سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :11

مير لطف الله عرف مير متارو             

(ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو هڪ مدبر وزير)

قريشي حامد علي خانائي

ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ ڪيترائي سياسي مدبر، اڪابر، سپهه سالار، وزير ۽ سفير ٿي گذريا آهن، جن جي حياتيءَ جو مفصل احوال اڃا تائين گمناميءَ جي ڪُن ۾ غرق آهي، ايتريقدر جو انهن جي مدفن جو صحيح هنڌ به معلوم نه آهي، ته هن وقت اهي ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ ابدي ننڊ ۾ روز محشر تائين انتظار ۾ ستل آهن. وري به ”نامہ نغز“ وارو صاحب وڌيڪ تحسين جو لائق آهي، جنهن ڪلهوڙن جي دؤر جي تاريخ تي مفصل تذڪرو لکي، ان دؤر جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن کي هميشہ لاءِ زندهه ڪري ڇڏيو آهي، نه ته سنڌ وارن جا حال هر دؤر ۾ لاغرضي ۽ لاپرواهيءَ وارا پئي رهيا آهن. اسان ڪڏهن به پنهنجن مدبرن ۽ مشاهيرن جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوش نه ڪئي آهي.

ميان نورمحمدخان ڪلهوڙو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ وڏيءَ سياسي بصيرت جو حاڪم ٿي گذريو آهي. ميان نورمحمدخان وڏو مردم شناس، مشاهدي ۽ تجربي وارو شخص هو. پاڻ نهايت ئي اعليٰ خوبين ۽ گڻن وارن جو قدردان هو. سندس دؤر حڪومت ۾ ڪيترائي بلند پايه جا عالم، حڪيم، وزير، سفير، وڪيل ۽ امير ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي فهم ۽ فراست موجب ملڪي خدمتون بجا آنديون. ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي انهن وزيرن، سفيرن، وڪيلن ۽ صلاحڪارن مان مير لطف الله عرف مير متارو وڏيءَ حيثيت ۽ شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. مير لطف الله، ميان صاحب جو خاص وزير ۽ صلاحڪار هو. سرڪاري دفتر ۽ ٻاهرين ملڪن سان خط و ڪتابت ڪرڻ جو دفتر پڻ سندس ئي سپرد هو. سرڪاري فرمان ۽ لکپڙهون ۽ حڪومت جا نازڪ ۽ منجهيل سياسي مسئلا ۽ اهم مراسلا، مير لطف الله پاڻ لکندو هو.

مير لطف الله جي شروعاتي دور ۾ جيڪي به اهم سياسي خواهه ملڪي معاملا درپيش آيا، تن سڀني ۾ هن نهايت ئي تدبر، دانشمدي ۽ سياڻپ سان پنهنجا رايا ۽ مشورا ڏنا ۽ سندس انهن راين ۽ مشورن کي ميان نور محمد خان ڪلهوڙي وٽ وڏو وزن هوندو هو. نه صرف ملڪي، بلڪ ڪلهوڙا خاندان جا گهرو مسئلا پڻ مير صاحب حل ڪندو هو، ۽ انهن ۾ کيس ڪافي دخل هوندو هو.

مير لطف الله جا مفصل خانداني حالات پوريءَ طرح معلوم ٿي ڪونه ٿا سگهن، البت سڌ جي ڪن مؤرخن ۽ تذڪره نگارن مير صاحب جي باري ۾ ڪجهه احوال نهايت ئي مختصر نموني ۾ بيان ڪيا آهن. ”گلدسته نورس بهار“ جي بيان مطابق مير لطف الله کي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. پاڻ سنڌ ۾ گهڻو ڪري پنهنجي عرفي نالي ”مير متارو“ سان مشهور رهيو آهي. سندس حياتيءَ جي احوال متعلق شمس العلماء مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم، جنهن کي مير متارو شاهه به چوندا هئا، سو لڪيءَ واري شاهه صدر جي پوٽن مان هو. پهرئين دهليءَ جو وڪيل هو ۽ پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزير ٿيو ۽ چڱو نالو ڪڍيائين ۽ سن 1160هه ۾ وفات ڪيائين.

اها تاريخ هيٺين جملي مان نڪري ٿي: ”رحمت ايزد بجان مير لطف الله“ (1).

مرزا قليچ بيگ جي تقليد ڪندي مولائي شيدائي مرحوم ”تاريخ جنت السنڌ“ ۾ مير صاحب جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”مير لطف الله عرف مير متارو ڪلهوڙن جي پاران دهلي درٻار ۾ سفير ٿي رهيو هو. مير لطف الله عرف مير متارو ولد سيد عبدالڪريم، جو شاهه صدر لڪيءَ واري جي اولاد مان هو، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو وزير ٿي رهيو. سندس تاريخ وفات محمد پناهه ”رجا“ ٺٽوي هن ريت ڪڍي آهي: هرکه آمد سرقبرش وفات.

             ”رحمت ايزد بجان مير لطف الله گفت“ 1160هه (2)

مير لطف الله عرف مير متاري جي وڌيڪ خانداني حالات کان باقي سنڌ جون تاريخون خاموش آهن. اها خبر ڪانه ٿي پوي ته مير صاحب ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو ۽ شروعاتي حياتيءَ جا ڏينهن ڪيئن گذاريائين؟ وقت جي ڪهڙن استادن کان علم حاصل ڪيائين وغيره. انهن سڀني سوالن جا جواب نفي ۾ ملن ٿا. مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس هڪ ڀاءُ جو ذڪر ڪيو آهي. مير قانع سندس ڀاءُ جي وفات جو ساڳيو سال سندس وفات وارو ڄاڻايو آهي. مير قانع لکي ٿو ته: ”مير لطف الله جو هڪ ڀاءُ مير شهزادو هو، جو پڻ 1160هه ۾ فوت ٿيو. قاضي عبدالقادر هن جي وفات جي تاريخ هن ريت چئي: ”گرفته مسڪن باشد شهيد شهزاده“ 1160هه (3). انهيءَ بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مير صاحب جي ڀاءُ شهزادي ڪنهن جنگي مهم ۾ شهادت حاصل ڪئي هئي.

مير لطف الله، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت ۾ سڌ جي سياست تي ڇانيل هو. ميان نورمحمدخان جي طرفان دهليءَ جي مغل درٻار ۾ سفير جي حيثيت ۾ رهندو هو ۽ سنڌ جي مفادات جي تحفظ جو ڪم ڪندو هو. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي منشي انند رام ”مخلص“ جي ”رقعات مخلص“ جي ديباچي مان ظاهر ٿئي ٿي. ساڳئي وقت انهن خطن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته انند رام ”مخلص“ مير صاحب جو گهاٽو دوست هو ۽ مير صاحب جي معرفت ”مخلص“ جا دهلي سرڪار جي وزير اعتمادالدوله سان دوستي جا تعلقات استوار ٿيا هئا.

جڏهن نادر شاهه افشار دهليءَ جي مغل بادشاهه تي حملو ڪيو، تڏهن مغلن جي شاهي خزاني کي خوب دل کولي لٽيو ويو ۽ دهليءَ جي بيگناهه ۽ امن پسند شهرين تي تمام ڳريون رقمون ڏنڊ طور وڌيون ويون ته انهيءَ آويءَ ۾ مير لطف الله ۽ انندرام ”مخلص“ پڻ اچي ويا ۽ مٿن به وڏي ڳري رقم ڏنڊ طور وڌي ويئي. انهيءَ ڳالهه جو اشارو مير لطف الله، ميان نورمحمدخان ڪلهوڙي ڏانهن هڪ خط ۾ ڪيو آهي.

نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه جو ذڪر اڪثر ڪري ڪيترن ئي مؤرخن ڪيو آهي، مگر ”نامہ نغز“ جي مصنف جو بيان وڌيڪ مستند آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف خود سنڌي هو ۽ سمورا واقعات پنهنجن اکين سان ڏٺا هئائين. ازانسوءِ پنهنجو مٿيون مذڪوره ڪتاب ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سرپرستيءَ هيٺ تيار ڪيو هئائين. انهيءَ مدنظر هن مصنف جو بيان ڪيل هر واقعو وڌيڪ صحيح ۽ وزندار نظر اچي ٿو. ”نامہ نغز“ وارو صاحب نادري حملي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: نادرشاهه دهليءَ تي حملو غزني ۽ ڪابل واري رستي کان ڪيو هو. جڏهن نادر شاهه جي حملي مغل سلطنت جي ديوارن کي لوڏي ڪمزور ڪري وڌو ته ان کان پوءِ هن بکر جي طرف وڌڻ شروع ڪيو. واٽ تي ڪنهن نادرشاهه کي اهو ٻڌايو ته سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو هڪ هوشيار، قابل ۽ ذهين سفير دهليءَ ۾ رهي ٿو، جنهن جو نالو مير لطف الله عرف مير متارو آهي. بهتر آهي ته سنڌ جي طرف وڌڻ کان اڳ ۾ ان سفير جي ذهانت ۽ فراست جو امتحان وٺي، سنڌ جي حاڪم جي طاقت جو اندازو ڪيو وڃي. انهيءَ نادر شاهه مير لطف الله کي پاڻ وٽ گهرائي، سنڌ جي حاڪم جا حالات معلوم ڪيا (4).

مير لطف الله جي زباني نادر شاهه کي معلوم ٿيو ته سنڌ پهچڻ ۽ ميان نورمحمد ڪلهوڙي سان جنگ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، مير لطف الله جي انهيءَ گفتگو جو ذڪر مصنف ”نامہ نغز“ ۾ شاعراڻي انداز ۾ هن ريت ڪيو آهي:

(1) همہ تيغ زن مرد پرخاش جو،

همہ نيزه بازان، همہ تندخو

(2) دلير اند از يڪ دگر برتراند،

توگوئي مگر ازدهاي نر اند

(3) بقوت چو پيل و بہ پيڪر پلنگ،

بدستِ همہ گرز و تيغ و تفنگ

(4) ز لشڪر نہ ترسند بي باڪ تر،

بميدان دلير اند چالاڪ تر

(5) گر آن فوج سالار جوش آورد،

دِل ڪوه را در خروش آورد.

ترجمو

(1) سڀئي ماڻهو تلوار هڻي ڄاڻن ۽ لڙائيءَ جا ڳولائو آهن. سڀ نيزو هڻي ڄاڻن ۽ سڀ جوشيلي طبيعت وارا آهن.

(2) هو بهادريءَ ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن، ائين چئجي ته هو اصيل نانگ آهن.

(3) هنن ۾ هاٿين جهڙي قوت آهي ۽ سندن جسم چيتن جهڙا آهن. سڀني جي هٿن ۾ گرز آهن. تلوارون ۽ بندوقون آهن.

(4) هو ڪنهن به لشڪر کان نٿا ڊڄن، ڏاڍا بيباڪ آهن. ميدان ۾ دلير آهن ۽ حد درجي جا چالاڪ آهن.

(5) جيڪڏهن هن سالار جي فوج جوش ۾ اچي وڃي ته جيڪر پهاڙ جي دل مان به دانهون نڪرڻ لڳن (5).

اهڙيءَ ريت مير لطف الله پنهنجي بهادر سنڌي حاڪم ۽ هن جي فوج جي بهادريءَ ۽ سرويچيءَ جو ڌاڪو دشمن تي وهارڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ نادر شاهه مير لطف الله سان گڏ، محمد علي بيگ نالي هڪ پنهنجو سفير ميان ڏانهن موڪليو ته هو کيس پيغام پهچائي ته ميان صاحب باقاعدي ساليانو خراج نادر شاهه کي پهچائيدو رهي ۽ پنهنجي پُٽ کي ڏهن هزارن سنڌي سپاهين سان ڏانهس موڪلي ڏئي (6).

مير لطف الله، محمد علي بيگ سان گڏجي، جڏهن سنڌ پهتو ته ميان نورمحمدخان ڪلهوڙي پنهنجي سفير جو ڏاڍو آڌر ڀاءُ ڪيو. نادر شاهه جو مذڪور پيغام ميان صاحب ٻڌي، يڪدم پنهنجن اميرن جي درٻار منعقد ڪئي؛ جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مڙس ٿي نادر شاهه جي طاقت جو مقابلو ڪجي. باقي اهي مٿيان ٻئي شرط سنڌ جي حاڪم جي غيرت ۽ عزت وٽان نه آهن ۽ ان ڳالهه جو آخرين فيصلو تلوار ئي ڪندي (7). اهو فيصلو نادر شاهه جي پاران آيل محمد علي بيگ جي معرفت کيس موڪليو ويو. نادر شاهه سنڌ جي بهادر ۽ غيرتمند حاڪم ميان نورمحمدخان ڪلهوڙي جو مٿيو جواب ٻڌندي ئي جوش ۽ غضب ۾ اچي ويو ۽ هڪدم سنڌ تي حملو ڪري ڏنائين. ميان نور محمد پنهنجن مشيرن سان مشورو ڪيو ۽ آخر اهوئي فيصلو ڪيو ويو ته ميان صاحب ڪنهن طرح سان في الحال ڪنهن گوشائتي هنڌ ڏانهن هليو وڃي. ميان نورمحمدخان هڪ لک سنڌي فوج ساڻ ڪري عمرڪوٽ جي قلعي ڏانهن هليو ويو.

نادر شاهه سنڌ ۾ پهچي، پنهنجي ظالمانه نموني ۾ بي گناهه سنڌ جي غريب عوام کي لٽڻ ۽ برباد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ جو ملڪ ويران ڪري ڇڏيائين. سنڌ جو سکيو ستابو صوبو تباهي ۽ برباديءَ جي آگ ۾ جلندو رهيو. هزارين سنڌي ماڻهو قتل ڪيا ويا ۽ ڪيترن کي قيدي بڻايو ويو (8). ميان صاحب سنڌ جي اها حالت ڏسي، مجبور ٿي پنهنجي شهزادي ميان غلام شاهه کي مير لطف الله سان گڏ نادر شاهه ڏانهن وڪيل ڪري موڪليو، مگر نادر شاهه پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ۽ اچي ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي مٿان عمرڪوٽ ۾ ڪڙڪيو(9).

مير لطف الله، ميان صاحب پاران سفارت ۽ وڪالت کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪ جي سياسي ۽ فوجي مهمن ۾ گڏ رهيو. مير لطف الله سياسي بصيرت سان گڏ اعليٰ درجي جو فوجي جنرل پڻ هو. پاڻ ڪيترين ئي فوجي صلاحيتن جو مالڪ هو. سن 1158هه/1745ع ۾ جڏهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڪانجيءَ جي قلعي تي ڀرپور حملو ڪيو هو، ان وقت مير لطف الله به ميان صاحب سان گڏ رهيو هو ۽ قلعي جي فتح ۾ مير صاحب جو پڻ هٿ ونڊايائين.

سنڌ جو حاڪم ميان نورمحمد خان ڪلهوڙو مير لطف الله کي سندس سنڌ جي انهن خدمتن جي ڪري قدر جي نگاهه سان ڏسندو هو. سفر خواهه حضر ۾ کيس هميشہ پاڻ سا گڏ هم رڪاب رکندو هو. ميان صاحب جو والد ميان يارمحمد ڪلهوڙو پڻ مير صاحب کي ڏاڍو ڀائيندو هو.

”رقعات مخلص“ جي خطن مان اهو معلوم ٿو ٿئي، ته مير صاحب پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جي ڪري ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي، والي سنڌ جو وڏو وزير بڻيو. مير صاحب پنهنجي وزارت جي دور ۾ عام توڙي خاص ماڻهن سان ڏاڍي سهڻي سلوڪ سان پيش ايندو رهيو ــ ساداتن، اڪابرن ۽ عالمن جي خوشندي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪانه ڪيائين، انهيءَ ڪري کيس سنڌ ۽ هنڌ ۾ وڏي ناموري حاصل ٿي.

سندس درٻار ۾ هميشہ اديب، شاعر، عالم ۽ صاحب فن ماڻهو حاضر رهندا هئا. سنڌ جي وڏن شاعرن کي پنهنجي درٻار ۾ وڏيءَ عزت ۽ احترام سان مناسب جاءِ تي وهاريندو هو. انهن لاءِ معقول وظيفا مقرر ٿيل هئا. محمد پناهه ”رجا“، سندس درٻار جو خاص شاعر هو. مير لطف الله سن 1160 هجريءَ ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي. مير صاحب کي ميان نورمحمدخان ڪلهوڙي جي طرفان دولتپور ۽ اُن جي آس پاس جي زمين جاگير ۾ مليل هئي. مير صاحب پنهنجي حياتي جا ڏينهن خداآباد ۾ پورا ڪيا. ان وقت اڃا محمد آباد جو وجود به ڪونه هو. وفات کان پوءِ سندس لاش کي سندس جگير دولت پور صفن ۾ دفن ڪيو ويو. مير لطف الله عرف مير متارو جي تربت دولتپور شهر ۾ قومي شاهراه جي بلڪل وٽ سان اڀرندي طرف کان ميان محمد حسن کهاوڙ جي تعمير ڪرايل ڪچي قلعي جي اولهه ۾ واقع آهي. مير متارو جي وفات کان پوءِ اها جاگير محمد حسن کهاوڙ جي حصي ۾ آئي، جنهن اتي مٽيءَ جو ڪچو قلعو ٺهرايو هو. مزار جي سادي اڏاوت هن پوئين ويجهڙائيءَ واري دور جي آهي. هن وقت دولتپور جا مقامي ماڻهو ان کي ”پير يا درويش متارو“ جي نالي سان سڏين ٿا. خدا جا شان آهن، جو ڪهڙي نه ڪهڙي نموني سان مير صاحب مرحوم جو آخرين آرامگاهه تباهه ٿيڻ کان بچي ويو.

(1)  مرزا قليچ بيگ: ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1966ء، ص 37.

(2) مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1958ع، ص 562.

(3) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مقالات الشعراء“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1957ء، ص 123.

(4) مهر غلام رسول: ”تاريخ سنڌ ــــــ ڪلهوڙا دور“، جلد پهريون، مترجم ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ. 1963، ص 399،.. 400، 401

(5)  ايضاً، ص 401.

(6) ايضاً، ص 401.

(7) ايضاً، ص 402.

(8) ايضاً، ص 3ـــ402

(9) ايضاً، ص 5ـــ403

سانگهڙ ضلعي جي هڪ لک سالا تاريخ       

(نظام آبپاشي جو هڪ مختصر جائزو)  ايم. ايڇ. پنهور

1. اٽڪل هڪ لک سال اڳ، سمنڊ جي سطح چڙهڻ شروع ڪيو ۽ اندازاً 20 هزار سال کن اڳ اُن جو پاڻي ذري گهٽ سڄي سنڌ کي ٻوڙيندو اتر طرف وڃي ملتان تائين نڪتو. سانگهڙ ضلعو…، 80 سال کان …، 10 سال اڳ سمنڊ جي پاڻي هيٺ هو. سانگهڙ ضلعي جو صرف کپري تعلقي جو ڏکڻ اوڀر وارو ڀاڱو …، 70 سالن وارو اهو عرصو، سمنڊ جي پاڻي کان بچيل هو. مٿين معلومات تازو سمنڊ بابت ڪيل سائنسي کوجنا معرفت ملي آهي.

2. گذريل …، 10 سالن جو موسمي رڪارڊ، جيڪو علم آثار قديم، علم نباتات ۽ علم ارضيات  (Geomorphology) جي مطالعي مان معلوم ٿيو آهي، سو ڏيکاري ٿو ته سانگهڙ ضلعي ۾ گذريل 9500 سالن کان …، 4 سالن تائين اٽڪل 14 انچ ساليانو مينهن پوندو هو. جهجهي مينهن پوڻ سبب کپرو تعلقو ضرور چراگاهه بڻجي پيو هوندو، جتي وچولي پٿر ــ دؤر وارن ماڻهن پنهنجي پاڙيسري علائقي بلوچستان جيان چوپايو مال، رڍون، ۽ ٻڪريون پاليون هونديون. هن وچولي پٿر ــ دؤر واري انسان کي پٿر جا اوزار، ڪوٽ ڏجي يا روهڙي جي سخت پٿريلي علائقي مان ئي مليا هوندا. مٿئين معلومات جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان جي آب هوائي حالتن تي، روشني وجهي ٿي، سا ”آلچن جي ٽيم“  (Allchins group) جي ڪيل ڏهه سالي کوجنا سان گڏوگڏ گرديپ سنگهه، بريسن  (Broysan) ۽ سُوين  (Swain) جي راجستاني رڻ ۾ مينهن وسڻ بابت ڪيل مطالعي سان ملي آهي.

3. سانگهڙ ضلعي کي …، 10 کان 4000 سال اڳ تائين ٽن وڏن درياهن جي سنگم جو اعزاز حاصل آهي.

(الف) سنڌو درياءَ جي مکيه اوڀارين شاخ، جيڪا نوابشاهه ضلعي وٽان درياءَ مان ڦٽندي هئي، سا موجوده دلوراءِ جي دڙن وٽان لنگهندي هئي. اها شاخ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جو ڳپل حصو پاڻ سان کڻندي هئي.

(ب) هاڪڙي ــ سرسوتي درياهه وارو وهڪرو، جيڪو هن ضلعي مان گذرندو هو، سو موجوده مُنڍ ــ جمڙائو جي لڳ ”دو آبو“ بڻائيندو، ٻن واهن ۾ ورهائجي ويندو هو، جنهن جو هڪ حصو جمڙائو واريءَ جاءِ تان وهي وڃي جهول دلوراءِ وٽئون سنڌو درياهه جي وڏيءَ شاخ سان ملندو هو؛ ٻيو وري موجوده اوڀارين ناري واريءَ جاءِ تان وهندو هو.

(س) ٽيون وري هڪ خومختياري ’درشا دوئتي‘  (Dirshaduati) نالي درياءَ هو، جيڪو ننهند جڳاڌري  (Nahand Jagadhri) جي ويجهو سهارنپور  (Saharanpur) جي اتر کان سواليڪ  (Swalik) ٽڪرين مان نڪري، راجستان واري رڻ مان وهي مٿي بيان ڪيل ’الف‘ ۽ ’ب‘ وارن درياهي وهڪرن سان وڃي ملندو هو. اهو درياءَ هاڪڙي سان مُنڍ ــ جمڙائو جي مٿئون توڙي هيٺئون مختلف وقتن ۽ مختلف هنڌن تي اچي گڏبو هو. هن درياءَ جي وهڪري سبب رڳو خيرپور ضلعي ۾ اٽڪل 2000 کن ڍنڍون وجود ۾ آيون. انهيءَ کان علاوه سانگهڙ ضلعي ۾ پڻ ڪيئي ڍنڍون ٺهي پيون. علم ارضيءَ جو هيءَ راز رڳو هڪ سال اڳ ظاهر ٿيو آهي. مکي فرش ڍنڍ جي ڍنڍن وارو سلسلو انهن ريگستاني ڍنڍن کان علاوه آهي. هي نئون دريافت ڪيل درياءُ هندستان ۾ ”آمَل ڪر“  (Amel kar) ۽ بملا گهوش  (Bimla Ghosh) جي لاڳيتن کوجنائن ذريعي لڌو ويو ۽ پاڪستان ۾ موجوده ليکڪ طرفان فضائي فوٽو گرافي جي معرفت معلوم ڪيو ويو آهي. باقي خيرپور ضلعي وارين ڍنڍن جي اصليت ڳولڻ وارو مسئلو، سو به هاڻي برطانوي ارضاتي ماهرن  (British Geologists) جي مطالعي بعد آخري طور طئي ٿي چڪو آهي.

4. سنڌو سڀيتا (3500 ق.م کان 1000 ق.م) جي ماڻهن سانگهڙ ضلعي ۾ ٽن درياهي وهڪرن جي ميلاپ مان لازمي طور ڪافي لاڀ پرايو هوندو. پاڻيءَ جي سيڪ سبب سانگهڙ ان سمي ضرور بوسي ڪڻڪ جي پيداوار جو هڪ اهم مرڪز بڻجي پيو هوندو. چوپائي مال، مينهن، رڍن، ٻڪرين ۽ اُٺن کي پالڻ وارا مارو ماڻهو ۽ ساڳيءَ طرح مهاڻا پڻ تڏهن خوشحال ۽ سکيا ستابا هوندا. پر جيئن ته ٽن درياهن جو پاڻي، سال جو ڳچ حصو سانگهڙ ضلعي جي پٽن ۽ پوٺن تي پيو ڦرندو هو، تنهنڪري اتي ڪو وڏو شهر آباد ٿي ڪونه سگهيو. سڀ کا وڏو شهر چانهوءَ جي دڙي وارو هو، جيڪو نوابشاهه ضلعي ۾ سنڌو درياءَ جي اوڀارين شاخ تي اڏيل هو. قديم سنڌ جي مهاڻن جا مڇي مارڻ وارا اوزار، جيڪي آلچنس  (Allchins) نيشنل هاءِ وي جي ميل نمبر 101 وٽان لڌا آهن، سي ضرور سانگهڙ ضلعي جي مهاڻن ئي استعمال ڪيا هوندا.

5. مينهن گهٽ پوڻ جي ڪري 200 ق.م کانپوءِ سرسوتي ــ هاڪڙي ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو. هوڏانهن وچ راجستان جي رڻ وارو درياهه پڻ خشڪ ٿي ويو، جنهنڪري اتي اقتصادي گهوٽالو آيو. پر پوءِ به اهو اهڙو خطرناڪ نه هو، جهڙو سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ آيو، جتي 1600 ق.م کان ستت پوءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ درياهن جي ڦير گهير سنڌو سڀيتا جي زوال جو سبب بڻي.

6. آريا، هن ننڍي کنڊ ۾ 1000 ق.م. آيا، پر سنڌ ۾ 800 ق.م. کان پوءِ داخل ٿيا. ايندڙ ٽن صدين اندر سنڌ ۾ ڪيترائي شهر آباد ٿيا ۽ 500 ق ــ م جي آخر ۾ سانگهڙ ضلعي کي پڻ هڪ وڏي شهر آباد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. ان وقت جي گرامر جي ماهر ”پاڻيني“  (Panini) هن شهر متعلق لکيو آهي ته ”هيءَ سنڌ جي وچولي واري علائقي ۾، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي ٻڌل آهي، جنهن کي ”برهمن ڪا“  (Brahmanka) پڻ سڏيو وڃي ٿو.“ ٿوري ئي وقت ۾ هيءُ سنڌ اندر وڏيءَ اهميت وارو شهر بڻجي پيو، جيڪو آڳاٽي زماني ۾ موهن جي دڙي کان پوءِ ٻئي نمبر تي مشهور هو ۽ لاڳيتو 1500 سالن جي عرصي تائين آباد رهيو، جيڪو موهن جي دڙي واري عرصي کان ٻيڻ تي آهي. هيءُ شهر ڊسمبر 1205ع جي وچ ڌاري تباهه ٿيو، جنهن کي محمود غزنويءَ جا هٿ لڳا، جنهن اچي هن کي ڀينگ ڪيو. اتان جو عوام، جيڪو فاطمين جو پوئلڳ هو، تنهن جو قتل عام ڪرايو ويو يا کين درياهه ۾ ٻوڙيو ويو. خود خفيف سومرو، جيڪو اتان جو حڪمران هو، تنهن کي پڻ نه بخشيو ويو.

7. ”برهمڻڪا“ شهر جا نالا ان جي 1500 سالن جي وجود دوران هن ريت پئي بدليا آهن: برهمڻڪا، برهمايا، هرما تيليا، پٽالا، پاٽلين، ڀنڀر واه، برهمڻ آباد، ۽ منصوره. هيءُ شهر ڏهين صدي تائين مقامي ماڻهن طرفان برهمڻواهه ۽ عرب سياحن طرفان نئين نالي؛ ”منصوره“ جي پٺيان سڏبو هو. هاڻي هن شهر جا کنڊر (دڙا) هڪ ڏند ڪٿا موجب ظالم راجا دَلُوراءِ جي نالي پٺيان (دلور جا دڙا) سڏيا وڃن ٿا.

8. (برهمڻڪا): وچولي سنڌ جو هيءُ ننڍڙو ڀاڱو، اڳتي هلي سياسي طور ڏکڻ سنڌ (لاڙ) جو حصو بڻيو ۽ سندس مستقبل جي تاريخ ڏکڻ سنڌ (لاڙ) سان ڳنڍي وئي، جيستائين 1736ع ۾ ڪلهوڙن وري وڃي ان کي باقي سنڌ سان ملائي هڪ ڪيو.

9. 325 ق ــ م ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ۾ ٻه موئيريا سوٽ حڪومت ڪندا هئا، جن پٽيالا (برهمڻڪا) شهر مان، سڪندر اعظم خلاف سڀ کان اول ۽ ديريا بغاوت جو عَلم بلند ڪيو. سانگهڙ، ڌارين يونانين خلاف، آزاديءَ جي تحريڪ جو مرڪز بڻيل هو. ٿي سگهي ٿو، اهو سڀڪجهه چندر گپتا موريا جي چرچ تي ٿيو هجي، جيڪو سندن امڪاني مائٽ هو. چندر گپتا جو ننڍي کنڊ مٿان حڪومت هلائڻ جو پڻ اهوئي ذريعو بڻيو.

10. پٽيالا جي ايڏي ته اهميت هئي جو باختري يوناني دميطر يوس  (Demetrius) پنجاب کي فتح ڪرڻ کا اڳ بولان لڪ کان لنگهي هن شهر کي فتح ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. باخترين، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ هن شهر کي مرڪز بڻايو. باخترين کان پوءِ سٿين ۽ پارٿين جي دؤر حڪومت ۾ پڻ پٽيالا ملڪ اندر واپار توڙي سياست جو مرڪز پئي رهيو. پٽيالا جو مطلب آهي ”ست ماڙ جڳهه“. (سنڌ جي هڪ لوڪ ڪهاڻي بادشاهه جي ”ست ماڙ محل“ ۽ ان ۾ رهندڙ سندس محبوبه متعلق به آهي.)

11. پٽيالا جي شهر مان تڏهوڪي درياهي نظامن ذريعي، ڀنڀور بندر رستي، هيٺيون مال در آمد ٿيندو هو: تبتي کلون، ململ، ريشم، خوشبويون، ملمون، سچا موتي، شينهن، چيتا، واگهه، شڪاري ڪتا، گينڊا، مشڪ، هرڻ، عاج، رڙهندڙ جانور  (Reptiles) واڳون، سپ جا موتي، ريشمي ڌاڳو، لاک وارو رنگ، گرم مسالا، خوشبودار شيون، دالچيني، ڪارا مرچ، ڪِٺُ، کنئر، ريوند چيني، کنڊ، نير، سوٽي ڌاڳو، ديال، سُڪ ميوو، چانور، جوئر، (سرگم) لاجورد پٿر، يورپي عورتون، مرجان، شراب، سون، چاندي، قيمتي مڻيا، شيشو، ڌوپ (لوبان) وغيره.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com