سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 7

 

- ڪُمُ

اوهان مان گهڻن ڪڇؤن ته ڏٺو هوندو. ڪڇؤن کي ڪُمُ به چوندا آهن ۽ ان جي ماديءَ کي ڪُمي چون. هيءُ ساهه وارو پاڻيءَ جو آهي ۽ نه ڌرتيءَ جو. پاڻيءَ ۾ ڪي اڻ ڳڻت ڪڇؤن هوندا آهن، جي ننڍيون ننڍيون مڇيون جهلي ڳڙڪائي ويندا آهن، اهو هنن جو وڻندڙ کاڌو آهي. ڪُمُ ۽ مڇيون ۽ ٻيا پاڻيءَ جا ساهه وارا هڪڙا ٻين کي نه کائين ته هوند سڄا سمنڊ پاڻيءَ بدران رڳي جيت ۽ مڇيون ٿي وڃن، پر ڌڻي سڳورو پنهنجا ڪم پاڻ ٿو ٺاهي.

جڏهن ڪڇؤن پاڻيءَ ۾ تري تري کائي پِي ڍؤ ڪري ٿڪبو آهي، تڏهن ڪناري تي نڪري اچي اُس جو تَو وٺندو آهي. ماڻهو ڪو ويجهو ويس ته دير ئي ڪانه ڪندو کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيندو پر جي ڪپر کان پرڀرو هوندو ته ڄاهي وانگر ڳچي کڻي اندر ڪندو ۽ چار پير به ڀيڙي وجهندو اندر ۽ پاڻ بڊ جي بڊ ٿي پئجي رهندو. بت جي مٿان جيڪو کيس ڌڻي سڳوري ڍڪ ڏنو آهي، ان کي سپر چئجي ته جڳائي. اها سپر اهڙي ته سخت آهي جو ڪاتيءَ يا ڪهاڙيءَ سان به وڍجي نه سگهي، لٺيون به بيٺا هڻوس ته مٿس ڪوبه نشان ڪونه ٿيندو. پر اندريان ڀاڱا هن جا به اهڙا ته ڪونئرا ٿين، جو ٿوري ئي ڌڪ سان هيڏي ساري بلا ڦٿڪي کڻي ساهه ڏئي.

ڪڇؤنءَ جو پاڻيءَ ۾ هلڻ ته ريل گاڏيءَ جهڙو  تکو، پر زمين تي پنهنجن چنبن سان ڏاڍو هوريان هوريان هلي ٿو سگهي. ٻارن کي به اچي مزو، سو ڀتر پٿر کڻي ويچاري کي بيهي چٽين، پر هن کي ٿئي ڪجهه به ڪين، ڄڻ نؤد ۾ سوئر لڳو، آخر جڏهن ترس اچين تڏهن هن کي ڪنهن رسيءَ يا نوڙيءَ سان ٻڌي وري ڳهيلي اچي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪنس. پاڻيءَ ۾ پيو نه آهي ته ٻوٿي ڪڍي اهڙو ته تڪڙو وٺي ترندو جو ڏسي تپرس ۾ پئجي وڃبو. مڇين جو پاڻيءَ ۾ ترڻ به هڪ وڻندڙ کيل آهي،پر ڪڇؤن جو ترڻ اڃا به وڌيڪ وڻندو آهي. واهه ڙي ڪُم واهه! ڌرتيءَ تي تنهنجو پير پٽ تي ڪونه ٿي ڄميو، پر پاڻيءَ ۾ ته گهڙڻ سان شينهن ٿيو وڃين. هجين ڌرتيءَ جو جيوُ ته توکي کڻي پاليون ۽ مال مليدا کارايون، پر ٻيلي تون آهين پاڻيءَ جو پونئرو، توکي ستائڻ مها پاپ آهي، ان ڪري اهو پاپ مٿي تي ڪين کڻبو. خدا ڪري ته تون سدائين پاڻيءَ ۾ ترندو، موجون ڪندو وتين ۽ توکي ڏسي اسين شل پيا سرها ٿيون.

ڪڇؤن ڪو پيٽ جي کائڻ جي شيءِ نه آهي، جو اسين کائون ۽ نه وري ڪا مڇي آهي جا سهنج سان واپرايون. هيءَ ته هڪ بلا آهي، جا پاڻيءَ جي رهاڪو آهي ۽ اتي ئي سونهي.

 

 

36- کيکڙو

کيکڙو به پاڻيءَ ۾ پلجندڙ ساهه وارو آهي. هن کي سرطان به چون. ڪُمُ يا ڪَڇؤن وڏو ٿئي، پر هيءُ ننڍڙو ڪڇؤن جي ٻچن جيڏو ٿئي. هن جا لڇڻ به ساڳيا ڪُمَ جهڙا. جڏهن پاڻيءَ ۾ تري ٿڪجي ته ڪپر تي نڪري اچي ۽ بُت سڪائي. ڪڇؤنءَ کي ٿين چار پير ۽ هن کي ٿين اَٺ پير. ڌرتيءَ تي هيءُ به ڪڇؤنءَ وانگر هوريان هلي. گانگٽن وانگر وڏيون مُڇون به ٿينس. سمنڊ جي ڪپر تي ڪئين کيکڙا ڏسبا ته ٻاهر نڪريو ويٺا هوندا. هيءُ نه آهي مڇي، جا کائجي ۽ نه آهي ڪا ٻي ماڻهنءَ جي واپرائڻ جي وَٿ! پر ڌڻيءَ سڳوري ته ڪابه شيءِ بنا لاڀ جي نه اوپائي آهي. هيءُ دوائن ۾ ڪم اچي. هڪڙي بيماري ماڻهوءَ کي اهڙي ته بڇڙي ٿيندي آهي، جنهن کي چون ئي سرطان جي اگهائي، ان بيماريءَ جو اڃا ته ڏوار ڳولي ڪونه ڪڍيو اٿن. جنهن کي ان بيماريءَ ورتو سو ويو. مُنهن تي هن بيماري ڪاهيو ته ڳلن جو ماس کائي ويندي. جي ڦڦڙن ۾ ٿي ته ڦڦڙ چٽ، وات مان کانگهاري رت پيو ايندو، جي ڪنهن ٻئي بت جي ڀاڱي تي هن يبماريءَ ديرو دمايو ته اهو ڀاڱو ناس، جي ڳلي يا نڙ گهٽ کي ورتائين ته نڙيءَ کان اندر پاڻي به ڪونه ويندو. هن اگهائيءَ جو نه دوا نه درمل. ماڻهو مرڻ لاءِ پيو سڪندو ۽ موت جا ڏهاڙا ڳڻيندو ته اڄ ڪي سڀان جو مزمان آهيان.

ڌڻي سڳوري جي سگهه نياري اهي،وِهه جو بلو به وِهه سان ٿئي. گرميءَ جو بلو گرم شين سان ۽ ٿڌ جو بلو ٿڌين شين سان. مٺاڻ کان ٿيل اگهائيءَ جو مٺاڻ سان ۽ ڪوڙاڻ يا کٽاڻ جي ڪري ٿيندڙ اگهاين جو علاج ڪوڙاڻ ۽ کٽين شين سان. بس سندس ڏاهپ ۽ سندس جوڙ آهي، جنهن جي ڪيتري ساراهه ڪري ڪيتري ڪجي. سرطان جي بيماري جنهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ”ڪينسر“ چئبو آهي، ان جي ٻُڪي به انهيءَ سرطان يا کيکڙي مان ٺهي.

کيکڙو به ڌڻيءَ جي هڪ اهڙي جوڙ آهي جا ڪنهن پر به ڏسڻ کپي. جيڪڏهن اوهان کيکڙو نه ڏٺو هجي ته پنهنجي ڪنهن وڏي مائٽ يا استاد سان ڪراچي وٺي وڄو ۽ سمنڊ جي ڪپر تي وڃي کيکڙن جو درشن ڪريو ته هي نڀاڳا ڪيترو نه بڇڙا ۽ ڊيڄاريندڙ آهن. ڪڏهن ڪڏهن آواز ڪن ته سندس آواز کيکڙاٽين وانگر هوندو اٿن. ڀانئجي ٿو ته سندن کيکڙاٽين تان ئي مٿن نالو کيکڙو پيو آهي.

اکين ڏٺي شيءِ ڪنن ٻڌيءَ کان گهڻو وڌيڪ ڄاڻ ڏئي ٿي. اوهان جيڪڏهن کيکڙي جي ڄاڻ گهرو ٿا ته اکين سان ڏسو ۽ خدا جي ساراهه ڪريو ته ڇا ڇا اُپايو اٿس ۽ هر ويل انهيءَ مالڪ جي اڳيان ڪنڌ نمايو.

 

 

37- چمڙو

چمڙا ته اسان جي گهرن ۾ ۽ ان جي آسپاس سدائين پيا ڦرن. رات جي ٽاڻي نڪرن ۽ ڏينهن سڄو پنهنجي ٻرڙن ۾ ستا ننڊون ڪن، ڇو ته ڏينهن جو تکي سوجهري تي سندن اکيون پٽجن ئي ڪونه. چمڙن کي ان ڪري ”شب پر“ به چون ۽ ”خفاش“ به ڪوٺين. شب پر جي معنيٰ آهي رات جو اُڏامندڙ، چمڙو آهي ته جهڙو پکي، پر ٻين پکين ۽ هن ۾ گهڻو ويڇو آهي. ڪنهن به پکيءَ کي ڏند ڪونه ٿين، پر هن کي تکا ڏند هوندا آهن. هن جا پر به نرالا آهن. پکين جي پرن وانگر مٿن کنڀ ڪونه ٿين رڳو هڪ وکي جهڙي چمڙيءَ جا هوندا آهن، انهيءَ چمڙي جي ڪري ئي هن کي چمڙو سڏيو وڃي ٿو. چمڙا پکين سان پکي ۽ جانورن سان جانور آهن. ٻيا پکي به آنا لاهين ۽ انهن تي آرو ڪري ٻچا ڦوڙين، پر هيءُ ٻچا ڄڻي، جيئن جانور ڄڻين ۽ انهن کي ٿڃ به پياري. اسين اسڪولي ڪتابن ۾ هڪ آکاڻي پڙهندا هئاسين ته هڪ ڀيري جانور ۽ پکين جي اچي جنگ لڳي، چمڙي ڏٺو ته جانور سگهارا آهن ته انهن وٽ ويو ۽ چيائين ته آءٌ جانور آهيان، ڏسو منهنجي وات ۾ ڏند آهن، مون کي کنڀ به ڪونه آهن، آءٌ ٻچا ڄڻيان ۽ آنا ڪونه لاهيان. هي پير به اٿم، جن سان پٽ تي جانورن وانگر رڙهان به ٿو؛ تنهنڪري آءٌ اوهان جو ساٿي آهيان. وري جڏهن ڏٺائين ته پکي سرسي ڪري ويا آهن ته ڀڄي انهن وٽ آيو ۽ چيائين ته يار مان ته پکي آهيان. ڏسو هي پَر اٿم، انهن سان اُڏامان ٿو ۽ ڏرن يا وٿاڻن ۾ ڪونه رهان، اوهان وانگر ڀتين ڇتين جي ٻرن ۾ آکيرا ٺاهي رهان. آءٌ ته اوهان جو ساٿي آهيان، پوءِ ٿيو ڇا جو جانورن ۽ پکين جا متڀيد لهي ويا ۽ پاڻ ٺاهه ٿي وين، هاڻي چمڙو ڪيڏانهن وڃي_ ويو جانورن وٽ ته انهن ڊوڙائي ڪڍيس ته تون پکي آهين،. وڃ پکين وٽ_ آيو پکين وٽ ته انهن ڌڪاري ڪڍيس ته تون جانور آهين، وڃ انهن وٽ. ائين ٻنهي جڳن مان ويو.

چمڙي لاءِ چوندا آهن ته ڪنهن کي چَڪ هڻي چنبڙي پوي ته جيسين ڪارو گڏهه هينگ نه ڏئي، تيسين چڪ نه ڪڍي. اها آهي رڳي هڪڙي ڳالهه، پر ائين ته برابر آهي ته چمڙو چُهٽو ته جند ڏکي ڇڏائبي. پهاڪو ڏيندا آهن ته ”تون ته جنهن کي ٿو وٺين، ان کي چمڙي وانگر چهٽيو وڃين.“

چمڙو ڏسڻ ۾ به ڏاڍو بڇڙو هوندو آهي ۽ بُڇان پئي لڳندي آهي، پر آهي ته اها به ڌڻيءَ جي جوڙ. ڪاريون ڦولڙيون لاهي، جن ۾ ڌپ ٿئي ۽ مُٽي به ڦڙو ڦڙو، سو به ذري ذري، ان ڪري ماڻهو چمڙي جي گهر هيٺان سمهن ئي ڪونه، نه ته هنڌ ٽپڙ ڪِن ڪري ڏيندن.

ٻار ته وري چمڙي جو به رؤنشو اُڏائين. شل ڪو اوچتو ڏينهن ڏٺي جو هيٺ نه ڪِري، اکيون هوندس بند، جهڙو بنهه انڌو_ پوءِ ته کڻي سرن ۽ لٺين سان اچي وٺندس ۽ ڪُٽي ڪندس سُڙد، جڏهن اڌ مُئو ٿيندو ته ڪنهن نوڙيءَ ۾ ٻڌي ٻلن ۽ ڪتن کان چيچلائي چيچلائي ماريندس. آهي اهو به هڪ وڏو پاپ، جنهن کان مائٽ ٻارن کي گهڻو ڪري روڪين، پر اهي ٻاڪرا ڦر ڪٿي ٿا رهن. چمڙو ويچارو کائي به ڪجهه ڪين، رڳو رات جو اُڏامندي، هوا ۾ اُڏامندڙ ننڍا ننڍا جيت جهٽي کائي.

ڳالهه جو وٺ ڳاٽو ته هي جيتامڙو به ڌڻي سڳوري جي جوڙ آهي. ان کي ڏسي، ان جي بناوت تي ويچار ڪري ۽ ڌڻيءَ جي ڏاهپ ۽ جوڙ کي ڏسي سندس ڳڻ ڳائجن ته ڪهڙيون ڪهڙين جوڙون جوڙيون اٿس.

”ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جي.“   (شاهه)

 

 

38- هرڻ

جانورن ۾ سهڻي ۾ سهڻو جانور هرڻ ليکيو ويندو آهي، سچ پچ ته آهي به ائين. بدن ناسي ڀورو، پيٽ اڇو،ڪن ڪنڍول، اکيون وڏيون ۽ ڪاريون، پُڇ ننڍڙو، ٽنگون سنهيون، وات بَري ٻڪريءَ جهڙو، ڇال اهي ڏئي جو ڏسڻ مان ڍؤ ڪونه ٿئي. سندس گوشت به ٻوڙ لاءِ نه، ته به پُلاءُ لاءِ ۽ سيخ لاءِ واهه جو سوادي ٿئي. رهي به پوٺن، ميدانن، رڻ پٽن ۽ ٿر جي ڀٽن ۾. سونهن به ساهه وارن جي دشمن آهي. بُلبُل کي ڏورو پيٽي وجهي، پڃري ۾ بند ڪن ۽ طوطي ۽ مينا سان به ساڳيو سلوڪ ڪن، سو رڳو ان ڪري جو اهي سهڻا آهن، پر ويچاري هرڻ سان ته وڏو ويل آهي. شڪاري سندس شڪار لاءِ بندوقون کڻيو ڦريو اچن ۽ نيٺ ويچاري کي گوليءَ سان ڪيرائي ڪنڌ تي ڪاتي ڏيئي کڻي وڃي پنهنجو پيٽ ڀرين. گولي لڳڻ مهل جا ڪيڪَ هرڻ يا هرڻي ڪندي آهي، تنهن جي ٻڌڻ سان وار ئي ڪانڊارجيو وڃن، ڇا سونهن جو انت اهو آهي؟ پرينءَ جي اکين کي مرگهه_ نين چئي ڀيٽ ڪن، پر سندس گت اِجها اها ٿا بڻائين. ننڍڙو هرڻيءَ جو  ٻچڙو ڦاسائي، ماڻهو گهرن ۾ هيج ۽ پيار سان پاليندا به آهن، هو هِري مري ويندو آهي، جي هوندي آهي مادي ته ڦرڦلا به ڄڻي ڏئين، پر ٻڪريءَ وانگر سندس پڇاڙي اهائي ڪاتي ڪنڌ تي.

هرڻ جي کَل مان نماز جا مصلا يا جاءِ نماز ٺهن، فراسيون ٺهن، نتون (نطعون) ٺهن، سليپر ۽ سپاٽا ٺهن ۽ هندن جا ٻاوا ان جي کل تي ويهي تپسائون ڪن. اڄڪلهه هرڻ جي کَل مان بئگون به ٺاهين. کَل تي هٿ لائبو ته آسيس پئي ايندي ۽ من پيو ٺرندو. نيڻ پيا کلندا. هرڻ جو ڪٽنب به وڏو آهي. ڦاڙها، گڊ، سرنهن ۽ سانبر به هن ئي ڪِيڙ مان آهن، پر سڀني ۾ سهڻو هيءُ آهي. سڄي ڪٽنب جو الله واهي آهي، سڀئي شڪار ٿين ۽ باهه تي سندن ماس پچي. ماڻهو به ڪهڙو نه ڪُڪَرمي آهي. ويچارن بي ڏوهه ساهه وارن تي ڪهل ئي ڪانه اچيس.

کائي ويچارو جهنگ جو سائو گاهه نه ڪنهن کي ڏئي نه ڏکوئي. پاڻي ته ٻارهن مهينن ۾ هڪ_ ٻه گهمرو مليس ته ڀلو. اوهين چوندا ته ڇال هيڏا ٿو ڏئي، ڀڄي ڇو نٿو وڃي ته بندوقن کان بچي پوي. پر ادا، هرڻ ۾ هڪ اهڙي ڳالهه آهي جا کيس مارائي ٿي، اها ڳالهه هيءَ آهي ته هو ڇال ماري ٿورو پرڀرو وڃي وري بيهي پٺ تي نهاريندو آهي ۽ بندوق ٺا ٿي ويندي اٿس. اها بيهڻ جي هير نه هجيس ته سچ پچ مري ئي ڪونه. پاڻي گهڻو نٿو پيئي، ان مان ته اهو لاڀ مليس ٿو جو ڇال ڏئي تکو دوڙي ٿو سگهي. پاڻي پيئندڙ جانور نه ايترا ڇال ماري سگهندو ۽ نه اهو تکو دوڙي سگهندو، پر ماڻهو به سڀ کان ڏاهو آهي، هڪڙا پوندس پٺيان ۽ ٻيا ڦري ايندس اڳيان_ هڪڙا هڪل ڪندس پٺيان ته هو ڊوڙندو اڳتي، جتي ويري اڳي ئي لڪا ويٺا هوندا آهن ۽ گولين جو وسڪارو لاهي ڏيندس. هرڻ جي ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي، واهه واهه الهه سائين تنهنجي جوڙ!

 

 

39- گينگو

نالو ته ڏسو هن جيت جو ڪهڙو آهي، ٻڌڻ سان کل وٺيو وڃي، پر ڏسڻ سان کل نه ايندي. آهي ساڳيو ڀؤنر جهڙو، پر ان کان ٻيڻو وڏو. ڪارو جهڙو رُڏ. ڏامر جي به جاءِ ڪانهي. اڏامندو اهڙو زُوم سان آهي، جو شل نه ڪنهن جي منهن سان لڳي، ڄڻ ته سونٽو لڳي ويو. ڪم سندس بڇڙا، ڪو ماڻهو جهنگ جو خيال لاهي اُٿيو ته خبر به الاجي ڪيئن ٿي پويس. اجهي ٻه_ چار گينگا اچي پهتا، ڳجهن کي به ڊونر جي ڪل دير سان پوي پر هي آيو رهيو، گينگا ڪندا ڇا، جو پيل ميلي کي اچي لڳندا ۽ ذرو ذرو ڪري پنهنجي مٿي سان ان کي ليٽڙائيندا، ليٽائيندا ۽ ريڙهيندا کڻي پري هليا ويندا، پوءِ ته واريءَ ۾ ٽنگ ڪري ان ۾ اندر کڻي ويندس ۽ وڃي پنهنجو کاڄ ڪندس. ٿوريءَ دير کان پوءِ ميلي واري هنڌ اچبو ته ڪجهه به ڪونه هوندو. گينگا سڀ لُٽي کڻي ويندا ۽ وڃي واريءَ اندر پوريندا. ان ڪري هن جيت کي چئبو ئي آهي ٿر جو ڀنگي، ڇو ته واري به گهڻي ٿر ۾ ۽ گينگا به گهڻا اُتي.

ڪم سو ڪِنو ڪن ٿا، مگر تماشو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ميلي کي ائين ڌڪيندا آهن، جيئن ڪو لوهه جي ڊرم کي ڦيريندو ريڙهيندو ويندو آهي. جلدي به اهڙي ڪن جو ڄڻڪ پٺيان ڪو ڪاهي پيو اٿن ۽ ڦري ٿو وڃين. ٿر ۾ ماڻهو جهنگ جو خيال لاهين وڃي جهنگ ۾. ڪکائن گهرن ۾ ڪاڪوس ڪونه ٿين. ان ڪري اتي جا ماڻهو چون ته اسان جي ٿر جا ڀنگي گينگا آهن، جن کي ميڙيءَ سيڙيءَ جي اجوري ڏيڻ جي به گهرج ڪانه پوي. بنا ڏوڪڙ جي اهو ڪم ڪن، جو شهر ۾ پئسن ڏيڻ کان سواءِ ٿي ڪونه سگهي.

آءٌ ته سڀني کي ائين چوندس ته ڪڏهن ٿر گهمڻ وڃو ته گينگن جو مجرو ڪيئن به ڪري ڏسجو.

 

 

40- ڪاترو

ٿر ۾ جڏهن سانوڻ جا وسڪارا ٿين ۽ گاهه ڦٽي چراگاهه ٺهي پون، تڏهن ڪاترو، جو هڪ ڪيڙو آهي سو لکن ڪروڙن جي ڳاڻيٽي ۾ جنم وٺي، جنهن به وڻ جي سائي پن تي ڏس ته ڪاترو ڪَر کڻيو ويٺو هوندو. هن جو هلڻ به نرالي ڍنگ جو آهي. هلندو سڌو پر ٻول مٿي کڻي اڌ اڀو ٿي ويندو. جهڙيءَ طرح انسان سمهي گوڏا مٿي ڪندو آهي، تيئن هيءُ وري پنهنجي پُٺ مٿي ڪندو، هلندو ويندو ۽ ائين ڪندو ويندو، ڇو ته هلڻ جو ڍنگ ئي اهو اٿس. بُت بوجارو ۽ ٻُوٿ ڳاڙهو. ڪاترو هڪ وڏي بلا آهي. منجهانئس لاڀ ته لاڀ جي ماڳ مورڳو ڇيهو، جنهن پن تي سُريو، ان کي کائيندو ويندو، جتان لنگهيو، اهو پن ئي پرڻ ڪري ڇڏيندو. اوهان ڏٺو هوندو ته هتي به پالڪ جا پن ڪڏهن ڪڏهن کاڌل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اهو ڪم به ڪيڙن جو آهي، پر ڪاتري سان ڪير برميچي؟ نالوئي ڪاترو انڪري پيو اٿس جو هو پنن تان هلندو ويندو ۽ انهن کي ڪُتريندو ويندو آهي. ماڻهو انهن کي چونڊي ماري، سو ڪيترو ماري! هجن ڪي سؤ_ ٻه ته دير ئي ڪانه ڪجي، پر هيءُ ڪروڙن جي پلٽڻ، تنهن کي ڪير پڄي. ٿر جا ڪانوَ، جي ويچارا سڄو سال بکون ڪڍن، تن لاءِ سو چڱو کاڄ پيدا ٿي پوندو آهي. اهي ڪاترن جا استاد آهن، چونڊي چونڊي کائيندا اٿن. ٻارهن مهينن جو ڍؤ ڪندا آهن. ڪانون ۽ ڪٻرن کي ڪاترا مليا ته ٻي شئي ڏي لونڻو ڦيري ڏسندا به ڪين. ڪاترا سندن وڻندڙ کاڄ آهي. ڌڻي سڳوري جي ڏاهپ ۽ سگهه جي ڪهڙي پچار ڪجي. هڪڙن کي ٻين لاءِ کاڌو بنايو اٿس. بس سڄي ساراهه سائينءَ کي جڳائي!

 

 

41- سپيون ۽ ڪوڏيون

سپ به ڪڇؤن وانگر هڪ پاڻيءَ جو جانور آهي، پر ڪڇؤن جو ڪوبه مُلهه ڪونهي. ان جي ڀيٽ ۾ سِپَ تمام مُلهائتي شيءِ آهي. سندس بت تي جيڪا سپر چڙهيل هوندي آهي سا کير جهڙي اڇي هوندي آهي، جا ڏاڍي ڪم واري شيءِ آهي. سچي سپ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. دوائن ۾ ڪم اچي. ان مان ٻيڙا، ڪاتين ۽ ڪپن جا ڳن، ناس جون سونگڙيون ۽ ٻيا ڳهه ڳٽا جُڙن، جن کي ڏسي دل پيئي ٺرندي آهي. سپ جو خاڪو به موتين وانگر کرل ۾ پيهي ٺاهيو ويندو آهي، جو هينئين جي بيماريءَ لاءِ ڏاڍو ٻل ۽ سگهه وارو آهي. سچا موتي به انهيءَ سپ جي پيٽ مان ئي نڪرن ٿا. چون ٿا ته جڏهن مينهن پون، تڏهن سپ سمنڊ ۾ مينهن جي سڪايل هوندي آهي ۽ پاڻيءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي، مينهن جا ڦڙا وات ۾ جهٽيندي آهي ۽ جيترا ڦڙا جهٽيائين، اوترا موتي سندس پيٽ ۾ ٺهي پوندا. اهي سچا موتي سون رپين ۾ هڪ دُڪو ملن، جو خاڪو ڪري ان ۾ گلاب جو پاڻي ۽ مصري وجهي، اگها کائين ته سگها ٿي پون. سرنديءَ وارا ماڻهو ته موتين جو خاڪو کائين، پر اڻ هوند وارا سپ جو خاڪو واپرائين، جو سستو ٿئي. بس ڌڻي سڳوري جي جوڙ جو ڪهڙو وستار ڪجي؟

آءٌ جن سپن جي ڳالهه ڪريان ٿو اهي سپون نه آهن، پر سپيون آهن. سمنڊ جي ڪناري تي جام ڏسبيون. ڪيتريون ميڙي ڪيتريون ميڙجن. سپيون، سُتيون، ڪوڏ ۽ ڪوڏيون ڳاڻيٽي کان ٻاهر سمنڊ جي ڪپر تي ڏسڻ ۾ اينديون آهن. تپرس ۾ وجهندڙ ڳالهه ته اِها آهي، جو ڪن چيڪي مٽيءَ جي اڇن پٽن تي به ڪوڏيون، سُتيون ۽ ڪوڏ جام ٿين، جي مينهن وسڻ ڪري انهن پٽن تي پاڻمرادو نڪريو پون. مٿاڇري تي انهن جا ڪنا پيا ڏسبا. ٿوروئي کوٽڻ سان نڪري اينديون. ڀلي ته ڳوڻيون کڻي ڀر. اهي سپيون سمنڊ واري سپين کان ڪجهه ڪچيون هونديون آهن، پر ڪم ڏاڍو ڏين. سُتيون اسين چمچن وانگر ڪم آڻيون. ننڍن ٻارن جي کير پيارڻ لاءِ يا سُتي وجهڻ لاءِ يا ڊڀ دارون ٺاهڻ لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون آهن.

ڪوڏيون ته اوهان ڏٺيون هونديون. اڳي اسان جي ناڻي جي جدول ۾ هوندو هو ته چار چؤنڪ ڪوڏيون برابر پائي، ٽي پايون، پئسو، چار پئسا آنو، سورهن آنا رپيو. چون ٿا ته اجمير جي ميڙي تي ايترا ته پينو هوندا آهن، جو پايون پئسا ڏئي پوري پئجي نه سگهبو اهي. ان ڪري ڪوڏيون مٽائي کيسا ڀري کڻبا آهن ۽ ٻه_ تي ڪوڏيون هر هڪ فقير کي ڏبيون وڃبيون آهن. پوءِ اهي پينو وري دڪانن تي وڃي مٽائي پئسا ڪندا آهن. دڪان به ڪوڏين جي ڳوڻين سان ڀريا پيا هوندا آهن. ان کان سواءِ ڪوڏين سان ٻار راند به ڪندا آهن. انهن راندين مان چينهر- پسيءَ جي مکيه راند آهي. ڪي اڇيون ڪوڏيون، ڪي پيليون، جن کي سچليون ڪوڏيون چئبو آهي. ان کانسواءِ ٻهراڙين ۾ سچليون ڪوڏيون ويچاريون مايون پنهنجن گجنُ ۽ جُبن جي دامن تي ٽانڪي ڇڏينديون آهن ته اهڙي ڇم ڇم لائينديون آهن، جو سونا ڳهه به ڦڪا لڳن. پاڻي ڀرڻ لاءِ سينهيون به انهن ڪوڏين سان جڙي سينگارين. ٻيا به ڪيترا ڪم منجهانئن ورتا ويندا آهن.

باقي رهيا ڪوڏ، اهي به بلي بلي! اوٺار ۽ جت ماڻهو اهي ڪوڏ پنهنجي اُٺن جي جُهلن تي مڙهائين. ٿڙن ۽ تلن تي جَڙائين ۽ اُٺن جي ڳچين ۾ ڳانيون ٻڌن، تن تي به انهن جو جڙاءُ ڪن. تنهن وانگي اهي ڪوڏ اهڙي ته سونهن ۽ سوڀيا ڪن، جو ڇا کڻي چئجي. اهي بي مُلهيون وٿون ڪهڙا ڪهڙا ڪم ٿيون ڏين ۽ ماڻهو پنهنجي هنر سان انهن مان ڪهڙا ڪهڙا ڪم ٿو وٺي. بس ساراهه انهيءَ مالڪ سائينءَ جي آهي، جنهن اهي اُپايون آهن ۽ ماڻهوءَ جي لاڀ لاءِ اُپايون آهن. هنن شين جي ساراهه ڪجي يا انهيءَ ڌڻي سڳوري کي ساراهجي، جنهن اهي جوڙيون!

 

 

42- سؤپيري

سؤپيري به هڪ جيت آهي، ان کي سؤپيري ان ڪري چون، جو کيس سؤ پير ٿين. هڪڙيون سؤپيريون ويچاريون ننڍڙيون جيتامڙيون ٿين، جي واهن ۽ نهرن جي ڪپرن تي ٻين ڪيڙن وانگر ٿينديون آهن. انهن تي هر ڪنهن کي ٻاجهه پئي ايندي آهي. هٿ ۾ کڻبن ته به ماٺ ڪري پيون سُرنديون. نه چڪ پائين نه دُک رسائين. انهن کي مارڻ به وڏو پاپ. ويچاريون جيتامڙيون پنهنجو منهن وٺيو پيون هلنديون. ڄمار به ٿوري ٿئين. پاڻي هٽيو ۽ سوڪ آئي ته پاڻهي موت اچي ويندن.

ٻيون سؤپيريون ڏاڍيون ڀوائتيون وڏيون بلائن جهڙيون هوندوين آهن، جي بلائن وانگر ٻِرن ۾ رهن ۽ زهريليون ٿين. چڪ پائين ته ڦٿڪائي رکن. بلا جهڙو ماريندڙ زهر ڪونه ٿئين، پر تڏهن به چڪ هڻڻ سان ساڙي رکن. اهڙي سؤپيري گهر جي ڪنهن ڪنڊڪڙڇ مان نڪتي ته ماڻهو مارڻ کان سواءِ ڪين ڇڏينس. مري به ڏاڍي ڏکي. ڪُٽي ڪُٽي وري ڪٽبس، تڏهن مس ساهه ڇڏيندي. توبهه کڻي ڪجي. ڏسڻ ۾ ئي ڏانئڻ جهڙي. ڊپ ۽ بُڇان پئي وٺندي.

سندس نالوئي سؤپيري آهي. مون سندس پير ڳڻي ڪونه ڏٺا آهن، پر اهي جن ڳڻڻ جي سگهه ساري آهي، سي چون ٿا ته پورا سؤ پير اٿس، نه گهٽ نه وڌ ڏسو ته الله سائينءَ جا ڪهڙي نه تپرس ۾ وجهندڙ جوڙجڪ آهن. انهي سائينءَ جي ڪيتري به ساراهه ڪجي ته ٿوري آهي. شال اسان کي ڌڻي سگهه ڏئي جو سندس نانءُ سدا اُچاريندا رهون ۽ گهڙي به نه وساريونس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com