سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :3

رحيم بخش ’قمر‘

بيت

مير محمَّد مصطفيٰ، ڏور ڪيو سڀ ڏنجهه،

سونهين صَحَابن سَٿ ۾ مُرسَلُ مَسجِد منجهه،

ساڻس صبح سَنجههِ، ’قَمَرَ‘ آهن قُربَ سين.

’قَمَرَ‘ پاڻ ڪَرِيمَ سين، سُهڻا صَحَابِي سَڀَّ،

سونهَنِ ائين سڄڻ سين، تارن سان جيئن اَڀَّ،.

لاکا لوچي لڀَّ، پرينءَ سندي پار کي.

مِيرُ مُحـَّمَدُ مُصطـَفيٰ، پنهنجو ئي پاڻ مِثَالُ

ڪانهي ’قَمَرَ‘ شَمسَ ۾، جهڙسِ جُوتِ جَمَالُ،

صَلـَّو عَلَيہِ وَ آل، پڙهو سڀ پريت سين.

جـِهڙِسَ ڪين جَهانَ ۾، جوڙيو جوڙڻ هار،

مير مُحّمد مُصطـَفيٰ، جَانِبُ جَلوِيدَار،

خَلقُيو خَلقَڻهار، ’قَمَرَ‘ سَڀ ڪَرِيمَ لءِ.

سڄڻ آيو سهنج ٿيا، هر ڪنهن ٺَريو هانءُ،

مِيرُ مُحَمَّدُ مُصطـَفيٰ، نوري جنهن جو نانءُ،

اَبو اَمڙ ۽ آنءُ، ’قَمَرَ‘ صدقي ڪريم تان.

نثار ’بزمي‘

دل ئي نه هجي ها ته ڪو ارمان نه هجي ها،

ڪنهن ڏوهه جو ڏوهاري ڪو انسان نه هجي ها.

دل ئي ته ٿِي انسان کي مرضيءَ تي هلائي،

نه ته ڪاٿي عداوت جو ڪو اعلان نه هجي ها.

هي وَيل وَهن ها نه غريبن جي سرن تي،

مجبور بشر ڪوئي به ڪنهن کان نه هجي ها.

خواهش نه هجي ها، ڪائي حسرت نه هجي ها،

ڪنهن جي به مٿان ڪنهن جو به احسان نه هجي ها.

بس! پيٽ جي پوڄائِي پوي ڪرڻي ها سڀ کي،

باقي ڪو ٻيو عيش جو سامان نه هجي ها.

اکين مان وهي لڙڪ هلن ڪونه ها ’بزمي’،

ڪو ڪنهن جي محبت ۾ پريشان نه هجي ها.

احمدخان ”مدهوش“

بيت

اِيوين يار نه ميڪون رول، آ نيڙي وَس ڪول مٺا،

اِيهي انمول چَپ چول، منهن کول ٻَهه ٻول مٺا،

ميڏي ڦولي نا ڦول، ميڏي تولي نا تول مٺا،

مدهوش وڃي گهول، آ اکيان دا بڻ اول مٺا،

 

تيڏي ٽور اُتون ميڏا مور مٺا هر چيز پياري گهول گهتان،

هووان مئين لک پتِي مئين لکَ لکوارِي گهول گهتان،

جي، وَس هووَم سرداري جڳ دي، سرداري گهول گهتان،

مدهوش غريب دي گهر آوين، اي جند جان ساري گهول گهتان.

 

ايهه ”ديد محل“ آ جوڙ سڄڻ، جيوين تعمير ڪريندا رازا،

اِس ديد محل دا کول سٽين، ديدار والا هڪ دروازا،

جيوين رڄ رڄ ڪي ديدار ڪران، نِت عشق ٿيوَم پيا تازا،

مدهوش ڀلي مَرکَپ وڃان، تيڏي سامهون، تون آڻ پڙهيم جنازا.

 

گُهنڊ کول سڄڻ ديد مِلا ديدار ڪرڻ ڏي،

ميڏي اکيان ڪون آمهون سامهون اظهار ڪرڻ ڏي،

شل حُسن وڌئي حُسن دي گُل دي هُٻڪار گهنڻ ڏي،

مدهوش دي مَن مرضي اڄ مصحف رُخسار چُمڻ ڏي.

آثم ناٿن شاهي

وَڏ ڦُڙي ڪنهن جهوريون آهن،

دل ـــ ديوارون پوريون آهن.

لغڙ ڪڏوڪو ڪٽجي ڀي ويا،

ڏولائن ۾ ڏوريون آهن.

ماڻهوءَ من رٿائون سهسين،

پُڄنديون پر ڪي ٿوريون آهن.

سوچ، پرين جو سسڪو آهي،

لفظ: لڄاريون ڇوريون آهن.

ڪي ڪي نيڻ به کاٽ هڻن ٿا،

مون پڪڙيون ڪئي چوريون آهن.

ڪاڻا! ڪوتائون ڀي ڪڏهين،

ڪانٽن ۾ ڪنهن توريون آهن.

پنهنجون پيڙائون نه ڪٿي ڀي،

آثم ڪنهن سان اوريون آهن،

ولي محمد وفا

عجب نه آهي ته اڄ کان پوءِ ڪڏهن نه ملون

عجب نه آهي جي اڄ کان پوءِ جدا نه ٿيون

عجيب موڙ تي اي دوست بيٺا آهيون اڄ

عجب نه آهي جي اڄ کان پوءِ برملا نه ٿيون

اڄوڪي رات امر آ، اڄوڪي رات جو ملهه

هزار هجر جي راتين جي صورتن ۾ ڏبو

اڄوڪي رات سندءِ جسمِ مرمرين اي پرين

هيئين سين لائبو، ٻانهن ۾ ڀربو،پيار ڪبو

اڄوڪي رات اي مٺڙا فقط اڄوڪي رات!

انيس انصاري

هُتي حسد کان زياده بي نيازي،

هتي مائل خدائي ٿي رهي آ.

لڪائي چنڊ ڇڏ پنهنجي نظر کي،

سندس جلوه نمائي ٿي رهي آ.

هوا خود صحن منهنجو ٿي ٻهاري،

هي ڪنهن جي پيشوائي ٿي رهي آ.

هٿن تي آهه ميندي پان منهن ۾،

نگاهن سان لڙائي ٿي رهي آ.

ستارو آسمان تي جڳمڳايو،

اسان ۾ اڄ صفائي ٿي رهي آ.

زبان ڇو ڪين ٿي ڏي ساٿ دل جو،

سڄي ڪُٽ ڇو ڪمائي ٿي رهي آ.

زمين ۽ آسمان جي آهه شادي،

شفق ان لئه حنائي ٿي رهي آ.

ستارا حال منهنجي تي ٿا روئن،

مرڻ کان اڳ جدائي ٿي رهي آ.

انيس الله واهي آهه تنهنجو،

سندءِ ٻيڙي توائي ٿي رهي آ.

تاج جويو

هائيڪا

سارو ٿرُ ڪتاب،

هُو ڏس! ٿري ٻار،

پڙهي ڏس پيرائتو،

انگ اگهاڙو ۽ بکيو،

سورن ڀريو نصاب.

قُدرت جو شهڪار.

ڄِڀُون ٿيون ڄِڀيون،

ڀِٽون ڳاڙهي باک ـــ

الا! هيلُ ڏُڪار ۾،

ههڙي سُونهن نه مون ڏٺي،

ٻُوٽي ٻُوٽي جون!

ڌرتي! تنهنجي ساک.

بکي بکي باکَ،

ٿر جي چانڊوڪي،

مٿو چُمي ماٿار جو،

مون وٽ آئي رات جو،

هاري ويئي لاک.

ڏات ٻڌي ٻوڪي.

چـانـڊوڪــيءَ چُـئــاڪـــا،

ڇڻيا چونئري ڇتِ مان،

خُــوابــن جـــا خـاڪــا!

خاڪي جويو

هائيڪا

ماڳ اسان جو ڀاڳ،

ڳهر ڳاري مون،

مُرڪن ري محبوب جو،

ڪيو سُڃ ۾ سوجهرو،

ڏسون شل نه ڏهاڳ.

ڏيئا ٻاري مون.

تن من واري مون،

اڃان به رئندي تون،

رَتُ ڏياريو رُتِ کي،

سڃي هن سماج جا،

گهنگهر گهاري مون.

ڳوڙهائيندي تـــون.

رت اڳاڇي رات،

ٻانهن تي ٻُرُ ٻُرُ،

وڙهندي جڏي وجود سان،

هيڏي هُرکُر هانءَ ۾،

پورهيت ڪئي پرڀات.

چپن تي چرپر.

مختيار ملڪ

گـل جو گل سان ٿيو ٽڪراءُ،

ڏِس ته هوا ۾ ڇا نه هڳاءُ.

ڪليءَ ڪليءَ تي ڀؤنرا ڪيئي،

پوپٽ جو گل سان لڳاءُ.

پن پن ماڪ نمايان آهي،

موتين جو ڄڻ آهي نماءُ.

چاهت جو اُڀري ٿو چنڊ،

گهـگههُ ۾ پئجي ويو آ گهاءُ.

منهنجو گهورڻ، ڄڻ آواز،

تنهنجو مرڪڻ ڄڻ پڙلاءُ.

نصير مرزا

واچوڙي جي ويڻي پائي…

نيڻ ڪتابن ۾ سجني!

لُڙڪن جون هي ننڍڙيون پنکڙيون

ڪنهن جي لاءِ!

 

سورج جهڙي روشن بندي

چمڪيئي پئي جا ماٿي تي

اَودا، ڦِڪا، ڪرڻا پئي ڦهلائي ڇو؟

 

۽ هي ڇير ستارن جي

گهنگهرو گهنگهرو،

ڪومايل گل ڀاسي پئي

 

پاڳل ڇوري!

ڌير ڌير اُٿ سينڌ سجائي

ديپُ جلائي

ڦول ستارن ساڻ سمورو بن مهڪائي

 

’ڪُميت‘ تي هُو…

ڏُوڙ اڏائيندو، بن باهيندو

واچوڙي جي ويڻي پائي

اَچئي پيو

اچئي پيو!

اياز گل

حياتي

مون کي تنهنجو سُنهن او سائڻ!

مون کي ڏاڍي پياري آهين

پنهنجي آهين، ڌاري ناهين

 

پوپٽ جهڙا رنگ اٿئي يا

ڦڪي ڦڪي بي رنگ آهين تون

سنڌوءَ جيان پوتر ۽ اُجري

يا ڪنهن ڍنڍ جو گدلو پاڻي

نٽهڻ اُس ۾ ڇانو ٿڌي يا،

ڪوئي ڪوسو جهولو آهين

خوشبوءِ توڙي بدبوءِ آهين

کنڊ اَن توڙي واري آهين

مون کي ڏاڍي پياري آهين

مون لئه سڀ کان نياري آهين

 

درد ڏئي ٿي توڙي مارين

يا مُرڪن مان سُرڪ پيئارين

روز ٿي مارين، روز جيئارين

سڀ ڪجهه آهين يا ڪجهه ناهين

پوءِ به ڪنهن کان گهٽ ته ناهين!!

جهڙي حالين آهين مٺڙي!

رنگ جنهين ۾ آهين

مون کي تنهنجو سُنهن او سائڻ!

مون کي ڏاڍي پياري آهين!

مون کي ڏاڍي پياري آهين!

 

پشپا ولڀ

هـٿ

وڏي گهر جي شيشي جي دريءَ مان

ماڻهوءَ جي من اندر ۾

ڪيئن ٿو ڏسي سگهجي؟

ماڻهو جي فوٽ پاٿ تي رهن

ڏينهن جو جنهن ٺيلي تي مال وڪڻن

رات جو انهيءَ ٺيلهي تي سُمهن

ڦاٽل ڳوڻين جي چوديواريءَ ۾ رهن

سندن ڪا پرائيويٽ لائيف هوندي ناهي.

انهن سان گڏ رهندي

انهن جي ٽي ــ بيءَ ورتل

ماحول ۾ پليل جسمن سان گڏ

ساهه کڻندي

ڪڏهن اُنهن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿي

روئندي

ڪڏهن انهن جي ٻارن

جي ڇانگ سان کيڏندي

ڪڏهن انهن جي ڪُلهي تي هٿ رکي

’سڀ ٺيڪ ٿي ويندو‘

چوندي

۽ ائين چوندي

اندر ئي اندر ۾ ننهن کان چوٽيءَ تائين

ڪنبندي

مون انهن کي پنهنجي دل جي قريب ڄاتو آهي.

۽ اُن وقت هڪ مؤت سان مقابلو ڪندڙ عورت جو

شفقت ڀريو هٿ

منهنجي ڦٽل وارن کي ٺاهڻ لاءِ وڌيو آهي.

ادل سومرو

گيت

آهي ڏوهه

آهي ڏوهه

هن محفل ۾ لُڙڪ وهائڻ آهي ڏوهه.

 آهي ڏوهه.

جڏهن به ملجي مرڪي ملجي،

پنهنجي دل جو حال به سلجي.

پر،

مُنهن ۾ ملندي يار لنوائڻ آهي ڏوهه.

 آهي ڏوهه.

جذبن جو اظهار ڪجي،

جنهن سان دل چئي پيار ڪجي.

پر،

پنهنجن کان ڀي پيار لڪائڻ آهي ڏوهه.

  آهي ڏوهه.

کل خوشيءَ ۾ گهڙيون گهاريو،

پنهنجي هستيءَ کي به سنواريو.

پر،

نينهن نگر ۾ پاڻ پڏائڻ آهي ڏوهه.

  آهي ڏوهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com