سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 12

 

 

 

78- ليار ۽ ڳاڱيون

ليارن کي ته ليار ئي چئجي، باقي ڳاڱين کي ڳانيون به چون ۽ ٿر ۾ گهانگهٽيون به ڪوٺين. ڳاڱيون ٿر وارن لاءِ ڏاڍو وڻندڙ ميوو آهي. ليارن جي ٻج ته ڪڍي ڦٽو ڪبو آهي، پر گهانگهٽين جي ڪڪڙي جا نرم هوندي آهي، ڪُرٽي کائي ڇڏيندا آهن. هنن ۾ به ليس ٿئي. گودو ليسوڙن ۽ گيدوڙن کان گهڻو گهٽ ٿئين، پر ٿر جا ٻار، جن کي ٻاڪرا ڦر چئبو آهي، ڳاڱين کائڻ سان گهٽائين ڪين. ڀلا ويچارا ڪن به ڇا، ٿر ۾ ڪو ٻيو ميوو ته ڌڻيءَ اُپايو آهي ڪونه؛ تنهنڪري ڳاڱيون هنن لاءِ صوفن ۽ ڏاڙهن کان به وڌيڪ لذيذ آهن.

ليار ٿر ۾ گهڻو ڪونه ٿئي. ڀاڳن سان ڪٿي ليار لڀندي ته واهه واهه ٿي ويندي. البت ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر جي ٽڪر تي ليارين جا وڻ جام. اتي ليار وري ٿين به رس ڀريا ۽ مٺا. گول گول نارنگي رنگ جا ڇاپُرو يا ڄانگهرو ٻيرن جيڏا. انهن جا وڻ ٿين ننڍا، تنهنڪري بيٺي پير ليار پٽي بيٺو کاءُ. ليار کي ڪوِين ۽ سگهڙن پنهنجي شعرن ۾ ڏاڍو ساراهيو آهي، جهڙوڪ:

جيئن هِت گونٽا گل گلاب جا، ٻيا پڻ کڙيا کٽڻهار،

تيئن هُت ڦوڳ ڦُلاريا ڦرسين، اڄ ڀي لالَ ليار.

جيئن هِت سُهنج ڪن ٿيون سومريون، هيرا ٻنڌيو هار،

تيئن هُت پَڪا پويو پاتشاه، ٿيون سرتيون ڪن سينگار.

بس ڪهڙي خدا جي اُپايل وٿ آهي، جا ساراهه جوڳي نه آهي! ان ڪري سڀ ساراهه جڳائي انهيءَ صاحب سڳوري کي، جنهن اسان تي هيتريون ٻاجهون ڪيون آهن، پوءِ ان ٻاجهاري کي ڪيئن وساريون؟

 

 

79- گيدوڙا ۽ ليسوڙا

گيدوڙا ۽ ليسوڙا جهنگ جا ڦل آهن. گيدوڙا وڏا ۽ گول ٿين ۽ منجهن ڳرُ به جهجهي ٿئي ۽ مِٺا به وڌيڪ ٿين؛ ڪَچن گيدوڙن جي ڀاڄي به رڌي کائجي. جڏهن گيدوڙيون ڦرُ ڪن تڏهن گيدوڙن سان جهنجهجي وڃن. ڪَچا گيدوڙا ساوا ٿين ۽ پچڻ کان پوءِ هلڪي نارنگي رنگ جا ٿين. بس وڻ مان پَٽي کائيندو وڃ، مٺا جهڙا ماکي! منجهن جو ليس، لِوَ يا گِگ ٿئي سا ته هيڪاري وڻي. ٿڌڙيون چوسي ڪڍي ڦِٽيون ڪبيون آهن، جي ڳسي ويون ته هنگڻ ۾ نڪري وينديون، ڪو ڀَؤ ڪونهي. ماڻهو چوندا آهن ته ”تون گيدوڙي جي گِگ وانگر ڪنهن کي وٺين ٿو ته چنبڙيو وڃين.“ ٻارن کي مائرون ڪوڏاڻا ڏينديون آهن چونڊيون آهن ته:

منهنجو پُٽڙو! ”گيدوڙي جي گِگ جهڙو،

پاٻوڙي جي پن جهڙو، گلاب جي گل جهڙو.“

گيدوڙيون پَڪيون ته ٻارن لاءِ موج ٿي، ڳولي ڳولي وڃي وڻ ۾ ڀِتر اُڇلائيندا ۽ گيدوڙا ڇاڻي کائيندا؛ جي هوندا مٿي چڙهڻ جيڏا ته پوءِ ته ڇڳن جا ڇڳا ڇني ڪندا ڍير، پاڻ به کائيندا ۽ گهر به کڻي ويندا.

ليسوڙا به آهن ساڳي شيءِ، پر اهي ننڍا چپٿرا ٿين، ۽ گيدوڙا گول بلورن جيڏا. هنن ۾ گِگ ۽ ٿڌڙو ٿئي. سواد ساڳيو گيدوڙن جهڙو، پر ميٺاج گهٽ. ليسوڙيون پڪيون ته مُچن جا مُچا، ڇڳن جا ڇڳا پَٽي کائي، ڀلي ته ٻار پيا جشن ڪن.

ليسوڙا گهڻن ئي دوائن ۽ پسارڪي ڪم لاءِ ڪارائتا آهن. سڪل ليسوڙا پسارين وٽ جام ملندا، جي کنگهه لاءِ، ڪاڙهي ۾ ٻين شين سان گڏ ڪاڙهي پيئبا ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو. ڌڻيءَ سڳوري سڀ ڪنهن شيءِ ۾ ڪا نه ڪا ڀلائي رکي آهي. ماڻهوءَ کي کپي ته ان مان لاڀ وٺي ۽ ڌڻيءَ جا ڳڻ ڳائي.

 

 

80- مڇيون

گوشت ته اسين ڪيترن ئي جانورن ۽ پکين جو کائو ٿا، پر مڇين جو ماس به گهٽ سوادي نه آهي. سمنڊ ۾ مڇيون ته ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن، جن جو وستار ڪرڻ لاءِ وڏيون بنديون کپن. پر اسان جي درياءَ شاهه سنڌونديءَ ۾ به اڪيچار مڇيون ٿين ٿيون، جي اسين سنڌ جا ماڻهو وڏي چاهه چَس سان کائيندا آهيون. سٺي ۾ سٺيون مڇيون، جي اسان سنڌ وارن کي وڻن ٿيون، سي آهن: پهريون نمبر پلا ۽ ٻيو نمبر ڪُرڙا يا ڏنڀرو، مڇيون ٻوڙ ڪري رڌن به، پچائي به کائجن، تَري به کائن ۽ انهن جي پلاءُ به رڌي کائجي ٿو.

ٻيا نمونا ته ڪيترائي آهن، جن مان ڪن جا نالا ڏجن ٿا: پوپري مڇي، ڏاهي مڇي، سُرمائي مڇي، موراکي مڇي، پاپليٽ مڇي ۽ ٻيون. ان کان سواءِ ڄَرڪا، کڳا، گندڻ، مُڪَرَ، گانگٽ ۽ ٻيون مڇيون به گهڻيون ٿين. گانگٽ جن کي جهينگا به چئبو آهي. وڏا سوادي هوندا آهن. گانگٽن کي چون ئي دريائي ڪُڪڙ. گهڻو ڪري سڀني مڇين تي ڇِلر هوندا آهن، جي لاهي اُجريون ڪري پوءِ رڌبيون آهن. رڳو کَڳي ۽ ڄَرڪي تي ڇلر ڪونه ٿئي. ساڳي نموني پاپليٽ تي به ڇلر ڪونه هوندو آهي. پَلن ۾، جي آنيون هونديون آهن، سي ته سون تي سهاڳو آهن؛ کائي کائي ڪين ڍاپبو. ڪن وڏين مَڇين ۾ به منڍي کائڻ ۾ سٺي ٿئي، پر پَلي جي آنيءَ کان پوءِ بس آهي. مڇيءَ جي مُنڍي ڪن بيمارين ۾ به کارائبي آهي.

ائين برابر آهي ته گوشت به سُڪائي سگهبو آهي ۽ پوءِ جڏهن دل چوي ته رڌي کائجي. اهڙيءَ ريت مڇيون به سڪائبيون آهن. انهن کي چڱيءَ ريت لوڻي پوءِ سڪائبو آهي. هڪ_ ٻن ڏينهن جو لوڻيل مڇين کي مِٺ_ لوڻي مڇي چئبو آهي ۽ سڪل مڇيءَ کي کاري مڇي چئبو آهي. پلا ته هارن جي منهن سڪائبا آهن. اهڙيءَ ريت جهينگا به. انهن جو واپار به ڏاڍو ٿو هلي ۽ ڪٿي ڪٿي ولايتن موڪلبا آهن ته چڱو پئسو ڪمائبو آهي. هاڻي ته سائنسي نموني آهي مڇيون به گوشت وانگر دٻن ۾ بند ڪري وڪڻبين آهن ۽ ڏيساوو موڪلبيون آهن ته تازي جون تازيون هونديون آهن. اسان جا سنڌي پَلا، مٺي درياءَ سنڌ جا وڌيڪ لذيذ هوندا آهن. سمنڊ جا پَلا به ٿين، جن کي گوادري پَلا سڏجي ۽ مٿي انهن کي دوٿر به ڪوٺين. تازي شيءِ نيٺ به تازي آهي، پر سڪل جهينگا به مزي ۾ گهٽ ڪين آهن.

مهاڻا يا ميربحر مڇيون ڪيئن ٿا ڦاسائين، اها به هڪ وڏي وارتا آهي، جا هتي لکي نٿي سگهجي. ڄاريون، ڪُڙهيون، رَڇَ ۽ ڀَنَ مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڪم اچن. چوندا آهن ته ماٽيءَ جا پلا وڌيڪ سوادي هوندا آهن. ماٽي ڇا آهي؟ اها هڪ ٺِڪر جو وڏو ڪُنو آهي، جنهن تي ميربحر پيٽ رکي ترندا ويندا آهن ۽ جيڪو پلو ڪُڙهيءَ ۾ ڦاسائين، سو هڪ وِرَ ۾ سوئيءَ سان پوئي، کڻي ماٽيءَ ۾ وجهندا ۽ ماٽيءَ جي منهن مٿان پيٽ رکي وري اڳتي هلندا، جڏهن ماٽي پَلن سان ڀربي، تڏهن هڪڙا ڪڍي مياڻين تي رکندا ۽ وري ٻيا وڃي پڪڙيندا. پلو اهڙو ته سوادي آهي، جو ان سان ماني به ٽيڻي_ چؤڻي کائي ٿي وڃجي. ماڻهن جي جياپي لاءِ ڌڻيءَ سڳوري ڇا ڇا نه اُپايو آهي!

 

 

81 سانئون

سانئين جي ماني ڏسڻ ۾ ٻاجهريءَ جهڙي هوندي آهي، پر کائڻ ۾ ٻاجهريءَ کان به سٺي هوندي آهي. جيئن ٻاجهريءَ جي ماني، مکڻ ۽ ڏڌ سان مزي وارو کاڌو هوندو آهي، تيئن سانئين جي مانيءَ سان مکڻ ۽ لسي سون تي سهاڳو آهي. سانئين جو اَنُ پوکيو ڪونه ويندو آهي، پاڻمرادو اُڀري پوندو آهي؛ ان ڪري سانئين جي داڻن کي به ڏٿ چئجي ته ٺهي. سانئين جا ٻوٽا اڍائي فوٽ کن ڊگها ٿيندا آهن ۽ سنگ ننڍڙا هوندا اٿن. داڻا چپٿرا ۽ ساوڪ وارا چلڪڻا ٿين. سرند ۽ سکيا ماڻهو ته ڪونه کائين، پر ويچارا اڻ هوند وارا ۽ اڀرا ماڻهو سانئين جي ٻوٽن کي به پيهڻ کان اڳ سَٽي ڪُٽي، سنگن مان سانئين جو اَنُ ڪڍي، ان جون مانيون پچائي، پنهنجا ويلا وارين. سانئون گهڻو سارين جي پوک ۾ ٿئي، ان ڪري اوهان ڏٺو هوندو ته چانورن ۾ اُن جا داڻا گهڻي ڀاڱي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي گهر_ ڌياڻيون چانورن مان ونڊي ڪڍي ڦٽا ڪنديون آهن، نه ته ڀَت ۾ ڪٻر ٿي پوندا آهن.

سانئين جو ڏارو رڌي، ان جي کيرڻيءَ وانگر ٻاٽ به ٺاهبو آهي. ان ۾ ڳڙ جو مٺاڻ به گڏبو آهي، ته ڏريو ٺهي پوندو آهي ۽ ڏاڍو سوادي ٿيندو آهي، ڄڻ ته کيرڻي پيو کاءُ. مون کي به هڪ دفعي فتح باغ ۾ هڪ مسڪين شيديءَ جنهن جو نالو گِدو فقير هو_ ان سانئين جي ماني ۽ مکڻ کارايو هو. مون کي به بک ۾ اهڙو ته مزو ڏنائين، جو اڄ سوڌو نه وسريو اٿم. ماڻهو چوندا آهن ته سانئين کائڻ سان پيٽ ڏاڍو (قبض) ٿي پوندو آهي، پر سچ پڇو ته منهنجو پيٽ ته ڪونئرو ٿي پيو. مون تي نه وسهو ته اوهان پاڻ کائي ڏسو ته ويسهه اچيوَ. بس ڌڻيءَ سڳوري جي اُپايل سارين شين جو ڪهڙو ڪهڙو وستار ڪجي!

 

 

82- ڦُلا ۽ ڀڳڙا

ڦلا آهن ته بروبر هڪ هلڪڙي ۽ سستي شيءِ، پر انهن جو مزو به انهن سان آهي. ڦلا ڪيئن ٿا ڀُڃجن ۽ ڇا مان ٿا ٺاهجن، اهو ڏسڻ جهڙو ڪم آهي. ڀوڳڙي ڇا ڪندا آهن، جو اڇي جوئر، ڳارهڙي يا ڳاڙهي جوئر ۽ مڪائيءَ جا مڻ وٺي، ڇنڊي ڦوڪي کڻي پُسائيندا آهن. جڏهن وَٽِ ۾ اچن ته پاڻيءَ مان ڪڍي، پوءِ پنهنجي وڏين تَيُن هيٺان پوري پُني باهه ڏيئي، اُن ۾ وجهن، واري جڏهن واري ڏاڍي ڪوسي ٿئي، تڏهن ان ۾ مُٺيون ڀري مٿي ٻُڌايل اناجن جون وجهن ته انهن جا داڻا ڦهلائجي پوندا ۽ انهن مان اڇا اڇا سهڻا ڦلا ٺهي پوندا. اهي ڇاڻيءَ سان ڪڍي، وجهندا ڀر م رکيل تڏي تي. واري ته ڇاڻيءَ سان نڪري ويندي، باقي ڦُلا پيا کِلندا. مڪائيءَ جا ڦلا وڏيرڙا ٿين، جو مڪائيءَ جا داڻا به جوئر جي داڻن کان وڏا هوندا آهن. مون ٽيئي جنسون کائي ڏٺيون آهن. ڳارهڙيءَ جا ڦلا وڌيڪ وڻندا آهن، پر ٻيا به گهٽ ڪينهن. ويچارا مسڪين انهن ڦلن تي ويلن جا ويلا پاري ڇڏين. ٻي شيءِ مهانگي، ان ڪري ڦلن جي ٻن مٺين تي هنن جو ويلو پري وڃي. ڀوڳڙين جي دڪانن تي ڦلن جو ٺهڻ ۽ وڪامڻ ڏسڻ وٽان آهي. ڦلا ٿين هلڪا، سو سير وٺ ته ساهميءَ جي پُڙ ۾ ڪٿان ٿو ماپي! ڇٻيءَ يا ڇليءَ ۾ وجهي توري ڏبا آهن ۽ گراهڪ گندي يا اجرڪ وڇائي کڻي پُٺارڪ ٻڌندا آهن. پيرن_ فقيرن جي بُٺين تي ڦلا ورهائيندا آهن، جي وٺي ماڻهو پنهنجن گهرن ڏي سڀاڳي سوکڙي سمجهي کڻي ويندا آهن ۽ ٻارن ٻچن کي مُٺ_ مُٺ ورهائي ڏين.

ڀڳڙن ڀُڃڻ جو ڍول به ساڳيو آهي. ڀڳڙا ٺهن چڻڻ مان_ اهي به ساڳئي ڍنگ سان پُسائي، پوءِ ڀوڳڙي تئيءَ ۾ وجهندا ويندا ۽ واڌاين پٺيان واڌايون وجهندا ۽ ڀُڃي ڪڍندا، ڇٻيون ڀريندا ويندا. ڦلن ۽ ڀڳڙن ڀُڃڻ مهل جيڪا ٽڙڪ_ ٽڙڪ ٿيندي آهي، سا ڏاڍي وهسائيندي آهي. ڀڳڙن کي سونهن وٺائڻ لاءِ ڪي چڻن کي ڳاڙهي رنگ جي پاڻيءَ ۾ پُسائيندا آهن ته انهن جون کلون ڳاڙهيون ٿي پونديون آهن. ڀڳڙن کي تِريءَ سان مهٽي، انهن جون کلون لاهي پوءِ کائبو آهي. ڀڳڙن کي اُکريءَ مهريءَ يا ڪنهن ننگهه يا حمام دستي ۾ ڪُٽي ڀوڳاڙو ڪري کائبو آهي ته سبحان الله! ڪي ماڻهو وري ان ۾ کنڊ به ملائين، پوءِ ته چُوري ٺهيو پوي ۽ ٻارن کي ڀوڳاڙو اهڙو وڻي، جو ڍاپن ئي ڪين. ڦلن وانگر ڀڳڙا به پيرن_ فقيرن تي ورهائبا آهن. اهي ڀڳڙا پيراڻي وَٽِ سمجهي ورهائبا آهن. مائٽ گهڻو ڪري ٻارن کي چوندا آهن ته ڀڳڙا گهڻا نه کائو، اهي رت سڪائي ڇڏيندوَ، پر ٻار ڪٿي ٿا پنهنجو مزو ڇڏين. اڳي ته هي شيون ڏاڍيون سهانگيون هيون، هينئر اهڙو ڪال پئجي ويو آهي، جو اهي به ٻن آنن جا ايترا نٿا ملن، جيڪي اڳ پائيءَ ۾ ملندا هئا. مسافريءَ ۾ مسافر ڀڳڙن جا کيسا ڀري ڇڏيندا آهن. اُٺن ۽ ٻين وهٽن جي سواريءَ ۾ هنن کي ويساهين ڪانه ملي، جتي مانيءَ ڳڀي جو سک نه هجين، ته پوءِ اهي ڀڳڙائي سندن سانگ سفر جو ثمر هوندا آهن. ڀڳڙا واندڪائيءَ جي وندر به آهن. سکيا ستابا ماڻهو نيزا وندر لاءِ کائين ۽ غريب ڀڳڙا ڦُلا. ڇو جو نيزا ڏاڍا مهانگا آهن ۽ غريبن جي وس کان ٻاهر آهن. هنن کي ڀڳڙا مليا ته کاڄن ۽ نيزن کي نهاريندا ئي ڪين آهن، واهه غريبي واهه!

 

 

83- ڳنا

جڏهن اڇي جوئر ۽ ڳارهڙيءَ جا ڪانا سنگ جهلين، تڏهن هاري ناري انهن جي ڪڙٻ يعني ڳنن مان چڱيءَ پَر ڍؤ ڪن. ايندي ويندي، هلندي چلندي، ويٺي يا ليٽي، ڳنو ڏندن سان ڇليندا ويندا ۽ چوپيندا مٺي رس پِي، باقي چوپا اُڇليندا ويندا، تان جو اهڙو ڍؤ ڪندا، جو وڏيون وڏيون اوڳرايون ايندن، تڏهن ڳنن جي جند منجهانئن ڇٽندي. اڇي جوئر جي ڪانن ۾ ڪو ڀاڳين مٺو ڳنو نڪري. گهڻو ڪري سڀ ڪانا ڪانگڙ ٿين، باقي ڳارهڙيءَ جا گنا سڀ جا سڀ مٺا جهڙا پتاشا. ڳنن جو هڪ الڳ نمونو ٿيندو آهي، جنهن کي ڪماندڙي چئبو آهي. جوئرن جو اَنُ به ڪم اچي، پر ڪماندڙيءَ جو اَنُ ڪونه ٿئي. سنگ مال کي کارائبا آهن ۽ ڳنا ماڻهو کائين. جنهن کي اسين ڪماند چئون ٿا، ان کي اردو ٻوليءَ ۾ ”گنا“ چون. اسين ان اکر ۾ ”ڳ“ ڏيون ۽ هو ”گ“ ڏين. ڪماند ٿلهو ٿئي ۽ رس جام ٿئيس. ان مان ڳڙ ۽ کنڊ به ٺهي. ڪماندڙي معنيٰ ننڍڙو ڪماند. مٺو آهي، ان ڪري کيس اهو نالو ڏنو اٿن. ڪماندڙي جوئر وانگر ڌار ڪانه پوکجي. وونئڻن جي پوک ۾ اُن جو ٻج ڇٽين. اها ڪماندڙي پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ يارن سنگتين لاءِ پوکين، جن کي ڪماندڙيءَ جاڳنا جتي ڪٿي ڪونه وڪامن، پر ننڍن ڳوٺن ۾ ڪماندڙيءَ جا گنا به وڪامندا آهن. اڳي ته هڪ ڳنو پئسي پئسي ملندو هو، هينئر ته ٻن آنن ۾ به نٿو ملي، پر ته به هارين ويچارن کي پورهيي جيترو لاڀ مس پِڙِ ٿو پوي، ڇو ته ڏڪار ڏاڍو آهي، سڀ شيون عرش سان ٿيون ڳالهيون ڪن، هرڪا شيءِ ڏهوڻي ويهوڻي ٿي ويئي آهي، بلڪ اڃا به وڌيڪ. ماڻهو ويچارا وڃن سو ڪيڏانهن وڃن! ڪماندڙي ان ڪري به وڌيڪ سٺي آهي، جو ڳنا ڪوئنرا ٿينس، ٻار ٻچو سولائيءَ سان ڇلي چَٻاڙي چوپي کائي. ڪماند ڏاڍو آهي، جن ٻارن سنها سنها ڳنن جو مزو نه ورتو هجي، سي ڪماندڙي هٿ ڪري کائي امين ٿين ۽ ڏسن ته ٻاجهاري سائينءَ ڇا ڇا ماڻهن جي سواد وٺڻ لاءِ اُپايو آهي، پوءِ ان وڙائتي واليءَ جا ڳڻ ڳائين!

 

 

84- رُمي

ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪُلهن جي ڦڻيءَ پٺيان سور پوندو آهي يا چيلهه ۾ ڏاڍو سور پوندو آهي. ڪيترين دوائن سان به نه لهندو آهي ته پوءِ ٻهراڙين ۾ ماڻهو ان کي سور واريءَ جاءِ تي رُميون هڻائيندا آهن. رُميون آهن ڇا؟ اهي ٺڪر جون ڪُپڙيون ٿينديون، جن ۾ وَٽيل نوڙي کولي ان جا ڪک وجهي، انهن کي تيلي ڏيندا آهن؛ جنهن جاءِ تي رُمي چنبڙائي هوندي آهي، اتي ڪڻڪ جي اَٽي جي ڪَچي لولي ٺاهي رکندا آهن، پوءِ اها ڪُپڙي، جنهن کي رومي چئبو اهي، سا اونڌي ڪري منهن ڀر اندر ٻرندڙ باهه سميت اُبتي ڪري، اَٽي مٿان هڻندا آهن ته اَٽي سان سوگهي ٿي ويندي آهي ۽ بنا ٽيڪ جي بيهي رهندي آهي، پوءِ اڌ ڪلاڪ کان کي ڇڏي ڏيندا آهن. ان جو ڦل اهو نڪرندو آهي، جو جنهن بُت جي ڀاڱي تي چنبڙائي ويندي آهي،ا ن جو رت مِڙي سِڙي اتي رُميءَ جي سَنڌي هيٺان اچي گڏ ٿيندو آهي. رت جي دوري جو داٻ اهڙو ٿيندو آهي، جو جڏهن رُمي لاهبي آهي ته اها جاءِ رت جي گڏ ٿيڻ ڪري، ڳاڙهي ٿي ويندي آهي. رُمي واري اندرين ابهه جڏهن ختم ٿي ويندي آهي ته رُمي لاهي ڇڏبي آهي. ٻه_ ٽي ڏينهن انهيءَ بِلي ڪرڻ سان اگهي جو سور لهي ويندو، جو هونءَ ڪيترين ئي دوائن سان به نٿي لٿو.

هيءُ ساڳيو بِلو ڊاڪٽر به ڪندا آهن، پر اهي وري شيشي جي گلاسن سان ڪندا آهن، جي انهيءَ ڪم لاءِ جُڙيل هوندا آهن. ڊاڪٽر جي ڪم ۾ اُجرائي ۽ سٺائي وڌيڪ هوندي آهي. ان ڪري هاڻي ماڻهو اسپتالن ڏي گهڻو ويندا آهن، پر ٻهراڙيءَ جي رُمين وارو نمونو گهٽجي ويو آهي. هاڻي ته اهڙيون به دوائون۽ ٽڪيون نڪري پيون آهن، جو رُمين هڻائڻ جي گهرج ڪانه ٿي ٿي. پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن رُمين هڻائڻ کانسواءِ ڪوبه چارو نه رهندو آهي. سچ پچ ته اهو رُمين جو نمونو واهه جو ويڄن ڪڍيو آهي! نه ته ماڻهو سور کان پيا ڦٿڪندا هئا. آهي سو ڏاڍو سادو نمونو، پر ڏاڍو ڪمائتو آهي. اڃا به ٻهراڙين ۾ هلندو اچي ۽ جيستائين هيءَ پراڻي ۽ پرٿوي آهي، تيستائين هلندو رهندو. جس آهي ان پهرئين ماڻهوءَ کي، جنهن سوچ هلائي هيءُ رستو ڳولهيو، جيڪو انسان پنهنجي مٿي جي کوپڙيءَ کان ڪم وٺي، ٻين لاءِ فائدو ۽ بچاءَ ڳولي ٿو، ته اها سندس وڏي بندگي چئبي!

 

 

85- سارين جون بيماريون

ڪجهه وقت اڳي جڏهن هتي هندو هئا، تڏهن هڪڙو وڏو هندو آفيسر منهنجي بابا سائين سان اچي مليو ۽ چانورن جي هڪ جنس کڻي آڻي بابا کي ڏيکاريائين ۽ چيائين ته هي چانور ڏسو ته ڪهڙا نه سٺا آهن. آءٌ هي ٻيجي لاءِ اوهان کي ڏيڻ لاءِ کڻي آيو آهيان. آئيندي هي چانور پوکجو. بابا کلي ڏنو ۽ چيائينس ته سائين، چانور ڪونه پوکبا آهن. انهن جون ساريون پوکبيون آهن. چانور ڦُٽندائي ڪونه پر ساريون ڦُٽنديون. تڏهن ويچارو ڪجهه ڦڪو به ٿيو، ڇو جو هو تعليم کاتي جو آفيسر هو. خير جڏهن سارين جي پوک ڪبي آهي ته پهريائين ٿوريون ٻاريون ٺاهي، انهن ۾ ٻيجو پوکبو آهي. پوءِ جڏهن سلا ٿين ته انهن کي سڏين ڪَڪَر. سلا فوٽ_ مُني جا ٿيا ته اهي هٿن سان ڏاڍيءَ سنڀال سان پاڙ سوڌا پٽي ڪڍبا آهن ۽ انهن جون ننڍيون ننڍيون موڙيون ٻڌي رکبيون. پوءِ انهن ڪڪرن جون موڙيون کڻي، جنهن زمين ۾ ساريون پوکڻيون هونديون، انهن ۾ رونبو ڪبو آهي. رونبو چئبو آهي انهن سلن کي زمين ۾ رنبيندو وڃڻ کي. اهو سڄو ڪم جنهن ريت ڪبو آهي، ان جي ڪهاوت ڊگهي ٿي ويندي، ان ڪري آءٌ ڪونه ٿو لکان. منهنجي ڳالهه جو مول متو آهي، سارين جون بيماريون سڻائڻ. هن سون جهڙيءَ سهڻي ۽ ملهائتي پوک کي ڪيترين ئي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو آهي ۽ ڪيتريون ئي بيريون وڪوڙي وينديون آهن: هڪ بيماري ٿيندي آهي گڏر جي جنهن ۾ سارين جاسلا وٽجي ويندا ۽ اوسر نه کائيندا. گڏر هڪ نموني جو ڪيڙو هوندو آهي، جو سَلي جي ڪانيءَ ۾ پيدا ٿيندو آهي، جو اندران ئي اندران کائي پيو چٽ ڪندو، ان کي اوسرڻ نه ڏيندو ۽ نيٺ سلو سُڪي ويندو.

ٻي بيماري هوندي آهي رُوئو. اهو به هڪ ڪيڙو ٿيندوآهي، جو سارين جي سَلن کي پاڙن کان جهلي ۽ پاڙون نستيون ڪريو ڇڏي، سي پوءِ ڌرتيءَ مان پاڻي چهي ڪين گهن ۽ سلا سُڪيو وڃن.

ٽيون ٿيندو آهي مَهلو. هي هڪڙا ڪارا سنها جيت هندا آهن، جي سلن جي پنن ۾ نرماد کي وڪوڙي وڃن ۽ سلا ساوڪ بدلائي ڪارا ٿي وڃن. مهلو ميون لاءِ به وڏو هاڃو آهي. انبن کي جي وٺندو آهي ته بس، وڻن جا وڻ انبن کان آجا ڪري ڇڏي. ننڍيون انبڙيون نه زور ڀرين ۽ نه وڌن. جنهن سال مهلي جي بيماريءَ زور ورتو، ان سال اسين انبن کان سڪياسين؛ ڇو ته مال لهندو گهٽ، انب ٿيندا مهانگا ۽ ويچارا غريب انبن مان ڍؤ ڪرڻ کان رهجي ويندا. انبن جي گهٽتائيءَ سببان مدو به ٿورو هلندا ۽ سواد ۾ به مزو ڪونه هوند، جو مَهلي جا ماريل هوندا. اهو نڀاڳو مهلو به سارين جي ستياناس ڪريو ڇڏي.

پر سڀ کان وڏي آفت آهي، ڪوئي جي بيماري. ڪوئي جي بيماري ٻي ڪانه ٿي. هڪ نموني جا جيئرا جاڳندا، جهنگلي ڪوئا پيدا ٿي پوندا آهن. هنن جي هاڃي کان بچاءُ جو رستو ڏکيو ته به حيلا وَسَ ته گهڻائي ڪندا آهن. ساريون بيهنديون به پاڻيءَ ۾ آهن، پر هي نڀاڳا ڪوئا، پاڻيءَ ۾ به تريو وڃو پهچن. هٿ به ڪين اچين، نه ڪي کائين نه ڪي پيئن، رڳو وجهن ڇيهو. بس سارين جي سَلي ۾ چڪ وجهي ڏندن سان ڪرٽي ڪيرائي رکندس. ائين ايڪڙن جا ايڪڙ پوک هروڀرو ڊاهيو رکن، نه ڏني نه ورتي. هاڻي ته پوک جي کاتي وارن انهن لاءِ به دوائون ڪڍيون آهن، جي انهن جي ٻرن ۾ وجهبيون آهن، ته هڪدم هچارا مري ويندا آهن ۽ پوک جو بچاءَ ٿي پوندو آهي. سو ڳالهه ٿي ڪيم ته گڏر، روئو، ڪوئو ۽ مهلي جهڙيون بيماريون سارين جي لاءِ نسورو آزار آهن. خدا انهن کان بچائي ۽ پوکيءَ راهيءَ جي ڌڻين جو خير ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com