سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :7

خواجه غلام فريد ۽ سچل سرمست ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي پير ۽ مرشد سان والهانه محبت آهي. جنهن جو ذڪر ٻنهي پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي. خواجه صاحب جو پير طريقت سندس وڏو ڀاءُ حضرت فخر جهان غلام فخرالدين رح هو، جنهن کي خواجه صاحب هميشہ هرطرح ياد ڪري ٿو:

 

فخرالدين مٺل دي شوقون

دم دم نِڪلم دود

وصل فريد ڪون حاصل هويا

هويا جب هو گيا نابود

=بن دلبر شڪل جهان آيا

هر صورت عين عيان آيا

ڪٿي حَسن حُسين شهيد بني

ڪٿي مرشد فخر جهان آيا

چشمان فخرالدين مٺل ديان تن من ڪيتا چور

فخر جهان قبول ڪيتوسين

واقف ڪل اسرار ٿيوسين

هرجا نور جمال ڏٺوسين

مخفي راز ٿئي اظهار

فخر جهان ايڪ ريت سمجهائي

ارضي ٿيا هڪ بار سمائي

ظلمت بن گئي نورؤن نور

سچل جو مرشد سندس چاچو حضرت عبدالحق هو، جنهن جي ذات سچل جي لاءِ هدايت ۽ ايمان جو سرچشمو آهي. هو ان سان عقيدت ۽ محبت رکي ٿو ۽ ان جو اظهار بار بار ڪري ٿو:

هادي مهدي مرشد ميڏا

قادريه هي ڪامل

عارف عبدالحق هي هردم

وچ مريدان شامل

=

پير اساڏا عبدالحق هي

نانءُ هادي دا اور اور

يا ”سچل“ ڪون جو نه منيدي

خارجي اهي هن ڪور ڪور

مرشد جو خيال ايندي ئي سچل تي حال جو غلبو ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ذات کي تمام اهم سمجهڻ لڳي ٿو. اهڙي عالم ۾ هو پنهنجي ذات ۾ مرشد کي جلوه گر ڏسي ٿو. کيس نه مڃيندڙن کي منڪر ۽ خارجي سمجهڻ لڳي ٿو. هو هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

هادي هي ميڏا عبدالحق سائين

صوفي صاف جو شاهنشاهه ميان

سڀو علم تنهن تون معلوم نه ٿيا

اسرار مڙيوئي آگاهه ميان

ٻنهي جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، انهن کي تصوف جي علمي پهلوءَ کان پوري ڄاڻ آهي. اهي تصوف جي اصطلاحن تي پوري طرح حاوي آهن ۽ انهن جي ڪلام ۾ قرآني آيتون، حضور جن جون حديثون ۽ ڀلارن بزرگن ۽ وڏن صوفين جا قول هرهنڌ پکڙيا پيا آهن. خواجه صاحب فرمائي ٿو:

حسن قبسح سڀ مظهر ذاتي

هررنگ ۾ بي رنگ پيارا

”نحن اقرب“ راز انوکا

”وهو معڪم“ مليا هوڪا

سمجهه سڃاڻو عالم لوڪا

هي هر روپ ۾ عين نظارا

”في انفسڪم“ سر الاهي

”لود ليتم“ فاش گواهي

هر صورت وچ رانجهن ماهي

ڪيتا ناز دا ڍنگ پيارا

پير پيغمبر غوث قطب

ڪيا مرسل اوتارا

ڪرن منادي رو رو ڪر

لايـــــــدرڪــــــــہٗ الابـــصـــــار

خواجه صاحب جو ڪلام ماٺو پر تيز درياءَ جي وهڪري وانگر وهي ٿو، پر سچل پنهنجي ڪلام جي علمي پهلوءَ کي به سرخوشي جي عالم ۾ مستي ۽ بيخودي جي نموني ظاهر ڪري ٿو. ان جي ڪلام ۾ جبل جي تيز وهندڙ نئن وارو طوفاني وهڪرو آهي، جنهن جو جوش خروش ڏسڻ وٽان آهي:

موليٰ ري موليٰ ديکو سڀ موليٰ

خلق الشياء وهو عينها

ٿي ڳالهه اهين دا ڳولا

خلق الانسان عليٰ صورتہٖ

ڀن مڙيوئي ڀولا

من عرف نفسہ فقد عرف ربہٗ

رمز اهين دا رولا

الانسان سري وانا سرهٗ

ساڙ ”سچو“ اهو چولا

ٻنهي شاعرن جو دلپسند موضوع حسن ۽ عشق آهي ۽ سچ ته هي آهي ته دنيا جي شاعري جو اهوئي موضوع آهي، پر هن هڪ موضوع کي هر ٻوليءَ، هر علائقي ۽ هر ملڪ جي شاعرن پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ ڳايو آهي، ليڪن هي موضوع سدابهار ۽ هميشہ نئون آهي. سرائڪي شاعرن به سنڌي شاعرن وانگر حقيقت جي ڳالهين کي قصن ۽ ڪهاڻين جي پردي ۾ بيان ڪيو آهي ۽ هن سلسلي ۾ عوامي ڪهاڻين انهن جي وڏي مدد ڪئي آهي. هتي خواجه فريد جي هڪ ڪافي درج ڪجي ٿي، جا انهيءَ موضوع تي آهي:

نيهن نڀايا سخت برا هي

بار اجل سر باري ڀلو

ڪيچ گيان دي خبر نه آئي

روندي گل گئي عمر اجائي

يار نه ڪيتم ڪاري ڀلو

ڏکڙي ڏکڙي آيم پکڙي

تاڏي ڊٺڙي ٽوڀي سڪڙي

دلڙي دردين ماري ڀلو

ڪڪري ڪنڊڙي راهه جبل دي

اوکي پيندي مارو ٿل دي

سولين ساڙي هاري ڀلو

ريت ٿلان دي پير پجالي

جهلڪن ڇلڪن لک لک ڇالي

پلڙي پيوم خواري ڀلو

روه ڏونگر ديان اوکيان گهٽيان

ماروٿل ديان ڏکڙيان پٽيان

وَه وه يار دي ياري ڀلو

هينئر انهيءَ موضوع تي سچل سرمست جي ڪافي ڏسو. ان به خواجه صاحب وانگر ان لوڪ ڪهاڻي کي درد دل ۾ سمائڻ جي لاءِ پنهنجي مزاج مطابق ڳايو آهي ۽ ان به ٻوليءَ جي ادائگي خواجه صاحب وانگر پنهنجي حيثيت مطابق ڪئي آهي:

مين تا تيڏڙي آهي، وي پنهل سائين!

ساري شهر ڀنڀور دي، نال ميڏي نا ٺاهي.

پٺي پنهل دي پرت وچون، رو رو ٿسان راهي،

هي هي، ميڏي حال دي، هووي اٿان آگاهي!

ڏونگر ڏيسن ڏک دي ساري، گولي دي ته گواهي.

تن تنهائي جان تي آئي، اوهي نه ڪوئي واهي،

نال ”سچل“ دي، سانول سائين، سگهڙا ميل الاهي!

خواجه صاحب پنهنجن ڪافين ۾ هير رانجهي جي داستان کي طرح طرح جي ڏکن ڏاکڙن، فراق ڦوڙائي ۽ درد عشق جو ذريعو بنايو آهي، پر سچل ان داستان جو عاشق آهي. ان جي سرائڪي ڪلام جو گهڻو حصو انهيءَ داستان تي مشتمل آهي. ۽ سچ پڇو ته سندس ڪلام کي ٻن حصن ۾ وراهي سگهجي ٿو. هڪ حصي ۾ نج عارفاڻو ڪلام آهي ۽ ٻئي ۾ هير رانجهو، باقي ٻيا موضوع اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ٻنهي جي عشق جي نوعيت ۽ ڪلام جي رنگ کي سمجهڻ لاءِ هن داستان کان پهريان خواجه فريد جا چند شعر ڏسو:

شه رانجها البيلا

هين دلين دا ٺڳس وي

تيڏي طعني مهڻي سٺرين

ڏيوم سارا جڳ وي

جهوڪ نه آنوان کين ول جانوان

هير تتي دي تنگ دي

ڪيڏي هار سنگار گيوسي

ڪيڏي گئي جگ مگ وي

نيڙي جوڙا جوڙ نهيڙيم

دانهان ڪرم رگ رگ وي

سول اولڙي مول مُٺي دي

ڏک آون ڪر وگ وي

برهون لنبي جڙڪر لائي

لون لون دُکدي آگ وي

پر سچل جي ڪلام ۾ تڙپ ۽ بيقراري آهي، ان مان سندس شاعريءَ جو انداز ۽ طبيعت جو رنگ پوريءَ طرح ظاهر ٿئي ٿو:

يار جاني ڙي يار جاني

ول اسان ڏهين ڀالين!

تيڏي طرفون طعني ڏينديان

سانون سڀ سيالين.

نال اساڏي دلبر سائين

ڳجهيان تيڏيان ڳالين.

مهر پوويئي يار پيارل

نال اساڏي جالين.

نال ”سچو“ دي جو ڪيتوئي

قول اهو وت پالسين

هن مختصر ڪافي ۾ جا بيتابي سمايل آهي، ان جو اندازو اهل درد ئي ڄاڻن ٿا. خواجه صاحب وٽ انهيءَ قسم جو ڪلام ته عام آهي، پر سچل جي ڪلام ۾ مستي، سرشاري ۽ بيخوديءَ جو اظهار زياده آهي. اصل مجاز جو رنگ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

خواجه صاحب ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۽ انهن جي تصوف تي هن مضمون ۾ هن کان وڌيڪ لکڻ جي گنجائش ڪانهي. هي هڪ ڪتاب جو موضوع آهي ۽ حقيقت هيءَ آهي ته، ان جو حق ادا ڪرڻ مشڪل آهي. ان ڪري انهن جي ڪلام مان جدا جدا اهڙا مثال پيش ڪجن ٿا، جي ٻنهي جي ڪلام جي رنگ سمجهڻ ۾ مدد ڏيندا.

وحدانيت صوفيانه شاعري جو مرڪزي نقطو آهي ۽ وحدت الوجود توحيد جي فلسفي جي جان آهي. خواجه صاحب هرطرح پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي عقيدي جو اظهار ڪيو آهي. سندس هڪ ڪافيءَ جو انتخاب حاضر آهي:

هر صورت وچ ديدار ڏٺم

ڪل يار اغيار ڪون يار ڏٺم

ڪٿ جوهرتي ڪٿ عرض ڏٺم

ڪٿ سنت نفل تي فرض ڏٺم

ڪٿ صحت ڏٺم ڪٿ مرض ڏٺم

ڪٿ چست اتي بيماري ڏٺم

ڪٿ بطن بطون ظهور ڏٺم

ڪٿ زاهد تي مخمور ڏٺم

ڪٿ ملان تي منصور ڏٺم

ڪٿ چوب رسن تي دار ڏٺم

ارواح نفوس عقول ڏٺم

انسان ظلوم جهول ڏٺم

معقول ڏٺم منقول ڏٺم

اقرار ڏٺم انڪار ڏٺم

سچل سرمست انهيءَ راز کي هن طرح بيان ڪري ٿو:

اوئي اندر اوئي ٻاهر

اوئي آها مُوبمُو

هر ڪنهن جاءِ ظهور تنهن دا

هرڪنهن ڪوچي سُوبَسُو

آپ پهريندا لکين لباسان

هرڪنهن خاني خُوبَخُو

اوئي روندا اوئي هسدا

صاحب سوئي هُوبَهُو

”وهو معڪم“ اها بشارت

جانب وسدا جُوبَجُو

آپ ڪنون ڪڏان خيال نه ٻاهر

”سچل“ ٻهندا روبرو

عشق بابت ٻنهي شاعرن جو تصور هڪجهڙو آهي، ليڪن خواجه صاحب مجاز جو رنگ ڏئي، هڪ اهڙي رنگيني ۽ دلڪشي پيدا ٿو ڪري، جو سندس ئي حصو آهي.

عشق لگا گهر وسريا

زر وسري ور وسريا

گذري ناز حسن دي ماڻي

زيور تريور وسريا

وسري ڪجلي سرخي مينديان

بولا بينسر وسريا

دير ڪنشت دؤاره مندر

مسجد منبر وسريا

ويسان ڪيچ فريد نه مڙسان

سڃ بر دا ڏر وسريا

اهوئي عشق جڏهن سچل جي دل ۾ پنهنجو زور ڏيکاري ٿو ته هو بيخودي جي عالم ۾ چوي ٿو:

تيڏي عشق مچايا شور

اڏر اُلَنبي اسمان لڳي

پر پيالا محبت والا

زهر پلايا زور

جس تن لڳڙي سو تن ڄاڻي

ڪيا ڪوئي ڄاڻي هور

بت اساڏا ڪيتا بيراڳي

تيڏي چشمان والي چور

لکان دي وچ صحيح سڃاڻن

عجب رکاون ٽور

درد مندان دي دل تي

”سچل“ بره بڇيندا بور

وحدت جو اثباب ۽ اقرار تصوف جو هڪ خاص مضمون آهي، جو خواجه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ بار بار دهرايو آهي ۽ هر هنڌ ان جو انداز بيان دلڪش آهي. انداز بيان جو هي نمونو خواجه صاحب جي شاعريءَ جو هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي، جو لڪائي به نه ٿو لڪي. سندس ڪلام ۾ اثبات جو رنگ ڏسو:

سڀ صورت وچ وسدا ڍولا ماهي

دل اساڏي کسدا ڍولا ماهي

رنگ برنگي اس دي ديري

آپي رانجهان هير تي کيڙي

لڪ ڇپ ڀيد نه ڏسدا ڍولا ماهي

آپ هي هجر تي آپ هي ميلا

آپ هي قيس تي آپ هي ليلا

آپ آواز جرس دا ڍولا ماهي

آپ هي مطرب مجلس ڪافي

آپ موحد صوفي صافي

منڪر هوڪر هسدا ڍولا ماهي

راول يار بروچل سانول

آڪر هرهر اَن اسان ول

دل کس کس ول نسدا ڍولا ماهي

اهوئي موضوع سچل کي پيارو آهي، جو هر طرح سان ان کي دهرائي ٿو. هڪ ڪافي ۾ نفي جي ذريعي اثبات جو اظهار ڪندي چوي ٿو:

تاب ڪنون بي تاب ميان

مين تاب ڪنون بي تاب

نامين گويا نا مين جويا

نا مين سوال جواب

نا مين خاڪي نا مين بادي

نا مين آگ نه آب

نا مين جِني نا مين اِنسي

نا مائي نه باب

نا مين سني نا مين شيعا

نا مين ڏوهه ثواب

نا مين شرعي نا مين ورعي

نا مين رنگ رباب

نا مين ملا نا مين قاضي

نا مين شور شراب

ذات ”سچل“ دي ڪيهي پڇدئين

… نالي نا ناياب

اها ئي ڳالهه هڪ هنڌ اثبات جي رنگ ۾ چئي ويو آهي ۽ اتي به سندس جوش بيان جو ساڳيوئي حالي آهي:

هوش ڪنون بيهوش

مـــيــن بيــهـوش

ڪڏان زاهد ڪڏان عابد

ڪڏان نوشا نوش

ڪڏاهن هجر فراق ڏسيندا

ڪڏان غوش آغوش

ڪڏان دلبر دور گهتيندا

ڪڏان گوشا گوش

ڪڏان جاءِ ڪناري ڏيندا

ڪڏان پوشا پوش

ڪڏان موج وهيندي ماٺي

ڪڏان جوشا جوش

ڪڏان ”سچل“ جاءِ نه لهندا

ڪڏان دوشا دوش

فراق ته صوفين جو هڪ دائمي مسئلو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ڪلام ۾ وصال جي ڪيفيت به ملي ويندي آهي. خواجه صاحب وٽ اڪثر مجاز جو رنگ غالب رهي ٿو ۽ هو فطرت سان تمام ويجهو ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن هو فطرت جي ويجهو ٿئي ٿو ته گڏيل داستان گوئي کي ڪمال تائين پهچائي ڇڏي ٿو. هير رانجهي جي داستان ۾ وصال جي ڪيفيت ملاخطه فرمايو، ليڪن هتي وصال جي تهه ۾ به اُداسي جي هڪ لهر ڊوڙندي محسوس ٿئي ٿي، جا وصال جي ڪيفيت ۾ هڪ وڇوڙو پيدا ڪري ٿي ڇڏي:

رانجهن ماهي تخت هزارون

مين ڪارڻ اِٿ آئي

بختين ڀاڳ سهاڳين سگهرين

مين ول مُنه ولائي

سينڌان مانگهان سر چڙهه بولن

والين سول ول پائي

گاني ناز نواز دي گاهني

پائي پا ٺمڪائي

پا ڪجلا لا سرخي دلڙي

ڏيکي تي مسڪائي

مدتان پڇي شام سلوني

جهوڪ نون آن وسائي

خواجه صاحب محبوب جي آمد کانپوءِ جي ڪيفيت کي جنهن خوبصورت ۽ مؤثر انداز ۾ بيان ڪيو آهي، اها ڪيفيت ٻڌڻ ۽ پڙهڻ واري جي ذهن ۾ هڪ اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏي ٿي وڃي، ليڪن سچل جي لاءِ محبوب جي اچڻ جي خبر ئي ڪافي آهي (يعني ڪيس نانءُ نهال، پسڻ تان پري ٿيو) بلڪ هو هن اُميد تي ته شايد ڪومحبوب جي اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي، هر واٽ ويندڙ کان پڇڻ لڳي ٿو:

آ پانڌي ڪر نال اساڏي

ڪائي ڳالهه سڄڻ دي آوڻ دي

هجر تيڏي مرا حال وڃايا

اتان رُت آئي سانوڻ دي

خوب بسنت بهار جو کليا

هڻ آئي مند ملاوڻ دي

مين غريب نماڻي نون ناهين

قوت حرف الاوڻ دي

نال ”سچو“ دي سنڀال سائين

ڪر ڪائي نينهن نڀاوڻ دي

پر ٻنهي شاعرن جو ڪمال اتي نظر اچي ٿو، جڏهن هو ڪنهن ڪيفيت کي پوري گهرائي سان محسوس ڪري جذبي ۽ احساس جي سنگم سان گڏ لفظن جو جامو پهرائين ٿا. اها ڳالهه انهن جي ڊگهين ڪافين ۾ نظر اچي ٿي. خواجه صاحب جي ڊگهين ڪافين جو تعداد گهڻو ته ڪونهي، پر پهريائين خواجه غلام فريد جي ڊگهي ۽ مشهور ڪافي پيش خدمت آهي:

ميڏا عشق وي تون ميڏا يار وي تون

ميڏا دين وي تون ايمان وي تون

ميڏا جسم وي تون ميڏا روح وي تون

ميڏا قلب وي تون جندجان وي تون

ميڏا ڪعبه قبله مسجد منبر

مصحف تي قرآن وي تون

ميڏي فرض فريضي حج زڪواتان

صوم صلوات اذان وي تون

ميڏي زهد عبادت طاعت تقويٰ

علم وي تون عِرفان وي تون

ميڏا سانوڻ مٺڙا شام سلونا

من موهن جانان وي تو

ميڏي آس اميد تي کٽيا وٽيا

تڪيه مان تي تران وي تون

ميڏا ڏک سک رووڻ کلڻ وي تون

ميڏا درد وي تون درمان وي تون

ميڏا خوشيان دا اسباب وي تون

ميڏي سولان دا سامان وي تون

ميڏا حسن تي ڀاڳ سهاڳ وي تون

ميڏا بخت تي نام نشان وي تون

ميڏي ٿڌڙي ساه تي موجهه منجهاري

هنجون دي طوفان وي تون

ميڏي ميندي ڪجل مساڳ وي تون

ميڏي سرخي بيڙا پان وي تون

ميڏا اول آخر اندر ٻاهر

ظاهر تي پنهان وي تون

اهڙي ئي سمايل ڪيفيت سچل جي هڪ ڊگهي ڪافي ۾ سندس پنهنجي ئي انداز ۾ ظاهر ٿئي ٿي:

اکيان کول تماشا ويکين

صاحب صورت ساري هي

ايڏون اوڏون اهوئي دلبر

چؤطرف چوڌاري هي

ڪٿي بلبل ڪٿي گل گل

ڪٿي باغ بهاري هي

ڪٿي گوشي گهن ڪر ٻيٺا

ڪٿي شاه شڪاري هي

ڪٿي ورد دوزانو ڪيتا

ڪٿي سيل سواري هي

ڪٿي شيخ مشائخ

ڪٿي حافظ ڪاتب قاري هي

ڪٿي مغ برهمڻ

ڪٿي ظاهر ذوق زناري هي

ڪٿي دلق درويشي پهري

ڪٿي پٽ پهاري هي

ڪٿي تخت تڪبر ڪردا

ڪٿي پاڪ پيناري هي

ڪٿي لڪ لڪوٽي ڦردا

ڪٿي مشڪ مشاري هي

ڪٿي چنڊ ستاري اوجل

ڪٿي سج سونهاري هي

ڪٿي هرڪائي ٻولِي ٻولي

ڪٿي گنگ گذاري هي

ڪٿي معشوق تي عاشق

ڪٿي ناز نظاري هي

اوئي ناچ نچيندا ناچو

اوئي کيل کلاري هي

اوئي ڳاوي اوئي وڄاوي

اوئي سنک سيکاري هي

اوئي خاڪ مليندا مُنهن ڪون

اوئي عطر عطاري هي

اوئي لڙدا اوئي وڙهدا

اوئي اهو صلحاري هي

اوئي ڪعبه اوئي بت خانه

اوئي سنگ ديواري هي

آپي اندر آپي ٻاهر

اي او سڀ ڏيکاري هي

ڪٿي ڪيوين ڪٿي ڪيوين

ميڏا محب مڪاري هي

مون وچون سو زيور ٺهندي

هرڪنهن نانءُ اجاري هي

اوئي ”سچو“ سچ ٻوليندا

اوي سبد سنواري هي

غم الم ۽ جور ستم به عشق جو لازمي حصو آهن. صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ هي به عشق جي عجب جو انداز آهي، خواجه صاحب جي ڪلام ۾ هجر ۽ فراق جي بيان ۾ محبوب جي جورو جفا جو بيان به ان جي طبيعت جي رنگ ۾ سمائجي شاعراڻو انداز اختيار ڪري ويو آهي:

ڪيا عشق اڙاه مچايا هي

هر روز اي سوز سوايا هي

سر تن من ڦوڪ جلايا هي

مُٺا جوڀن مفت گنوايا هي

ڀيڙي دلڙي مار منجهايا هي

دم دم وچ درد سوايا هي

سٽ سيج اڪيلي هوت نسي

غم پاڪ جهولي عيش کسي

گل هار ڦُلان دا نانگ ڏسي

ڏکي قسمت سڀ ڏک لايا هي

سهڻا سانگ هجر دي مار ڳيا

يڪ ياري يار وسار ڳيا

ڪر راز نزار خوار ڳيا

تتي بيوس بار سهايا هي

اها دلڙي عشق دي ڪُٺڙي هي

غمان مٺڙي تي ڏکان گهٽڙي هي

ما ڏتڙي شوق دي گهٺڙي هي

جنهن صبر آرام وڃايا هي

دل لانوڻ حال وڃاوڻ هي

سک ڏيوڻ تي ڏک پانوڻ هي

غم کانوڻ درد نڀاوڻ هي

نِيڙا بيشڪ ڪوڙ اجايا هي

سوهڻي ٻاجهه ’فريد‘ قرار ڳيا

ڪم ڪار سڀو گهر ٻار ڳيا

سڀ ناز نواز سينگار ڳيا

سر بار ڏهاڳ سهايا هي

ليڪن سچل جو مزاج منصوري ۽ عطاري آهي. ان وٽ جورو جفا جو هي انداز انساني تصور کان اڳتي جي ڳالهه آهي. هو هن ڪيفيت جي تفصيل ۾ هليو وڃي ٿو ۽ منصور وانگر ڏک سور کلي سر ئي کڻي ٿو. جنهن جي لاءِ منصور جو عشق درڪار آهي. سچل جي هيءَ ڪافي ڏسو ته، منصور جي دردناڪ قتل جو منظر اکين آڏو سامهون اچي ٿو بيهي:

بات بره دي ايهي

ايهي عجب جيهي!

مل معشوقان مصلحت ڪيتي

عاشق قتل ڪريسون

قتل ڪنون جو پڇي تنهن ڪون

شهر ڍنڍوري ڏيسون

ڪنون ڍنڍوري پڇي تنهين ڪون

سولي سر چڙهيسون

سولي ڪنون جو پڇي تنهن ڪون

لهرين وچ لڙهيسون

لهر ڪنون جو ٻاهر آيا

رمز اُهين دي ريهي

 

ايهي عجب جيهي!

لهر ڪنون جو پڇي تنهن ڪون

آتش وچ سٽيسون

آتش وچ جو سٽ تنهين ڪون

ڦوڪ اڙاهه مچيسون

ڦوڪ اڙاهه مچا تهين دي

وائين خاڪ اڏيسون

خاڪ عاشق اکيان دي وچ

سرمه جوڙ ڪي پَيسون

عاشق سو جو سرمه ٿيوي

ڳالهه اُهين دي ڪيهي

 

ايهي عجب جيهي!

سنيان صبح دي ويلي

عاشق پڪڙ تيار ڪريسون

شبا شب تهين دي پِڇون

فوجان حسن چڙهيسون

وچ لتان دي عاشق شودا

قابو قيد ڪريسون

اول هشيان ڏي ڪر پڇي

اي منصوبه چليسون

نال تهين دي جهيڻي وڻي

آپي ڪر سون تيهي

 

ايهي عجب جيهي!

چلو وي سنيان عاشق ڪيتي

سرها ميٽ مليسون

وچ درياء لوهودي تنهن ڪون

ڏوپان نال ڌويسون

ڌوپين نال ڌوا تهين ڪون

غوطي خوب ڏويسون

غوطي ڪنون جو پڇي تنهن ڪون

ڏي ڪر لت ٻڙيسون

ٻڏڻ ڪڻون جو ٻاهر آيا

ڳالهه ڪريجي ڪيهي

 

ايهي عجب جيهي:

رنگا رنگ نقاشي والا

محلا ايڪ بڻيسون

هڏي گڏي تنهن عاش دي

وٿ تنڀي ڪام ڪريسون

چارئي بازو ڪرڪي ڏاڪي

پوڙي جوڙ جڙيسون

سر عاشق دا تنهن دي اُتون

دڪي درس ڌريسون

خون دي قيمت اسان ٿيوسي

قتل ٿيا پرڏيهي

 

ايهي عجب جيهي:

عاشق آهو معشوق شڪاري

اهو شڪار ڪريسون

رمزان غمزان مڙگان والي

تنهن ڪون تير مريسون

نام الله دي نال عاشق ڪون

چا تڪبير گهتيسون

هٿـٖـين اپڻي گهن عاشق دي

چا وت کل کليسون

ٻوٽيان ڪرڪي آتش دي وچ

سيخين سر چڙهيسون

سيخين اتون لاهه ڪراهڻ

تل ڦل ڪر ونڊيسون

تل ڦل دا ڳيا ذرا پرزا

جان جگر وچ پيهي

 

ايهي عجب جيهي!

اصل ڪنون جو ساڏا آها

”سچل يار پڇيسون

وچ درازين جاءِ تهين دي

تنهن ڪون ووڙ لهيسون

ٿي ملاقي نال تنهين دي

سارا وره ونڊيسون

اهو اساڏا اسان اُهين دي

عشق ڪيتوسي نيهي

 

ايهي عجب جيهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com