سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 14

  

 

 

95- جهُلَ ۽ نَتَ (نطعه)

 

اُٺ کي سنڌيءَ ۾ سُڪيءَ جو ٻيڙو به چوندا آهن. رڻ پٽن، وارياسن ميدانن، ڏونگرن ۽ ڀِٽن تي اُٺ ئي آهي، جو هلي سگهي ٿو. پَها ۽ پيچرا ڏيئي لَڪن تان لانگها اهوئي ساهه وارو آهي، جو ڪري سگهي ٿو. هڪڙا اُٺ لاڏو ٿيندا آهن ۽ ٻيا مهري. لاڏُن تي بار ڍوئبواهي ۽ مَهرين تي ماڻهو چڙهندا آهن. مهري اُٺن جو سونهن ڀريو سينگار اکين جو ٺار هوندو آهي. پهريائين جڏهن مهري اُٺ کي پلاڻبوآهي ته سندس پُٺيءَ تي ڳوڻ جي ٽَپڙي رکبي آهي. ٽپڙي جي مٿان زير گاديون رکبيون آهن ۽ انهن جي ماٿن جهُلَ وجهبي آهي؛ جا اُٺ جي هلڻ مهل جهوليندي، لڏندي ۽ لمندي پئي آهي، ڏاڍو مزو پيو ايندو آهي، جهُلَ جي مٿان رکبو آهي پاکڙو. پاکڙي تي وري رَليون ۽ سَوَڙ پکيڙبي آهي ته گاشو نرم ٿئي. انهن سڀني شين کي ڦاٽڻ ٽُٽڻ کان بچائڻ لاءِ گاشي جي مٿان نَتَ وجهبي آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ”نطعه“ لکندا آهن، نَتَ چمڙي جي ٺهيل هوندي آهي ۽ ڪُنڍيءَ سان مٿس ڀرت ڀريو ويندو آهي. نَتَ پئجي ويئي ته چوڌاري ڪَشڻو ٻَڌو ويندو آهي ته گاشو اُکلي نه پوي. بس پوءِ ٻه خانا پاکڙي جا ٺهي پوندا آهن. پاکڙي جي اڳئين خاني جي مهڙ ۾ گاشو اهڙيءَ ريت ٻڏندا آهن، جو ڀرڻي تي گُڏي ٺهي پوندي. جت گهڻو ڪري اڳين خاني ۾ ويهندو آهي ۽ سوار پوئين خاني ۾. بس اُٺ، جو گوڏا ڀڃيو ويٺو هوندو آهي، سو جڏهن اٿندو ته جت ان جون مهارون جهليندو، جي اُٺ جي نڪ ۾ پيل ناڪيلين ۾ ٻڌل هونديون آهن. اُٺ جون مهارون ڪشيائين ته اُٺ هندوري وانگر اُٿي هلندو، جن اُٺ جي سواري ڪئي هوندي، تن کي ڀليءَ ڀت سڌ هوندي ته اُٺ جي سواري ڇا ٿيندي آهي. ڪي شاهوڪار ماڻهو پنهنجن اُٺن جي سينگار لاءِ گوهر يا چانديءَ جا تائيٿ (تعويذ) جنوئي به ساز جي زيورن وانگي ٻڌندا آهن، جي ڇم ڇم ڪندا هلندا آهن. لاڏو اُٺن کي وري گوڏن وٽ گهنگهر يا وٽ ٻڌندا آهن. منهن تي ڪوڏن جا موڙ، ڳچيءَ ۾ سُهليون ۽ ڳانيون، مدُوءَ تي تُريارا، ٽؤنر جهاٻا ۽ جهُوڙا پيا لڙڪندا اٿن؛ جن جو آواز پريان ئي ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي. انهن جا ساٿ هڪ ڊگهي قطار ۾ هلندي، اهڙو ته مزو ڪندا آهن، جن جي ڳالهه ڪهڙي ڪجي!

 

منهنجو چوڻ هو، جهُل ۽ نَت جو وستار ڪرڻ. جهُل، ٿر جون مايون رنگين ڪپڙي تي ٽُڪن سان ڀرينديون ۽ سبينديون آهن_ جيئن رليءَ جو مٿيون تهه ٺاهيندو ويندو آهي. جس هجي انهن سگهڙ ماين جي هٿ کي، جي سئيءَ سان اهي هنر ڏيکارين ٿيون. جهُل کي چوڌاري گهير هوندي آهي ۽ وچ ۾ اُٺ جي ٿُوهي لاءِ خال ڇڏيل هوندو آهي. نت وري ٿر ۾ ميگهواڙ ڪاريگر ٺاهيندا آهن. انهن جي هنر جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي. نتون ٻاڪري کل مان ٺاهيون وينديون آهن، پر ٿر ۾ هرڻن هئڻ ڪري، ڪي سکيا ماڻهو هرڻ جي کلن مان به نتون ٺهرائيندا آهن. بس نت جي مٿان ماڻهو چڙهي ويٺو ته ائين پيو ڀائيندو، ڄڻ ته ڪوهنور جي تخت تي ويٺو آهيان. ٿر ۾ جڏهن آءٌ اسڪولن جو ڊپٽي انسپيڪٽر هوس، تڏهن مون اهي سواريءَ جا سڀ مزا ورتا. نت ۽ جهُل پنهنجي ٺهرايم، پر زيورن جا ساز جتن جا پنهنجا هوندا آهن. بس ڳالهه ياد ٿي اچيم، ته ڀانيان ته جيڪر اوهان سڀني کي ٿر ۾ وٺي هلي. اُٺ جي سواريءَ جو مزو وٺانيان، جنهن گهوڙي ۽ اُٺ جي سواري نه ڪئي، تنهن ڄڻ اڌ ڄمار وڃائي. موٽرن ۽ گاڏين جي سواري به ٺيڪ، پر سواري سچي پچي اها، جا وهٽن تي ڪجي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:

پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،

ننڍي هوندي نه سکيو، ته وڏي هوندي خواري!

 

 

96- ڀوڪَرُ

ٿرپارڪر ۽ ننگرپارڪر جي شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪر ۾ هڪڙي نموني جو ڪَچو پٿر ٿئي ٿو، جو ان ٽڪر جي واريءَ مان ٺهيل آهي. ان پٿر کي ڀوڪر جو پٿر چوندا آهن. اتي جا مسڪين مارو ماڻهو اهو پٿر سولائيءَ سان ڇپن ۽ چاپوڙن جي شڪل ۾ ڪڍي، ان کي ٽُڪي گهڙي، انهيءَ مان سرون گهڙيندا آهن ۽ انهن سرن مان پنهنجون سوڙهيون جهوپڙيون ٺاهيندا آهن. ڀتيون ڀوڪر جون ۽ ڇتيون ڇپرن جون جوڙيندا آهن، پوءِ انهن گهرن ۾ پنهنجون ڄماريون گذاريو وڃن.

ڀوڪر جو پٿر وري اهڙو ٿئي، جو جيئن مٿس مينهن وسي، تيئن پڪو ٿئي ۽ ڳري بنهه ڪين. ڪارونجهر ٽڪر جو ٻيو سمورو پٿر پڪو ڳاڙهسروَ ٿئي، جنهن جون جايون اڪثر سکيا ماڻهو ٺهرائين يا سرڪاري آفيسون به انهيءَ پٿر مان ٺهن، پر ايڏي خرچ کي بي پهچ ڪٿي ٿا پهچي سگهن، ان ڪري اُهي ڀوڪر ڪم آڻين.

ڌڻي سڳوري جي ڏات ۽ جوڙ آهي، جو ڪارونجهر ٽڪر مان پڪو پٿر به نڪري ته ڪچو پٿر ڀوڪر به نڪري ۽ ٽڪر جي وچ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي واريءَ جون ڀٽون به هونديون آهن. ڪن ڪن هنڌان ماربل (سنگ مرمر) جي ٻه_ ٽي انچ ليڪ به هوندي آهي، جا ٽڪر جي پاڙ کان وٺي، مٿي چوٽيءَ تائين هلي ويندي آهي ان کي ڏسي ماڻهوءَ کي تپرس پيو وٺندو، کيس ڌڻيءَ سڳوري جي سهڻي سٽاءَ ۽ جوڙ جو پتو پوندو ته جتي پٿر، اُتي واري! ٻيئي شيون هڪ هنڌ ملن! وري پٿر جي وچان چشما به جوڙيا اٿس، جن مان ٿڌڙو ٿڌڙو، مٺڙو مٺڙو پاڻي به سمي نڪري. ’انچليا سر ۽ ساردڙي‘ جا چشما آهن ننڍا، پر ڏيک ويک ۾ ڏاڍا پيارا لڳندا آهن. جيڪڏهن اوهان کي خدا جي جوڙ جو درشن ڪرڻو هجي ته وڃي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر گهمي ڏسو، ڇو ته اکين سان ڏسڻ، ٻڌڻ کان هزارين گهمرا وڌيڪ آهي. ڏسڻ دل تي ڇٽ ٿي بيهي ٿو ۽ ڪڏهن به نٿو وسري.

 

 

97- ميٽ

ميٽ ته هڪڙي، گهر گهر جي شيءِ آهي، سا اوهان مان هر هڪ ڏٺي هوندي، توڙي اڄڪلهه ان مان گهٽ ڪم ورتو وڃي ٿو. حيدرآباد جي گنجي ٽَڪر ۽ خيرپور جو ٽڪرين ۾ ميٽ جون کاڻيون هونديون آهن، جن مان ٻين ڌاتن وانگر ميٽ به کوٽي ڪڍبو آهي. ان مان چڱو موچارو پئسو به ڪمائي سگهجي ٿو.

هينئر وهنجڻ لاءِ جتي ڪٿي ڏس ته سُرهو صابڻ ڪم آندو وڃي ٿو، پر اڳي وهنجڻ لاءِ ميٽ کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ سٺي ڪانه هئي. ماڻهو ڇا ڪندا هئا، ميٽ جو وڏو وٽو يا ڪٽورو مَلي، ان ۾ ٿورو تيل ملائي، ساري بدن کي ميٽ سان مليندا يا مهٽيندا هئا. ان ڪري سڄي بُت جي مَرُ ۽ مٽي، وارن مان سڀڪا ميرائي، ميٽ مهٽڻ سان اگهجي اُجري ٿي ويندي هئي ۽ بدن چمڪڻ لڳندو هو. خرچ به ڪو پئسو کن مس ٿيندو هو ۽ اُجرائي به صابڻ جي ڀيٽ ۾ ڏهه گهمرا وڌيڪ ٿيندي هئي. هڪڙي فارسيءَ جي وڏي ڪويءَ، جنهن جو نالو ”سعدي“ سڳورو هو، ان پنهنجو هڪ ڪتاب ”گلستان سعدي“، شروع ئي اُن بيت سان ڪيو آهي، جنهن جو ارٿ هيءَ آهي:

1.                  هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي پرينءَ جي هٿن مان سُرهو ميٽ تَڙَ تي مليو.

2.                 مون ميٽ کان پڇيو ته تون ميٽ آهين يا ڪو عنبر يا مشڪ آهين، جو تنهنجي سُرهاڻ ڪري آءٌ مگن ٿي ويو آهيان؟

3.                 ميٽ وراڻي ڏني ته آءٌ آهيان ته اهائي ساڳي مِٽي، پر ڪجهه وقت گل جهڙي پرينءَ سان گڏ گذاريو اٿم.

4.                 انهيءَ سُٺڙيءَ سان گڏ ويهڻ ڪري مون ۾ اهو گڻ ٿيو آهي، نه ته آهيان ساڳي ميٽ جي مِٽي، جنهن جو هونءَ ڪوبه مُلهه ڪونهي! (هن جو اصلي بيت هيٺ به ڏجي ٿو).

ميٽ جو رنگ هلڪو پيلو هوندو آهي، پر ان تان پاڻ هڪ رنگ کي وڌيڪ نالو ملي ويو آهي. اسين ميٽ جهڙي رنگ کي ميٽائون رنگ چئون. ميٽ تان رنگ کي نالو مليو آهي، نه رنگ تان ميٽ کي.

اوهان کي جيڪڏهن منهنجي چوڻ جي سچائي ڏسڻي هجي ته ميٽ تيل سان وهنجي ڏسو ته سُڌ پَويوَ. ميٽ تيل سان بدن مهٽڻ کان پوءِ جا بت کي سک سانت ايندي آهي،سا ڪيترا به دنيا جا حمام خانا (باٿ روم) يا غسل خانا ڀيٽيو، پر ههڙو آنند ماڳهين نه ملي سگهندو. جهولي جي جهٻٽ لڳڻ کان پڻ ميٽ ۾ بصر جي ڪاتر ملائي وهنجبو آهي ته جهولي جو اثر لهي ويندو آهي:

گلي خوشبوءِ در حمام روزي

رسيد از دست محبوبي بدستم

پدو گفتم ڪـﮧ مشڪي يا عنبري؟

ڪﮧ از بوءِ دلاويز تو مستم.

بگفتا من گلي ناچيز بودم

وليڪن مدت باگل نشتم

ڪمال او درمن اثرد ڪرد

وگر هُما خاڪم ڪﮧ هستم

ڇا ميٽ جهڙي هلڪي شيءِ، ڇا ان جو ٺار، جو اسان جو بدن ئي ٺري ڳگ ٿيو پوي. خدا جي جن وٿن کي اسين تڇ ٿا ڀانيون، انهن ۾ لکين لاڀ سمايل آهن.

 

 

98- ڪَسوٽي

سون کي پرکڻ لاءِ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ ڀروسي جهڙي ناهي، جهڙي ڪَسوٽِي ماڻهو جنهن تنهن ڳالهه ۾ چوندا آهن ته مون فلاڻي سنگتيءَ کي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏٺو آهي ته هو سچو نڪتو آهي. ڪڏهن ائين به چوندا آهن ته يار، آءٌ تنهنجي پرکڻ لاءِ ڪسوٽي آهيان، تون مون کان ڪٿي ٿو لڪي سگهين؟ وري ڪڏهن ڪنهن ٺڳ کي ڪو ٺڳي ڪندي پڪڙيندو آهي ته چوندا آهن ته ”ٺڳ ٺڳ جي ذات، فلاڻي جي اڳيان آڻيوس ته هڪدم پرکي وٺي. هو ٺڳن جي ڪسوٽي آهي.“ هن مان اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته ڪسوٽي هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن سون ۾ ٺڳي يا کوٽ يا مَٺ هوندو ته اوڏيءَ مهل پرکجي پوندو چوندا آهن: ”سون پرکجي ڪسوٽي، روپ پرکجي باهه_ ماڻهو پرکجي تڏهن جڏهن ٻه اکر ڳالهائي.“

ڪسوٽي نيٺ آهي ڇا؟ هڪڙو ننڍڙو ڪارو پٿر هوندو آهي، جو سون جي شرافن (صرافن) وٽ هڪيو تڪيو رکيل هوندو آهي. ڪوبه ماڻهو سون جي ڳهه ڳٺو يا منڊي مَڻيو وڪڻڻ لاِ سراف وٽ کڻي ويو ته هو ان کان اها وٺي، ڪسوٽيءَ تي کڻي گهڪا ڏيندس ته ڀلي سون ۽ مَٺي سون جي سُڌُ پئجي ويندي انهيءَ سارو ملهه ڏيندو. جي مورڳو ڪوڙو ڳهه پِتل يا مُٺ به هوندو، ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا ۽ ٺڳ کي کڻي ڳچيءَ کان جهليندو.

 

ڏسو ته آهي ڇا، رڳو هڪڙو پٿر جو ٽڪر، پر منجهانئس ڪيڏا نه ڪارج ٿا سرن. اهو پٿر نه هجي ته سون جي سچ ڪوڙ جي پرک ئي نه پوي ۽ ماڻهو ويچارا لوڀين ۽ ٺوڳين کان ٺڳجي ۽ ڦرجي وڃن. پر سراف منٽ ڪري وٺندس ۽ ٻڌائيندو ته آهي سون، پر مٺو آهي. يا مورڳو سون ئي نه آهي، يا چانديءَ تي سونو پاڻي چڙهيل آهي يا پتل آهي يا ڪو ٻيو ڌاتو سون جي رنگ جهڙو آهي. هر ساديءَ شيءِ ۾ ڌڻيءَ سڳوري ڪانه ڪا ڏاهپ ۽ اٿاهه سياڻپ رکي آهي، تنهن ڪري کرو کوٽو پڌرو ٿيو پوي.

 

 

99- پڙلاءَ يا هوٻو

هڪڙي راجڪمار جي ڳالهه ڪندا آهن ته هو هڪ ڀيري گهوڙي تي چڙهي شڪار لاءِ نڪتو ۽ هلندي هلندي، هڪ ماٿريءَ ۾ اچي پهتو. ٻيا سندس نوڪر چاڪر پٺتي رهجي ويا. اتي هن هڪ هرڻ ڏٺو ۽ پنهنجي ساٿين مان هڪ کي ڏاڍيان سڏ ڪيائين. پاڻ چيائين ته ”اوڀمرسنگ!“ ته ورندي مليس ”اوڀمرسنگ“. وري چيائين ته ”ڪٿان پيو ڳالهائين؟“ ته وراڻي موٽي مليس ته ”ڪٿان پيو ڳالهائين.“ وري چيائين ته ”سگهو مون وٽ پهچ!“ ته موٽ ۾ اهوئي پڙاڏو آيو ”سگهو مون وٽ پهچ.“ راجڪمار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين ”ٻُڌي ڇڏ مان توکي ترار مان ڪڍندس!“ ته ورنديءَ ۾ وري به ساڳيو جواب مليس. ڏاڍيءَ تپرس ۾ پئجي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. ايتري ۾ هڪڙو سندس ساٿي به اچي پهتو. ان کان ڪاوڙ مان پڇيائين ”ڀمر سنگ ڪٿي؟“ ته سندس ساٿي جواب ڏئي ڏي ته ان کان اڳ ساڳيو آواز آيو ته ”ڀمرسنگ ڪٿي؟“ راجمڪار ڪاوڙ کان ذري گهٽ چريو ٿي چڪو هو ۽ ساٿيءَ کان پڇيائين ته ”هيءَ ڪير آهي، جو موٽائي ساڳيا اکر چوي ٿو ۽ مون سان چَٿر ڪري ٿو؟ ساٿيءَ ان تي کيس کِلي ٻڌايو ته راجڪمار! ”هيءُ پڙلاءُ آهي، جيڪو اوهان آواز ڪڍو ٿا، اهو ساڳيو ماٿريءَ جي چوڌاري، جيڪي ٽڪريون آهن، تن سان لڳي، موٽي ٿو اچي، ڇو ته پهاڙ هئڻ ڪري آواز کي پرتي وڃڻ جي جڳهه نٿي ملي ۽ موٽي اسان وٽ پهچي ٿو.“ اتي راجڪمار جا ڏند چپن سان لڳي ويا ۽ وري وري آواز ڪرڻ لڳو ۽ ڏٺائين ته برابر منهجو ساڳيو آواز موٽي پيو اچي، ايتري وير ۾ ڀمرسنگ ۽ ٻيا به اچي سهڙيا. راجڪمار ڦڪائيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. جڏهن ٻڌايائونس ته اهو پڙاڏو، پڙلاءُ يا هوٻو آهي. ان کي انگريزيءَ ۾ ”ايڪو“ چيو وڃي ٿو.

 

ٻارو جيڪڏهن اوهان پڙلاءُ ڪڏهن نه ٻُڌو هجي ته ڪڏهن پهاڙ تي چڪر هڻڻ واسطي نڪري وڃو ۽ آواز ڪري، موٽ ۾ پنهنجو ساڳيو آواز ٻُڌو، ڏسو ته پوءِ اوهان کي ڪيڏو نه مزو ٿو اچي. پڙلاءُ جو چرچو به عجب جهڙو آهي ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿئي. ان لاءِ اوهان پنهنجي سائنس ماستر کان وڌيڪ سمجهاڻي وٺي سگهو ٿا.

 

 

100- پَتڻ

جيئن سامونڊي جهازن جي بيهڻ واري جاءِ کي سامونڊي بندر يا ”سي پورٽ“ ڪوٺبو آهي، تيئن هوائي جهازن جي بندر کي هوائي اڏو يا ”ايئرپورٽ“ سڏبو آهي، وري جتي ريل گاڏي بيهندي آهي ۽ ماڻهو لاهيندي چاڙهيندي آهي، ان کي اسٽيشن يا ٽيشڻ چوندا آهن. اهڙيءَ ريت درياءَ پار ڪرڻ لاءِ، جتي پليون نه هونديون آهن، ته ٻيڙيءَ تي چڙهي هڪ پاسي کان ٻئي ڪناري تي وڃٻو آهي. اهڙين جاين کي، جتي ماڻهن جي درياءَ پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون بيٺل هوندين آهن، تن کي ’پتڻ‘ چئبو آهي. پتڻ جي ٻيڙين تي ماڻهن کان سواءِ گڏهه، گهوڙا، اُٺ ۽ ٻيو مال به چاڙهي پار ڪبو آهي. اوهان کي اها سڌ ته اڳيئي آهي، ته اُٺ پاڻيءَ کان ڊڄندو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو پير وجهندو آهي، تنهنڪري پتڻ جي ٻيڙيءَ تي پير رکڻ ۾ ڪيٻائيندو آهي ۽ ڏاڍو ڏکيائيءَ سان چڙهندو آهي. هڪڙو ماڻهو سندس مهار وٺي ٻيڙيءَ تي چڙهي ڇڪيندس ۽ ٻيو پٺيان ڏنڊا هڻندس، تڏهن مس مس وڃي ان کي ٻيڙيءَ تي چاڙهيندا. ٻيڙيءَ تي چڙهڻ مهل ڏاڍيون گوڙون ڪندو آهي، رنڀيندو آهي ۽ مار کائيندو آهي. ان ڪري سنڌيءَ ۾ پهاڪو ٺهي ويو آهي ته ”اڙي سڌري وڃ، نه ته اهڙي مار کائيندين، جهڙي اُٺ کائي پتڻ تي!“

پتڻ جي ٻيڙي پاتڻي هلائيندا آهن. ماڻهن جو پورو ٻيڙو ڀريو ته الله جو آسرو ڪري ٻيڙيءَ جا پڳهه ڇوڙيندا ۽ ڏاڍيءَ سنڀال سان لوهه جي ناتاري، جا ڪناري تي ٻيڙي جهلڻ لاءِ کتل هوندي آهي. سا پَٽَ مان ڪڍي، ونجهن سان ٻيڙي هلائي درياءَ جي وچ سير مان تاري اچي پار ڪندا آهن. هينئر به اسان جي درياءَ جي آرپار ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا پاتڻي ويچاري جي ايڏي پورهيي جو ڦل ڇا ٿو مليس؟ آڌيو يا رپيو هرڪو ماڻهو ٿو ڏئي، سڀني سوارين ۾ ڏکي سواري پتڻ جي، پر مزدوري گهٽ آهي. ان جي بدران ريلن ۽ جهازن ۾ ڳاٽي ڀڳا ڀاڙا، جي غريب ماڻهو ڀري ئي ڪين ٿا سگهن ۽ جي ويچارا ڪٿي وڃن ته جانورن تي سواري ڪن يا پنڌ ڪري پهچن.

پتڻ جي ٻيڙي، جڏهن الله جي آسري ڇُٽندي آهي، تڏهن ان جو ڏيک ويک ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪيترا ماڻهو ڪئميرائون کڻي ايندا آهن ۽ پتڻ جي ٻيڙيءَ جا، هلڻ مهل فوٽا ڪڍندا آهن. وچ سير تي جڏهن ٻيڙي ايندي آهي، اهو ٽاڻو ڏاڍو ڊپ وارو هوندو آهي، جو درياءَ جي سير ۾ پاڻيءَ جي تِکَ ڏاڍي هوندي آهي، جنهن ۾ ڳريون ڳريون وٿون به لڙهيو وڃن، پر جَسُ هجي ناکئن کي، جي دل جهلي ٻيڙيون هاڪارين ٿا. انهيءَ ڪري ته مهاڻن کي ملاح يا اميرالبحر ڪوٺيو ويندو آهي.

 

 

 

101- وهائي

 

اوهان کي اها ته سُڌ آهي ته ننڍڙو ابهم ٻچڙو، اسان وڏن وانگي سپنا ڪونه ڏسي، سپنا ته ڏسون اسين وڏا، جيڪي ڏينهن جو ڪم ڪريون يا ٻڌون سُڻو يا جيڪي يادگيريون هونديون اٿئون، اهي سپنن ۾ ڏسندا آهيون. ڪي سپنا بيمارين ڪري به ٿيندا آهن؛ ۽ جي کاڌو پيٽ ۾ نه ڳريو ته پيٽ تي جيڪو بوجو ٿيندو آهي، ان ڪري به سپنا ڏسڻ ۾ ايندا آهن،. پر ننڍڙن ٻارن کي تنجڻن ۾ يا بي سمجهيءَ جي ڄمار ۾ ڪابه سُڌ ڪانه هوندي آهي، سي سپنا ڪونه ڏسن. ان هوندي به اوهان ڏٺو هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙو ٻار ننڊ ۾ کلندو آهي ۽ اسان کي اهو ڏسي مزو پيو ايندو آهي. ٻار جي انهيءَ کل کي چوندا آهن ته ”هن کي وهائي ٿي کلائي.“ اَنهيءَ کلڻ کي وهائيءَ جي کل چوندا آهن. جڏهن ڪو وڏو ماڻهو وڏيون وڏيون اڻ ٿيڻيون ڳالهيون ڪندو آهي يا آسرا رکندو آهي ته ان کي به چوندا آهن ته ”ميان، اجايا پهه نه پچاءِ، خوش پيو ٿين، سو وهائيءَ کلايو اٿئي ڇا؟“ وهائي کي وِيائي يعني جنم وٺڻ به چئجي.

وهائي کلائي ته الاجي ڪيئن ٿي، پر ڪي ڌرمي ماڻهو چوندا آهن: ٻار جو آتما پوتر ٿئي ٿو، هو ڄمڻ کان اڳ روحن جي دنيا جا نظارا ڏسي کلندو آهي. سچي پچي ڄاڻ ڌڻيءَ سڳوري کي آهي. وڌيڪ هن ڏِسَ ۾ وڏا وڏا ڊاڪٽر ۽ ويڄ ٻڌائي سگهندا ته وهائيءَ جو ڪم ڪيئن ٿو ٿئي يا وري وڏا ڌرمي منش ان لاءِ ڪجهه چئي سگهندا. آءٌ هن لاءِ وڌيڪ ڪجهه به نه چوندس. اوهان وڏا ٿي پڇا ڪري ’وهائيءَ‘ تي ڪو وڏو ليک لکجو ته اوهان جو به جَسُ ڳائجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com