سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 10

 

 

58- پَٽ_ ڪُنوار

پَٽ_ ڪُنوار به هڪ ٻوٽي آهي، جا ميداني پٽن ۾ پاڻمرادو اُڀري پوندي آهي ۽ ويندي آهي پَٽ ڀريندي. اُن جا ٻُٿَ ٻُٿَ بلڪل ايريال جهڙا ٿين. ايريال جون ڦرين البت ويڪريون ۽ ڳر واريون ٿين، پر پَٽ_ ڪُنوار جون ڦريون اهڙيون ڳر واريون ڪونه ٿين. آهي پَٽ_ ڪُنوار به ايريال، پر ٿر ۾ ان کي اهوئي نالو ڏين ان جو ڪارڻ اهو هوندو آهي، جو جڏهن منجهس ڳاڙها گل نڪرن، تڏهن ان جون گلن واريون چوٽيون اڀيون ٿي بيهن، لالاڻ لڳي وڃي ۽ سارو پٽ ڳاڙهي ڪنوار وانگر رتو ريشمي وڳو پهريو بيهي. جيئن سارو پٽ گاهه سان چهچ سائو ٿي ويندو آهي ته چوندا آهن ته پٽن سائو پهراڻ ڍڪيو آهي يا زمرد جهڙو سائو وڳو اوڍيو آهي يا پٽن تي سائو وڇاڻو وڇائجي ويو آهي. ساڳيءَ ريت، هن ٻوٽيءَ کي ٻين ٻوٽين سان ڀيٽ ڪندي ڪنوار ڪوٺيو ويندو آهي ۽ سنون پٽن ۾ اڀرڻ ڪري کيس پَٽ- ڪُنوار سڏين. پَٽُ گهوٽ ته هيءَ ٻوٽي ڪنوار.

هن ٻوٽيءَ جون ڪڏهن ڪڏهن گهرجائو ماڻهو ڦريون ٽي ويندا آهن ۽ انهن جي کل لاهي، ان جي گودي کي ٿورو سيڪي، ڳچيءَ جي مَلي جي ڇُٽڻ جوبلو ڪن. ڦري سوڄ واري جاءِ تي رکي، پٽي ٻڌي ڇڏين ۽ ڪجهه ٽاڪور به ڪن ٻه_ ٽي ڏينهن ڦري ٻڌي، ٽاڪور ڪيائون ۽ ٻَڌَ ڪيائون ته ملي به ڇڏي ويندي ۽ مَلِيءَ ڪري جيڪا سوڄ ٿي هوندي، سا به ڄڻ هئي ڪانه. ڀلائي ته سڀ شيءِ ۾ ڪانه ڪا آهي ئي آهي! قرآن شريف ۾ آيو آهي ته:

ماخلقت هــٰـذا باطلا

(ڪابه شيءِ اجائي نه اُپائي ويئي آهي)_ سبحان الله!

 

 

59- ٻاٻيهو

ٻاٻيهو به هڪ مٺڙو پکي آهي، جو مٺيون لاتيون لنونَدو آهي. هن کي ڪي ماڻهو ٻاٻيهو ۽ پپيهو به چون. ڀانت ڀانت جا پکي ڌڻيءَ اُپايا آهن، سڀئي سائينءَ جو نالو ڳنهن ٿا ۽ سندس ڳُڻ ڳائين ٿا. سڀ ڪو پنهنجي پر ۾ ٻولين ٻولن سان ڌڻيءَ جي ساراهه ڪري ٿو، جنهن اُپائڻهار کين اُپايو آهي. هڪڙا پکي آهن، جن کي ڳائيندڙ پکي ڪوٺبو آهي، جو اهي مِٺيون لاتيون ڪندا آهن. جهڙوڪ بلبل، ڪوئل، ٻاٻيهو ۽ ٻيا. ڪي پکي ذاڪر ڪوٺبا آهن، جي ڌڻيءَ جي لات لنون. جهڙوڪ پاريل يا پاريهل، ڪبوتر، ڳيرو، ٽيٽهار ۽ ٻيا جي سويل ساجهر، تتي ڏينهن ۽ سانجهيءَ جو واهيريءَ جو ويو هُو هُو ۽ گهُوگهُو ڪري ٻوليون ڪندا آهن. ڪي ڳالهائيندڙ پکي جهڙوڪ چَتون ۽ مينا. ڪن جا ٻول چون چُون به هوندا آهن. جهڙوڪ چيها، جهرڪيون، ٻوڙي ۽ ڪن جا ٻول وري ٻيا هوندا آهن، جهڙوڪ ڪانوَ، مور، ڪونجون، سرڻيون ۽ ٻيا. ڪي شڪاري پکي هوندا آهن، جهڙوڪ باز ۽ شڪرا. ڪي رات جا پکي، جهڙوڪ چٻرا، چنڊول ۽ چڪور. ڪهڙن جي پچار ڪري ڪهڙن جي ڪجي. سڀ سائينءَ جي جوڙ آهي، ساراهه سڀ انهيءَ جوڙيندڙ کي ڳائي ٿي.

ٻاٻيهو راڳيندڙ پکين مان آهي، سندس آلاپ آءٌ ته چوندس ته بلبل ۽ ڪوئل کان به ڪثر آهي. پکي ننڍڙو، کنڀ به ڪي اهڙا رنگارنگي ۽ سهڻا ڪونه ٿين پر ٻولي اهڙي جيءُ لُڀائيندڙ هوندي اٿس، جو ٻڌڻ سان ماڻهوءَ جا ڪن ٿڪبا ئي ڪين. ڀائيندو ته سدا پيو ڳائي. مولوي احمد ملاح پنهنجي ڪافين ۾ پاٻيهي جي گهڻي ساراهه ڪئي آهي. اوهين سندس ٻولي ٻڌندا ته سڀني کان سوائي ۽ سرس ليکيندا.

 

 

60- ٽِنب ۽ ڏٽو

اهو ته اوهان سڀني ٻڌو هوندوته ادا فلاڻو اگهائيءَ کان پوءِ بنهه ڳري ٽنب جهڙو ٿي ويو آهي. ڪڏهن پڇيو اٿو ته اها ٽنب ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن سان اڀري ماڻهوءَ جي ڀيٽ ڪئي ٿي وڃي، اچو ته آءٌ توهان کي کولي سُڻايان. ٻهراڙيءَ ۾ ماڻهو ويچارا ساريون، ٻيو اَن يا گاهه پٺو ڳوڻ ۾ بند ڪري کڻي ويندا آهن. هنن وٽ سوتلي ۽ سوئو ڪونه هوندو آهي، جنهن سان ڳوڻ جو منهن بندڪن، پوءِ اٽڪل ڪهڙي ڪن جو ننڍڙيون سنهيون ڪاٺيون چونڊي، ٻن_ ٻن انچن جيڏا ٽڪر ڪري، ڳوڻ جا ٻيئي چپ ملائي، اهي ڪاٺيون چونڊي، اهي ڪاٺيون ڳوڻ ۾ اهڙي طرح ٽُنبيندا آهن، جيئن وڏا ٽوپا ڏجن. ان نموني ڳوڻ جو منهن بند ڪن ۽ چون ته ادا سوتلي ۽ سوئو نه آهي ته هرج ڪونهي، ٽنبون هڻوس ته سوتليءَ کان به سوگهي ٿي ويندي. اهي ٽِنبون جيئن ته سنهڙيون ڪاٺيون هونديون آهن ان ڪري چوندا آهن ته فلاڻو ويچارو ڳري ٽِنب ٿي ويو آهي.

وري اچو ڏٽي تي، چوڻ ۾ ايندو آهي ته فلاڻو فلاڻي وٽ پنڌ ڪري ڪري ٿڪو آهي، اڃا ته رڳو ڪوڙا ڏٽا پيو ڏئي، ڪم ته الاجي ڪڏهن ڪندو؟ اوهان سوچيو آهي ته اهي ڏٽا ڇا آهن، اوهين چوندا ته ڏٽا جو ارٿ آهي ڪوڙا دلاسا. ائين برابر آهي، پر ڏٽي جي پٺيان ٻيو به ڪي لڪل اهي. اوهان کي سُڌ هجي ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو مکڻ تپائي گيهه ڪري، دٻن ۾ وجهي، شهرن ۾ وڪري لاءِ کڻي ايندا آهن. دٻن ۾ گيهه ته وڌو ويو، هاڻي دٻي جو گول ٽنگ ڪيئن بند ڪجي، جو اهو اُٺ گهوڙي تي بنان هارجڻ ويرجڻ جي کڙئي يا خرزين ۾وجهي کڻجي. اتي به ٻهراڙيءَ جي ماڻهن هڪڙي اٽڪل ڳولي ڪڍي آهي. ڇا ڪندا آهن، جو ڪپڙي جون ننڍيون ڳوٿريون سُبي، اهي دٻن تي ٽنگن ۾ اندر کڻي وجهندا ۽ مٿان ان کي ويڙها ڏيئي اندي کُنجي، انهيءَ ڳوٿريءَ جا ڪنارا ٿُلها ڪندا، جي ٽنگ کان ٻاهر رهن، پوءِ جيڪي مٽي پسائي، ان ڳوٿريءَ کي ڀريندا ته هيٺان ان جي گولائي دٻي جي سوراخ کان پکڙي ٿلهي ۽ ويڪري ٿي پوندي ۽ پوءِ مٿان منهن تائين مٽي اهڙيءَ طرح ڀريندس، جو ’ڏٽو‘ ٿي پوندو. اها ڳوٿري اهڙي ته سوگهي ٿي ويندي، جو ريهه ٽُٽي پوي پر ڏٽو نه ٽٽي نه شهر ۾ دٻو کڻي وڃي ريهاڻيءَ جو ملهه ڀرڻو پوي ۽ نه ٻيا پٽڻا پون. چوندا ته بابا، دٻي کي ڏيو ڏٽو ته ڪتي ٻلي کان سوگهو! گيهه جو ڦڙو به نه وهندو. آهي به ائين، ڏٽو تيستائين لڳو رهندو، جيستائين ان کي ڪنهن ڪَپ يا ڇُريءَ سان مِٽي کوٽي ٻاهر ڪڍجي. تيستائين ڏٽو آيو پيو هوندس ۽ ان تي سڀ ڪنهن جو ڀروسو هوندو، پر نيٺ ڪوڙ جو مثل ڪوڙ! اهوئي ڪارڻ آهي، جو ڪوڙي دلاسي کي ڏٽي سان ڀيٽ ڪبي آهي. ڏٽو آهي گهڙيءَ کن جو اپاءُ، جيئن ڪوڙو دلاسو به ٿوري ويرم لاءِ هوندو آهي ۽ نيٺ پڌرو ٿيو پوي.

 

 

61- تُٿو

هن کي ڪي ماڻهو اُونٿو به چون. اُن جي ڪپڙي جو ويري، تٿي کان وڌ ٻيو ڪو جيت ڪونهي. شل نه اُوني ڪپڙن، کَٿين، شالن، ڪمرين، بلانڪيٽن، ڪمبلن ۽ ڪوٽن کي لڳي. بس پوءِ ته جنهن کي ورتائين، ان کي تُن تُن ڪري ڇڏيندو، تٿو بلا ڪهڙي آهي، جا ايترو ڇيهو ٿي رسائي؟ اهي ٻئي نڀاڳا ڪپڙا آهن. سيارو پورو ئي، اسين گرم ڪپڙا ۽ اوڍڻ جو سامان ڇنڊي ڦوڪي تهه ڪري پيتيءَ ۾ سنڀال سان بند ڪري رکون ته وري ايندڙ سال پهرينداسين، پر اهڙا ڀاڳ جي ٿين! سوٽي ڪپڙن کي ته ڪاڻ ڪانهي، ڪوبه جيت ڪونه وچڙين، پر اُن کي نٿو وٺي ته ڀاڱا لاهي ڇڏيس ۽ وري ڪنهن به ڪم جا نه ٿين.

اهو رنگ ڏسي ماڻهو ويچارا فنائيل جي گورين کان ڪم وٺن ۽ گرم ڪپڙن ۾ وجهي ڇڏين ۽ هڪڙيون ڳري وڃن ته ٻيون وجهي ڇڏين. سارو سال سنڀال ڪندا رهن، تڏهن مس ڪا وڃي ڀرم ڀري ٿئي. تٿي جا جيت نڀاڳا، جنم به اندرئي اندر اُوني ڪپڙن ۾وٺن ۽ جتان جنم ملين، ان جا ئي ويري ٿين ۽ ان کي کائين. ڏسڻ ۾ به اهڙا ته بوجارا بڇڙا آهن جو ڊپ پيو وٺندو. گهڻا ماڻهو ويچارا فنائيل نه هوندو اٿن ته ڪپڙن ۾ نم جا پن وجهندا آهن ۽ انهن کي مهيني سر مهيني اُس ۾ ڪڍي سڪائيندا آهن. مينهوڳيءَ جي مند ۾ گهم ٿيندي آهي، ان ۾ ته اُوني ڪپڙن جي سنڀال ڏاڍي ضروري آهي، جو تُٿو جنم ئي هن مند ۾وٺي ٿو. توهين پاڻ ڏسو ته اُوني ڪپڙو ڪيترو نه مهانگو آهي ۽ ان جي سِباڻي به ڪيتري نه ڳري آهي! ان ڪري ڏاهن ماڻهن جو ڪم آهي ته فنائيل جون گوريون ڪيئن به ڪري ڳنهي ڪپڙن ۾ وجهن نه ته اوني ڪپڙن تان هٿ ڌوئي ويهن.

 

 

62- مريڙو

ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ پورائي ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڀاڄيون باغن جي واڙن ۾ يا ٻنين ۾ پوکيون وينديون آهن، پر ڪي ڀاڄيون اهڙيون به آهن، جي بن ڪمائيءَ جهنگلن ۾ پاڻمرادو اُڀرن ٿيو. جيئن ته لوڻڪ، مريڙو، لِلرُ، ٻُگرو، ڪونڍير، ڦوڳي، کُنڀيون، جهنگلي ميها، سڱريون، پُسي،پپون، ڏؤنرا، چڀڙ ۽ ٻيون، انهن جهنگلي ڀاڄين ۾ مريڙو آهي، جو گهڻو تڻو سڀني کي وڻندو آهي ۽ سڌون ڪري ماڻهو کائيندا آهن. مينهن جي مند ۾ ان جو گهڻو اوڀر ٿيندو آهي، وڻن جي ڇانولي ۾ ته گوها ڏيئي اُڀري، جيترو کپيوَ بنا پئسي پٽي کڻي اچو ۽ ڀاڄي رڌي کائو ۽ مزو وٺو. لوڻڪ ڪجهه گِسي ۽ ليس واري ڀاڄي آهي. آهي اها به چڱي، پر مريڙي جو مٽ نه ٿيندي. مريڙو آهي اڻڀي ڀاڄي، جنهن ڪري ان ۾ گيهه جام پوي ۽ ڏاڙهن جي ڪڻ به جهجهي وجهجيس، پوءِ هٿ ويٺو چٽ. ڪڻڪ جي مانيءَ سان ايترو رس نه ڪري، جيترو ٻاجهري يا جوئر جي ڍوڍي سان. ٿر ۾ ته ٿئي ئي ٻاجهري، ان ڪري ٿري ماڻهو مريڙي مان جاوا ڪن. ڪونڍير پٽاٽن وانگر ٿين، ڦڪا ئي ڦڪا، ڪَچا به کائجن ۽ رڌي به. للر ۽ ٻنگرو ته رڳو اٻاري انهن جا مٺيا ٺاهي، ٿري ويچارا ويلو ٽاري ڇڏين. پپن لاءِ مون اڳي ئي لکيو آهي. سڱريون ته اوهان ڪَنڊين جي وڻن ۾ ڏٺيون آهن. پچن ته ڏاڍيون مٺيون ٿين. ٻار انهن کي ڪُٽي ڀوڳاڙو ٺاهي ڦڪ ڀريندا وتن. ڪچيون هجن ته انهن جي ڀاڄي به گهٽ سوادي ڪين ٿئي. ڏؤنرن ۽ پُسيءَ جي ڀاڄي به ٿئي ۽ آچار به. ڏؤنرا پچن ته ڳاڙها پڪا ٿي پون،جي موج سان کائجن. ڦوڳن جي ٻوٽي ۾ ننڍڙا ننڍڙا گل ٿين تن کي ڦوڳي ڪوٺجي، اها  ڪچي به کائجي ۽ ڀاڄي ڪري رڌي به واپرائجي.

ڏسو ته ڌڻيءَ سڳوري ماڻهوءَ لاءِ ڇا ڇا نه بنايو آهي، ته ڀلي منهنجا ٻانها کائي سواد وٺن ۽ پيٽ پارين.

 

 

63- ٻوراني

اوهان مان گهڻن تڻن ته ٻوراني پڪ کاڌي هوندي، جي کاڌي نه هوندي ته ڪن هٽن تي پيلي رنگ جا وڏا وڏا مُٺيا (چاڻا) رکيل ڏٺا هوندوَ. اهائي ٻوراني هوندي آهي. سَڄرَ ته ڏاڍي سوادي ۽ مٺي هوندي آهي، پر جي گهڻن ڏينهن تائين رکيل هوندي آهي ته به سَڄر جهڙي نه، ته به چڱي موچاري هوندي آهي. ٻار اها چاهه ۽ چَس سان کائيندا آهن. وڏا به هن جو سواد وٺڻ ۾ ڪسر ڪانه ڇڏين. ٻورانيءَ جو هڪڙو ٽُڪر يا ڳنڍو ڀڃي کڻي وات ۾ وجهي ڏند  ڏينس ته ڦڪرو اٽو يا ٻورو ٿي پوندو ۽ مِٽون ڀرجي وينديون. پوءِ ڄڀ اٿلائي اٿلائي نيٺ ڳهي ڇڏينس. ٻورانيءَ جو اکر ئي اهڙو آهي، جنهن مان اوهين سمجهي ويندا ته هيءُ ڪنهن ٻوٽي جو ٻُور آهي، جنهن کي ڪنهن رٿا سان جوڙي ٺاهي مٺائيءَ جهڙي وٿ جوڙي رکي اٿن.

هاڻي مان توهان کي ٻڌايان ته اهو ڇا جو ٻور آهي؟ ته ٻڌو: جتي جتي سم گهڻي هوندي آهي اتي هيٺاهين پٽن تي سم جو پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي، ان پاڻيءَ جي آڌار تي هڪ گاهه، جنهن کي پَنِ ڪوٺيو ويندو آهي، سو گهاٽو گهاٽوا ُڀري پوندو آهي. اها پن وڌي وڏي ٿئي ۽ ٻاجهريءَ جي سنگن وانگر ان ۾ سنگ نڪرن، پر انهن سنگن ۾ داڻا ڪونه ٿين، رڳو اڪ جي انبن ۾ جيئن هڪ نموني جي ڪپهه ٿيندي آهي. اهڙي ڪپهه ٿئي، اڪ جي ڪپهه مان وهاڻا ڀرجن ته ڏاڍا نرم ٿين. هن پن جي پهه مان به ڪي وهاڻا ڀرين، پر ٿوري گهڻين ڏينهن ان ۾ بانس ٿيو پوي.

پر وٺو ڳالهه جو ڳاٽو. انهن سنگن جي چوٽيءَ وٽان، وچان هڪ تيليءَ جهڙي سرائي اڌ_ مني فوٽ جيڏي اُڀري، جنهن تي ور چڙهي وڃي. اهو ٻور مان ته ڀورو ڏسڻ ۾ اچي، پر اندران پيلو هوندو آهي. ماڻهو ويچارا هٿن سان اهو ٻورو روڙيندا گڏ ڪندا ويندا آهن. مڻن منهين ٻور ڪٺو ڪري، ڀريون ٻڌي کڻي وڃن ۽ ان کي ڀوري ڳوهي، پوءِ ڦڪرو ٿئي ته ان جا وڏا ڳوڙها ۽ ننڍا مُٺيا جوڙي راس ڪن، پوءِ اچي شهرن ۾ وڪڻن، جنهن مان چڱو پئسو پڙِ پوين. اڳي ته ٻوراني خيرپور ۾ جام ٿيندي هئي، جو اتي سم به گهڻي هئي، ٻيو سنڌ ۾ جتي ڪٿي سم وارين ڍنڍن ڍورن تي به جام ٿيندي هئي. اڄڪلهه ٻوراني گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، نه ته شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اهڙو هٽ ڪونه هوندو هو، جتي ٻوراني نه ملي.

اهي آهن الله سائينءَ جون ڪرڻيون؛ جيئن وڻيس تيئن ڪري. ماڻهن لاءِ ڇا ڇا نه اپايو اٿس، پوءِ به هي ٻانها سندس ٿورا نه مڃين ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي نه هلن ته اوڳڻي ڳالهه آهي. ڏک آهي ته هاڻ هن شيءِ جو واهپو گهٽجي ويو آهي. اها ٻارن جي وڻندڙ شيءِ هئي. ”ٻوراني، ڙي ٻوراني!“ توکي ٻار ڏاڍو ٿا ياد ڪن. تون ڪٿي وڃي لڪي آهين؟ نڪري اچ ٻاهر ته توکي کائي چڙهه ڪن.

 

 

64- پَٻڻ، بِهه ۽ لوڙهه

جيتريون ڌڻيءَ سڳوري ڀاڄيون ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي اُپايون آهن؛ اوتريون ڌرتيءَ ۾ اندر ۽ وري ڪيتريون پاڻيءَ جي مٿان ۽ پاڻيءَ ۾ اندر آهن. اوهان جيڪي ڀاڄيون کائو ٿا، جهڙوڪ ميٿي، پالڪ، چوڪو، گوبي، ڌاڻا، ڦودنو، ڀينڊيون، سايون توريون، ڪدو، گوار ۽ ٻيون. اهي اُسرن ڌرتيءَ کان مٿي موريون، گجرون، پٽاٽا، گوگڙو ۽ ٻيون ٿين ڌرتيءَ ۾ اندر پاڙ سان، ۽ پاڻيءَ ۾ وري بهُه، لوڙهه ۽ ڪُم ٿين پر پٻڻ مٿي پاڻيءَ تي ٿئي. بهه، لوڙهه ۽ ڪُم جون پاڻيءَ ۾ هيٺ پاڙؤن ٿين ۽ پٻڻ پاڻيءَ کان مٿي انجي مٿاڇري تي ٿئي.

بِهه اوهان کاڌا هوندا. ڪهڙا نه سوادي آهن، ٻوڙ ۾ وجهن، اُٻاري مرچ لوڻ وجهي کائجن، ڪچريون ڪري رکجن، اهي سڀ ڪم انهن مان وٺجن. اهي بَهه اَٿوَ پٻڻ جون پاڙون، پٻڻ جا کوپا (پاٻوڙا) ته اوهان وٺي ڇني منجهائن پٻڻيون ڪڍي کاڌيون هونديون! ڏسو ته ڇا آهي، هنن ۾ مزو. وات ۾ وجهه ته کير پيو نڪرندو. سڪي وڃن ته به خرارن جي منهن وڪامن، جي ساين مان ڪاريون پٻڻيون ٿي وڃن ته دوائن ۾ ڪم اچن.

رهيا لوڙهه، سي به اوهان کائي چس ورتي هوندي! ڍنڍن ۾ اندر اُپجن ۽ گپ سان گڏيا پيا هجن. ميربحر ٽٻيون هڻي ڪڍن يا وري ڍنڍن ۾ پاڻي جڏهن ٿورو وڃي بچي، تڏهن ڍڳ کڻي ميڙين. لوڙهه، ٿورا ڪسارا ٿين پر اها ڪساراڻ اهڙي ته وڻي، جو کائيندي کائيندي، پيٽ ئي ڪين ڀرجي. ڀانئجي ته هجن ته ويٺو کائجين. مٿان کل ڪاري هوندي اٿن. ڪوسي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، اُٻاري پوءِ کل لاهي، سندن ڳڀ ويهي چَس سان کائجي ته ماڻهو کائڻ مان ٿڪجي ئي ڪين.

ڪُمَ به اهڙي ئي سلوڻي شيءِ آهي، منجهن خس خس وانگر داڻا ٿين، جن کي ناپو چئبو آهي، جيڪو چانورن سان رڌي کائبو آهي، ته پلاءُ جو سواد ڏيندو آهي، پر جي ڪُمن جي کل لاهي کڻي وات ۾ وجهه ته واهه واهه! ڪهڙي ڳالهه ڪجي. کائڻ وارو چوندو ته ٻيلي اڃا آڻ ۽ آڻ. لوڙهه ڌوئي گپ ڪڍي اُٻاري ٻوڙ ۾ کڻي وجهبا آهن ته اهي وڻندا آهن، جو ڀانءِ ته ڪڪڙ جا آنا اُٻاري رڌا اٿن.

هاڻي ويچار ڪريو ۽ چئو ته ڌڻيءَ جي ڏنل ڀلاين مان ڪهڙين جي ناڪار ڪري ڪهڙين جي ڪندا. هن ڀلي جا ڪيترا ڀال مڃيون ۽ ٿورا ڳايون.

گهڻا ورهيه ٿيا ته ڪنهن سگهڙ سمن جي صاحبيءَ ۾ چيو هو ته:

هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بهه مڇي ۽ لوڙهه سمي ويندي سوکڙي.

 

 

65- تلور ۽ گوڙامڻو

تلور ۽ گوڙامڻو به حلال پکي آهن ۽ ٻيئي هڪ ئي بُڻ جا آهن. نيٺ پکي آهن، سو مٿي اڏامن، پر ايترو گهڻو ڪين اڏامن، جيتروسرڻيون اڏامن، رڳو مور وانگر ٿورو اڏامي وري ويهي رهن. هيءَ پکي به تترن وانگر ڌرتيءَ تي ڏاڍو تکو ڊوڙي سگهن. ڪنهن به ماڻهو کي ايندو ڏسن ته اهڙي ڊوڙ پائين، جو ڪير ٿو رسين؟ هيءَ پکي به پڌر جا پکي آهن ۽ شڪاري هنن جي پويان به بندوقون کڻيو، هنن کي ڳوليندا وتندا آهن، جنهن جُوءِ ۾ تلورن جو ڏس پين ته اتي پهتا. تلور جا کنڀ ڪارسرا ٿين ۽ پيٽ به ڪارسرو ٿئيس. پر گوڙامڻي جو پيٽ اڇو ٿئي ۽کنڀ ڀورا ناسي ٿين. ڳچيون ٻنهي جون ڊگهيون ٿين ۽ پير هڪجهڙا. گوڙامڻو تلور کان ڪجهه وڏيرڙو ٿئي. ڊوڙڻ ۾ ٻيئي کي ڇها آهن. چوندا آهن ته سهي ۽ هرڻ وانگر هنن جي به اها چال آهي، جو سهو ۽ هرڻ پرڀرو وڃي پٺتي نهاريندا ته ويري ويو يا آهي، پوءِ اها چال سندن مرڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي. تلور جي چال وري اها، جو ڊوڙي ڊوڙي ڪنهن ٻوٽي جي ٻُوڙي وٽ پهتي ته ان ۾ منهن کڻي لڪائيندي، اکيون کڻي بند ڪندي ۽ ڀائيندي ته مون کي ڪو ڪونه ٿو ڏسي. بس اها سندس سمجهه کيس مارائيندي آهي. ويري بندوق سڃيو بيٺا هوندا آهن، ٻوڙي ۾ لڪڻ جي دير آهي، لِڪي ته فائر ٺڪاءُ ٿي ويندس ۽ اچي ڪپ ڪنڌ تي رسندس.

تلور ۽ گوڙامڻي جو گوشت ذري گهٽ سواد ۾ هڪجهڙو آهي، پر تلور ڪجهه ڪثر آهي. ٻوڙ اهڙو سٺوڪين ٿئين، باقي پلاءُ کائجي ته تلور جو! تتر ۽ ڪڪڙ جو گوشت اڇو ٿئي، هنن جو ڳاڙهو پر پلاءُ ٺاهي کاءُ ته تتر به وسري وڃي. تتر پڪل سٺو ٿئي، پر پلاءُ ۾ تلور زور آهي. وڏا ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن هن جي شڪار پٺيان متوالا هوندا آهن ۽ تلور ماري اچي پنهنجن سنگتين ساٿين کي سوکڙيءَ وانگر ڏين. ويچارا جهنگ جا پکي شهرن کان ڪوهين ڏور پري ڀڄن، پرهنن چڱن مڙسن کان ڪٿي ٿي جند ڇٽين! ويچارن کي جهنگن برن ۾ به ڳوليو اچيو هٿ ڪن، پنهنجي پيٽ ۽ وات جي چس لاءِ ماريو مات ڪن. شڪار جي موڪل به ايتري آهي ته پيٽ ڀرن جيترو ڪجي، پر شڪاري ترس ڪونه کائين. هرڻن جون به جيپون ڀرجي اچن، ڍنڍ جي پکين سان به اهڙو ئي ويل واهين ۽ هنن جهنگ جي پَسُن جو به ڪم لاهيو وڃن، ڪمهري ڌڻيءَ کي ڪين وڻي، ان ڪري ماڻهن کي جيتاڙن تي ترس کائڻ کپي.

 

 

66- شڪاري پکي

گهڻا پکي ته داڻا ڪڻا ۽ ڦل ڦول کائين، پر اهڙا به پکي آهن، جيڪي ٻين ننڍن پکين جو شڪار ڪري انهن جو گوشت کائين. انهن پکين جو بُڻ ساڳيو آهي، جهڙوڪ باز، بانسو ۽ شڪرو. سرڻ ته نه رڳو ننڍڙا پکي چنبن ۾ جهلي چيري ڦاڙي کائي، پر ماڻهن جي هٿن مان گوشت به ڇني ۽ ٻيون شيون لامارو هڻي کسي وڃي ۽ ماڻهو منهن ڀلڪڙو ڪري بيٺو ڏسي، سُڌ تڏهن پويس، جڏهن اهڙو ڪم ٿي وڃيس ڄڻ ڪهيريءَ کان ڀولڙو ڇڏائي ويو. سرڻيون شهر ۾ به کوڙ آهن. سنجهي جي ٽاڻي ته گهڻو مٿي اُڏامنديون ڏسڻ ۾ اچن، اهي شهرن کان ڪين ڊڄن ۽ نه ماڻهن جو ڀـؤ ٿئين. پر باز، شڪرو ۽ بانشو جهنگلي پکي آهن. شهرن کان ڊڄن، جهنگن ۾ شينهن جي ڏيکائي ڏين. شهرن ۾ وڏا ماڻهو، جي شڪار جا ڪوڏيا هوندا آهن، سي انهن کي پالين ۽ شڪار جو ڏانءُ سيکارين. ڪيترا ڏينهن جيستائين نولا هوندا آهن، تيستائين هنن جون اکيون ٻڌي ڇڏين ۽ رات جو انهن کي اوجاڳا ڪرائين. هٿن جي پٺيءَ تي انهن کي ويهارين ته جهنگ کي ڀلجي وڃن ۽ ماڻهن سان هري مري وڃن. ڪيترا ڏينهن ته اهي تيسي ۾ کاڌو به ڪونه کائين، پر نيٺ ته ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“ هٿراڌو گوشت ڇلي انهن کي کارائين، نه ته هي پکي ٻئي جي هٿان شڪار وٺي نه کائيندا آهن، پر پنهنجو شڪار پاڻ ڪري پوءِ ٽانءِ ۾ ڀرجي ويهي کائين. باز سرڻ کان به وڏا ٿين، شڪرا ان کان ننڍا ۽ بانشا تهان ئي لاٺيرا ٿين.

 

هي شڪاري پکي جڏهن هري مري وڃن ته شڪاري مڙس هنن کي شڪار لاءِ ٻاهر جهنگ ۾ کنيو وڃن، هٿن تي چمڙي وڍيءَ جي رسي چيلهه ۾ وجهي، پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌنس. پهريائين جڏهن شڪار تي هيرائيندس ته تتر، ٻاٽيهڙن جا بوتا ٺاهي، باز جون اکيون کولي ڇڏين، پوءِ بوتا وٺي مٿي اڇلين ۽باز کي هڪل ڪن ته ”اهو ٿو وڃيئ تتر پوءِ باز، بانشو يا شڪرو به اهڙي ته وٺي لوهه ڏئي اُڏامندو، جو هڪڙيئي جهڙپ سان انهيءَ بوتي کي چنبن ۾ پڪڙي، موٽي شڪاريءَ وٽ آڻي اڳيان جهليندو، جو کانئس ڇڏائي پاڻ وٽ رکندو. اهڙيءَ ريت جڏهن شڪار جو ڍنگ اچي ويندس ته پوءِ سچن پچن جيئرن پکين پٺيان بڇيندس؛ پوءِ ته ويرم ئي ڪانه ڪندو. اهو بازن جو شڪار ڏسڻ وٽان آهي. ماڻهو ڪيڏو نه سياڻو آهي پنهنجي سمجهه ۽ سياڻپ سان ڪيئن نه جهنگ جا پکي ۽ مرون به پاليو ڇڏي، جي سندس هڪل جا ٻانها هوندا آهن.

 

اوهان کي ٻڌي تپرس وٺي ويندي ته اهي شڪاري پکي، هزارين رپين ۾ وڪامن ٿا ۽ ڏاڍا مُلهائتا هوندا آهن. انهن جو پالڻ به سچ پچ ته مکڻ جي سيخ پچائڻي آهي. چنبن ۾ ڏاڍي سگهه ٿئين، چهنبون وريل ۽ نوڪ واريون هونديون اٿن، هِتان پکيءَ کي پڪڙيو، هُتان چنبن ۾ جهلي چهنب سان چيري ڦاڙي کائي ويندس، ماس کائي کنڀ کڻي هيٺ ڦٽا ڪندا.

شڪار جا ڪوڏيا انهن پکين جي سنڀال جهڙي وٺن، تهڙي پُٽن جي به نه وٺن ۽ من ساهه پساهه ڏين. بس چوندا آهن ته ”شوق جو مُلهه ئي ڪونهي.“ ڪي ماڻهو پاڻ پيا بک مرندا، پر هنن پکين کي پيا چورما کارائيندا، جڏهن شڪار ڪري ڏيندن، تڏهن پاڻ به تتر، ٻاٽيهڙ ۽ ٻيا حلال پکي شيخ تي چاڙهي يا تري، انهن جو گوشت کائي پيٽ ڀريندا، جنهن مان کين اهڙو چشڪو اچي، جو لک خرچن ته به پلئه نه پوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com