏاڍ نه ڪن جيئن تو سان ڏير.

پاڻ ئي گهرائي پاڻ وٽ مونکي، پاڻ ڇو ايڏي لاتئي دير.

تنهنجي مون سان ناتي جو سُنهن، تو بن ’سميع‘ جو ناهي ڪير.

حيدر شاهه

نظم

 

گَهري سمنڊ مان سچا موتي، پيو سدائين ڳولي پيو.

پنهنجو مَنُ پاڳل آ ڪيڏو، جيڪو پاڻ کي رولي پيو.

ڪوڙن ماڻهن جي بستيءَ ۾، سچ سدائين ٻولي پيو.

تڏهن ته هردم ٻرندڙ ٽانڊو، آهي پنهنجي چولي پيو.

”عزيز“ بروهي

غزل

دلِ بيتاب گستاخي نه ڪر ڪا يار جي ويجهو،

محبّت جي مجسّم ۽ مٺي منٺار جي ويجهو.

سوا محبوب جي هر هنڌ ڄڻ ڪا آهي تاريڪي،

انڌيري ۾ ملي ٿي روشني دلدار جي ويجهو.

رهي ٿو راز سارو عشق جو پنهان جدائيءَ ۾،

پڇي ڏس تون وڃي ڪجهه طالبِ ديدار جي ويجهو.

اجايو ڇو پيو رلجي سدائين سنگدل جي ڪڍ،

غمِ دل کي مٽائڻ لاءِ وڃ غمخوار جي ويجهو.

ڪرين جي پيار ٿو ڪنهن سان ته موٽين تون متان اڌ مان،

نباهي ڪونه ٿو ڄاڻين نه وڃ تون پيار جي ويجهو.

اجايو ڇو وڃي هيڏي يا هوڏي جهاتيون هڻجن،

ملي مطلب جو موتي ٿو مٺي منٺار جي ويجهو.

ڀلا ڏس ڪيئن نه ٿو ڦٿڪي ۽ تڙپي ٿو جدائيءَ ۾،

گذاري ڏس ڪڏهن تون برهه جي بيمار جي ويجهو.

نه جنهن وٽ قدر ڪو آهي محبّت ۽ مروّت جو،

”عزيز“ آهي اجايو تنهن وڃڻ بيڪار جي ويجهو.

بسمل راڌڻائي

غزل

ڪا ”اهرمن“ ٿي ڳولي ڪا ٿي خدا کي ڳولي،

هر دل ٿي پنهنجي پنهنجي دارو دوا کي ڳولي.

صحِن چمن ۾ ڏاڍي مايوس شاخِ گل آ،

آڻيو خدارا هيڪر بادِ صبا کي ڳولي.

اوندهه جي ساز تي اڄ روشني نچي ٿي،

تسڪين ـــ دل لئه اڻيو نور و ضيا کي ڳولي.

بدلي ۾ زندگي جي ايڏا ته گهاءُ آيا!

ٿو گهاءُ گهاءُ تنهنجو خاڪ ـــ شفا کي ڳولي.

پنهنجن جي ميڙ ۾ ڀي مان اجنبي ٿو سڏجان،

دل جي صدا ٿي تڏهن ڪنهن آشنا کي ڳولي.

هٿڙا رنڱي هو رت سان منهنجي، چوي ٿو خوش ٿي،

واه جو لڌو آ مون ڀي رنگِ حنا کي ڳولي.

ناهي تميز ڪائي جت خير و شر جي ”بسمل“،

انسان کي کپي اُت پنهنجي ”انا“ کي ڳولي.

سيد ساڪن شاهه رضوي

ياد وري ڪو آيو آ

وقت لنگهن ٿا پور پون ٿا دم دم سور سوايو آ،

ڇم ڇم برسي نيڻ پيا اڄ ياد وري ڪو آيو آ.

برکا رُت جا وسندا بادل روح ۾ گهايل من ۾ وياڪل،

درد وڌي ويا لُڙڪن ساٿي منهنجو پاند پُسايو آ.

نيل گگن تي ٽمڪن تارا دل جا آرا سُڏڪن سارا،

ماڪ ڀنا گل هوا تي جهومن زخمن تيئن تڙپايو آ.

دل جي وادي صحرا سارو هانءُ ويچارو ساهه ڏُکارو،

خزان رسيده پيلي پن جيئن جيون  هي ڪومايو آ.

چُپ چُپ آ خاموش فضا ۽ دل ۾ اُڌما اُڌما ڙي،

چارڻ بنجي اڄ ڪنهن شايد چوکو چنگ وڄايو آ.

سُڏڪا سُڏڪا سنڌو ڪنارا سمجهي ويڙس يار ڏسي،

جان ڏئي ڪنهن لهرن تي ڪو گيت وفا جو ڳايو آ.

اچن وڃن آڪاش تي جيڪي اُڏندا بادل يادن جيئن،

سرد اتر جي تيز هوا تيئن چاڪن کي به چِڪايو آ.

سورن ۾ ڏس آهي اضافو وقت لنگهڻ سان وڌ کان وڌ،

انهيءَ ڪري تان منهنجي سوچن پنهنجو رُخ بدلايو آ.

’رضوي‘ رت سان ليڪا پائي نقش چِٽيون ٿا ڪاغذ تي،

آه پيامِ سحر جنهين کي ماڻهن شعر بڻايو آ.

شاهه زمان شير

غزل

نه آهه ياد ڪو لطف و ڪرم مليو آهي،

سدائين دل کي محبت جو غم مليو آهي.

خوشي ته دل سان ڪا ڀُلجي به همڪنار نه ٿي،

غمن کي دل ۾ سدائين جنم مليو آهي.

نه آرزوءِ محبت جي ٿي سگهي تڪميل،

نه حسرتن کي ڪڏهن ڪو ڀرم مليو آهي.

وري وري ٿا محبت جو داستان ڇيڙيون،

لڳي ٿو ڄڻڪ ازل کان هي ڪم مليو آهي.

ڪڏهن به هاڻ ڪو سهڻن جو شڪوو ڪونه ڪبو،

سدا خموش رهڻ جو قسم مليو آهي.

چپن تي مرڪ ۽ چسمن ۾ هئي نويد بهار،

انهيءَ حسين کان ستم تي ستم مليو آهي.

جڏهن ٿي ڪاتبِ تقدير لکيو لفظ ”وصال“،

اتي ئي خشڪ قضا جو قلم مليو آهي.

وفا جي راهه ۾ هروقت آزمايو اَٿوَ!

اوهان کي ”شير“ ته ثابت قدم مليو آهي!

”فياض“ بلوچ

غزل

هَٿ ۾ هَٿ ڏئي ڇَڏائبو ناهي،

يا ته ڪنهن جو سَڏائبو ناهي.

دل جي تڙپي پئي دلاسن ۾، روح اهڙو، رَلائبو ناهي!

پنهنجي محفل، ڀَري مان، پنهنجن کي،

همت سان زوري، ڪڍائبو ناهي!

دل تي گُهورن چا گهاءُ گهرا ڏئي، پاڻ پنهنجو، پَڏائبو، ناهي!

پيار پنهنجي، بنا، چَري دل کي، ائين ته خالي هَلائبو ناهي!

حسن وارا، پيار جو پياسو، سختين ۾ جَلائبو ناهي!

عشق ”فياض“ سچّ جو ساٿي، عشق کان منهن، مَٽائبو ناهي!

پيرل ”پرديسي“ سيتائي

نظم

مان مقصد ڪهڙي جو آهيان،

مان ڇا آهيان، مان ڇو آهيان.

(1)

مان آهيان پَاڻ نه ڀائيندو،

مان آهيان لوڪ لِڪائيندو،

مان لفظ نه ڪُڇندو ڪو آهيان،

مان ڇا آهيان، مان ڇو آهيان.

 (2)

هِت هرڪو مون کي ٿيلهي ٿو،

هِت هرڪو مون سان کيڏي ٿو،

مان ڄڻ ڪو رانديڪو آهيان،

مان ڇا آهيان، مان ڇو آهيان.

 (3)

مان پوءِ به سوچان ويٺو ٿو،

مان پوءِ به لوچان ويٺو ٿو،

مان چريو جيڏو چَؤ آهيان،

مان ڇا آهيان، مان ڇو آهيان.

 (4)

مان ڪنهن لاءِ گيت بڻايان ٿو،

مان ڪنهن کي ميت بڻايان ٿو،

مان ڪنهن جي پويان پيو آهيان،

مان ڇا آهيان، مان ڇو آهيان.

 (5)

هِت ڪوبه نه مون کي ڀائيندو،

هِت ڪوبه نه مون کي ڳائيندو،

مان ڪنهن لاءِ آخر مُئو آهيان،

مان ڇا آهيان، مان ڇو آهيان.

 (6)

هِت ”پيرل“ سور سمائيندي،

هِت پلپل پور پچائيندي،

مان ڇا مان ڇا ٿي ويو آهيان،

مان ڇا آهيان، مان ڇو آهيان.

محمد رمضان ڪمبوهه ”زلفي“

غزل

نه ايندو ڪو وفا ۾ فرق هي منهنجي وفا آهي،

اڃا ڀي تون ڀلي ڪر پيو رهيل جيڪا جفا آهي.

ڪيا تو قهر مون تي ۽ جبر ساري عمر سهڻا،

اڃا ڀي ڪرڻي توکي مون سان دلبر ڪا دغا آهي.

سندءِ بيدرد اکڙين اڄ هنيا ڪي تير نوڪيلا،

ويو ٿي جسم زخمي هي سندءِ ڪهڙي ادا آهي.

محبت ۾ ئي سر سُرخرو آهي ٿيڻ مشڪل،

بنان سر ڏيڻ الفت ۾ وري ڪهڙي بقا آهي.

ڪيان مان ديد دلبر جي وري ٿيان اڄ مان ديوانو،

چوان هڪدم ڏسي رُخ کي هي ڪهڙو مهه لقا آهي.

رکان الفت مان سيني ۾ ڪريان سُهڻن تان مان قربان،

اهوئي شرف ’زلفي‘ کي محبت ۾ روا آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com