سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 8

 

 

43- سونا گيڙو

ڪي ڳهيلا ماڻهو چوندا آهن ته ڌڻي سڳوري هي پربتون، پهاڙ ۽ ٽَڪريون ته الائجي ڇو ٺاهيون؟ اکيون پٽي ڏسن ته سڌ پوين ته انهن مان کين ڪهڙا ڪهڙا لاڀ پراپت ٿين ٿا. انهن جي پٿرن مان چُن جو پٿر، سيمنٽ جو پٿر، جاين ٺاهڻ جو پٿر ڪڪري، ريتي، بجري ۽ ٻيو ڇا ڇا نه ٿو ملي. انهن پربتن جي پاڙن ۾ کاڻيون ٿين، جن مان ميٽ، لوهه، ٽامون ۽ ٻيون گئسون ۽ سڀ کان وڌيڪ هيرا جواهر ملن ٿا، جن جي ڪري اسان جو ديس سائو ستابو ٿيو پوي. رڳو ماڻهوءَ ۾ اُدم ۽ اورچائي جو گُڻ هئڻ گهرجي ته سڀ ڪجهه ملي پوي. اهي ئي پربتون ته آهن، جنهن ڪري اسان کي پاڻي ملي ٿو، ملڪ جون نديون وهن ٿيون،.انهن پربتن تي برف پوي، جا سياري ۾ ڄمي پئي هجي ۽ اونهاري م تکي اُس هئڻ ڪري وٽڙي پاڻي ٿي مٿان ڪِري ۽ تکا گهارا بنجي وهي وڃي وڏين ڍنڍن ۾ پوي، جتان وڏا وڏا ڦاٽ وهي نڪرن ۽ نديون ٺاهين، جن جي پاڻيءَ تي اسين پوکون ڪري ان، گاهه، ڀاڄيون ۽ ڦل ڦول پوکيون.

آءٌ جڏهن هڪ دفعي ننگرپارڪر کان ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ تي هڪ ڳوٺ چوڙيئي ۽ ٻهرائي ڏي ٿي ويس، ته ننڍيون ننڍيون ڳاڙهيون ٽڪريون ڏسڻ ۾ آيون. اُٺ تان لهي جانچ ڪيم ته هي ڳاڙهيون ڇوآهن. ڏسان کڻي ته انهن جو پٿر سُڄ داءَ جو آهي. اهو داءُ وارو نرم پٿر ڪُٽي ڇاڻي اسين پنهنجي پڪين سرن وارين جاين کي اڇي پوچيءَ جي بدلي ڳاڙهي داءَ جو راڳو ڏيندا آهيون ته سرن واريون ڀتيون ويتر سونهن ڪنديون آهن. داءَ کان سواءِ هيٺ کوٽبو آهي ته ڪي تمام نرم ڳوڙها سونا گيڙوءَ جا به لڀي پوندا آهن، جي ڀورُ هوندا آهن. اهي ڳوڙها ته داءَ کان به وڌ ڪمائتا هوندا آهن. اهي اوهان کي ڏسڻا هجن ته سونارن وٽ وڃي ڏسو. سونارو ويچارو سون جا ڀلي ته ڪهڙا به سهڻا ڳهه ڳٺا ٺاهي، پر اهي ڦڪا هوندا آهن. ٺاهڻ کان پوءِ جيستائين انهن ڳهن کي سونا گيڙوءَ جي چَٽَ نه ڏئي تيستائين سون سونهن ئي نه ڪري. سون جي چمڪ ۽ ڌمڪ سوناگيڙو ئي وڌائيندو آهي. زالون مايون ته سون تي سدائين هرکيل هوندوين آهن، سو سوناگيڙو لڳل ڳهه ڏسن ته اصل چريون ٿيو پون. ڪڏهن ڪڏهن سندن زيورن تان سونا گيڙوءَ جو رنگ لهي وڃي ته وري ان ڳهه کي اوجر ڪرائين ۽ سوناگيڙوءَ جي چَٽَ ڏيارين، تڏهن وڃي سندن من ۽ اکيون ٺرن. انهيءَ پٿر جو نالو ئي رکيو اٿن سوناگيڙو. گيڙو، رنگ آهي ۽ اهو رنگ سون کي ڏيڻ لاءِ ئي ڪم اچي ٿو، ان ڪري چونس ئي سوناگيڙو.

هاڻي ٻڌايو ته آهي ڪا اهڙي شيءِ جا خدا نڪمي جوڙي هجي؟ ڌرتيءَ ۾، پاڻيءَ ۾، پهاڙن، اُڀ جي ڪڪرن ۾، سج چنڊ ۾ تارن ڪُتين ۾ ڪيئي خزانا لڪل آهن، جن تي ماڻهوءَ کي کپي ته ويچار ڪري انهن مان ڪمائتا ڪم وٺي. قرآن ۾ ته الله سائين چوي ٿو ته مون ڪابه شيءِ بنا ڪم جي جوڙي نه آهي. لوهه ۽ ٻيا ڌاتو اوهان لاءِ پيدا ڪيا آهن ته انهن مان اکيون کولي ڪم وٺو. هن پرٿويءَ تي جن به پنهنجي چڱي سوچ هلائي انهن مان انيڪ ڪم ورتا آهن، سي هن جڳت ۾ ڏاڍا سُکيا ستابا ٿي ويا آهن ۽ ٻيا سندن هٿ وسيڪ ٿي رهيا آهن.

 

 

44- ڪُتِ

مڇر به ڏاڍو نڀاڳو آهي، ماڻهوءَ جي ننڊ ۽ سک وهه ڪريو ڏيئي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا ٿو ڏنگ هڻي، جو سڄو بت ڊٻڙ ڊٻڙ ٿيو پوي. پر مڇر ۾ وري به هڪڙي چڱي ڳالهه آهي، جو نڀاڳو اچي ڪنن وٽ ڀون ڀون ڪندو ۽ سڌ پئجي ويندي ته ويري وريو آهي؛ پر هيءَ ڪُتِ ته اهڙي پِٽيل آهي، جو سُڌ نه سماءُ، چڪن سان ڇني ويندي. چوندا آهن ته ”انڌي جي مار، نه خبر نه چار“. هڪڙي بنهه سنهي، رڳو ٻه پَر مس ڏسڻ ۾ اچن؛ بُت ته ٺهيس ئي ڪونه. کڻي چئجي ته هڪ ٻُڙيءَ جيترو، ڇا سندس ڏيل ڇا بُت، پاڻ کان وڏا ڪم ڪري. بنهه ڇتي ٿيو پوي. نڪا ڏسڻ ۾ اچي، نڪا وٺ ڏيئي. مکين سان به پڄي وڃجي، مڇرن کان بچاءَ لاءِ کڻي مڇر ڄاري لڳائجي، پر هيءَ ڪِني ڪُتِ تنهن سان ڪيئن وڙهجي؟ سؤ مڇر ڄاريون لڳايو، پر ان مان به گهڙيو اندر اچي ۽ مورڳو ويل ٿيو وڃي. اندر گهڙي اچي ته ٻاهر پٽيءَ ڪين نڪري. چڪن جا جيئن جو تيئن جاوا ڪري. پهاڪو ڏيندا آهن ته ”ڪُتِ خلق مان اچي ڦاٿا آهيون.“ سو بروبر سچ چيو اٿن. ڏکڻهاري به هڪڙو چڪ وجهي وٺي ڀڄندي، پر هيءَ ڪميٽي ڪُتِ چڪن جو وارو لائي ڏيندي. هتان اُٿي هُتي، هتان اُٿي هُتي، ساري بت جو پسار پئي ڪندي. ڇا سندس وت ڇا بُت، وت کان ٻاهر پئي لڙائي ڪندي. جتي چڪ پاتائين، اتي رهڙ رهڙان پئي ڪبي، ته به ان جي چڪ جو سارو ڪين ويندو. الله الله ڪري اڇو ڏينهن ڪبو، تڏهن وڃي ڪا ڀرم ڀري ٿيندي. ڪلمو ڀري اُٿبو ۽ دل ۾ چئبو ته رات ته شل وري نه اچي، ڇو ته ڪُتِ ڪري ٿي رات جو جُلهَه. ڏينهن سڄو ڌڻي ڄاڻي ته ڪٿي وڃي ٿي لڪي، ڏسڻ ۾ ئي ڪانه اچي، جي ڏسجي ته هوند باهه ڏيئي ساڙجيس. ساري ڏينهن جا پورهيا ڪري ٿڪجي ٽٽي، رات جو ليٽي، ڀانئجي ته ننڊ ڪجي ته هيءَ ڪُتِ ڪٿي ٿي سمهڻ ڏئي، آءٌ ته ائين چوندس ته ڏکوئيندڙ جيتن جهڙوڪ ڏکڻهاري، ڏينڀو، ماکيءَ جي مک، مُنگهڻ، ڪارڙي، ڏنگَ، چيلاٽي ۽ ٻين سڀني کان وڌ ڪُتِ لُچي آهي، جا ڏيکائي ڪانه ڏئي لڪي چڪ هڻي.

 

 

45- کَنڀڙيون

مينهن وسندو ئي تڏهن آهي، جڏهن پهريائين رُگهون ۽ گهُٽون ٿينديون آهن، ٿوري وسڪار ٿئي ۽ مُنهن اونداهي مهل گهُٽ ٿئي، ته اجهي کَنڀڙيون آهن. الاءِ ڪٿان ٿيون اچن، اها ڪل ڪريم کي. سج لٿو، بتيون ٻريون ته هزارن سون جي سينا نڪري ٻاهر ٿيندي. بتين کي گهيري وينديون. ڪير جو بتيءَ اڳيان ويجهو وڃي؛ مُنهن ۾ پيون لڳنديون. وات نه شل ڪنهن جو کليل هجي ته وات ۾ گهڙي وينديون. ڀلا نڪ ڪيئن بند ڪري سگهجي، ته پوءِ ساهه ڪٿان کڻجي. کُنڀڙيون ته نڪ ۾ به گهڙيو پون. منهن تي، ڳچيءَ تي، ڏسو کڻي ته بت جو جيڪو به کليل ڀاڱو هوندو، ان تي پيون ڪِرنديون. لاچار ٿي ماڻهو ويچارا ڪجهه دير تائين بتيون ئي وسايو، اوندهه ڪريو سمهيو رهن. آخر اهو به ڪيستائين؟ ماڻهو ته وري سياڻو آهي، ڇا ڪندا آهن جو گينڊيون يا پاٽيون يا ٿالهه پاڻيءَ سان ڀري بتين جي هيٺان اهڙيءَ ريت کڻي رکندا آهن، جو بتيءَ جو پاڇو پاڻيءَ ۾ پوي. پوءِ ته کنڀڙيون ڀائينديون ته اها به ڪا بتي آهي، سو ٽپي پونديون پاڻيءَ ۾، پَرَ پُسيس ته مُئي. گهڙي کن ۾ پاٽ مئل کَنڀڙين سان ڀرجي ويندي، ڇو ته کنڀ پسيس ته انت آيس. ماڻهو خدا کي ٻاڏائيندا ته هوا لڳاءِ ته هن مُٺيءَ مان جند ڇُٽي. ڏِيئي يا بتيءَ تي هي کنڀڙيون به پتنگن وانگيان موهت آهن. سوجهري تي موهت ٿي اچي مڙنديون. ڪي بتيءَ جي لاٽ يا ڪوسن بلبن سان لڳي ساهه ڏينديون ۽ ڪي وري پاڻيءَ ۾ ڦٿڪي مرنديون،. اهي سوا گهڙيءَ جو کيل، هوا لڳي ته کيل پورو ٿيو. الاجي ڪٿان آيون، ڪيڏانهن ويون. صبح جو ڏسبو ته کنڀ جدا، ڍڍر جدا ڍير لڳا پيا هوندا، جي ٻهاريءَ سان ميڙي ڪڍبا ٻاهر ۽ ائين ڀانئبو ته کنڀڙين جو ڪال آيو هو يا قيامت آئي هئي.

 

 

46- ڪونج

ڪونج پکي هڪ روهه جو پکي آهي، جو گذاري پهاڙي پٽن ۾_ ڳچي ڊگهي، آلاپ مٺو، سڄي سونهن هوندي آهي. ان ڪري ڪا سُهڻي زال هوندي آهي ته چوندا آهن ته بس ڪونج آهي. جي سندس ڳچي ڊگهي ٿي ته چوندا ڪونج جهڙي ڳچي اٿس.

اسان جي سنڌ ۾ جڏهن سارين جي پوک ٿئي، سارين مان سلا ڦٽن ته انهن کي چون ”ڪڪر“. اهي ڪڪر چار انچ کن اُسريا ته هاري پاڙن سوڌا پٽي موڙيون ٻڌندا. پوءِ جيڪا زمين سارين پوکڻ لاءِ تيار ڪئي هوندائون ته ٻه_ ٻه سلا سارين جا ريج ڪيل زمين جي گپ ۾ رُنبندا ويندا. انهيءَ ڪم کي چوندا آهن رونبو يا وئراج. سارين جي سلن جو رونبو سڌين اوڙن ۾ ڪندا آهن. وئراج جو ڪم پورو ٿيو ته ساريون اڀرڻ ۾ دير ڪونه ڪنديون ۽ جڏهن نسرنديون ۽ سنگ جهليائون ته سمجهو ته روهه ۾ نياپو پهچي ويو ۽ ڄڻ پڙهو گهمي ويو. پوءِ ڪونجڙيون ويچاريون سڄو سال سارين جون سڪايلون، پنهنجا پَرَ اڏامڻ لاءِ سوئينديون. هونءَ به پهاڪو آهي ته سڀ ڪنهن جنس جا پکي پنهنجي جنس سان گڏ اُڏامندا آهن ان وانگيان ڪونجڙيون ويچاريون پنهنجي وڳر ۽ ولر سان ئي اڏامن. ٻين پکين جي اڏام به وڻندي آهي، پر ڪونجون ڪير سڏائي. سنئين سڌين ٻارين ۾ اُڏامنديون ٻوليون ڪنديون لنگهنديون آهن ته ڏسي دل پئي ٺرندي آهي. ”ڪونجن قطارون“ ڪافين ۾ ڳايون وينديون آهن.ا ُڏامن به ٿي، ٻين پکين وانگر هيٺ ڪونه اُڏامن. پهرين ڪونج، جا سندن راڻي هوندي آهي، تنهن منهن ڦيريو ته سڀئي اهڙيءَ ريت ڦري وينديون جيئن سنئين ٻاريءَ کي ڪوبه جوکو نه رسي، ائين پيو ڀانئبو آهي ڄڻ ته هو پلٽڻ جو پلٿو سکيل آهن ۽ ڪنهن وڏي سالار کين سکيا ڏني آهي. پر سُڌ اٿوَ ته اهو سالار ڪير آهي؟ اهو سالارن جو سالار ڌڻي سڳورو آهي، جنهن هن ۾ اها ٻڌي پيدا ڪئي آهي. شل نه ڪا ڪونج سانگ ۾ مري وڃي ته سڀ ڪونجون ڌرتيءَ تي لهي اينديون ۽ چار گهڙيون اتي ويهي ڄڻڪ روڄ راڙو ڪنديون ۽ پٿر  وجهي ويهنديون آهن. نيٺ روئي پٽي وري اٿي اُڏامنديون.

ڪونجون ڪوهن جا ڪوهه کنڀڙاٽيون هڻنديون، هيج مان مِٺيون ٻوليون ڪنديون نيٺ اچي سارين جي پوک ڀيڙيون ٿينديون ۽ رات جي ٽاڻي ڪنهن نه ڪنهن پوک تي اچي لهنديون. سارو سال سارين جون سڪايل ڪونجون ويچاريون ساريون کائي جشن ملهائينديون. وري هڪ هنڌ ويهي ڪنهن جو جهڳو جهڻ نه ڪنديون آهن. هڪ کيت ڀيٽي وري ٻئي کيت ڏي مُنهن ڪنديون ۽ ائين ڪندي ٻئي تان ٽئين تي ۽ ٽئين تان چوٿين تي وينديون ۽ اهو ٻارهين مهيني جو شيل ڪري سارين جي مند ڪاٽي وري پنهنجن ماڳن تي موٽنديون ۽ سڄو ورهيه وري نه ڏسبيون. الله سائين گهڻيي هن جڳ ۾ جوڙ ۽ جنسار اُپايا آهن، پر ڪونجن جو ڏيک ويک اهڙو ته پيارو ۽ دل کي سيبائيندڙ آهي، جنهن کي ڏسي ڪنهن اڀاڳي کي ڌڻي ياد نه ايندو.

ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو.

ڪيترن سگهڙن ۽ ڪويِن ڪونج تي گيت ۽ بيت به ٺاهيا آهن، جي دل لڀائي ٿا وٺن. اوهان کي انهن مان ڪي هٿ اچن ته ٻڌي سڻي پوءِ پاڻ مٺي سر ۽ آلاپ ۾ آلاپجو. ڏسجو متان ڪن ٽار ڪري ڇڏيو.

 

 

47- روهيڙو

ٿر جي بَرَ ۾ جتي واري ئي واري هوندي آهي، اتي ڪي جهنگلي ٻوٽا ٿين. مينهن پوي ته سوين گاهه ڦٽي نڪرن پر ڪي به ڪارائتا وڻ ڪونه ٿين. وڻن کي کپي ڏاڍي ڌرتي جنهن ۾ سوگهيون پاڙون هڻي سگهن. ان هوندي به اتي ڪنڊا، ڪونڀٽ، ڄاريون، کٻڙ، سِرِنگهُو، ڪانَهِه ۽ ڪرڙن جا وڻ ٿيندا آهن. ليار رڳو ننگر پارڪر جي ڪارونجهر ٽَڪر تي ٿين. نم جا وڻ به ڪٿي ڪٿي ٿين. پارڪر ۾ چڱي ڳاڻيٽي ۾ ٿين. اتي ڪاٺي ڦينجهو ۽ ڇوڏو ڇينڀو وڍڻ جي ڪابه سرڪار ڪنان جهل پل ڪانهي. رڳو هڪ وڻ روهيڙو آهي، جنهن جي وڍڻ ۽ ڪپڻ کي ڏوهه ٺهرايو ويو آهي. ان جا ڪارڻ ٻه آهن: هڪ ته انهيءَ وڻ جو ڪاٺ تمام ڪمائتو آهي، ٻيو ته اهو وڻ ٿر ۾ تمام ٿورو آهي ۽ ٽيون ته اهو وڻ ٿر جي ڦلواڙي آهي. بسنت جي مند اچي ته هن وڻ ۾ پن ڦٽي پون. جهڙيءَ ريت هتي به بهار ۾ وڻن ۾ ڦوٽهڙو ٿئي،. اوهان کي سڌ آهي ته سڀني گاهن ۽ وڻڻ جا پن سائي رنگ جا ٿيندا آهن، پر روهيڙي جا پن ٻن رنگن جا هوندا آهن: هڪڙا ڳاڙها گلابي ۽ ٻيا پيلا هيڊي رنگ جهڙا. جڏهن روهيڙا پنن سان ڇانئجي ويندا آهن ته بس انهن کي ڏسيو ويٺو ڏسجي. مور ۽ ڊيلون ته مست ٿي روهيڙن جي ٽارين تي ويهي ميائو ميائو جي ڌن ٻڌي ڏينديون آهن ۽ سندن ڇانوَ به اهڙي سک سانت واري هوندي آهي، جو روهيڙي هيٺان گندي پکيڙي سمهي پئو ته ڄڻ ڀنگ جو نشو چڙهي ويو. پنن ۾ سڳنڌ ڪانه ٿئين نه ته وڏا وڏا ماڻهو به هوند وڃن. روهيڙو هتي ورلو ڪو ڏسجي نه ته هتي جا ماڻهو هوند گهمائي وٺنس ۽ وڍي لاهه به ڪڍي ڦٽا ڪنس ڇو جو هن جي ڪاٺي ڪمائتي آهي.

 

 

48- مور

جيئن جانورن ۾ هرڻ سهڻو آهي، تيئن پکين ۾ مور سان دنگ لڳو پيو آهي. چيها، قُمريون، بلبليون، ٻاٻيها يعني پپيها، چتون، مينائون، ڪاٺ_ ڪُٽا ۽ ٻيا ڪيترا پکي برابر سهڻا آهن،پر مور جو مٽ ڪونهي. ماڻهو ڪنهن پنهنجي پياري کي ڪڏهن به ڪونه چوندا ته منهنجا ٻاٻيها يا منهنجا چتون يا منهنجا بربلا يا منهنجا چيها؛ پر وڏي پيار سان پنهنجي پياري سنگتيءَ کي يا وڏي ماڻهوءَ کي چوندا آهن ته ”حاضر منهنجا مور، اوهان جو حڪم اکين تي!“ اوهان ته ائين ئي ٻڌو هوندو ته مور باغن ۾ رهن، پر ائين نه آهي، ٿر جي برپٽ ۾ جتي ڪوبه ڦل ڦول ڪونه ٿئي، اُتي مورن جا ولر ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جنهن مَڙهي ۾ لهه ته مور پيا ٻوليندا. وري ڊيلون ته انهن کان به گهڻيون. جهوپائن ڳوٺڙن وارن گهرن جي ٻاهران. بنا ڊپ ڊاءَ جي ٻاهر ڇڏيل ڪچري ۾ ساڳين ڪڪڙين وانگر پيرن سان ٻوهر ڦولهي، ان مان ٻاجهريءَ جا داڻا پيون کائينديون. ڊيل اهڙي سهڻي نه ٿيندي آهي جهڙو مور. ساڳيءَ طرح ساهه وارن جي ٻين قسمن ۾ به نر ماديءَ کان سهڻو ٿيندو آهي_ جهڙوڪ ڪُڪُڙ، ڪُڪِڙ کان، جهرڪ جهرڪيءَ کان، ڏاند ڳئون کان، اُٺ ڏاچيءَ کان، هرڻ هرڻيءَ کان ۽ اهڙيءَ ريت ٻيا. هڪ ڳالهه آهي جو ماڻهن ۾ زالون چون ته اسين سهڻيون ۽ مرد چون ته اسين. زال ۽ مڙس جو پيارهوندو آهي ته زال مڙس کي چوندي آهي ته تون مون کان موچارو آهين ۽ مرد زال کي چوندو آهي ته نه، تون مون کان سونهن ۾ سرس آهين.

خير، مور جي ڳالهه ٿي ڪيم. ڏسو ته سندس کنڀ ڪهڙا ته سهڻا آهن. ڪهڙا ڪهڙا منجهن ڌڻيءَ سڳوري رنگ ڀريا آهن. ڳچي ڊگهي، چهنب وزنائتي، منهن ننڍڙو، ڳلن تي ٽڪيون. اهڙيءَ ريت پَرن تي به ٽڪيون. پر سڀ کان وڌ آهي سندس ڊگهو پُڇ، جو سندس ڊيل ڊول کي سهڻو بنائي ٿو. اوهان ڪڏهن مور جو ناچ ڏٺو آهي. ”سبحان الله!“ جڏهن پُڇ کنڊيري، پُڇ جا کَنڀ هڪ گولائيءَ ۾ مٿي ڪندو اهي ته ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. ماڻهو ڏسندي ڏسندي، بت بنجي ويندو آهي. ناچ ۾ نڪو ناچو پهچيس، نڪا ناچڻي، ائين پير کڻندو آهي ۽ جهمريون پائيندو آهي جو چئبو ته مور اهڙو ناچ ڪنهن هوشيارناچڻيءَ کان سکيو آهي ڇا؟ پر ناچڻي ڇاجي، اها ته هن کي خدا کان ڏات مليل آهي. اها ڳالهه به ٻڌي هوندوَ ته جڏهن پنهنجي ڊگهي ڳچي ورائي پاڻ کي ڏسندو آهي ته پنهنجي ٽنگن تي ڏک ڪندو آهي، جي ڪاريون هونديون اٿس ۽ اهڙيون سهڻيون نه هونديون اٿس، جهڙو ٻيو بُت.

ناچ ڪندي ڪندي، اکين مان ڳوڙها وهندا اٿس، جا ڊيل پنهنجي چُهنب ۾ وٺي ڳهي ويندي آهي. چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان ڊيل ’گرڀبي‘ آهي ۽ آنا لاهيندي آهي ۽ ٻچا ڄڻيندي آهي. جي اهي لڙڪ نه جهٽي ته آنو ڪونه لاهي ۽ ٻچو ڪونه ڦوڙي. سڀ ساراهه ڌڻيءَ کي جڳائي. اوهان مور ۽ ڊيلون شهرن ۾ به ڏٺا هوندا. ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پيار سان پاليندا اٿن. مور جو پيار ماڻهن سان ۽ ماڻهن جو مور سان هوندو آهي. ان ڪري مور ماڻهن جي ويريءَ جو ڏاڍو ويري ٿئي. نانگ جي لاءِ ته بنهه اڻ کُٽيءَ جو موت آهي. اوهان اهو رؤنشو شايد نه ڏٺو هوندو. ٿر ۾ ته نانگ ۽ بلائون کوڙ آهن. مور ڪنهن وڻ تي ويٺو هوندو آهي. سندس ڏسڻ جي سگهه به تکي ٿئي. جي اوچتو مٿان، ڪنهن هيٺ هلندڙ نانگ تي اک پيس ته عقاب وانگر لُوهه ڪري هيٺ لهندو. عقاب ته چنبي سان شڪار ڪندو آهي، پر مور ڇا ڪندو جو نانگ جي پڇڙيءَ کي اچي چهنب ۾ جهليندو ۽ ان کي کڻي وٺي مٿي اڏامندو. نانگ ويچارو سڌوئي سڌو لٺ ٿيو لڙڪيو پيو هوندو ۽ وري سَري به ڪين سگهندو جو وڙهي. پوءِ مور ڇا ڪندو آهي جو نانگ کي وٺي ڦيرائيندو آهي. ڦيرائي ڦيرائي کڻي هيٺ سٽيندو اٿس ته اچي ڦهڪو ڪند. ڌڪ ڏاڍو ايندو اٿس ۽ هيٺ ڪِري وري وٺي ڀڄندو آهي، پر مور کان ڪٿي ٿو جند ڇڏائي. مور ٻيهربه اچي ساڻس ساڳي ڪار ڪندو. ائين پنج- ڇهه گهمرا هن کي مٿي کڻي ويندو ۽ هيٺ پيو سٽيندو. نيٺ نانگ جي ٻوٿي ڦٽجي پوندي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏيندو. واهه ڙي مور واهه!

مور هندن، جينن ۽ ٻين ڌرمن جي ماڻهن جو پوتر پکي آهي، جي ان جي پوڄا ڪندا آهن. مور جي پڇ جي کنڀن مان مورڇل ٺاهيا ويندا آهن، جي سيکَ ماهو گرو گرنٿ صاحب جي پستڪ تي ۽ ٻيا هندو گيتا جي پوتر پستڪ تي وڃڻي وانگر هوا ڪندا آهن. اسان مسلمان به مور جي کنڀن جي ٽڪين کي قرآن شريف ۾ سَنڌن (وَڍ) وانگر وجهي ڇڏيندا آهيون. مور جي کنڀن مان سهڻا ۽ سندر وڃڻا به ٺهن، جن جي هوا گرميءَ ۾ منهن ۽ بت تي لڳڻ سان آنند اچي ويندو آهي. ٻڌو سائين مور حلال به آهي، ان ڪري ڪيترا مسلمان ڪهي ٻوڙ رڌي کائيندا به آهن، پر ائين ٿورا ماڻهو ڪندا آهن. مون مور گهڻوکاڌو آهي،. گوشت بلڪل ڪڪڙ جهڙو اٿس. ٻوڙ رڌيو جي سُڌ نه هوندي ته ڀانئبو ته ڪڪڙ جو آهي. ٻنهي ڪڪڙ ۽ مور جي ماس ۾ ڀيد رڳو اهو آهي جو ڪڪڙ جو گوشت اڇو ۽ مور جو ڳاڙهو هوندو آهي. مور جون ڪهڙيون ڪهاڻيون ڪجن.

 

 

49- پونئرا

جڏهن کوهن جي سنڀال نه ڪبي آهي ته انهن ۾ اندر ڪاري گپ گڏ ٿي ويندي آهي، جنهن ۾ ڌپ ٿي پوندي آهي. ائين ٿيو ته ان ۾ هڪڙا ننڍڙا ڪيڙا جن کي پونئرا چئبو آهي. سي جنم وٺندا آهن. اهي پونُئرا هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ هوندا آهن. کوهن جو پاڻي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، پوءِ جو ان پاڻيءَ ۾ اهي ڪيڙا پيا ۽ اهي ماڻهو جي پيٽ ويا ته اَگها نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ نيٺ پونُئرن جي ڪري دانهن ڪوڪ مچي ويندي ۽ سرڪار پنهنجا ماڻهو موڪليندي ته کوهن ۾ وڃي دوا وجهن ته اهي پونُئرا مري وڃن ۽ بيماري نه پکڙجي. اها دوا جيڪا پاڻيءَ ۾ وجهبي آهي، ان کي چوندا آهن ”پوٽيشنم پرمئگنيٽ.“ اها دوا ڳاڙهي رنگ جي ٿيندي آهي، ان ڪري کوهه جو پاڻي به سڄو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، پر پيئڻ ۾ ڇيهو ڪونه رسائي. دوا نه ملي ته ٻيو بلو هيءُ آهي، پاڻي ڪاڙهي ۽ پوءِ ٺاري پيئڻ کان اڳ ان کي ڇاڻبو به آهي ته مئل پونئرا پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ نه وڃن، پر اهو ڪم سيڙپ ۽ ڏکيائيءَ جو آهي. پاڻي هر هرڪاڙهڻ، ٺارڻ ۽ ڇاڻڻ ۾ ڪيتري ئي دير ۽ گهِل ٿئي ٿي.ان ڪري دوا سان اهو ڪم سولو ٿو ٿئي.

ماڻهو پنهنجي گهرن جي مَٽَن دلِن کي به ڌوئن ڪونه، هڪڙي پاڻيءَ مٿان ٻيو وجهن. نيٺ ته دلن ۽ مٽن ۾ به پونُئرا پئجيو وڃن. نانواين جي هٿن تي ته گدلائي ڏاڍي هوندي آهي، جيڪو ايندو، سو گلاس يا ڪَرِي ٽُٻڙڪ ڪري کڻي مٽ ۾ وجهندو ۽ هٿ به پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندو. ان ڪري پاڻيءَ ۾ بانس به ٿيندي ۽ پؤنُئرا به پوندا. گهرن ۾ ٻار ٻچا به ائين ڪندا آهن. بس سٺائي سٿرائي نه رکڻ آهي پونُئرن کي نيند ڏيڻ ته اچو، اچي اسان جو ڪم لاهيو. ٿوري ئي ڍلائي ڪرڻ مان ڪيڏو نه اُگرو ڦل ٿو نڪري! اسان کي ان ڪري گهرجي ته پيئڻ جي پاڻيءَ وارين جاين جي سٿرائي صفائي رکون. کوهن جي ڀرسان ڪِن ڪچرو ۽ گپ چڪ نه ڪريون. کوهه ۾ جيڪو ٻوڪو يا لوٽو يا باردي يا دَٻو پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ وجهون، سو اڇو اجرو هجي ۽ گهرن ۾ به مٽ، دلا ڏهاڙي ڌوئجن. جي ائين نه ڪبو ته پونُئرا پيٽ ۾ وڃي خُلم ٻاريندا ۽ گهر وارن جا پيٽ وڌي پوندا ۽ پيٽ جي ڀرتي ٿي پوندن. پوءِ وڃي ويڄن جي ور چڙهندا، جي کين ڦُري ڪندا ڀينگيو. ڏسو ته ٿوري ڍل ڪيڏا نه وڏا ڇيها ٿي رسائي. پونُئرا اسان جا ويري آهن ۽ چوندا آهن ته ”ويري وڍيا ڀلا“، يعني مئا ڀلا آهن. اڳتي ڀلائي ڪري پنهنجي چڱڀلائي جو ڌيان رکجو. هن کان پوءِ ائين ڪندا ڪِ نه؟ آس اٿم ته هن کان پوءِ پنهنجي بچاءَ لاءِ پڪو پهه ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com