سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 3- 198

نفيس احمد ناشاد

سرِورق

ڀوڏيسر جي مسجد، گجرات جي حاڪم سلطان محمود بيگڙي ٺهرائي، جا سنگِ مرمر جهڙي پٿر جي ٺهيل آهي. هن مسجد جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٽيهه فوٽ کن آهي. اڌ ۾ ٿنڀن سان اڏاوت آهي ۽ اڌ خالي آهي. مٿي قبو آهي، جنهن جو نمونو اهڙو آهي، جهڙو مغلن جي وچئين سمي ۾ اڏيل مسجدن جو. محراب وٽ هڪ پٿر لڳل آهي، جنهن تي فارسي اکر لکيل آهن، پر سنڀال نه هئڻ سبب ڊهي ويا آهن، چٽا پڙهڻ ۾ نٿا اچن. البت محمود بن مظفر شاهه جو نالو ۽ سال 1505ع پڙهي سگهجن ٿا. هن مان سمجهجي ٿو ته سلطان جي ٽين ڪاهه، انهي سال 1505ع برابر 880هه = سنبت 1562 ۾ ٿي. اها مسجد، ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڀوڏيسر ڳوٺ وٽ آهي، جنهنڪري عام طرح ”ڀوڏيسر واري مسجد“ سڏجي ٿي. ڀرسان قبرستان آهن، جو انهن شهيدن جو آهي، جي سلطان محمود جي لشڪر ۾ هئا، ۽ بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويا.

(تاريخ ريگستان ـــ1، ص 142ـــ143)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي                   (هڪ تعارف)

عثمان علي انصاري

 

ڪنهن به غير معمولي تخليقي قوت رکڻ واري شخص جي ڪنهن تصنيف بابت ڪا قطعي يا حتمي راءِ ظاهر ڪرڻ يا ائين چوڻ ته هن مصنف جي فلاڻي ڪي فلاڻي تصنيف ۾ فقط هيٺيون خوبيون آهن، ڄڻ ننڍڙي منهن مان وڏو واڪو ڪرڻ جي برابر ٿيندو، ڇو ته مصنف جا پنهنجي خيال جي مُهر پنهنجي ڪنهن تصنيف تي هنئين آهي، سا ايڏي ته اونهي ٿي وڃي جو هر ڪنهن جي پهچ کان گهڻو پري ٿي ٿئي، ۽ اهڙي تصنيف جي پرک به ادب جي ماهرن مقرر ڪري ڇڏي آهي. يعني ته جا تصنيف ڪڏهن پراڻي نه ٿئي، جنهن ۾ مصور جون چٽيل سڀئي تصويرون هميشہ هميشہ لاءِ انهيءَ زبان ڳالهائيندڙن جي سوسائٽيءَ جو امتيازي جزو بنجي وڃن، جنهن جي هيرو ۽ هيروئن جون شريفانه خصوصيات پڙهي پڙهندڙن جي دل م اچي ته ”الله هي ته جيڪر اسان جي عزيزن مان هجن!“ جا تصنيف ڪنهن صدين بعد به پنهنجي ڪمال خلوص جي زور تي انسانيت ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندي رهي. اهڙي تصنيف هڪ غير معمولي مجدد جي پيدا ڪيل تصنيف آهي، ان لاءِ ائين چوڻ ته هن ۾ فقط سلاست آهي، رواني آهي، محاڪات آهي، وغيره وغيره آهي، سو ائين ٿيندو جيئن هڪ شخص هڪ ٽن پاو باٽلي کڻي درياءَ مان ڀري ۽ وڏي واڪي چوي ته ”دوستو درياهه ۾ اجهو هيترو پاڻي آهي.“ اهڙي اٿاهه ڪاريگر جي هنر کي فقط قدر جي نگاهه سان ڏسڻ لاءِ به وڏو عرصو گهرجي، ڇو ته مجدد جي تخيل تائين معمولي تخيل کي پهچندي پهچندي به ڪي صديون گهرجن. مجدد پنهنجي حياتيءَ ۾ سوسائٽي جي زندگيءِ کي جاچيو، ان ۾ جي نيڪيون کيس ڏسڻ ۾ آيون تن کي مذهبي ۽ اخلاقي روشنيءَ ۾ سوچيو، تنهن کانپوءِ هڪ لطيف ۽ عام فهم نموني ۾ عام جي اڳيان هڪ فتح ڪيل حقيقت جي صورت ۾ پيش ڪيو. اهو هڪ غير معمولي مواد آهي، جنهن جي قدرداني به هڪ غير معمولي چيز ٿيو پوي، ڇو ته عام جي نظر سماج جي فقط عيبن کي جهٽڻ ۽ انهن تي جهڙپڻ ۾ مشغول ٿي ٿئي ۽ اهڙين جهڙپن کي عام طرح سان بروقت يا بلڪل ٿوري وقت اندر عام جي قدرداني به ملي ٿي. آءٌ هڪ مثال ڏيندس، اردو جو هڪ نهايت مقبول مخزن پنهنجي پاليسي بابت اجهو هنن لفظن ۾ ٿو ٻڌائي: ”هم معاشي ناهمواريون اور سماجي ناانصافيون ڪي انسداد ڪي لئي سنيه سپر هين.“ ليڪن سماج جا روشن پهلو فقط روشن ضمير ڏسي ۽ نمايان ڪري سگهندا آهن.

ياد ڪجو ته قوم جي اوڻاين کي اگهاڙو ڪرڻ قوم ۾ بي همتي ۽ پست ذهنيت پيدا ڪندو آهي، ۽ سماج جا بلند اخلاق چونڊي ظاهر ڪرڻ قوم کي بلند اخلاق بنائيندو آهي. مان فقط هڪ معمولي مثال ڏيندس ته اوهان سمجهي سگهندا. عمر کي هيئن ته هرڪو چئي ٿو سگهي ٿو ته، ’عمر ڪوڙ نه ڳالهاءِ‘، پر ’عمر سچ ڳالهاءِ‘ چوڻ قوم ۾ سچار پيدا ڪندو. قومي مرثيا لکي جيڪڏهن قومون ٺهن ها ته اڪبر الله آبادي، حالي ۽ اقبال جي قومي مرثين کان پوءِ اسان ڪنهن ٻئي آسمان جي هيٺان هجون ها. انيس ۽ دبير يا ثابت علي شاهه جي مرثين پڙهڻ يا ٻڌڻ کان پوءِ ڪروڙها انسانن درياءَ ڳوڙهن جا وهايا هوندا، پر ڪو ’حسين‘ پيدا ڪونه ڪري سگهيا هوندا. سنڌ جو ڀٽائي گهوٽ عبداللطيف به غير معمولي تخليقي قوت رکڻ وارن مان هڪ هو. جا تصوير چٽيائين لاجواب چٽيائين، غير فاني چٽيائين ۽ اهڙي چٽيائين جو سنڌي ڳالهائڻ وارن مان هرڪو سندس هرهڪ تصوير کي پنهنجي دل جي ويجهو سمجهندو رهيو، سمجهندو ٿو رهي ۽ سمجهندو رهندو. ڇو ته هن بزرگ سمجهيو هو ته اوڻاين جي اوگهڙ خدا کي به منظور نه آهي. جيڪڏهن اهڙي انسانيت جي اوگهڙ خدا کي منظور هجي ها ته انساني دل سيني ۾ اندر محفوظ ڪرڻ بدران هرهڪ شخص جي نراڙ تي رکي ڇڏي ها ـــ پاڻ کان سواءِ ڪو ٻيو به عالم الغيب پيدا ڪري ها. بعد ازان شاهه عبداللطيف رح ائين به سمجهيو هو ته جيڪڏهن قوم جي اصلاح ڪرڻي آهي ته افراد ۾ جيڪي نيڪ اخلاق آهن يا پيدا ڪري سگهجن ٿا فقط انهن جي اپٽار ڪجي ۽ بس. سندس شعر ۾ جن جن بر گزيده اخلاقن جو ذڪر ڪيل آهي سي اهڙا آهن جو قيامت تائين ڪا به قوم انهن کان منهن موڙي نٿي سگهي. برخلاف انهيءَ جي جيڪڏهن شاهه ڪن اهڙين اوڻاين جي اپٽار ڪري ها جي اڳتي هلي فرض ڪيو ته سندس قوم مان نڪري ٿيون وڃن ته پوءِ سندس شعر جو ملهه ٽڪو به نه ٿئي ها، ۽ سندس تصنيفات ۾ گهڻو ته هڪ بيمار جي لاءِ عارضي طرح لکيل هڪ نسخي کان وڌيڪ وقعت نه رکن ها. پر هينئر سندس شعر نه فقط بيمار لاءِ پر تندرستن لاءِ به آب حيات جو حڪم ٿو رکي.

۽ باوجود هن ڳالهه جي ته اڃا تائين لطيف جي نفيس تخيل کي مڪمل طرح سمجهڻ جي اڃا ته ڪنهن هام ڪين هنئي آهي، البته ”فکر هر شخص بقدر همت اوست“ جي مقولي مطابق هرشخص، جنهن کي شاهه جي مطالعي جو شوق آهي، سو پنهنجي بساط آهر ڪجهه نه ڪجهه سمجهي انهيءَ مان فيض وٺندو ٿو رهي ۽ خيال ڪندو ٿو رهي ته شاهه جو مفهوم به اهوئي هوندو جو پاڻ سمجهيو اٿس. ليڪن ڀٽائيءَ جي شعر جو قوت ڀريو اثر ۽ اعليٰ جوهر، جيئن زمانو گذرندو ويندو، تيئن وڌيڪ تاباني ڏيکاريندو رهندو. ۽ ايستائين ڏيکاريندو جيستائين پوري قوم ۾ اهي سڀيئي وصفون پيدا ٿيون آهن، جن جي بيان ۾ هن بزرگ ٻول ٻوليا آهن.

مثال طور مان ’مارئي‘ جي اها تصوير ٿو پيش ڪريان جا شاهه صاحب ڪڍي آهي. عمر ۽ مارئيءَ جو قصو سنڌي دنيا ۾ هڪ مشهور قصو آهي. سومرن جي تاريخ مان ورتل بيان هي آهي:

”هڪڙو پاڙو ايلپنهارن جو ڀالوا جي ڀرسان وطن ڪيو ويٺو هو. ’پالڻو‘ نالي انهن جو پريو مڙس هو. هيءَ مارئي انهيءَ ڌڻوندي جي ڌيءَ هئي. مارئيءَ جي ماءُ جو نالو ’ماڌوئي‘ هو. ’ڦوڳ‘ نالي هڪ بي ياور يتيم ڇورو ٻار هو، تنهن جي پالڻ جو بار اچي ’پالڻي‘ تي پيو. تنهن ننڍي کي نپائي اچي وڏو ڪيو. ڌڻ سڄي جو ڌيان ۽ ڦرٽڪر جي ’ڦوڳ’ ڪندو هو. پر هن کي تهه دل جيءَ ۾ تمنا اها هئي ته مارئي مون کي پرڻائيندو. پر ’پالڻي‘ خيال سڄوئي پنهنجي ڀائٽي کيت ڏانهن ڪيو. ۽ ڀال سڄوئي هن سان ڪيائين. مارئيءَ جو مڱڻو به ٿيو سگهڙ ٿو چوي ته:

”ڦر ٿي ويئي ڦوڳ سان، اهو ساڙ وٺي سارو،

اچي عمرڪوٽ ۾، ڪيائين اوتارو،

ساعت نه تڳيو سوز ۾، ڪيائين ’عمر‘ سان آرو،

پوءِ ڏنو ٻنهي ڏارو، ڀالوا جي ڀونءِ جو.“

ٻن پهرن جو عمر ڀال جي تڙ تان مارئي کنئي ۽ آندائين عمرڪوٽ ۾، ۽ چيائين ته

”مارئي مولا توکي هي ڏاج ڏياريو،

خدا جي خدائيءَ ۾ جيڪي اٿس اڀاريو،

سو مڙيوئي توکي مان ڏيان، آئي اڻ ساريو،

پر ايجاب اِجاريو، نسبت ساڻ نڪاحَ جو.“

تنهن تي مارئيءَ چيس:

”چي مائٽن جو مڱڻو ڪيو ’کيت‘ ساڻ ککي،

جيڪا نعمت نامَ ڪيائون، سا مڪرر مون ملي،

ڇلي گهرجي ڇا ٻيو، جا دولت هوءِ دلي،

جنهن کي ورڇڏي نه ولهي، سا پَرَ جي ڇاپڇا ڪري.“

تڏهن پڇاڙيءَ ۾ شاعر چوي ٿو ته

”مليو مهت مارئي کي، عمر به عدل ڪيو،

ست ستيءَ جو ڌڻيءَ، جئن هئو تئن رکيو،

مارئيءَ کي ملير ڏي، عمر اُماڻيو،

جڏهن لهي ويدن ويو، تڏهن سانگي سڀ سرها ٿيا.“

اهو آهي مارئيءَ جو قصو. شاهه انهيءَ قصي کي بيان ڪندي نه پالڻي جو، نه ماڏوئيءَ جو، نه ڦوڳ جو ۽ نه کيت جو، حتاڪه عمر جو به ذڪر ڪين ڪيو آهي. ڇوته سندس بلند تخيل جي تصوير فقط ’مارئي‘ ئي مڪمل ٿي ڪري سگهي. جنهن تصوير ۾ سنڌي عورت جي برگزيده اخلاق مان چونڊي ٻه جوهر نمايان ڪيا اٿس. هڪ ’عصمت‘ ۽ ٻيو ’وطن جي حب‘ ۽ انهن بنهي وصفن تي اهو ڪجهه چئي ويو آهي، جو انهيءَ کان وڌيڪ ڪوئي چوي ته ڇا؟ سندس زماني جي سنڌي سوسائٽي ۾ ائين نه آهي ته ڪي عيب ڪين هوا، ليڪن اسان جي ڀٽائي مصور ڇا ڪيو جو مارئيءَ جي تصوير کي وڌيڪ چمڪائڻ جي خيال سان انهن اوڻاين کي پنهنجي تصوير جو پس منظر ڪري اهو ڪم ورتو آهي، جو دنيا جي ڪنهن ادب ۾ سندس اهڙي مڪمل تصوير جو جواب ملڻ محال آهي. البته نهايت ٿوري پئماني تي اشتراڪي اديبن ڪي ڪي پس منظر اهڙا ڏنا آهن، پر انهن جا هيروز ۽ هيروئنس مارئيءَ جي معيار جا ستارا ڪين آهن. خيال فرمايو ته جنهن عورت کي هڪ اهڙي ماهول مان ڪڍي نروار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مارن جو کاڌو اجهو هي آهي:

”آڻين ۽ چاڙِهين، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا،

سَٿا ڪِئو سيد چئي، سائُون سُڪائِين،

مَنجهان لَنبَ لطيفُ چئي، چائُرَ ڪِيو چاڙهين،

پُلاءُ ته پاڙِين، عمر آراڙيَ سين.“

يــــا

”وَليون وَڻَ ڦلا ريا، لُلُرُ نِڱِيو لَسَ،

آڻِيو وِجَهن آهريُن، سَندا ٽُوهَن ٽَسَ،

ميوا، مَڃُرِ، ماکِيُون، سَڀَ ڪا چَکَن چَسَ.“

---

”وَرُ سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جَنِ،

گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻَ اباڻَن،

ويڙهيا گهُمَن وَليِين، جهانگي مَنجههِ جهنگن،

مون کي ماروئڙَن، سُڃ ڳڻائي سيجَ ۾.“

سندس ڪپڙن جي اجها هيءَ حالت هئي:

پَٽولا پهنواريون، مور نه مٿي ڪن،

جي لاک رتائون لوئيون، ته سالنئا سونهن،

سکر ڀائيان سومرا، کَٿي کان کُهنبن.

يـــا

آرمق هَڏِ مَ اوڍيون، پٽولا پٽ چيرَ،

ٻاندوڻا ٻن ڏيون، آر غچ ۽ عنبير ـــ

مارَن سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.

سينگار به هن قسم جو ڪندا هئا:

سون برابر سڳڙا، لُون لُون برابر لک،

رُپو جن رَد ڪِئو، ڪوڙ تنين کي ڪک،

مُون مارُنِ جو مک، تيل نه لائيان تُهن جو.

اهڙي غربت جي پس منظر مان هڪ مسڪين عورت کي شاهه نه، پر شاهه کان گهڻو اڳ جا قصه خوان ڪڍي اچي ٿا انهيءَ زماني جي بادشاهه جي محلات ۾ وجهن، پر الله الله شاه جي انهيءَ مسڪين ڇوڪريءَ جي ڪردار جي سونهن! غريباڻي جهوپڙيءَ ۾ ويهي شاهاڻي محالت جا خواب ته هرڪو ڏسي، پر شاهي محلات ۾ ويهي ڀلي شاهه جي مارئي چئي ته:

پکن جي پريت، ماڙيُن سين نه مٽيان.

جڏهن قصه خوانن سنجاب شاهي سمهڻ لاءِ آڇيو هئس، ته شاهه چورائيس. چوي ٿي:

آئون ڪيئن سوڙين سمهان،مارون گهارن ولَ،

کٿيري تان کِلَ، عمر ڪج مَ اهڙي.

طعام ٿا ڏنا وڃنس ته چئي ته:

کوءِ سي طعام تيُن جا، وَرُ سان ڏونرنَ جي ڏوئي.

پيئڻ لاءِ شربت ٿا ملنس ته موٽائي ٿي. چوي ته:

وَرُ اباڻن سين، کوءِ شربت تنهنجو سومرا.

اشتراڪي ادب، جنهن کي اسان جا نوجوان اڄ عام سيني سان لايو پيا ٿا هلن، تنهن جو به سنگ بنياد اهڙيون ئي غربت تي ٿيندڙ ظلمن جون تصويرون آهن. البته ٻه وڏا ۽ اصولي تفاوت موجود آهن. اشتراڪي ادب هڪ طرف کان غربت جي نهايت سقيم حالت کان شروع ٿو ٿئي ۽ ٻئي طرف وري امارت جي چوچلن ۽ هوسناڪين جون تصويرون ٿيون پيدا ڪيون وڃن، جن کي وري ٺڪرايو ٿو وڃي ۽ بعد ۾ غربت کي جي قدرت جوهر مليل آهن، تن کي غربت جي بي ڪسيءَ سبب اميرن جي دولت خريد ٿي ڪري ۽ آخر ۾ پنهنجي هوسناڪين جي پورت ۾ انهن کي قربان ڪيو ٿو وڃي. انهيءَ وچ ۾ پالڻن، ماڏوئن، ڦوڳن ۽ کيتن يا ڪن ٻين غربت جي حصيدارن جي واءِ ويلا ۽ انصاف جي خون ٿيڻ تي گريه وماتم جا ڪي سين ٿا وڌا وڃن ۽ قصي کي ختم ٿو ڪيو وڃي. برخلاف انهيءَ جي اسان ڏٺوسين ته، شاه مارئيءَ جي نهايت غربت جي حالت بيان ڪري فقط مارئيءَ جي اخلاقي تصور کي وڌيڪ روشن ٿو ڪندو رهي. شاهه وٽ نه مارئيءَ جي غريب مائٽن جي هاءِ گهوڙا آهي ۽ نه انهن کي دربدر ڪيو ويو آهي. بلڪ انهن جو ذڪر ئي نٿو اچي، سواءِ ڪن يادگيرين جي. سي به مارئيءَ جي سڪ ڀري زبان مان، اجهو هيئن ٿيون نڪرن:

= هن مُند مارو سنرا، کائر ۾ خوش حال.

= منهن جو تورُ تلن ۾ چيها ٿو چاري.

= هن مند مارو سنرا، ساڙيهه منجهه سڌير.

نه ماءُ جو ماتم آهي، نه پيءُ جو پِٽڪو نه ساهيڙين جا سُڏڪا. بلڪ شاهه جي بلاغت جو هيءُ اهڙو ڪمال آهي جو دنيا جي ڪنهن ڪتاب ۾ نٿو لڀي، جنهن لاءِ شيڪسپيئر به فقط چيو آهي ته ”شاعر ڪي ڪي خال ڇڏيندو ويندو آهي ته جيئن پڙهندڙ جو تخيل انهن کي پُر ڪندو هلي.“ جيتوڻيڪ پاڻ ائين ڪين ڪري سگهيو آهي. پر هيڏي اسان جو ڀٽائي گهوٽ ائين ته لکي ٿو ته

”وَرُ اباڻن سين اُڃَ، کهه شربت تنهن جو سومرا.“

پر ائين ڪٿي به نه لکيائين ته عمر چيس ته مارئي شربت وغيره پيءُ. ڇوته جيڪڏهن ائين لکي ها ته ڄڻ غربت جو مرثيو لکيائين. هڪ اها ڳالهه لکيائين جا سندس تصنيفات تي داغ ٿي بيهي ها. اشتراڪي جيڪڏهن مارئيءَ کي عمر وٽ آڻين ها ته عمر جي تصوير چٽن ها، سندس ظلم جو بدترين نمونو ڏيکارين ها ۽ آخر ۾ مارئيءَ جي عصمت جو خون ڏيکاري عمر جي خلاف پڙهندڙن جي دل ۾ نفرت پيدا ڪرائين ها. ۽ پوءِ سمجهن ها ته قوم جي وڏي خدمت ڪئي سين. ليڪن اهڙي ناداني گهڻي مان گهڻو ته وقتي جوش پيدا ڪرڻ کان پوءِ فوم ۾ ’عمر‘ ئي ’عمر‘ پيدا ڪندي رهي ها. پر شاهه پنهنجي تصويرن کي هر اهڙي مڪروهه داغ کان بچائيندو ويو آهي.

اشتراڪي ادب کي به انقلاب آڻڻو آهي ۽ شاهه کي به انقلاب آڻڻو آهي، البته هي فرق آهي ته اشتراڪي جو انقلاب آڻڻ ٿا گهرن، سو سياسي ۽ اقتصادي آهي ۽ شاهه جيڪو انقلاب ٿو آڻڻ گهري، سو فقط اخلاقي آهي. تنهن ڪري هنن کي جذبات کي ڀڙڪائڻو آهي ۽ شاهه کي فقط مذهب جي علاج سان روحانيت کي اپيل ڪرڻي آهي، جيئن اخلاق پيدا ٿئي. ظاهر آهي ته جذبات جو ڀڙڪو هڪ عارضي جوش آهي ۽ اخلاقي اصلاح هڪ مستقل چيز آهي. ٻين لفظن ۾ ته اشتراڪي ادب جيڪڏهن ڪامياب به ٿيو ته گهڻي ۾ گهڻو هڪ قسم جي حڪومت قائم ڪري سگهندو، جنهن حڪومت جي عين ۽ ثوابن بابت به ٻه رايا ٿين ٿا ۽ اخلاقي اپيل قوم ٺاهيندي جنهن جا ٻه رايا نٿا ٿي سگهن.

امت کي ’اُمت مرحوم‘ (جنهن جو عام مطلب هي آهي ته امت فوت ٿي چڪي) چئي چئي قوم کي سچ پچ مرده بنائڻ وارن کي گهرجي ته آئينده عبداللطيف عليه رحمت جي پيروي ڪندي امت جا ۽ انسانيت جا نيڪ وصف ٻڌائن، جي عام ماڻهو کانئن ٻڌن. اوهان کي ياد هوندو ته هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻن يا ٽن ٺڳن چيو هو ته ”ڪتو ڇو ڪلهن تي کنيو اٿئي ته هن مسڪين پنهنجو ڇيلو کڻي اڇلايو هو.“ اهو اٿوَ سائيڪلاجيڪل اثر خلق خدا جي چوڻ جو.

”مهراڻ“ آفيس جي ڄامشورو منتقلي

مهراڻ رسالي جي آفيس، بورڊ جي پريس سان گڏ، تلڪ چاڙهي کان ڄامشورو واري هيڊ آفيس ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي. لهذا، اديبن ۽ شاعرن کي گذارش ڪجي ٿي ته مهراڻ لاءِ مواد آئينده هن ائڊريس تي موڪلڻ فرمائين.

ايڊيٽر مهراڻ رسالو،

سنڌي ادبي بورڊ،

اسٽيشن روڊ، ڄامشورو، سنڌ

(فون نمبر 71176)

آه!

ذوالفـقار

راشـــــدي

سنڌي زبان جي ممتاز شاعر ۽ اديب ذوالفقار راشدي جي رحلت جي دکدائڪ خبر، سنڌي جي ادبي حلقن ۾ هڪ وڏي عرصي تائين افسوس ۽ ملال جو سبب رهندي. سنڌ جي صلاحيتمند، قادر الڪلام، ڪهنه مشق ۽ سٻاجهي شاعر، سائين ذوالفقار 27- آگسٽ 1986ع تي وفات ڪئي!

ذوالفقار راشدي جو جنم 10ــ مارچ 1938ع تي سنڌ جي مشهور راشديه خاندان ۾، لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخي هنڌ ”شاهه جو ڳوٺ“ ۾ ٿيو. سائين ذوالفقار ادبي ماحول ۾ ڄائو، پڙهيو، پرجهيو ۽ وڏ ٿيو. 1948ع کان شعر لکڻ شروع ڪيائين. مطالع جو شوق، داستانن جي پڙهڻ سان شروع ٿيو. سنڌي زبان ۾ پنهنجي انفرادي ڪلام، افسانن ۽ مضمونن سان قدر لائق اضافو ڪيائين، ۽ پڇاڙي تائين سنڌي ادب جي مخلصانه خدمت جو دامن هٿان نه ڇڏيائين.

1982ع ۾ سندس شعر جو مجموعو ”سوچ کي لوچ“ شايع ٿيو، جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ شاهڪار آهي. 53ــ1954ع ۾ هفتيوار ”هاري“ لاڙڪاڻه ڪجهه وقت لاءِ ايڊٽ ڪيائين. 1960ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار رسالو ”مذهبِ انسانيت“ جاري ڪيائين. مهراڻ رسالي ۾ شروع کان وٺي، سندس علمي مقالا ۽ اصلاحي افسانا توڙي ڪلام جا شاهڪار شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس ڪلام جي دلڪشي ۽ شيريني، فني پختگي ۽ خيال آفريني، کيس همعصر جديد شاعرن ۾ هڪ منفرد مقام بخشيو آهي. غزل، نظم، آزاد نظم ۽ گيت تي کيس استادانه قدرت حاصل هئي. هن دور ۾ سندس فن، سنڌي شاعريءَ جي لاءِ فخر جو باعث آهي ۽ رهندو.

گذارش

 

محڪمه آثار قديمه                          (ايڊيٽوريل)

هلندڙ سال جي شروع ۾ وفاقي وزارت، ملڪ ۾ قديم آثارن ۽ تاريخي يادگارن جي سنڀال ۽ انتظامي ڪنٽرول جي سوال جو تفصيلي جائزو وٺندي فيصلو ڪيو هو ته ممتاز مؤرخن، قديم آثارن جي ماهرن ۽ صوبن جي نمائندن تي مشتمل هڪ ڪميٽي، قديم آثارن جي فهرست جو جائزو وٺندي ۽ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ مڪاني ادارن جي ذميدارين بابت سفارشون ڪندي، جيئن ملڪ ۾ ثقافتي ماڳن جي سار سنڀال بهتر نموني ٿي سگهي.

وفاقي وزارت جو مذڪور فيصلو نهايت وقتائتو، بلڪ معقول ۽ نهايت لازمي آهي ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام، سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي حلقن ۽ سنڌ جي باشعور اديبن ۽ شاعرن جي جذبن ۽ خواهشن جي پوري پوري عڪاسي ڪري ٿو. اسان مذڪور فيصلي جي آجيان ڪندي، ان جي حمايت ڪريون ٿا.

آثار قديمه جا ماڳ، پوءِ اهي چاهي سنڌ ۾ هجن، يا ٻين صوبن ۾، اسان جي ملڪ جو نهايت اهم ۽ قيمتي سرمايو آهن. اهي اسان جا آڳاٽا اهڃان اسان جي ثقافت ۽ عظمت جا امين ۽ گواهه آهن. انهن جي سار سنڀال ۾ ڪوتاهي هڪ اهڙو قومي نقصان آهي، جنهن جي تلافي ناممڪن آهي. زنده ۽ سجاڳ قومون پنهنجي تاريخي ورثي کي ڪڏهن به ناس ٿيڻ نه ڏينديون آهن. بلڪ انهن جي بهتر کان بهتر حفاظت ڪنديون آهن. بدقسمتيءَ سان اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته محڪمه آثار قديمه ۽ ٻين اهڙن ادارن جي موجودگيءَ جي باوجود اسان پنهنجي املهه آثارن تاريخي جاين جي انهيءَ پيماني تي خاطر خواهه حفاظت ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ڪونه سگهيا آهيون، جيتريقدر ٿيڻ کپي. سنڌ جا قديم آثار ان حقيقت جي گواهي آهن. هڪ وڏي عرصي کان وٺي، اسان اڃا موهن جي دڙي کي سم ۽ ڪلر جي ڪلور کان آجو ڪري نه سگهيا آهيون. ڪوشش جو جاري رهڻ بلاشڪ مبارڪ ۽ بجا آهي، پر اڃا مثبت نتيجو پيدا ٿي نه سگهيو آهي، حالانڪ موهن جي دڙي جي اهميت ڪنهن به تشريح جي محتاج ناهي. حيدرآباد جو قلعو ڏينهون ڏينهن برباد ٿي رهيو آهي. مڪليءَ جي مقبرن جي حالت زار اکين اڳيان آهي. ڪوٽ ڏجيءَ جي تاريخي قلعي جي مناسب نگهداشت لاءِ مطالبا ٿيندا ٿا رهن. غرض ته سنڌ جي قديم آثارن جي بربادي نهايت ڏکوئيندڙ آهي. ڪجهه آثارن کي ته ڄاڻي واڻي برباد ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وڄڻوٽ/وڃناٿ جهڙي اهم تاريخي ماڳ جي تازه تباهي افسوسناڪ واقعو آهي، جيڪو اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. سنڌ جي علمي حلقن وڄڻوٽ جي برباديءَ جي موضوع تي الڳ پڪاريو هو.

ضرورت ان امر جي آهي ته سنڌ جي قديم آثارن سان غفلت روا رکي ويئي آهي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.

جڏهن ته حڪومت طرفان قائم ڪيل ڪميٽي، هن موضوع جو تفصيلي جائزو وٺندي ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، تڏهن اسان ان ڳالهه تي زور ڏينداسين ته محڪمي آثار قديمه جو جائزو ورتو وڃي، ڇو ته سنڌ وارن کي هن کاتي جي ڪارڪردگي بابت بي انداز شڪايتون رهنديون اچن ٿيون. ان سلسلي ۾ اسان جي هڪ تجويز اهي ته مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي قديم آثار، تحفظ ۽ نگهداشت جي ڏس ۾ قيمتي تجويزون حاصل ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي جو سهڪار ۽ مشاورت اڻ ٽر آهي، جنهن کي سنڌ جي قديم آثارن بابت بهتر ڄاڻ حاصل آهي.

ساڳئي وقت ان ڳالهه جي به وڏي ضرورت آهي ته سنڌ ۾ قديم آثارن جي سڀني هنڌن ۽ تاريخي يادگارن جي هڪ مڪمل ۽ وسيع فهرست تيار ڪئي وڃي ۽ جن هنڌن کي هيل تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي، تن کي شامل ڪري، انهن کي برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي. ان نقطي جي پڻ وڏي اهميت آهي ته سنڌ جي قديم آثارن بابت لٽريچر، وڏي تعداد ۾ شايع ڪري عوام کي ان جي اهميت ۽ تاريخي پس منظر بابت ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي.

ــ نفيس احمد شيخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com