سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :5

• ”پچارون پرين جون محبتين مرڪ“. هن سٽ جي ٻن لفظن ’پرين‘ ۽ ’محبتين‘ کي جيڪڏهن ’هِجي‘ مطابق زيرون زبرون ڏيئي ”پِ + رِ + يَنِ“ ۽ ”مَ + حَ + بَ + تِ + ينِ“ لکجي ۽ ائين اچارجي ته سِٽ جو وزن ٽٽندو. جئن ته لفظن ’پرين‘ جي ’رين‘ ۽ لفظ ’محبتين‘ جي ’تين‘ ۾ اُچار سميٽيل آهن، انهيءَ ڪري انهن لفظن کي (حرف ’ي‘ جي زير زبر کان سواءِ) ’پِرينَ‘  ۽ ’محبتين‘ جي صورت ۾ لکيو ويو آهي: يعني ته ٻنهي لفظن ۾ جن حرفن تي زير زبر ڏنل ناهي، تن جو اُچار ملائي ڪرڻو آهي. اهڙيءَ طرح ’ڪاڻيارِين‘، واڍ وڙين ۽ ٻين اهڙين لفظن جي پوين جُزن ’رين‘ ۽ ’ڙين‘ جو اُچار ملائي ڪبو. اهڙين صورتن ۾ ’ي‘ تي ڪابه زير زبر ڪانه ڏني وئي آهي.

• ڪن لفظن کي شاهه صاحب ’سميٽيل‘ توڙي ’ورڇيل، اچارن جي صورت ۾ آندو آهي.

مثلاً:

--- جن ساهڙ ساڻ صلاح، سي ڪِينَ ٻُڏندِيون ڪڏِهِين،

--- ساڻي جن الله، ٻُجهان سي نه ٻُڏَندِيُون

وزن جي لحاظ سان پهرين سٽ ۾ ’ٻڏنديون‘ ڄڻ ’فعولن‘ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ جو پوئين جز ’ديون‘ جو اُچار سميٽيل آهي، انهيءَ ڪري فقط ’د‘ جي هيٺان زير ڏني وئي آهي ۽ باقي حرف خالي ڇڏيل آهن. ٻيءَ سٽ ۾ ’ٻڏنديون‘ ڄڻ ’مفاعلن‘ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ جو پوئين جز ’ديون‘ جو اچار ورڇيل آهي ۽ انهيءَ ڪري ’دِيُون‘ جي نه فقط ’د‘ هيٺان زير پر ’يون‘ جي ’ي‘ مٿان به پيش ڏنو ويو آهي. پهرين سٽ ۾ ’ڪَڏِهِين‘ جي ’ڏ‘ ۽ ’هه‘ هيٺان زيرون ڏنيون ويون آهن؛ ڇاڪاڻ جو هتي ’ڪڏهين‘ جو اچار سميٽيل صورت وارو ناهي، پر وزن جي لحاظ سان ’ورڇيل‘ صورت وارو آهي.

• هيٺئين بيت ۾ ’ڪڙيون‘ جي پوئين جز جو اچار سميٽيل آهي، پر ’اُڀرئام‘ ۽ ’سامهان‘ لفظن ۾ اچار ورڇيل آهن، جن کي زيرن زبرن سان نروار ڪيو ويو آهي.

ڪوماڻا ڪڙِيون ڪري، چاڪ اُڀرَ ئامِ،

واري ويڄَ ڏِنامَ، ڏنڀ ڏُکندي سامُهَان.

اهڙيءَ طرح موجوده متن ۾، وزن جي تقاضا موجب، لفظن جي سميٽيل اُچارن کي زيرن زبرن کان آجو ڪيو ويو آهي؛ پر جيڪڏهن وزن خاطر ڪن حرفن جو اُچار چٽو ڪرڻو آهي ته چٽائي خاطر انهن تي زيرون زبرون ڏنيون ويون آهن.

قافيا:

شاهه جي بيتن ۽ واين جو هر قافيو زبر زير، پيش سميت مڪمل طور صحيح ۽ سهني سٽاءَ وارو آهي. شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ آندل قافيا، ٻين شاعرن جي قافين واري معيار کان گهڻو مٿي آهن. انهيءَ برتري ۽ ڪمال جو سبب اهو آهي جو شاهه جو شاعرانه شعور سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ ميٺاج توڙي لفظن ۾ سمايل صورت ۽ ترنم سان هم آهنگ آهي. عام معيار مطابق، ساڳئي نظم ۾ قافين وارن لفظن جو ’مجموعي طور‘ تي هڪ ٻئي سان هم آواز هجڻ ڪافي آهي، پر شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ آندل قافين ۾ ڄڻ ’ڪلي مطابقت‘ آهي. يعني ته قافين وارا لفظ سڄي جا سجا، يا انهن خاص ڀاڱن ۾ جن مان قافين جو بنيادي آواز نروار ٿئي ٿو، زير زبر پيش سميت هڪ ٻئي سان هم آواز آهن. شاهه جي قافين جي سٽاءَ جو اهو ڄڻ ڪلي قاعدو آهي، بلڪ ڪسو وٽي آهي، جنهن تي ڪنهن بيت (يا وائيءَ) کي پرکي سگهجي ٿو ته اهو شاهه جو آهي يا نه. اهو ’ڪلي قاعدو‘ انهيءَ ڪري آهي جو ان کان جيڪي جزوي اختلاف يا ’آجايون‘ (مُستشنات يا (Exceptions آهن سي محدود ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون آهن؛ ۽ جيئن ته اهي ٿوريون ئي آهن، انهيءَ ڪري ’ڪلي قاعدي‘ جي تصديق ڪن ٿيون ۽ ان کي وڌيڪ وزندار بنائين ٿيون.

(الف) ’قافين ۾ ڪُلي مطابقت‘. هن معيار جا هيٺيان مثال غور طلب آهن:

(1)

وَحد تان ڪثرتَ ٿِي، ڪثرتَ وحدت ڪُلُ،

حقُ حقيقي هيڪڙو، ٻولِي ٻي مَ ڀُلُ،

هُو هُلاچو هُلُ، بِالله سندو سڄڻين.

جيڪڏهن قافين وارن انهن لفظن (ڪُلُ، ڀُلُ، هُلُ) مان ’ڪُلُ‘ جي بجاءِ ’ڪَلَ‘ يا ’هُلُ‘ جي بدران ’هَلَ‘ هجي ها ته اهڙا قافيا شاهه جي قافين جي معيار کان گهٽ هجن ها، ۽ چئجي ها ته اهو بيت شاهه جي شاعرانه معيار کان گهٽ آهي ۽ انهيءَ ڪري شاهه جو نه آهي.

(2)

اَوتڙِ ڪـّنہِ نه اولِئا، سُتڙ وئا سالِمَ،

هٻيڪان ئي هيڪُ ٿِئا، اَحدَ سين عالِمَ،

بي بها بالِمَ، آگي ڪِئا آڳهِين.

قافين وارن لفظن (سالِمَ، عالِمَ، بالِمَ) مان جيڪڏهن ڪوبه هڪ ’م‘ جي پيش سان هجي ته چئبو ته اهڙو بيت شاهه جي معيار مطابق ناهي.

(3)

وَحدهُ لاشريڪ لہٗ، جَڏهِن چيو جَن،

تَنِ مَڃيو مُحمَّد ڪارڻي، هيجان ساڻ هِنيَن،

تڏهن منجهان تَن، اوتڙِ ڪونه اولِئو.

هن بيت جي قافين (جَنِ، تَن، هِنيَنِ) مان ’هِنيَنِ‘ ۾ قافيي جو بنيادي آواز ’يَن‘ آهي، جنهن جي ’جَن‘ ۽ ’تنِ، لفظن سان ڪُلي مطابقت آهي. جيڪڏهن انهن سان گڏ هڪ چوٿون قافيو ’ٻِن‘ يا ’گُنُ‘ هجي ها ته اهڙو بيت شاهه جي معيار کان هيٺ ٿئي ها.

(4)

وَحدهُ، جي وڍئا، ڪِئا ’اِلاالله‘ اَڌَ،

سي ڌڙ پَسي سَڌَ، ڪنهن اڀاڳي نه ٿيي.

هن بيت ۾ جيڪڏهن ’سَڌَ‘ بدران قافيو ’سُڌِ‘ هجي ها ته اهڙو بيت شاهه جي معيار کان گهٽ ٿئي ها.

(5)

اَڳيان آڏين، وَٽِ، پوينِ سِرَ سَنباهِيا،

ڪاٽ ته پوءِ قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀانئيين گهَٽِ،

مَٿا مَهابن جا پِئا نه پَسين پَٽِ،

ڪَلاڙڪي هَٽ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وهي.

وَٽِ، گهَٽِ، پَٽِ، هَٽِ، لفظن مان جيڪڏهن ڪوبه هڪ لفظ زير زبر ۾ ڦريل هجي ها، جيئن ته (وَٽُ، گهُٽَ يا گهَٽ، پُٽُ يا پَٽُ ۽ هَٽُ) ته هيءُ بيت شاهه جي معيار کان گهٽ ٿئي ها.

(6)

ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وڍيندڙَ هٿَ ۾،

پسئو پَر عجيب جِي، لِچئو وڃي لوهُ،

عاشقَن آندوهُ، سدا معشوقَن جو.

ڏوهُ، لوهُ، آندوهُ مان جيڪڏهن ڪنهن به لفظ ۾ ’ه‘ تي زبر هجي ها ته شاهه جي معيار جي لحاظ سان قافيو ناقص ٿئي ها.

(ب) ڪُلي قاعدي کان آجائي واريون صورتون : شاهه جي قافين جي هن ڪُلي قاعدي ۾ البت ڪي آجايون آهن، جن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

(1) ڪِئا، پِئا، ٿِئا، ڌُئا (ڪلياڻ …): ڪُلهي قاعدي موجب، ’ڌُئا‘ جي ’ڌال‘ هيٺيان زير هئڻ گهرجي ها، پر هت قاعدي کان آجائي آهي.

(2) آڳاٽي سنڌي ۾ ڪن اُچارن جي مٽ سٽ سببان ’هڪجهڙائي‘ واري گماني صورت پيدا ٿي آهي ـــــ جيئن ته ’ء‘ ، ’ي‘ ۽ ’هه‘ ۾ اُچارن جي هلڪائي سببان؛ ’ڱ‘، ’ڃ‘، ’ل‘، ’م‘ ۽ ’ن‘ ۾ غُنائي سببان؛ يا ماضي ۾ ’ذ‘، ’ز‘ ۽ ’ڄ‘ ۾ ڪن مقامي ٻولين جي مخصوص محاورن يا لهجن سببان. اُچارن جي انهيءَ مٽ سٽ ۾ هڪجهڙائي جو عڪس شاهه جي قافين ۾ پڻ موجود آهي. مثلاً:

ـــ اِيئَن، نِيهَن، ڪِيَئنَ (’ء‘ ۽ ’هه‘ جي هلڪن اُچارن جي هڪجهڙائي ۽ مٽ سٽ)

ـــ چاهِ، لاءِ، اونداهِ، باهِ   “       “       “       “

ـــ دَنُهان، سَهان، چوئان “       “       “       “

ـــ ڏيئِي، پيهِي، ٻيئِي، وِيئي   “       “       “

(3) جيڪڏهن قافيي وارن لفظن ۾، آخري حرف کان اڳ ’ا، و، ي‘ وارا ڊگها اُچار موجود آهن ته اِن صورت ۾ زير، زبر يا پيش واري آخري حرف کي ساڪن ڪري ڄاڻبو: يعني ته جيڪڏهن ڪنهن بيت يا وائي جي قافيي وارن لفظن جي آخري حرف تي صرف نحو جي لحاظ سان زير، زبر يا پيش اچڻ گهرجي ته به قافيي جي لحاظ سان اهو ساڪن ڪري ڄاڻبو. اڃا به وڌيڪ ائين وهڃائي چئجي ته زير، زبر، پيش واري اختلافي حالت ۾، قافيي وارن لفظن جي آخري متحرڪ حرف جو اُچار، اعراب جي پابنديءَ بدران قافين جي برابريءَ خاطر ساڪن ڪري سمجهبو، بشرطيڪ اهڙن متحرڪ حرفن کان پهريائين ’1، و، ي‘ وارا ڊگها اُچار هجن. مثلاً

جيڪي ڏٺئي تار ۾، ڪنڌيءَ سو ڪهيج،

جَر وڏو جهاجهه گهڻي، پاند مَ پُسائيج،

ساهڙُ ساڱاهيج، ته ثابت لنگهين سير مان.

رسالي جي گ پ ظ ح ع ج ک ر نسخن ۾، هن بيت جي ٽنهي سٽن ۾ ’ج‘ جي هيٺان زير ڏنل آهي؛ پر هه د ــ ا دــ2 د ــ س ن نسخن ۾، ٽنهي سٽن ۾ ’ج‘ مٿان پيش ڏنل آهي. صرف نحو جي لحاظ سان ’ڪهيج‘ امر استقبال آهي، جنهن جي ’امر‘ واري بنيادي صورت ’هه‘ جي پيش سان ’ڪَههُ‘ آهي؛ انهيءَ ڪري امر استقبال (ڪهيجُ) ۾ به ’ج‘ تي پيش ايندو. ٻيءَ ۽ ٽيءَ سٽ ۾، امر واريون بنيادي صورتون (’ء‘ ۽ ’هه‘ جي زير سان) ’يساء‘ ۽ ’ساڱاهه‘ آهن، انهيءَ ڪري امر استقبال واري صورت ۾ پڻ ’پسائيج‘ ۽ ’ساڱاهيج‘ جي ’ج‘ هيٺان زير ايندي. اهڙيءَ طرح قافيي وارا ٽي لفظ پنهنجي اصلي صورت ۾، ڪهيجُ، پسائيج ۽ ساڱاهيج بيهندا. پر جيئن ته انهن قافين ۾ پڇاڙي واري ’ج‘ کان اڳ ۾ حرف علت ’ي‘ آيل آهي، انهيءَ ڪري ٽنهي سٽن ۾ ’ج‘ کي ’متحرڪ‘ بدران ’ساڪن‘ ڪري ڄاڻبو.

(4) د ۽ ڌ، ن ۽ ٿ، ڙ ۽ ڙهه وارا ’هه‘ کان خالي توڙي ’هه‘ سان ڀريل جوڙا حرف، ساڳئي بيت يا ساڳي وائي جي قافين جا آخري حرف ٿي سگهن ٿا، جيئن ته

ـــــ ٻوڙا، گهوڙا، ڳوڙها.

ـــــ رتُ، شرطُ، گرٿ.

ـــــ رَندُ، مـَندُ، ڪنڌ.

(5) ساڳيو لفظ، ساڳئي بيت يا ساڳي وائي ۾ فقط هڪ ڀيرو قافيي طور ايندو. جتي ساڳيو لفظ ٻه دفعا قافيي طور آيل آهي ته اِها ڄڻ اِن ڪُلي قاعدي کان ’آجائي‘ واري صورت آهي.

قلندري طريقو                                  

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

صوفيائي ڪرام جي سلسلن ۾ قلندري مسلڪ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. حضرت قلندر شهباز جي ذات، ان جي فڪر ۽ مقصد کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته قلندري طريقي کي سمجهيو وڃي، سندس فڪر پيغام، مستيءَ جي مقصد ۽ مفهوم کي ذهن نشين ڪيو وڃي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سندس مقصد جو جائزو ورتو وڃي.

”قلندر“ دراصل صوفيائي ڪرام جو وضع ڪيل هڪ اصطلاح آهي. طريقت جي انهن سالڪن کي ”قلندر“ چيو ويندو آهي، جن جو ظاهري عمل ماڻهن کي ايڏو گهڻو نظر نه اچي، پر قلبي عمل تمام گهڻو هجي. غير حق ڏانهن ٿورو به ڌيان نه ڏيڻ، پنهنجي رٿا، سٽا ۽ خواهش کي ختم ڪري، راضي به رضا رهڻ ۽ ان ۾ ئي دل جو سڪون حاصل ڪرڻ، واردات قلبي جو حق ادا ڪرڻ؛ مطلب ته سموري توجهه جو مرڪز ۽ محور دل جي روحاني جذبن کي بنائڻ، قلندريءَ جون وصفون آهن. انهيءَ لحاظ کان قلندري طريقي جا ٻه جزا چيا ويندا آهن. هڪ زهد، ٻيو محبت. مطلب هي آهي ته فقط هڪ جو ٿجي ۽ ٻين کي ترڪ ڪري ڇڏجي. حضرت خواجه عبيدا فرمايو آهي:

”پاڻ کي مناعا کان مجرد ڪرڻ، يعني نفس جي ابتڙ هلڻ ۽ جيئن حق تعاليٰ جي طرفان هجي، تيئن ڪرڻ، قلندري طريقو آهي.“

تحقيقات الصوفيه جو صاحب لکي ٿو:

”قلندر انهيءَ کي چئبو آهي، جو تارڪ الدنيا هجي، مجرد گذاري ۽ نفسياتي لذتن کان پري هجي.“

هڪ سنڌي شاعر، قلندري طريقي جي وصف ڏانهن اشارو ڪندي، حضرت قلندر شهباز جي مدح ۾ چيو آهي:

”تارڪ الدنيا و مافيها، قلندر تنهنجو نام.“

ڪشف اللغات ۾ آيو آهي:

”قلندر انهيءَ کي چوندا آهن، جو ٻنهي جهانن کان آزاد هجي، يعني پالهو هجي ۽ خاص معبود ۾ محو هجي.“

مطلب ته پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ، الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهڻ، پنهنجي جذبن، خواهشن، رٿائن ۽ سٽائن کي ترڪ ڪرڻ، استغناء، عالي همتي، لاڳيتي ڪوشش ۽ جهد، قلندري طريقي جي وصف جا مختلف جزا آهن. انهيءَ ڪيفيت يا اعليٰ وصف جو نالو ”مستي“ آهي، انهيءَ ڪري ”مستي“، قلندري طريقي جو اهڃان سمجهيو وڃي ٿو.

مستي: مستي ڪنهن خاص طريقي جو نالو نه آهي، پر مستي انهيءَ حالت يا ڪيفت جو نالو آهي، جو طالب دنيا و مافيها ۽ خود پاڻ کان لاتعلق هجي ۽ سدائين ذات مطلق ۾ محو هجي. حضرت سچل سرمست مثنوي رهبر نامہ ۾ مستيءَ جي تشريح هن ريت ڪئي آهي؛

مستي آنست که از خود رهد،

غافل از کار جهاني مي شود.

يعني مستي اُها آهي، جو انسان پاڻ کان آزادي حاصل ڪري ۽ دنياوي ڪمن ڪارين کان بي خبر بڻجي وڃي. هڪ ٻئي هنڌ حضرت سچل سرمست فرمايو آهي ته سڀئي دوست جذب ۽ مستيءَ سي عالم ۾ خودپرستيءَ کان توبهه ڪرڻ لڳا.

ياران همه جذب و مستي،

شد تو بر کنان ز خود پرستي.

اهوئي سبب آهي جو حضرت سچل سرمست مستيءَ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو ۽ مستيءَ کان سواءِ هر ڳالهه کي بيوقوفي ۽ بي خبري تصور ڪري ٿو.

اين که خبر مستي همه ناقابل ست،

غافلي و غافلي و غافلي ست.

ان مان معلوم ٿيندو ته ”مستي“ عشق الاهي جي هد ــ ڪمال جي نشاني آهي. حضرت قلندر شهباز واري مستي جي تشريح ڪندي رئيس ضياء الدين مرحوم لکيو آهي: ”قلندر واري مستي جذباتي ۽ تصوراتي انسان جي همت جو مظهر آهي، جا حق ۽ انصاف ڪري اُڀري آهي ۽ حالات جي دستور موافق تمام توثيق سان عمل جو رستو اختيار ڪيائين، جو تردد ۽ تاويل جي وهمن کان بالاتر هو. مستيءَ جو حرف ”ميم“ آهي، سو منهنجيءَ نظر ۾ محنت، مدد ۽ مجاهدي لاءِ آهي، جي صحيح عمل جا سرچشما آهن. ”س“ سخاوت لاءِ اچي ٿو. جو صحيح عمل لاءِ موزون قدم ۽ مقصد اهي. ”ت“ تضرج جو بيان ڪري ٿي، جنهن جي معنيٰ آهي: مکڙيءَ جو کلڻ، ڳلن جو ڳاڙهو ٿيڻ، رت ۾ ڳاڙهو ٿيڻ، يعني قرباني ۽ شهادت جي نشاني؛ ”ي“ جي معنيٰ آهي، ”يم“، ٻوڏ جو اچڻ ۽ درياهه جو چڙهڻ … قلندر جو لال پوشاڪ لاءِ ذوق ۽ هن جو خود لقب ”لال“ تضرج مان نڪتا آهن. مينديءَ جي تقريب به خون جي لالاڻ لاءِ مثال آهي ۽ هن جي مستيءَ جي موج جو مظهر آهي. ان جو سبب هيءَ هي، ته منصور جي مستيءَ وانگر قلندر جي مستي عارضي ۽ بي هوشيءَ واري نه هئي، پر مسلسل باهوش ڪيفيت هئي. مگر منصور جي خلاف قلندر جو مقصد خود قرباني (عبادت) هو ۽ نه انا (الوهيت). قلندر جي مستي جو عرض خود نمائي نه هو، پر الله جي محبت هئي. ان جو هڪ معمولي پهلو ”مجاهد بالسيف“ آهي. طور طريقي ۾ هيءَ مستي خشوع ۽ خضوع جي بهترين شڪل آهي، هن جون ڪمانون فقر ۽ ايثار آهن.

انهيءَ روحاني قوت جي اثر جي ڪري قلندر جي هڪ ادا معجز نما ٿي وڃي ٿي، ان جي هڪ نظر ڪيميا اثر اهي فتوحات حاصل ڪري ٿي، جيڪي ڪنهن بادشاهه جون فوجون به حاصل ڪري نه ٿيون سگهن. پر جيڪڏهن ڪنديون به ته نتيجو رحماني بدران شيطاني ظاهر ٿيندو.“

تاريخ جي ورق گرداني مان معلوم ٿيندو ته مستيءَ جي ڪيفيت سبب انسان عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. حضرت ابرهيم عليہ السلام جو باهه ۾ ٽپي پوڻ ۽ پنهنجي فرزند کي الله تعاليٰ جي حڪم موجب قربان ڪرڻ، مستيءَ جي مفهوم جا مظهر آهن. انهيءَ ڪري کيس خليل الله جو خطاب مليو. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا، جهڙوڪ: حضرت اسماعيل عليہ السلام جو الله تعاليٰ جي حڪم موجب پنهنجو پاڻ کي الله تعاليٰ جي حوالي ڪرڻ؛ ٻنهي جهانن جي سردار، رحمت للعالمين جو جوش ۾ اچي، ڪافرن جي لشڪر تي مٽيءَ مٺ اڇلائڻ، جنهن تي الله تعاليٰ آيت نازل فرمائي، ته اها خود خدا اڇلائي هئي؛ حضرت عمر رضه جو انهيءَ مسلمان کي قتل ڪرڻ، جنهن نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جو فيصلو قبول نه ڪيو هو؛ ڪربلا جي ميدان تي حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جو شهيد ٿيڻ؛ عبدالرحمان بن طارق جو اسپين جي سامونڊي ڪناري تي ٻيڙا ساڙي ڇڏڻ؛ ٽيپو سلطان جو ڀڄي جان بچائڻ جي بدران، لڙندي شهيد ٿيڻ؛ حضرت اويس قرنيءَ جو حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي محبت ۾ سمورا ڏند ڪڍي ڇڏڻ؛ مخدوم بلال جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ؛ شاهه عنايت سهيد جو شهيد ٿيڻ؛ غازي عبدالقيوم جو ٻنهي جهانن جي سردار جي محبت ۾ بي اختيار ٿي نٿورام کي ڪورٽ ۾ قتل ڪرڻ، سيد احمد شهيد بريلوي جو اسلام جي راهه ۾ وطن ڇڏڻ، پراهان پنڌ ڪرڻ، جهاد ڪرڻ ۽ شهيد ٿيڻ؛ پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله شاهه ثاني جو انگريز حڪومت سان مقابلو ڪرڻ ۽ شهيد ٿيڻ؛ مولانا عبيدالله سنڌي جو آزاديءَ جي راهه ۾ جلاوطن ٿيڻ ۽ صعوبتون سهڻ؛ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جو انگريزن کان نفرت جي اظهار طور مال ملڪيت، گهر تڙ ۽ ٻنيون ٻارا ڇڏي، غريب الوطن ٿي جان، جان آفرين جي حوالي ڪرڻ وغيره.

اوهان جيڪڏهن تاريخ جو مطالبو ڪندا ۽ دنيا جي حالات جو جائزو وٺندا ته اوهان کي اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال ملندا. اوهان کي اهڙا سورهيه ۽ سچا ماڻهو به ملندا، جن جابر حاڪم کي منهن تي سچ چئي ڏنو يا مهاڏو ڏنو. پوءِ سر ساهه قربان ڪري سرخرو ٿيا. مطلب ته مستي اها ڪيفيت آهي، جنهن ۾ انسان حق ۽ سچ لاءِ دنيوي وسيلن ۽ ذريعن جي پرواهه نه ڪندي، مصلحت ۽ دنيوي فائدن ۽ نقصانن کي نظرانداز ڪندي، عمل جي ميدان ۾ ڪڏي پيو. تاريخ جي مطالعي مان اوهان کي اهو معلوم ٿيندو ته جڏهن اهڙي ڪيفيت جو عملي مظاهرو ٿيو آهي، تڏهن تاريخ رخ بدلايو آهي، ۽ سياسي تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن نئون رنگ روپ اختيار ڪيو آهي. حضرت قلندر شهباز جي آمد کان پوءِ سنڌ جي حالتن هڪ نئون روپ اختيار ڪيو.

مطلب ته مستي محبت جو انتهائي درجو آهي، جنهن ۾ مصلحت جي مونجهاري کان پري رهڻو پوي ٿو. مصلحت پسندي ئي مستيءَ جو ضد آهي، جيڪا خودپسندي ۽ خودپرستيءَ واري جذبي مان پيدا ٿئي ٿي، ۽ حق جي راهه ۾ سرساهه قربان ڪرڻ کان روڪي ٿي. حقيقت اها آهي ته انسان سمجهڻ ۽ پرجهڻ کان پوءِ به حق جي راهه تي هلڻ کان انهيءَ ڪري ڪيٻائيندو آهي، جو نفس سندس دل ۾ وهم ۽ وسوسا، ڀوَ ۽ ڀولا، انديشا ۽ ارمان پيدا ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح انسان نفس جي ڦندي ۾ ڦاسي، عقل پرستي ۽ خودپرستيءَ جو شڪار ٿي وڻواند ٿي ويندو آهي. مستيءَ ۾ اها ڪيفيت آهي، جيڪا انسان ۾ پختو ارادو، ثابت قدمي ۽ ايماني قوت پيدا ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو انسان سڀ ڀَرَ ۽ ڀولا ختم ڪري، بي اختيار ٿي عملي ميدان ۾ ٽپي پوي ٿو؛ ڇاڪان جو مستيءَ جو مقصد يا مول متو قرب الاهي هوندو آهي.

حقيقت اها آهي ڪائنات جون رنگينيون ۽ رعنائيون، نفس جون سڌون ۽ خواهشون انسان کي وڏي آزمائش ۾ وجهن ٿيون. شاهه لطف چيو آهي:

مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀا ائين چون، متان پاند پسائين.

اهڙيءَ حالت ۾ جڪڏهن انسان، وحي الاهي جي رهنمائي ۽ رهبري کان سواءِ فقط عقل جي غلامي هٿ ڪري، ڪائنات جي رنگينين جي ٻاهرين ڏيک ويک تي ڀنڀلجي پوندو، ۽ نفس جي سڌن ۽ خواهشن جي حصول کي پنهنجي زندگيءَ جو مول متو بنائيندو ته انسانيت جو شرف ۽ شان وڃائي ويهندو. پر جيڪڏهن سندس تعلق مالڪ حقيقيءَ جي طرفان موڪليل پيغمبر ٻنهي جهانن جي سردار سيد المرسلين محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم سان هوندو ۽  سندس عمل ان جي رهنمائي ۽ رهبري مطابق هوندو، ته کيس ڪو جوکو نه رسندو. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري چيو آهي:

ڌَڪين ڌات پئو، هينڙو لہ سنداڻ جيئن،

سنڀاري کي سڄڻين ورچي تان نه وئو.

ان مان ظاهر ٿيو ته اها مستيءَ واري ڪيفيت ئي آهي، جيڪا انسان کي نفساني خواهشن جو غلام ٿيڻ کان بچائي ٿي. هي اهو جذبو آهي، جو انسان حق جي راهه ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي پرواهه نه ٿو ڪري. شاهه لطيف انهيءَ جذبي جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن،

آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،

ويندي ڏاهه پرين، جتي جات نه پائيان.

واحد جي وصال جي واٽ اوکي ۽ اڻانگي ضرور آهي، پر جيڪي جوان سڪ سوائي رکي، محبت جي مهراڻ ۾ ڪڏي پون ٿا، ۽ عقل ۽ هوش جي بدران عشق ۽ مستيءَ کي پنهنجو رهنما ۽ هادي بنائين ٿا، انهن کي اوتڙ مان به تڙ ملي ٿو. درياءَ جي دهشت ۽ ڪُنن جا ڪڙڪا به انهن جو وار ونگو ڪري نه ٿا سگهن. هو سير مان ثابت هليا وڃن ٿا. شاهه لطيف فرمائي ٿو:

ڪِہ جِہ گهيڙ گهڙي، جنءَ اَو تَڙ تڙ ٿِئوس،

سالم ويئي سوهَڻي، ڪُنَنِ ڪين ڪِئوس،

اُهِسُ اکڙين ۾، پريان جو پِئوس،

حقا حق ٿِيوس، هئي طالب حق جي.

حضرت سچل سرمست فرمايو آهي:

اچي اوتڙياءُ، گهڙيس گهوري جندڙي،

چڙهيس ڏاڍي چاهه مان مستي موج مٿاءُ،

تَڙ لهي تڙڀاءُ، شرط لنگهي پيس شهر ۾.

انهيءَ نقطهء نگاهه کان شاهه لطيف طالب کي تلقين ڪري ٿو، ته مَئي مَتي مهراڻ جي موج، ڪُنن جا ڪڙڪا، ۽ درياءَ جي دهشت ڏسي، ڊڄي پير پوئتي نه هٽاءِ، ۽ نه وري حيلن ۽ وسيلن جو ويچار ۽ ويڃاءُ ڪري، پرينءَ جو پار ڇڏي ڏي؛ پر محبوب جي محبت من ۾ رکي، مستيءَ ۾ بي اختيار ٿي، موج ڀرئي مهراڻ ۾ ڪڏي پَوءُ.

گهڙيا سي چڙهيا، اِيَهَمَ اٿيئي،

مَئي مَتي مهراڻ ۾، پَوءُ ٽپو ڏيئي،

ته مهار مليئي، سنڀورو سيڻاهه سين.

شاهه لطيف هڪ ٻئي بيت ۾ خبردار ڪيو آهي، ته حق جي راهه ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون توکي ڀنڀلائي ڀٽڪائڻ جون ڪوششون ڪنديون، پر توکي اصل مقصد کان سواءِ ٻي ڪنهن به مقصد ۽ مصلحت ۾ دلچسپي وٺي، اهو اصل مقصد هٿان ڇڏڻ نه گهرجي. فرمائي ٿو:

هٿين پيرين مونَڙين، ڪَهج ڀَر ڪپار،

متان، ڇوري! ڇڏيين، پريتَڻي پچار،

توکي سَنَدَ سئي، سندي لَنءَ لغار،

جي هون هوت هزار، ته پاڙج ڪومَ پنهونءَ سين.

اهڙي طرح جيڪڏهن انسان مستيءَ وچان ڪُنن ۾ ڪڏي پوندو، ته درياءَ جي موج سندس وار ونگو به ڪري نه سگهندي، پر بانڪو بي پرواهه ۽ مير ملاح ٿي، لهر بحر جو حاڪم ٿي ويندو. سچل سرمست چيو آهي:

مَڪڙو ڏٺم موج ۾، تنهن ۾ مير ملاح،

مڇون مارن اوچتي، بانڪا بي پرواهه،

لهر بحر جا حاڪم ڄاڻي، شوريا وتن شاهه،

هند سنڌ تي فلڪ نه آڻن، مارن ملڪ سپاهه،

وائڙا رکن تن مٿان، ويچارا ويساهه،

آسرا اڌنين جا، آهن منجهه الله،

ڏيئي پاند پناهه، رکي وٺندو راڄ کي.

مستيءَ جي مفهوم ۾ تحرڪ کي به بنيادي حيثيت حاصل آهي. حقيقت اها آهي ته ڪائنات جي هر شيءِ ۾ تحرڪ آهي. ابن عربي فتوحات المڪيه ۾ لکيو آهي، ته ”ڪائنات جي هر شيءِ پنهنجي حالت کان ٻيءَ حالت ڏانهن هميشه منتقل ٿيندي رهي ٿي.“ معلوم ٿيو ته زندگي بيٺل پاڻيءَ مثل نه آهي، پر ان ۾ تحرڪ ۽ تسلسل آهي. انهيءَ ڪي انسان لاشعوري طور هڪ تڙپ محسوس ڪري ٿو ۽ سندس اندر مان اڌما اٿن ٿا. شاهه لطيف سر سهڻيءَ ۾ فرمايو آهي:

چوڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا،

ستي سنڀارَنِ جو، پَيُمَ ڪن پڙا،

وهڻ مون نه وڙا، سڻؤ جهانءِ جهڄي هـِنيون.

اهوئي سبب آهي جو اسلامي تصوف، تحرڪ جي تبليغ ڪري ٿو ۽ اهائي خصوصيت اسلامي تصوف کي ويدانيت کان جدا ڪري ٿي. اوهان کان اها ڳالهه ڳجهي نه هوندي ته هندو يوگين جي يوگ جا مختلف طريقا آهن. ڪو يوگي سج ڏانهن منهن ڪري، مهينن جا مهينا بيٺو هوندو، ڪو وري لڱين اگهاڙو پلٿي ماري جهنگ ۾ ويهي رهندو، ته ڪو وري هڪ ٻانهن جهلي بيٺو هوندو، ته ڪو وري ٽنگ مٿي جهلي بيٺو هوندو. ڪو دم چاڙهي ڇڏيندو، ته ڪو سنئون نئون ٿي سانت ڪري سمهي پوندو.

ان مان معلوم ٿيندو ته يوگ جا سمورا قسم تحرڪ ۽ چرپر جي مخالفت ڪن ٿا. هو اهو ٻڌائين ٿا ته تحرڪ کي ختم ڪرڻ سان ئي منزل ملي ٿي. ان جي ابتڙ اسلامي تصوف، اهو نٿو ٻڌائي، ته هڪ هنڌ ويهي، سَنڌ سڪائي ڇڏجن يا دم چاڙهي پاڻ کي بي ساهو ڪري ڇڏجي، پر هر دم سَڪاريَو ۽ سجايو ڪجي. صوفين جو چوڻ آهي:

”جو دم غافل، سو دم ڪافر“

مطلب ته اسلامي تصوف، زندگيءَ جي حقيقت ۽ ڪيفيت سان هم آهنگ آهي. ان کان سواءِ اسلامي تصوف جي تعليم جو مقصد فقط پنهنجي نفس جي اصلاح تائين محدود نه آهي، پر ٻين جي روحاني اصلاح به مقصود آهي. اهوئي سبب آهي جو صوفياءِ ڪرام خدا جي مخلوق جي روحاني اصلاح لاءِ سدائين سرگرم عمل رهيا آهن ۽ ان لاءِ ڏورانهان ڏيهه ڏوريندا رهيا آهن. حضرت قلندر شهباز کي به انهيءَ ئي مقصد ۽ مستيءَ واري ڪيفيت سير سفر ڪرايا ۽ پراهان پنڌ ڪرائي، سيوهڻ ۾ سڪونت پذير ڪرايو. حضرت شاهه لطيف سر سامونڊي ۾ چيو آهي:

سامونڊن سعيو، سدائين سفر جو،

ڪو ڏيهه چتايو، اونهي وڃن اوهريا.

مون قلندري فڪر ”مستي“ جو مفهوم ۽ مقصد سنڌ جي صوفي شاعرن جي شعر جي روشنيءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ دانشورن جي فڪر ۽ پيغام تي مستيءَ جي مهر ثبت ٿيل آهي. نه فقط ايترو، پر سنڌي ثقافت ۽ ماڻهن جي مزاج، فطرت ۽ ذهني ڪيفيت تي رندي قلندري مسلڪ جو وڏو اثر آهي. سنڌ جا ماڻهو سادا سٻاجها ضرور آهن، پر سندن سينن ۾ ايماني قوت موجزن آهي. هو سازش ۽ مصلحت مان ڄاڻن ئي ڪونه. حق جي حمايت جو هوڪو ايندو ته بي اختيار ٿي ڪڏي پوندا. انهن ڳالهين جي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن سازش جو شڪار به ٿيندا رهيا آهن. پر سندن سڌي سنئين طبيعت جي ڪري، مالڪ مٿن مهر ڪندو رهيو آهي ۽ انهن لاءِ ڀورائيءَ ۾ به ڀال ڪيا آهن. شاهه صاحب به پنهنجي مالڪ کان ”ڀورائي“ گهري آهي:

الا، ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com