سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :16

اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جو مقالو ”ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي ناول جو مختصر جائزو“؛ فقير بشير احمد لغاري جو مقالو ”سنڌي زبان جي ابتدا، اوسر ۽ عروج“ وغيره وڏي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي هي اشاعت، عام پڙهندڙن جي علاوه اُستادن ۽ شاگردن لاءِ مطالعي ۽ معلومات ۾ مزيد اضافي ۽ تحقيق لاءِ رهبريءَ جو باعث آهي.

”سنڌي ادب“ ڇماهي جو هي شمارو (84/1985ع) جُلد اٺين جو نمبر 1 ۽ 2 گڏيل پرچو آهي. سفيد ڪاغذ تي ڇپيل، صفحا 220، قيمت 15 رپيا. سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري مان ملي سگهي ٿي.

ـــــ ڊاڪٽر گل حسن لغاري

(4) سنڌالاجيڪل اسٽڊيز

سنڌ جي تاريخ، تهذيب و ثقافت، قديم آثارن ۽ سنڌ جي مختلف اهم موضوعن بابت انگريزي ڄاڻندڙ حلقن اڳيان معلومات ۽ تحقيقي ڪم پُڄائڻ جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، ڇو ته انگريزي بين الاقوامي زبان طور ڌرتيءَ جي گولي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڄاتي وڃي ٿي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو جرنل ”سنڌالاجيڪل اسٽڊيز“ (انگريزي) مٿين مقصد جي پورائي لاءِ يقناً خاطرخواهه خدمت انجام ڏيئي رهيو آهي، خصوصاً ان صورت ۾، جو ان ۾ سنڌ بابت جيڪي به تحقيقي مقالا ڏنا وڃن ٿا، سي بلند معيار جا هوندا آهن. سنڌالاجي هن نيڪ سلسلي کي جاري رکندي کيرون لهڻيون.

سنڌالاجيڪل اسٽڊيز جو تازو شمارو، حسب روايت، سنڌ بابت اهم تحقيقي مواد جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سمايل ڇهه ئي مقالا پنهنجي موضوعن سان انصاف ڪن ٿا.

پويون مقالو مشهور عالم جناب اي. ايڇ. پنهور جو آهي، جنهن ۾ هن صاحب سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن بابت اڀياس جي ترقيءَ جو جائزو ورتو آهي. پنهور صاحب جو هن موضوع تي هڪ طويل مضمون 1984ع ۾ مهراڻ رسالي جي ”سنڌي ادب سيمينار“ نمبر ۾ شايع ٿيو هو، جو پڻ پڙهڻ وٽان آهي.

ٻئي مقالي ۾ جناب پريم شاهاڻي، سکر بئراج جي مختصر تاريخ بيان ڪندي، جن تاريخي حوالن ۽ دستاويزي ثبوتن کي سليقي سان سموهيو آهي، تنهن کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. سنڌ جي زراعت ۽ آب رسانيءَ جي سلسلي ۾ هي مقالو تاريخي معلومات جو ڀنڊار آهي.

ٽيون مقالو جڳ مشهور عالم خاتون ڊاڪٽر اينيمري شمل جو آهي، جنهن ۾ محترمہ شمل، سنڌي زبان جي اڀياس جي ڏس ۾ سنڌي ادب جي هڪ مغربي محسن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي خدمتن جو جائزو ورتو آهي.

جرنل جي ايڊيٽر جناب مظهر يوسف جي محققانه مقام کان سنڌ جا علمي حلقا خوب متعارف آهن. مظهر صاحب، رني ڪوٽ قلعي جي موضوع تي قلم کي ڪاهيو آهي ۽ جيئن موضوع مان ظاهر آهي، مظهر يوسف ان نقطي تي بحث ڪيو آهي ته اهو قلعو رني ڪوٽ آهي يا ”راڻي ڪوٽ“.

پروفيسر موتي لال جوتواڻي (دهلي) شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اها ڪوشش پهريون ڀيرو منظر عام تي آئي آهي، ان لاءِ جوتواڻي صاحب کي جس جڳائي. موتي لال جي هن محنت تي پروفيسر محمد اڪرم انصاري هڪ سير حاصل تعارف لکيو آهي، جو مُهڙ ۾ درج آهي.

محترمہ عزيزه چنا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سينئر استاد آهي. عرب مورخن جي موضوع کي محترمہ نهايت سليقي ۽ تحقيقي حوالن سان نباهيو آهي. اهو مختصر مضمون، معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ سان وڏي جامعيت رکي ٿو.

سنڌ الاجيڪل اسٽڊيز جو ايڊيٽر جناب مظهر يوسف آهي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ان کي شايع ڪندو آهي. بهترين آفسيٽ پيپر تي، 131 صفحن جي هن شماري جي قيمت ويهه رپيا، ناموزون نٿي لڳي.

ـــــ عبدالغفار صديقي

(5) مڪليءَ کان ملاڪا تائين

”مڪليءَ کان ملاڪا تائين“ الطاف شيخ جي لکيل 27 ڪتابن مان چوويهون سفر نامو آهي، جيڪو ملائيشيا جي باري ۾ آهي. خط استوائي ملڪ مليشيا کي پهرين ملايا چوندا هئا ۽ الطاف جي سمورن اڳ لکيل سفرنامن ۾ ملايا جو ذڪر سينگارپور ۽ هانگ ڪانگ ۽ انڊونيشيا جي ملڪن سان گڏ گاهي گاهي ايندو هو، پر نيٺ اتي به الطاف يڪا ساڍا ٽي سال رهي ته صرف هنن جي مئرين ايڪيڊميءَ کي اوج وٺايو، پر هنن ساده مزاج، ساده لباس ۽ سادو کائيندڙ ۽ سادو هنڊائيندڙ مسلمانن جي ملڪ جي حالتن ۽ ماڻهن جو تفصيل سان جائزو وٺي هي سفرنامو تيار ڪيو آهي.

الطاف جا سفرناما پڙهندڙ دنيا جي ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، موسميات، رسم و رواج، عادات و اطوار، بين الاقوامي تعلقات، معاشيات ويندي لسانيات کان آگاهي حاصل ڪري وٺن ٿا. ٻولين جي ٺهڻ ۽ بگڙڻ، اَميزش ۽ آلودگي بابت جنرل ناليج جو وڏو ذخيرو هنن ڪتابن مان ملي سگهي ٿو. ڊچن، پورچوگيزن، انگريزن ۽ عربن جي تسلط سان ملائيشيا جي ٻولي ۽ تمدن ۾ جيڪي اثرات مربت ٿيا آهن، تن جو ذڪر الطاف جي هن ڪتاب کي تحقيقي ڪتاب جي درجي تائين کڻي ويو آهي.

مطلب ته الطاف جي سڀني سفرنامن ۾ هرمزاج ۽ هرمذاق جي پڙهندڙن لاءِ گهربل مطلوبه مستند ۽ تازه ترين مواد موجود آهي. ان سان گڏوگڏ ”مڪلي کان ملاڪا تائين“ به الطاف پنهنجي دستور موجب مليشيا جي حالتن کي سنڌ جي حالتن سان ڀيٽ ڪندو آيو آهي.

”مڪلي کان ملاڪا تائين“ جي مطالعي مان ٻي جيڪا مزيدار يا حيرت انگيز معلومات ملي ٿي سا اها آهي ته هتي هڪ هڪ پاڙي ۾ ڏهه ڏهه زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهو ڏاڍي سلوڪ سان رهيا پيا آهن ۽ انهن جا ٻار جدا جدا ٻوليون ڄاڻڻ جي باوجود گهٽين ۾ مزي سان پيا کيڏين.

اڃا به حيرت انگيز ڳالهه اها ٿو ٻڌائي ته هڪ هڪ گهر ۾ ٻه ٻه يا ٽي ٽي ٻوليون ڄاڻندڙ ورهين کان گڏ رهن پيا ۽ ساڳي طرح هڪ ئي گهر ۾ ٻه يا ٽي جدا ڌرم ۽ مذهب اختيار ڪندڙ به پيار سلوڪ ۾ رهيا پيا آهن.

الطاف هتي ملائيشيا ۾ به هميشہ وانگر سنڌي ڳالهائيندڙ ڪٽنبن کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن لاءِ آءٌ کيس مبارڪباد ڏيندس. هن ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ ملاڪا ندي جي ڪناري تي جيڪا بازار آهي اتي دوڪان نمبر 20 ۾ سيٺ چوهڙمل جو وڏو دوڪان آهي، جيڪو پاڪستان کان گهڻو اڳ هتي لڏي آيو هو، جڏهن ملائيشيا اڃا غريب ملڪ هو ۽ غير ملڪين جي ڪالوني هو. ڪاڪي چوهڙمل سان سندس ڪچهرين جا تفصيل ايترا ته طويل آهن جو هنن ڪالمن ۾ سمائي نٿا سگهجن، البت اهو ٻڌائيندس ته الطاف جي هن سنڌي ڪٽنب سان عليڪ سليڪ ۾ هنن هڪ ٻئي کي خلوص ۽ محبت جون جهوليون ڀري پيش ڪيون.

هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. سهڻي سرورق سان ان جي ڇپائي عمدي آهي ۽ تصويرن سان ڪتاب وڌيڪ دلچسپ بڻيو آهي.

     ـــــ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي

(6) چنڊ، چنبيليءَ ول

هتي اِها ڳالهه دهرائڻ ته شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر آهي، انتهائي روٽين ۽ يُويل ڳالهه ٿيندي. ڇو؟ اِن ڪري جو هو عظيم آهي ۽ عظيم رهندو ۽ سنڌي ادب جي تاريخ اِن ڳالهه کان ڪڏهن اکٻوٽ ڪانه ڪري سگهندي. ڪي ڪميون پيشيون رڳو هن جي شخصيت ۾ ٿي سگهن ٿيون، تخليقن ۾ هرگز نه. جيڪر ڪن تخليقن ۾ ڪي گهٽنائون آهن به ته اُهي سڀاويڪ چئبيون، جو ڪنهن به وڏي ۽ عظيم شاعر جون سڀ تخليقون مٿاهيون، اعليٰ ۽ عظيم ناهن هونديون. اياز جي تازو ڇپيل مختلف شعري مجموعن ۾ آيل شاعريءَ کي به اِن ڪسوٽي تي پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. ظاهر آهي، انهن مجموعن ۾ آيل شاعريءَ مان اڪثر شاعري خوبصورت، متاثر ڪندڙ ۽ اتساهيندڙ آهي ۽ جيڪا باقي شاعري آهي، يعني جيڪا هلڪي ڦلڪي آهي، اُن تي به هڪ وڏي شاعر جي ڇاپ البته موجود آهي.

گذريل ٿورن سالن کان، اياز جا لاڳيتا شعري مجموعا ظاهر ٿيا آهن ۽ انهن مجموعن مان ’پتڻ ٿو پُور ڪري‘ کان ’چنڊ چنبيليءَ ول‘ تائين، هر مجموعي ۾ هن پاڻ کي نئين سنئين ڊسڪورَ پئي ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڏات جي ڪرشمن سان پڙهندڙن جو ڌيان پئي ڇڪرايو آهي. لفظ جيڪي گم ٿي ويا هئا، جن جا پَر ڪپجي ويا هئا، اياز انهن کي ٻيهر اُڏام ڏني آهي. هن ٻيهر ميرن سيرن ۽ وڃايل پئسن جهڙن لفظن کي، مٽيءَ تان کنيو آهي ۽ پنهنجي آڱرين جي ڇهاءُ سان، انهن ۾ چنڊ جهڙا اجرا ۽ چنبيليءَ جي گُلن جهڙا سڳنڌ ڀريا شعر لکي، اهو ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجن ڪن همعصرن وانگر جمود جو شڪار بلڪل ناهي ۽ هن هر دفعي هر نئين مجموعي ۾ پنهنجن شعرن کي نئين ۽ خوبصورت ڊڪشن سان انٽروڊيوس ڪري اهو پڻ ثابت ڪيو آهي ته هُن وٽ چوڻ لاءِ، متاثر ڪرڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه موجود آهي.

اياز سنڌي شاعريءَ جو اُهو ستارن جڙيل آسمان آهي، جنهن وٽ شعرن جي ايتري نه جهرمر آهي جو جيئن آسمان جا ستارا نٿا ڳڻي سگهجن، ائين سندس شعرن جو تعداد به ڪٿي نٿو سگهجي ۽ ڪٿ ته خير پنهنجيءَ جاءِ تي، هتي صرف هڪ صحفي ۾ اياز جي شعرن پرک ممڪن ئي ڪونهي، سواءِ اِن راءِ ڏيڻ جي ته پکيءَ جي اڏامي وڃڻ کان پوءِ، وڻ جي ٽاري ته بيشڪ ٻيهر ساڳي ريت ٿيو ٿي وڃي، پر اياز جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ ذهن ساڳيو نٿو رهي. اُهو ڪجهه ٻيو ٿيو وڃي ۽ ڪجهه ٻي طرح سوچڻ لڳندو آهي. اياز هن مجموعي، جنهن جو نالو چنڊ چنبيليءَ ول آهي، اُن جي شاعري به وجود تي آرپار ڦهلجي ويندڙ شاعري، آهي. ٻين مجموعن وانگر، هن مجموعي ۾ آيل نظم، گيت، وايون ۽ ٽه سِٽا به پنهنجو پاڻ ۾ وڏي معنيٰ ۽ خوبصورتي رکن ٿا. اياز انهن صنفن مان هر صنف کي فريش بِلڊ ڏنو آهي. شاعري کي لفظن جو فن چيو ويندو آهي. پر اياز جي هي ’چنڊ چنبيليءَ ول‘ ۾ آيل شاعري محض لفظن جي فنڪاري ڪانهي. اُها پنهنجي زماني جي روماني، روحاني ۽ سماجي وارداتن جو به اظهار ڪري ٿي ۽ اهو اظهار نون اميجز، استعاون ۽ تشبيهن ۾ ڪيل آهي. اهڙن عڪسن ۽ اميجز ۾، جيڪي اهڃاڻي نه هوندي به ڪنهن حد تائين اهڃاڻي آهن، سچا آهن، خوبصورت آهن ۽ ذهن کي پنهنجي جڪڙ ۾ جڪڙين ٿا (۽ منهنجي ناچيز راءِ ۾) شيخ اياز جو هي مجموعو، جنهن جو خوبصورت ٽائٽل فتاح هاليپوٽي ٺاهيو آهي ۽ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن ڇپرايو آهي، سندس ٻين شعري مجموعن وانگر، سنڌي ادب ۾ نهايت اهم، منفرد ۽ مٿاهين جڳهه والاريندو.

ـــــ نصير مرزا

(7) سچل سارو سچ

سچل سرمست يادگار ڪميٽي هر سال سچل سائين جي عرس جي موقعي تي پڙهيل مقالن ۽ شاعريءَ کي مرتب ڪرائي شايع ڪرائيندي آهي. هن کان اڳ انهيءَ سلسلي جا پنج ڪتاب پڌرا ٿيا آهن. جن ۾ پنجاهه تحقيقي مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ’سچل سارو سچ‘ پڻ سرمست سلسلي جي ڇهين ڪڙي آهي، جيڪا سنڌيءَ جي اوچ ڪوٽيءَ جي شاعر ۽ هن ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري تنوير عباسي مرتب ڪئي آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ تنوير عباسي ’پنهنجي پاران‘ ۾ انهيءَ سلسلي جي روئداد پيش ڪئي آهي ۽ ان کان پوءِ شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ 13 مختلف شاعرن جو ڪلام سچل جي حضور ۾ عقيدت جي گلن جي ڀيٽا طور پيش ڪيل آهن. ٻيو ڀاڱو مقالن جو آهي، جنهن ۾ سچل سرمست تي محمد علي حداد جي تيار ڪيل اضافي ببليو گرافي پڻ شامل آهي.

هي سلسلو پڪ سان سچل سرمست ۽ سندس ڪلام کي پرکڻ ۽ پروڙڻ ۾ وڏي مدد جو ڪارڻ بنبو ۽ سچل تي تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ سونهين جو ڪم ڏيندو.

ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب آفسيٽ پني تي 98 صفحن تي مشتمل آهي. ٽائيٽل قيوم منگي ٺاهيو آهي. 15 رپين ۾ سچل سرمست يادرگار ڪميٽي خيرپور کان گهرائي سگهجي ٿو.

ـــــ ولي رام ولڀ

(8) سفر زندگيءَ جو

ڪتاب ”سفر زندگيءَ جو“ سنڌ جي ڪهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر عبدالڪريم ”گدائي“ جي زندگيءَ جي سفر جي مرحلن جو مختصر ۽ جامع احوال آهي. هي ڪتاب جيڪب آباد جي اديب غلام نبي ”صابر“ سڌائي جو ”گدائي“ سان عقيدت ۽ محبت جو سهڻو اظهار آهي. ڪتاب جي اهميت هن مان ئي ظاهر آهي، جو سنڌ جي چند برک اديبن ڪتاب تي پنهنجا بهترين رايا لکيا آهن، جيئن ڊاڪتر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر محمد علي سانگي، ڊاڪٽر غلام سرور سولنگي، خان محمد پنهور ۽ فتاح عابد.

ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ گدائي جي ادبي، سماجي، صحافتي ۽ سياسي زندگي جو احوال آهي، پر ان کان علاوه صحافت جي معنيٰ، مفهوم ۽ جيڪب آباد جي صحافتي دنيا جو به گهڻو مواد شامل آهي. انهن سڀني پهلوئن جو حق ادا ڪيو ويو آهي.

مطلب ته ڪتاب ”سفر زندگي جو“ صابر سڌائي صاحب تمام محنت ۽ محبت سان لکيو آهي ۽ گدائي جي سڀني رخن کي اجاگر ڪيو آهي.

ڪتاب ”سفر زندگي جو“ ۾ سؤ صفحا، ڊيمي سائيز، وچولو سرورق ۽ سادي پني تي ڇپيل آهي. ”سگا“ آفيس جيڪب آباد ۽ هر وڏي بڪ اسٽال تان ڪتاب ملي سگهي ٿو ۽ ڪتاب هر لائبريري جو سينگار آهي.

ـــــ عبدالرسول قادري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com