سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 13

 

 

 

86- پِيهوُن

پيهون هڪ نموني جا ڀُڳل چانور هوندا آهن، پر هنن جو مزو ئي انوکو آهي. پيهون به ويچارا ڀوڳڙي ئي ٺاهيندا آهن. هالا، مٽياري، نصرپور ۽ ٺٽي جي جهونن شهرن ۾ وڃو ته اوهان کي پيهون ٺهنديون ڏسڻ ۾ اينديون. ڀوڳڙي ويچارا چانورن جي سٺيءَ جنس جون ساريون پُسائي، پوءِ انهن کي باهه تي رکيل تئيءَ ۾ سيڪيندا آهن، هٿن ۾ هڪ پوٿو هوندو اٿن، جنهن سان پيا اُٿلائيندا پٿلائيندا آهن ته سڙي نه وڃن. پوريءَ پر سيڪ اچي ويندن، تڏهن اهي واڌائيءَ سان ڪڍي، ڀرسان رکيل اُکَري ۾ وجهندا ۽ ٻيو هڪ همراهه، جو تيار بيٺو هوندو آهي. سو مُهرو پير سان هيٺ دٻي هلائيندو آهي ۽ ساروين ڇڙبيون ۽ ڪُٽبيون وينديون آهن. چانور چپٿڙا ٿي ويندا آهن ۽ سارين جا تُهه لهي ويندا آهن. پوءِ اهي اُکُر مان ڪڍي، تڏي تي ڇڏيون وينديون آهن؛ اهو ڪم هلندو رهندو آهي. ڀوڳڙيءَ جو هنر ان وقت ڏسڻ وٽان هوندو آهي: هڪ هٿ سان تئيءَ ۾ ساريون پيو اُٿلائيندو ته ٻئي هٿ سان اُکر ۾ انهن کي پيو هيٺ مٿي ڪندو. ان نموني مڻن جا مڻ ساريون سيڪجي، ڪُٽجي پيهن جي شڪل وٺنديون آهن. جڏهن اهو سڄو ڪم لهي ويندو آهي، تڏهن ڀوڳڙي سُپ يا ڇڄ کڻي اچي، پيهن کي ڇنڊڻ لڳندو ته تُهه يا ڪَتَرَ جدا ٿي ويندا ۽ پيهون جدا، جي اڇيون اڇيون کلندين پيون آهن. پوءِ انهن جو وڪرو ٿئي. ماڻهو چاهه چس سان وٺي گهر وڃن. وڏن وڏن ڏڻن، جهڙوڪ: عيدن_ براتن تي اهي رڌجن، منجهن ججهو گيهه ۽ کنڊ وجهي تيار ڪجن. انهن رڌل پيهن کي چنگالي به چئبو آهي. مارئيءَ ويچاري چيو آهي ته:

مکڻ ماکيون مٺيون مصريون، چنگاليون چاشنيون ۽ حلوا.

وجهي ٻن ۾ وڃي ڌٿ پاڻ ڌوٿين ساڻ کائينديس.

پيهن جي چنگالي چئي کڻي بس ڪريو. حلوا، سيرا، چاشنيون هن جو مٽ ڪين ٿين. وهانئن، عيدن ۽ ختمن تي گهڻو ڪري پيهون رڌبيون آهن. مهمان سڀ ٻوڙ پلاءُ کان وڌيڪ پيهن کي وچڙندا آهن. پر اهو سڀ هنر ويچاري ڀوڳڙيءَ جو آهي، جو سڀ وڪڻي ڪري پئسا پاڻ کائي ڪونه، ڪڏهن ڪو اهڙو ڀاڳ ٿئيس، نه ته بس! چوندا آهن ته ”ڪنڀر جي گهر ٺڪر سڄو ڪونه لڀي.“

 

 

87- کٽ

اناج جي پوک کي پکي پکڻ کان بچائڻ لاءِ وک جي مکيه هنڌن تي پيها اڏبا آهن جن تي هاري ويچارو پرڀات کان ويندي، سانجهيءَ تائين ويهي جهار هڪليندو آهي. جهار ۾: هرڪيون، ڳيرا، ٻوڙي ۽ ٻيا پکي اچي وڃن ٿا. اهي سڀ سنگن تي ويهي، پنهنجين چهنبن سان داڻا ڪڍي کائيندا آهن ۽ سنگن جو هڻي ستياناس ڪري ڇڏيندا آهن. انهن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ هاريءَ وٽ ٻه هٿيار هوندا آهن: هڪ کانڀاڻي ۽ ٻي کِٽَ. هاري کانڀاڻيءَ سان جهار کي هڪلڻ لاءِ مٽيءَ جا گليلا يا ڳڙها ٺاهي سڪائي، ڍڳ ڪري پيهي تي رکيو ويٺو هوندو آهي. پري کان جڏهن ڏسندو ته جهار اُڏامندي اچي ۽ اچي هِن ڪي هُن هنڌ تي لٿي آهي ته هڪدم اُٿندو ۽ اٿي کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهو وجهندو. کانڀاڻي ڦيرائي ڦيرائي وٺي جو ڳوڙهو ڇڏيندو ته ائين ويندو، جيئن بندوق جي گولي! جهار جي سمت ڏسي، ان پاسي ڳوڙهو اڇليندو، جيڪو اچي جهار جي وچ ۾ ڪِرندو ۽ ڪنهن ڪاني سان لڳي کڙڪو جو ڪندو ته جهار ڀڄي ويندي. ويچاري هاريءَ کي ڏسبو ته سارو ڏهاڙو انهيءَ ڪرت سان هوندو ۽ وَهيا ۽ ڪٻرون پيو هڪليندو. ٻيا پکي ته ڳوڙهي لڳڻ سان ڀڄي ويندا، پر ٻوڙي، جي ننڍڙا پکي آهن ۽ ڇيهو پاڻ گهڻو ڪن، سي نڀاڳا ڏاڍو ڏکيا ڀڄندا آهن. هاري ويچارو کانڀاڻي ڦيرائيندي، ”وهيو وهيو“ ۽ ”ٻوڙي ٻوڙي“ به پيو ڏاڍيان واڪو ڪري چوندو آهي. وهيو به ڏکيو پکي آهي. طوطا، جن کي اسين چتون ۽ مِٺو به چئون، ان کي هاري ٻِلو سڏيندا آهن. باعن ۾ ميون جي وڻن تان انهن کي گليل سان هڪلبو آهي ۽ ٻنين ۾: کانڀاڻيءَ سان. ٻيا پکي ته کانڀاڻيءَ سان هٽائي سگهجن ٿا، پر ٻوڙي، جنهن کي اهو نالو ئي ان ڪري مليوآهي ته هي پکي ٻوڙا هوندا آهن. مورڳو ٻڌندائي ڪونه آهن. انهن لاءِ وري اهو رستو ڳولي ڪڍيو اٿن، جو هاري ويچارا هڪڙي کِٽ ٺاهيندا آهن، جا مُٺ وٽان ٿلهي ۽ پوءِ ويندي آهي سنهي ٿيندي، تان جو پوڇڙ وڃي سنهي ڏور جهڙو ٿيندس. اهو پوڇڙ هاري سجاوتي جي سُٽ مان ٺاهيندا آهن. سجاوتي جو ٻوٽو به سڻيءَ جي ٻوٽي وانگيان هوندو آهي، جنهن ۾ گهنگهرو ٿيندا آهن، جي ڇڻ ڇڻ ڪندا آهن ۽ ٻار انهن سان رانديون ڪندا آهن. سجاوتي جي سُٽَ ۾ اها چڱائي آهي، جو ان مان ٺاهيل پوڇڙ ڏاڍو ٺڪاءُ ڪندو آهي، ڄڻ توب ٻُري ويئي. کِٽ کي ڦيرائي به ڪو جوان مرد هاري سگهندو آهي. جڏهن ڦيرائي ڦيرائي، ان جي پڇڙ کي ٺڪاءُ ڪڍائبو، تڏهن مس وڃي ٻوڙي ٻڌندي، ٽهندي ۽ ڀڄي ويندي، نه ته ٻيو ٿيو ڀلو.

کانڀاڻي اسان جي، سادي سُٽَ مان ٺهندي آهي: وچ ۾ ڳوڙهي وجهڻ لاءِ وڏي چمچي وانگر گهُٻ ٺهيل هوندو اٿس. پر کِٽ ۾ ڪو گهٻ ڪونه ٿئي. ڪاٻار جو ٿلهو رسو ۽ پڇاڙيءَ ۾ سجاوتي جو پوڇڙ، ٺڪاءُ جو ڪرائي ته سارو جهنگ ٻُري وڃي ۽ چوڌاري ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي. ماڻهن جي لاءِ به ڪيئي آفتون پيدا ڪيون اٿس، وري ماڻهوءَ کي به انهن سان جنگ جوٽڻ لاءِ ڏاهپ ۽ سياڻپ ڏني اٿس، ته جيئن هر هڪ آفت جو پنهنجي ڏاهپ سان بلو ڪري ۽ پنهنجو بچاءُ ڪري. اهائي ڳالهه آهي، جنهن ماڻهوءَ کي ٻين ساهه وارن کان اُتم بنايو آهي. ٻيا ساهه وارا جتي نه پڄندا، اتي لاچار ٿي پوندا، پر ماڻهو انهن جو ڪونه ڪو گس ڪڍي وجهندا. ماڻهوءَ کي ”اشرف المخلوقات“ به ان ڪري ئي سڏيو ويو آهي.

 

 

88- ڇاپُرو ٻير

اوهان ڇاپروُ ٻير کاڌا ته هوندا ئي هوندا. ننڍڙا ننڍڙا تکا ڳاڙها ٻير، مٺا به ڏاڍا، پر منجهن گودو گهٽ ٿئي. سنڌي ٻير ۽ صوفي ٻير وڏا به ٿين ۽ ڳر وارا به. صوفي ٻير ته بس کڻي کاءُ، ته ڄڻ صوف پيو کائين. پر ڇاپُرو ٻيرن جو مزو الڳ آهي. هنن ٻيرن کي اتر سنڌ ۾ ڄانگهرو ٻير به ڪوٺين. پهاڙي پٽن ۾ هنن جون ٻيريون جام ٿين، نه انهن جو ملهه نه ماڻ، جنهن کي وڻي، سو سيرين منهن چونڊي وڃي. وڻ به سنڌي ٻيرن وانگي وڏو ڪونه ٿئي، بس هڪ ٻوٽي وانگر. ان کي ڌوڻ ڏيئي، ڇاڻ کڻي ته سوين ٻير ڌُو پٽ تي اچي پوندا. جبل جا مسڪين ماڻهو، اهي ميڙي سيڙي، کُرجينون ڀري، بار ڍڳن تي رکي، شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ وڪري لاءِ کڻي ويندا آهن. اڳي ته ڇاپرو ٻير چوٿاين ۽ پاٽين پٽاندڙ وڪبا هئا. اسان کي پاڻ پئسو گهران ملندو هو، ته ٺڪ، ٻيرن تي چوٿائي ٻيرن جي پئسي ملندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ موج پيا ڪندا هائسين. ڇاپرُو ٻير هنن کي چئجي ته ان ڪري ٿو، جو ڇپر يا ڏونگر يا جبل ۾ گهڻا ٿا ٿين.

اڄ ته سهانگ جو سموئي موڪلائي ويو آهي. ڇاپرو ٻير، جن جو ڪو ملهه ڪونهي، سي به ٻن کان چئن رپين پاءُ ٿا وڪامن. جبل جي ماڻهن، جن ڄانگهرو ٻيرن جا ڪَنڊا هٿن ۾ جهليا ۽ ٻير گڏ ڪيا، ٻورا ڀريا. ڍڳن تي ڍوئيندا ۽ پنڌ ڪَهي شهر ۾ آيا، تن کي اگهه مليو نالي ماتر. بس ويچارا ڦلن مُٺ تي پنهنجي موڙي واپارين کي ڏئيو وڃن، پوءِ ڪمائين شهري ۽ هنن کي ڪجهه به ڪين پِڙِ پوي. پر جابلو ماڻهو ويچارا جيڪي ملين سو ڌڻيءَ جو ٿورو مڃي وٺي ٿين راهي. چوندا آهن ته ”کوهه جي مٽي کوهه ڌاري“. وري اهي چار ڏوڪڙ به خرچي شهرن مان اَن ڀانُ يا ٻي گهربل شيءِ شڪل وٺي، پلوُ ڇنڊي گهر موٽندا. بس جنهن جو پيٽ قوت جيئن ٺاهيو اٿس، ائين ئي ٿيندو رهي ٿو.

ڄانگهرو ٻيرن جا ڪنڊا به اهڙا ته تکا ٿيندا آهن، جو هٿ رکيو ۽ ڦٽيو. هنن ٻيرن جا پُور يا ڍنگهڙ ماڻهو ٻياني سان کڻي اچي پنهنجي گهرن جا لوڙها ٺاهين، جڏهن اهي ٻير جا ڍنگهر سُڪي نڪما ٿيو وڃن ته انهن لوڙهن ڪاڻ جبل جا ماڻهو چوندا آهن ته لوهه جي ڀت کان به وڌيڪ آهن. لوهه جي ڀت چور ٽپي به پوندو، پر هنن ڪندن مان ڪٿي ٿو لنگهه مليس. رڳو باهه، سا لوڙهي کي نه لڳي، ٻيو بچاءَ لاءِ ههڙيون ڀتيون نه محلن ۾ ڏسبيون نه ماڙين ۾. ٻار ته هنن ٻيرن تي چريا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ککڙا به ڳهي ويندا، جڏهن پُئيءَ تي ويندا آهن ته ٻيرن جا ککڙا ۽ کلون گونهه ۾ پيون نڪرنديون اٿن، پر ٻيرن جو مزو ڪٿي ٿا ڇڏين. وري به چوندا ائين ئي ته يار، هلو ڪالهوڻي هنڌ تي ٻيرين مان ٻير گڏ ڪري اچون. ٻهراڙين ۾ ته پئسن سان ٻيرن ڳنهڻ جي ڳالهه ئي نٿي اُٿي!

 

 

89- ڪهيري

ٻروچن جون ذاتيون به انيڪ آهن، جي ڳڻي ڪيتريون ڳڻبيون. انهن ۾ ڪي اُتم ڪي گهٽ ليکيا وڃن. ڪهيري به ٻروچن مان هڪ اُتم ذات آهي، پر هنن ويچارن جو ڪم نيچ سمجهيو ويندوآهي. هو رڇ ۽ ڀولڙا پاليندا آهن، انهن تي جوڳ پچائي مس مس انهن کي هيرائيندا آهن، جڏهن هري مري وڃن، تڏهن ڪهيرين ويچارن جو گذر انهن تي هوندو آهي. رڇن کي ٻوٿاڙو چاڙهي، رڇن ۽ ڀولڙن کي رَسيءَ سان شهرن ۾ وٺي ايندا آهن، پوءِ ڍولڪي وڄائي انهن کي ناچ ڪرائين. ڪهيرين کي هڪ لَٺ ساڻ هوندي آهي، جنهن جي اشاري سان رڇن کي ناچ ڪرائيندا آهن. رڇ سڄو اُڀو ٿي ماڻهوءَ وانگر ٻن پيرن تي اُٿي بيهندو آهي ۽ سڀني رؤنشائين ۽ ڏسندڙن کي سلام ڪندو آهي. پيرن ۾ گهنگهرو يا گهنگهريا ٻڌل هوندا اٿس ۽ اهڙو ته سٺو ناچ ڪندو آهي، جو ناچو به گهر مَرن. ڪهيري فقير کي ان جي بدلي ملي ڇا؟ رؤنشي ڪوڏيا مس ڪو پئسو پئسو ڏيندس.

وري ڀولڙي کي ڀانت ڀانت جا کيل ڪرائيندو آهي. جهڙوڪ ڀولڙي ۽ ڀولڙيءَ جي شادي ڪرائيندو آهي. ڀولڙيءَ کي پَڙي پارائي پوتي ڍڪائي ويهاريندو آهي ۽ ڀولڙو به سينگار جي ويهندو آهي، جو شاديءَ کان ناڪار ڪندو آهي ته کيس پرچائڻ جا وس ڪندو آهي. اهي سڀ گفتا ڪهيريءَ کي راڳ ۾ ياد هوندا آهن، جي ڍولڪي به وڄائيندو ويندو آهي ۽ سر سان چوندو به ويندو آهي. چوندو آهي ته:

پرچي پؤڙي پرچي پَؤ،

کلومل جا چاچا پرچي پَؤ.

بس ايتري چوڻ تي ڀولڙو ڏند ڪڍي کلندو آهي، ڀولڙي کيس ڀاڪر پائي چنبڙي ويندي آهي. ٻيئي اُٿي جهمر هوندا آهن. سب ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان ڏسڻ وڌيڪ آهي. هيءُ تماشو آهي ئي ڏسڻ سان. ڪهيري ويچارا گهٽي ڳليءَ رڇ ۽ ڀولڙا نچائيندا. ڍولڪي وڄائيندا پيٽ گذر ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن ڏسؤن ته رستي تي، ڪڏهن پاڙي پاڙي ۾ اهو کيل ڪندا ڏسبا آهن. اچرج وٺندو آهي ته هنن مرُن کي ڪيئن ٿا پالين ۽ پنهنجي وَسَ ۾ آڻين. ماڻهوءَ کي ڌڻيءَ سڳوري ڏاڍو ڏاهو ڪيو آهي. جيئن جوڳي نانگ بلائن کي، تيئن ڪهيري رڇن ۽ ڀولڙن کي پنهنجي چئي ۾ هلائيندا آهن. هاٿي ڪيڏو نه وڏو جانور آهي ۽ شينهن ڪهڙو نه زورائتو آهي، پر ماڻهوءَ اڳيان سڀ ڪنڌ جهڪائين ٿا. ويچار ته ڪريو، ڪهيري ويچارا ڇا ڪمائيندا هوندا، ڇا پاڻ کائيندا هوندا ۽ ڇا هن ساهه وارن جو پيٽ پاليندا هوندا! پر خدا سائينءَ هنن جو گذران ائين بنايو آهي، شل ويچارا پورهيت ۽ مسڪين خوش هجن!

 

 

90- گهوٻاٽو

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اٽو، چي، گهوٻاٽو.“ هن مان پتو پوي ٿو ته ”چوان هڪڙي ته ڪري ٻي.“ نٿو سُٺي نٿو سمجهي. هاڻي اَٽو ته ٺهي، سڀ سمجهن ٿا، پر گهوٻاٽو ڇا آهي، سو اوهان کي ٻڌايان ٿو.

ٻهراڙين جا غريب ماڻهو پنهنجي بچاءَ لاءِ جيڪي هٿيار رکندا آهن، سي آهن لَٺيون، لوڙهون، لڪڻ، تَلهڙون، ڏنڊا ، ڏنڊيون، سونٽا، سونٽيون، پَڃَرَ ڇاڙپون، بُنڊيون ۽ ڏوڱريون. انهن سڀني هٿيارن کان گهوٻاٽي جو هٿيار، پري مار ڪندڙ آهي. انهن ويچارن کي نڪي هجن ليسن بندوقن، رائيفلن، روالورن ۽ پِستولن جا، نه ٻيا ڪي دارونءَ جا هٿيار. انهن جا هٿيار اهي ئي آهن، جي مٿي لکيا اٿم. انهن هٿيارن ۾ گهوٻاٽو دُور مار آهي. لٺين، لوڙهين ۽ ڏنڊن سان ته وڙهي سگهبو آهي، پر دوبدو ۽ ويجهو اهڙيءَ پر خوردم، جو چيلهه ۾ ٻڌبو آهي، سو به ويجهو ڪم ايندو. ٻيا هٿيار سڀ ڪاٺيءَ جا آهن، پر خوردم وٽيل رَسي يا چمڙي جو هوندو آهي ۽ فقط ڌڪ هڻڻ لاءِ هڪ گول پٿر جهڙي سخت ڳنڍ وارو مٿو هوندو اٿس، جو ڪنهن کي پاسي ۾ لڳو ته مُئو ۽ نه بچيو.

گهوٻاٽو آهي به سادي شي، ڪاٺيءَ مان تيار ڪيل ٽي فوٽ کن ڊگهو لڪڻ، جنهن جو هڪ مٿو ڪاٺ واري ڳن جو هوندو آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ان جي اُڇلڻ جا وڏا چيٽائو ٿيندا آهن. پريان ئي ڪو ڇِتو ڪتو مٿن اُلري يا سامهون جُلهه ڪري آيو ته بڇيندس گهوٻاٽو. گهوٻاٽو اهڙي ته زور سان هڻندا آهن، جو زون ۽شوشاٽ ڪندو ويندو. جيئن ڪمان مان ڪان يا بندوق مان گولي ڇُٽي. چورن جو ته اهو وڏو هٿڻ آهي، جيڪڏهن چور ڏسجي پيا ۽ ڀاڳيا جاڳي اُٿيا ته چور وٺي ڀڄندا ۽ گهوٻاٽا، جي پاڻ سان آڻيندا آهن، اهي ڀاڳين کي اُڇلي هڻندا ته انهن جي ڪاهه روڪجي متان وٺجي نه پون.

شڪاري گهڻو ڪري سَهن جو شڪار به گهوٻاٽن سان ڪن. گدڙ ۽ لوڪڙ يا لومڙ جي لاءِ به گهوٻاٽا ڪال آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ گهوٻاٽن جو ڀاڪر ساڻ هوندو ته پوءِ مجال آهي، جو ڪو ويجهو اچي سگهيس! گهوٻاٽن جي آڏو ڪير وڃي، ساهه سڀني کي پيارو آهي. اهو اٿوَ منهنجا ادڙا گهوٻاٽو، جنهن لاءِ ”اَٽو ته تون چوين گهوٻاٽو.“ گهوٻاٽو اُڇلائڻ جو به هڪ ڏانءُ آهي، جيڪو اهو اُڇلڻ ڄاڻندو هوندو سو ئي ويريءَ کي پري کان هٽائي ڇڏيندو. اسان کي گهوٻاٽو هلائڻ سِکڻ کپي، ڪڏهن نه ڪڏهن اهو هنر ڪم اچي ويندو.

 

 

91- آڀؤن

جوئر، ڳارهڙي ۽ ٻاجهري جڏهن سنگ جهلينديون آهن، پر اڃا انهن جا داڻا پڪا نه ٿيا هوندا آهن ۽ کِرا هوندا آهن، تڏهن هاري ماڻهو اهي سنگ پَٽي ڪَچا يا باهه تي سيڪي داڻا ڪڍي، پنهنجي ترين تي مليندا آهن ته کيرو اَنُ نڪري صاف ٿي پوندو آهي، پوءِ اهو ڪَچو يا کيرو اَن ڦڪ ڀري ويٺا کائيندا آهن. کيري هئڻ ڪري اُن ۾ ميٺاج به هوندو آهي ۽ کائيندي کائيندي، واڇن مان کير پيو وهندو آهي. انهيءَ کيري ان کي چون آڀوُن. هارين اجا ٻار گهران سنڀري پنهنجي اباڻي ٻنيءَ تي نرو انهيءَ لاءِ ويندا آهن، ته ٻنيءَ تي هلي آڀوُن کائون. ننڍين ڇوڪرين کي آڀن سان ڏاڍو پيار هوندو آهي. هڪڙا سنگ پَٽي مَهٽي آڀون ڪڍي، پاڻ کائي چڙهه ڪن ۽ ٻيا ڪَچڙا سنگ پَٽي پهنجي مائرن، ڀينرن ۽ ساهيڙين لاءِ به کڻي وڃن. ڪَچڙا داڻا ته ائين کائين، پرجي داڻا اڌ ڪَچا اڏ پَڪا هجن ته گهر آڻي انهن کي دانگيءَ تي ٿورو سيڪي، پوءِ کائين.

پنجابي ٻوليءَ ۾ ته آڀن تي گيت به ٺهيل آهن، جن مان هڪڙو گهڻا ورهيه ٿيا، ته مون ٻڌو هو:

ٻاجهري دي سڻي، مين تلي نال مليسان
ڪنڪان ديان فصلان پڪيان ني.

آڀن جي کائڻ جو جن مزو ورتو هوندو، تن کي اُن جي سواد جي پرک پوندي ته آڀون ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي. مڪائيءَ جا کيرا سنگ به ائين ڪَچا کائبا آهن. گهڻو پڪل سنگ، سي به تازا نه هجن ته پيٽ جو سور آهن. آڀون کاڌا ته پيٽ ۾ ڳري ويا، ڄڻ کاڌائي ڪين هئا. اهي اٿوَ غريب هارين جون مٺايون، حلوا، ڪُٽيون چُوريون ۽ چورمان.

 

 

92- لَپئي

جن لَپئي هڪ ڀيرو کاڌي، سو ڪٿي ٿو لپئيءَ کي وساري. گيهه کنڊ ته لپئيءَ جو مَرڪ آهن، انهن سان لپئيءَ کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن، انهن کان سواءِ ان کي ڏارو چئبو ۽ نه لپئي.

ڪڻڪ کي جنڊ تي ڏري، پوءِ اها ڏريل ڪڻڪ رڌبي آهي. جڏهن هَڏُ ڀُڄيس. تڏهن ان کي گيهه جو داڳ ڏيئي، کنڊ وجهبي آهي. ڦوٽن جي ڪَڻِ وجهبس ته ڏاڍي سُرهي ٿيندي. جڏهن پاڻي، جو اڳيئي منجهس رڌڻ مهل وجهبو اهي، اهو سُڪي وڃي ته لَپئي تيار! دَمَ تي کڻي رکبس. دم اچڻ کان پوءِ سبحان الله! کائڻ وارا کائيندس. ڇا جا سيرا، ڇا جون سَيُون. سگهارو کاڌو به لپئي هڪڙو ئي آهي. جي روز رڌجي ته گيهه کنڊ جام کپئي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن سڀاڳن ڏينهن تي لپئيءَ جي لاڳ وٺبي آهي. ڪنهن ويچاري چيو آهي ته:

لعنت جي لپئيءَ کان، ڀَرم جو ڀَت چڱو!

ان جو ارٿ اهو آهي ته شاهوڪارن جي نوڪريءَ ۾ لپئيون کائي، ٿُڪ لعنت جهلبي، ان کان چڱو اهو ڀاڳ ۾ پِڙِ پوي سا چڱي. اها هڪ وڏي ساڃهه جي ڳالهه آهي ته پرايا محل ڏسي پنهنجا ڀونگا نه ڊاهجن ۽ نڪي اُڌار کڻي کاڌن جا مزا وٺجن ۽ پوءِ پيو لهڻيدارن جو ٿُڪ بُجو سهجي.

خير، مون ڳالهه ڪئي ٿي لپئيءَ جي، سو لپئيءَ جي سواد جي ڪهڙي واکاڻ ڪري ڪهڙي ڪجي! لپئيءَ جي نيرن ملي ته بس ٻيو ڇا کپي. اوهان ٻارن لپئي ته گهڻي ئي گُهمرا کاڌي هوندي، وري به هيءُ پڙهي وات پاڻي ٿيو هوندو؟ سو وڃڻ سان گهر وڃي پنهنجي اَميءَ کي چئجو ته لپئي رڌي کارائيوَ. لکندڙ کي به ڀلائي ڪري گرانهه گرانهه تي ياد پيا ڪجو.

 

 

93- پنجيري

پنجيريءَ جو نالو اوهان نه ٻڌو هجي، ته اچو ته ٻڌايانوَ. گهڻا ماڻهو ان کي چُوري به ڪوٺيندا آهن. پر چُوري ڪُٽيءَ کي به چئبو آهي، پنجيري هڪ نجي شيءِ آهي، جا سکيا ستابا ماڻهو سياري جي مند ۾ پنهنجن ٻارن جي سگهه (طاقت) لاءِ ٺاهي، برنيون ڀري رکندا آهن ته ڀل سنجهه صبح پيا کائين.

پنجيري ٺاهڻ لاءِ ڇا ڪندا آهن، جو پهريائين ڌاڻا جنڊ تي ڏري، انهن جو مغز ڪڍندا آهن. اهو مغز ڳائي مکڻ يا گيهه ۾ ڀُڃي، ان ۾ ٻيا مغز به گڏيندا آهن، جهڙوڪ: پستا، بادام، ڪاري ڊاک، ڪشمش، اهي ڪل پنج مغز ٿيا، ان ڪري هن چُوريءَ کي چون ئي پنجيري.

پنجيري ملي ته ڇا جون معجونون ڇا جا ڪُشتا، ڇاجا خميرا ۽ ڇاجو سچن موتين جا خاڪا. سؤ مٺاين کان هيءَ هڪ ئي مٺائي زور آهي. منجهس زور ۽ ٻل، سَگهه ۽ چڱڀلائيءَ (صحت) جا اڻ ميا گنج آهن.

سيارو اچي ته ٻيون سڀ شيون جهڙوڪ: حلوا، ميسوپاڪ ڦٽا ڪري رڳو پنجيري کائو. حلوا ۽ ٻيون مٺايون اوهان کي کنگهه ڪنديون، پر پنجيري ننهن کان چوٽيءَ تائين ٻَلُ ۽ سگهه آهي. پر سڀڪا شيءِ کائبي وري به وت سارُو. گهڻي شيءِ ڪهڙي به سٺي هجي، پر جيءَ کي جوکي جو ڊپ آهي. متان پنجيريءَ جو مزو ڏسي، سيرن جا سير نه کائي وڃو؟ ائين برابر آهي ته ”جيڪي ڪري گيههءُ، سو نه ڪري ماءُ نه ڪري پيءُ!“ سُڪو ميوو جو منجهه پوي ٿو، سو به کائبو ته ڍاپبو ئي ڪين، پر هٻڇ چڱي ڪين آهي. منهنجو چوڻ اهو اٿوَ، وڌيڪ پاڻ ڄاڻو!

 

 

94- ٽونٽا

تاريخ پندرهين_ مهيني شعبان تي مسلمان عيد برات ملهائيندا آهن، ان ڏينهن ان تي آتشبازي دارون ٻاري ڪئي ويندي آهي. جيئن هندو ڏياريءَ تي دارون ٻاري آتشبازي ڪندا آهن، تيئن مسلمان به ڪندا آهن، جيتوڻيڪ مذهب يا ڌرم ان جي موڪل نٿو ڏئي، پرهي هڪ اجايو رواج پئجي ويو آهي. آتشبازي شادين وهانئن جي ڏينهن تي به دارون ٻاري ڪئي ويندي آهي ۽ هزارين رپيا سُڃ ڪيا ويندا آهن. آتشبازيءَ جون ٻيون شيون جهڙوڪ: ڦٽاڪا، مهاتابيون، نيلوفريون، جرڦل، سرايون، وڇون، چرخيون ۽ ٻيون ڪيتريون تماشي جهڙيون شيون ٺاهي. ساڙيون وينديون آهن، پر هڪ شيءِ جنهن کي ٽونٽا ٿو سڏجي، سي رڳو هالا ۽ نصرپور ۾ ٺاهيا ويندا آهن. اهي ڏاڍا ڇيهي وارا هوندا آهن.

هالا جا ڪاريگر جيڪي ٽونٽا ٺاهيندا آهن، اهي ڇا ڪندا آهن، جو گوگڙ يعني گندرف ۽ شورو ڪُٽي ڇاڻي ميدي جهڙو ڪري، ان ۾ اڪن جا اڱر به ڪُٽي وجهي هڪڙو ٻورو ٺاهيندا آهن. پوءِ ٿلي ڪاڳر جي چئن انچن وارن پوپن ۾، جي پڻ هو پاڻ تيار ڪندا آهن، اهو پائوڊر لوهه جي سيخن سان گُدي ڀريندا آهن، جيئن نيلوفريون ڀرجن. پوءِ انهن مان هڪ ٻن ٽوٽن کي ساڙي آزمائيندا آهن. آزمائڻ کان پوءِ ٽونٽا سوَنَ جي منهن ڀري، انهن کي بند ڪندا آهن. ائين ڪرڻ کان پوءِ گوشت جا وکا وٺي ايندا آهن ۽ ٽونٽن تي انهن جي جهلي چاڙهيندا آهن، پوءِ انهن کي سڪايو ويندو آهي، جڏهن سڪي ويندا آهن، تڏهن ٽونٽا تيار سمجهبا، جي چڱو ملهه ڪمائيندا آهن. آتشبازيءَ جا ڪوڏيا اهي وٺي، عيد برات تي ساڙڻ لاءِ رکندا آهن.

عيد آئي ته هڪ وڏي ميدان تي تماشو ڏسندڙن جا انبوهه مڙي ويندا. وچ ميدان تي ٽونٽي جو جهليءَ لڳل منهن کولي، ٽانڊي تي رکندا ۽ ٽونٽو ويرم ئي ڪانه ڪندو، شوشاٽ ڪري ٻري پوندو. پوءِ ته ان کي کڻي ميدان تي ڇڏيندا. ٽونٽو پهريائين ٿورو ڌرتيءَ تي ٽِپڪندو ۽ ٽپڪي، وٺي چؤطرف اُڏامندو. ماڻهن جي انبوهه ۾ ٽاهه پئجي ويندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندا، ڇو ته متان ٽونٽو لڳي ۽ هڻي ساڙي نه رکي. ٽونٽي جو ٽِپڪڻ ۽ اُڏامڻ هڪ وڻندڙ تماشو به آهي، پر ڊپ وارو به.

ٽونٽا ٺاهيندڙ جس کٽڻ لاءِ ماندا هوندا آهن، ته ڪير ٿو پنهنجي ڪرتب ۾ وڌيڪ ساراهيو وڃي، ته ٻيءَ مند سندس ٽونٽن جي گهر وڌي. هي ٽونٽا وڏا ڇيها به وجهندا آهن: ڪو ٽونٽو اڏامي وڃي ڪنهن گاهه جي دَنِ ۾ ڪِريو هوندو يا ڪنهن جي جهوپڙيءَ جي ڪکائن ڇت تي پيو هوندو ته ڪيترن گهرن کي باهيون به لڳيون هونديون. ڪڏهن ڪڏهن تماشو ڏسندڙن جي ڪپڙن ۾ لڳو ته ماڻهو سڙي به پوندا آهن. ان ڪري انهيءَ عيد تي ٽونٽن جي تماشي لاءِ پوليس به بيهاري ويندي آهي. هالا جي ماڻهن جي ته ٽونٽي بازي گهر جو کيل آهي، پر ٻين اها راند نه ڏٺي هوندي. ڪم ته اجايو آهي، پر آهي ڏسڻ وٽان. گندرف، شوري ۽ اڪن جي اڱرن جا وزن هوندا آهن. انهن وزنن تي ڌيان ڏيئي ٺاهيا ويندا آهن. جي ٻاريندي ڪو ٽونٽو ڦاٽي پيو، ته پوءِ ٻاريندڙ جو پنهنجو خير ڪونه هوندو. پهريائين پاڻ سڙندو پوءِ ٻيا. چوندا ته:

پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿ کي.

جنهن کي به اکين سان تماشو ڏسڻو هجي، سو عيد برات تي هالا وڃي، اهو تماشو ڏسي. چوندا آهن ته ٻُڌل ڳالهه، ڏٺل جي برابر ٿي نه سگهندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com