سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:5

ڪارلوس ۽ ايريڪا اهو سڄو منظر وائڙا ٿي ڏسي رهيا هئا.ٽيڪسي ڊرائيور جي وڃڻ کان پوءِ ڪارلوس مون ڏانهن وڌي آيو ۽ هٿ وڌائيندي هن منهنجو ٿورو مڃيو. هن مون کي بار ۾ هلڻ جي آڇ ڪئي. آءٌ اڪيلو هوس ۽ مون کي ساٿ کپندو هو. بار ۾ ويهي اسان هڪ ٻئي جي سڃاڻپ ڪرائي. هو ٻئي آمريڪي هئا. ڪارلوس يونيورسٽي ۾ تخليقي ادب پڙهائيندو هو ۽ ايريڪا ڪل وقتي ليکڪا هئي. هن جا ڪجهه ناول ڇپجي چڪا هئا.

وسڪي اچڻ کانپوءِ اسان ٽنهي ڄڻن جام ٽڪرايا ۽ ڍڪ ڀريا.

”اهو ويڙهه جو ڪهڙو طريقو هو؟“ ڪارلوس حيران هو. ”ٽيڪسي ڊرائيور ڊڄي ڀڄي ويو!“

”اهو سنڌي طريقو هو،“ مون کلندي چيو. ”اصل ۾ اهو هڪ نقل هو. سنڌ ۾ اسان وٽ هڪ راند آهي ملهه. مون کي اها ايندي ته ڪانهي، پر ٽيڪسي ڊرائيور ڪراٽي جو پوز هڻي بيٺو، ته مون به ملهه جو پوز هنيو.“

”جيڪڏهن ٽيڪسي ڊرائيور ڪراٽو وڙهڻ شروع ڪري ڏئي ها ته پوءِ؟“ ايريڪا پڇيو.

”اسان وٽ چوڻي آهي ته ڏڏو ڏکر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي، سو مون به سوچيو ته ٽيڪسي ڊرائيور سچ پچ  ڪراٽو ڄاڻندو هوندو ۽ مون ڏانهن وڌندو ته آءٌ کڙيءَ تي زور ڏيندس.“

ايريڪا ۽ ڪارلوس ٽهڪ ڏيڻ لڳا ۽ اسان جي دوستي پڪي ٿي وئي. اسين هڪ ٻئي کي خط لکندا رهيا هئاسين ۽ ٻاهرين ملڪن جا پروگرام ڪجهه ائين ٺاهيندا هئاسين جو ٽئي ڄڻا اتي وڃي گڏ ٿيندا هئاسين. هينئر هو منهنجي دعوت تي سنڌ گهمڻ آيا هئا.

”هو ڪير آهن؟“ ايريڪا پڇيو.

مون ان طرف ڏٺو. اوطاق کان ڪجهه پري خالي ميدان تي جهوپڙيون ٺهيل هيون ۽ انهن جي اڳيان باهيون پئي دکيون.

”اهي خانه بدوش آهن، جن کي اوهان جپسي سڏيندا آهيو. هنن جو ڪو ٺڪاڻو ڪونهي. بس ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي، ايئن رلندا رهندا آهن.“

نوڪر چانهه کڻي آيو هو.

”تو وٽ وسڪي ڪانهي؟“ ڪارلوس پڇيو.

”اوهه! غلطي ٿي وئي. ڪراچيءَ مان بندوبست ڪيو کنيو اچون ها.“ مون کي افسوس ٿيڻ لڳو.

”اصل ۾ مون کي به ياد نه آيو. ههڙي خاموش ۽ رومانٽڪ ماحول ۾ وسڪي وڌيڪ مزو ڏئي ها. ۽ وقت سٺو گذري ها. اڃا اٺ ٿيا آهن، ته ائين پيو لڳي ڄڻ ڪافي رات گذري چڪي آهي.“ ڪارلوس چيو.

”ها، هتي ائين لڳندو آهي. وقت سست رفتاريءَ سان گذرندو آهي.“

”اوهان جي ملڪ ۾ شراب تي پابندي آهي، ته پوءِ ڪيئن ملندو آهي!“ ايريڪا پڇيو.

”اسان جي ملڪ ۾ جن ڳالهين تي پابندي هوندي آهي، انهن جي اهميت وڌي ويندي آهي.“

”يعني سڀڪجهه هلندو آهي،پرلڪ چوريءَ۾!“ ڪارلوس چيو.

”ها ۽ ائين ماڻهن کي منافقي سيکاري ويندي آهي. مطلب ته ماڻهو ظاهري  طور هڪڙا هجن ۽ اندروني طور ٻيا....“

ڳالهين هلندي ماني آئي۽ هڪ ڀيرو وري چانهه جو دور هليو.

”ننڊ ته ڪانه ٿي اچي؟“ مون ايريڪا کان پڇيو.

”منهنجي خيال ۾ هاڻي سمهڻ کپي. مان صبح جو سويل سج اڀرڻ جو منظر ڏسڻ ٿي چاهيان....“ ايريڪا وراڻيو.

”ٺيڪ آهي. اوهان اندر ڪمري ۾ سمهو،“ مون اٿندي چيو.

مون پهرين سوچيو ته گهر وڃي سمهان. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ آيو هوس ان ڪري گهر وارن سان ڪجهه وقت گذاريان. پر ايريڪا ۽ ڪارلوس کي ڇڏي وڃڻ ٺيڪ نه سمجهيم. ڳوٺن ۾ حالتون سخت خراب هيون، ڌاڙا ۽ ڦرون پنهنجي جاءِ تي، پر ڌاڙيل ماڻهن کي کڻي ٿي ويا ۽ پئسا وٺي ماڻهو موٽائڻ روزمره جو معمول بڻجي ويو هو. ان ڪري مون اوطاق ۾ ئي سمهڻ مناسب سمجهيو. نوڪر مون کي ورانڊي ۾ کٽ وڇائي ڏني.

”چوڪيدار کي چئينس ته خبرداريءَ سان پهرو ڏي. تون به اتي ئي ٻاهر سمهه. چوڪيدار واري بندوق ڇٽي ٿي يا نه؟“

”جي سائين، بندوق صحيح آهي.“

”ٺيڪ آهي. ڪارتوس وجهي تيار ڪري رکي،“ مون چيو ۽ پوءِ کٽ تي ليٽي پيس..

سوچيم، شايد سڄي ڏينهن جي ٿڪ سبب جلدي ننڊ اچي ويندي، پر ڳچ دير گذرڻ کان پوءِ به ننڊ نه پئي آئي. اندر ڪمري ۾ پيل پلنگ شايد پراڻو ٿي ويو هو، جو ان مان چيڪاٽ جا آواز اچي رهيا هئا. ڪارلوس ۽ ايريڪا جي ڀڻ ڀڻ جو آواز پئي آيو.

’چپ ڪري سمهي نٿا پون،‘ مون کي چڙ اچڻ لڳي. جيستائين اهي نه سمهندا، مون کي به ننڊ ڪانه ايندي، مون ڪوشش ڪري هنن تان ڌيان هٽائي سمهڻ چاهيو، شايد مون کي ڪاميابي ٿي رهي هئي. اڌ جاڳ اڌ ننڊ واري ڪيفيت هئي. اوچتو ٻاهر ڪنهن رڙ ڪئي.

”ڪهڙو آهين؟ بيهه اتي...“

لڳو ته ڪي ماڻهو ڍوڙي رهيا هئا. پوءِ بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو. آءٌ تڪڙو تڪڙو اٿي ٻاهر آيس. نوڪر ۽ چوڪيدار ٻئي ڪونه هئا. پريان ٽارچ جي روشني نظر آئي، شايد اهي ٻئي ڄڻا هئا. ايريڪا ۽ ڪارلوس نائيٽ گائون ۾ ٻاهر نڪري آيا هئا.

” ڇا ٿيو؟“ ايريڪا گهٻرايل هئي. ”فائرنگ ڇو ٿي؟“

”خبر ناهي!“ مون چيو.

ٽارچ جي روشني تڪڙي تڪڙي اوطاق ڏانهن وڌندي آئي. چوڪيدار ۽ نوڪر ٻئي گڏ هئا.

”ڇا هو؟“ مون اتاول ٿي پڇيو.

”سائين، لڏي وارن جو ڇوڪرو مري پيو،“ نوڪر گهٻراهٽ ۾ چيو.

”هان!“ مون کان رڙ نڪري وئي. ”ڪيئن؟“

”مون کي خبر ڪا نه هئي ته ڪو ڇوڪرو آهي. اوطاق ۾ اندر گهڙيو پئي ته مون ڏسي ورتس، هڪل ڪيم ته ڀڄڻ لڳو. مون سندس پٺيان ڍوڙندي بندوق ڇوڙي ته......“ هوچپ ٿي ويو.

”لاش ڪٿي آهي؟“

”اسين لاش جي مٿان وڃي بيٺاسين، ته پريان ٻه- ٽي لڏي وارا ايندي ڏٺاسين. اسين اتان کسڪي آياسين،“ نوڪر چيو.

مون ايريڪا ۽ ڪارلوس کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. ٻئي پريشان ٿي ويا.

”ويري سئڊ..... ويري سئڊ.....“ ايريڪا رکي رکي چوڻ لڳي.

اسين ٻاهر ٿلهي تي رکيل ڪرسين تي ويهي رهياسين. مون ڪارلوس کان سگريٽ ورتو. اسين ٽئي ڄڻا ڊپريشن وچان سگريٽ پيئڻ لڳاسين. منهنجو ڌيان لڏي وارن ڏانهن هو. سوچيم ته هاڻي ڇا ٿيندو. نوڪر ۽ چوڪيدار  ڏانهن ڏٺم. اهي به ڊنا ڊنا چپ چاپ بيٺا هئا.

لڏي وارن  جي جهوپڙين  مان آواز اچڻ لڳا ۽ گهڻن ماڻهن جا آواز گڏجي گوڙ بنجي ويا. جهوپڙين جي اڳيان وساميل باهيون وري آهستي آهستي ٻرڻ لڳيون.

”خبر چار ته وٺ. لڏي وارن سان ڳالهائي ٻولهائي معاملو ٺاهجي، نه ته ڏاڍي خرابي ٿي پوندي،“  مون نوڪر کي چيو. هو ڊڄندو ڊڄندو جهوپڙين ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ اوندهه ۾ گم ٿي ويو.

مون کي حيرت ان ڳالهه تي هئي ته جهوپڙين مان روئڻ جو ڪو آواز نه پئي آيو. رڳو گوڙ هو. مرد ۽ عورتون زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا. نوڪر کي وئي ڪجهه دير ٿي ته گوڙ هڪدم وڌي ويو، جهيڙو ٿي پيو هو.

اوندهه ۾ ڪو ڍوڙندو اوطاق ڏانهن اچڻ لڳو. چوڪيدار ٽارچ ٻاري اوڏانهن روشني ڪئي.  نوڪر سهڪندو پئي آيو.

”سائين، لڏي وارا مڇرجي پيا آهن. چون ٿا ته اسان جو ڇوڪرو وڏيري مارايو آهي. اسين کيس نه ڇڏينداسين. اوطاق کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين،“ هو سهڪندو پٽ تي ويهي رهيو. “آءٌ جيئن تيئن جان بچائي ڀڳو آهيان.“

تيستائين سموريون جهوپڙيون ڏياٽيون ڏياٽيون ٿي ويون هيون. شايد لڏي وارا مشعالون ٻاري اوطاق ڏانهن اچڻ وارا هئا.

”سائين، توهان هتان نڪري وڃو، تيستائين آءٌ بندوق جهلي اڳڀرو ٿي هنن کي روڪيان ٿو،“ چوڪيدار چيو.

”نه نه، چريو آهين ڇا؟ تنهنجي بندوق ڪيترن ماڻهن کي روڪي سگهندي. اوهين ٻئي هتان ڀڄي وڃو. اسين وڃون ٿا.“

”پوءِ اوطاق سائين؟“ نوڪر پڇيو.

”وڃي سڙي. هينئر پنهنجي ساهه بچائڻ جي ڳالهه ڪر،“ مون ڪاوڙ مان چيو.

ايريڪا ۽ ڪارلوس حيران پريشان ٿي اسان کي ڏسي رهيا هئا. مون تڪڙ ۾ هنن کي ڳالهه ٻڌائي.

”اوهين تيار ٿيو، آءٌ ڪار کڻي ٿو اچان.“ آءٌ چاٻي کڻي ڪار ڏانهن ڀڳس. ڪار اوطاق جي ٿلهي وٽ آندم ته ڪارلوس ۽ ايريڪا نائيٽ گائون ۾ ئي ڍوڙندا اچي ڪار ۾ چڙهيا.

مشعالون اوطاق ڏانهن وڌنديون پئي آيون. اوندهه هئڻ ڪري ڪار جون بتيون ٻارڻ به ضروري هيون. مون ايڪسيليٽر تي زور ڏنو ۽ ڪچي رستي جي به پرواهه نه ڪئي. مشعالون ڍوڙڻ لڳيون، پر تيستائين اسين ڳوٺ مان نڪري چڪا هئائسين. پڪي روڊ تي چڙهڻ کان پوءِ مون ڪار روڪي. اسين ڪار مان لهي ڳوٺ ڏانهن ڏسڻ لڳاسين. ڳوٺ طرف آسمان تي شفق جي ڳاڙهاڻ هئي، ڄڻ سج اڀرڻ وارو هو. پر اڃا ته آڌي رات ٿي هوندي، مون سوچيو. اوطاق کي باهه لڳي چڪي هئي. ايريڪا، ڪارلوس ۽ مون هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. ڳالهايو ڪنهن به نه. ڳالهائڻ لاءِ لفظ ڪنهن وٽ به ڪو نه هئا.

توڪل

جيستائين پڻس جيئرو هو، يعقوب حيدرآباد ۾ الوليون ڪندو رهيو. جڏهن کان پڙهڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڄام شوري ۾ اچي رهيو، ته ڄڻ هاسٽل سندس گهر بڻجي ويو. پڙهڻ سان هن کي ڪا گهڻي دلچسپي نه هئي، اها ٻي ڳالهه هئي ته پوءِ به هر سال پاس ٿيندو رهيو. هن جي اصل دلچسپي هئي ڳوٺ کان پري حيدرآباد ۾ رهڻ سان. جنهن ڏينهن شام جو ڄام شوري کان حيدرآباد نه ويندو هو، اهو ڏينهن هن جي حساب موجب جهڙوڪر اجايو ويو. هن ڪوشش گهڻي ڪئي ته سڄي ڄمار شاگرد بنجي هاسٽل ۾ رهيو پيو هجي. پوئتي جي ڳڻتي هن کي ڪانه هئي. زمين پڻس سنڀاليندو هو. هونءَ به يعقوب کي ڳوٺ ۾ مزو ڪونه ايندو هو. ماءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اها ڇڪ به نه رهي.

يونيورسٽين ۾ امن امان جون حالتون جڏهن گهڻيون خراب ٿي ويون، ته مارشل لا حڪومت اتي پوليس چوڪيون ٺاهيون. هاسٽلن تي وڌيڪ سختي ڪئي وئي. پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ به هاسٽل ۾ رهڻ واريون روايتون ختم ٿي ويون. يعقوب کي جڏهن يونيورسٽيءَ وارن زوريءَ ڊگري ڏني ته هن کي به لاچار هاسٽل مان ٽپڙ کڻڻا پيا.  ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ڇڙن دوستن وٽ ٺڪاڻو ڪيائين، پر نيٺ ڪنهن بلڊنگ ۾ خالي ڪمرو مسواڙ تي ملي ويس.  هاڻي هو پڪو حيدرآبادي هو. پڻس کيس گهڻو زور ڀريو ته ڳوٺ اچي رهي ۽ زمينون سنڀالي پر يعقوب ڳوٺ کان ونءُ ٿي ويو. ڪير ٻنين ٻارن ۾ رلي ۽ هارين سان مٿو هڻي. ان کان ته حيدرآباد جي رستن تي رلڻ ۾ وڌيڪ مزو هو. آڌي آڌي رات تائين هوٽلن ۾ ويهي دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ رستن تي پسار ڪرڻ کان پوءِ وڃي سمهندو هو ۽ منجهند مهل اٿندو هو. پيءُ  جو هڪڙو ئي پٽ هو، ان ڪري پڻس کيس خرچ پکو ڏيندو رهيو.

يعقوب جو پيءُ جڏهن سڀ هيلا هلائي چڪو ته هن آخري طريقو آزمايو. هن يعقوب جي شادي ڪرائي ڇڏي. ڇوڪري ٿوري گهڻي پڙهيل هئي ۽ ڏاج ۾ ڪجهه زمين به کڻي آئي هئي. يعقوب پهرين ته نٽايو هو، پر جنهن پيءَ سڄي ڄمار سندس مرضي رکي هئي، تنهن جو چوڻ کيس مڃڻو پيو. باقي پڻس جي اها آس پوري ڪا نه ٿي ته هو شادي ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ڇڏي ڳوٺ اچي رهندو. يعقوب جا پرڪار اهي رهيا. ڳوٺ ويندو هو، ڪجهه ڏينهن رهندو هو، پوءِ حيدرآباد جي ڇڪ ٿيندي هئس ته جهلي جهل نه ڏيندو هو. پڻس ته هڻي هڻي بيٺو. پوءِ زال جو وارو آيو. پر اها به يعقوب کي حيدرآباد کان روڪي نه سگهي.

”سچي ٻڌاءِ، حيدرآباد ۾ ڪنهن سان ڦٽل ته ڪونه آهين؟“ زال هن کان پڇيو.

”نه، اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، قسم سان.“ هن زال کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.

”پوءِ تو کي حيدرآباد جي ايتري ڇڪ ڇو آهي؟“ زال بي اعتباريءَ مان چيو.

”تو کي سچي ٻڌايان؟“ يعقوب جي اکين ۾ شرارت هئي. سندس زال جا ڀرون تاڻجي ويا.”ٻڌاءِ؟“

”آءٌ حيدرآباد سان ڦٽل آهيان.....“ هن ٽهڪ ڏئي زال کي ڇڪي ڀاڪر ۾ آندو.

ٻار ٻچا به ٿيا. هڪ پٽ، هڪڙي ڌيءَ. يعقوب زال ۽ ٻارن کي ڀائيندو به هو، پر ڳوٺ ۾ رهڻ هن لاءِ ڏکيو هو. هن جو وس هلي ها ته زمينون وڪڻي هميشه لاءِ حيدرآباد ۾ وڃي رهي ها. پر پيءُ جي اڳيان ان ڳالهه ڪرڻ جي هن کي همٿ نه ٿيندي هئي.

پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هو اڪيلو زمينن جو مالڪ بڻجي ويو. پڻس جو چاليهو نبري ويو ته هن پنهنجي من جي ڳالهه زال جي اڳيان کولي ظاهر ڪئي.

”ٻيلي، زمينن سنڀالڻ جو ڪم پاڻ کان ڪونه ٿيندو. آءٌ سڄي عمر ان کٽراڳ کان پري رهيس. مون کي ته ڪا خبر به ڪانهي. هاري مون کي ڦري کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.“

”زمينون نه سنڀاليندين ته پوءِ کائينداسين ڪٿان؟“ جوڻس حيرت مان چيو.

”سڄي دنيا جو گذر سفر رڳو زمينن تي آهي ڇا؟ ٻيا به کوڙ ڌنڌا آهن. جنهن ڪم سان دل نه لڳي، ان ۾ هٿ ئي نه وجهجي. ٻنيون مون کان ٿينديون ڪونه. نڪو آءٌ هتي رهي سگهندس.“

”پوءِ تنهنجي مرضي ڇا آهي؟“ زال کانئس پڇيو.

”منهنجي مرضي آهي ته زمينون وڪڻي حيدرآباد ۾ گهر وٺي هلي ٿا رهون. ٻارن کي به اتي پڙهايون. ڳوٺ ۾ ڪهڙي پڙهائي آهي. ٽن چئن سالن کان پوءِ ته هونءَ به ٻارن کي شهر ۾ پڙهائڻو پوندو.“

”ٻنيون وڪڻي هلي شهر ۾ رهون! پوءِ گذران ڪيئن ٿيندو؟“

”اهو تون مون تي ڇڏ.  شهر ۾ گهڻا ئي وسيلا آهن. ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳي ويندس.“

جوڻس ڏٺو ته سندس مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو فرق ته پوندو ڪونه. ٻارن جي پڙهائي جو به مسئلو هو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ تي هن جي به دل هرکي پئي.

يعقوب ٻنيون وڪڻي لطيف آباد ۾ بنگلو ورتو. ٻارن کي انگريزي- اڙدو ميڊيم جي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هو دوستن سان اڳي ئي ڪنهن مناسب ڌنڌي ڪرڻ جي سلسلي ۾ صلاح مشورا ڪندو رهيو هو. دوستن کيس چيو ته اڄڪلهه سنڌي ماڻهن پنهنجا ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ڏانهن رخ رکيو آهي. هڪڙو ته ڌاڙيلن سنڌي ماڻهن کي تپائي ڇڏيو آهي. ڍورن ڍڳن ۽ مال جون چوريون ويون ختم ٿي. هاڻي ماڻهن جي چوري زور تي آهي ڇو ته سڀ کان سولو ڪم اهو آهي. ڪنهن سڻڀي گهر جو ڪو ماڻهو اغوا ڪجي ۽ پوءِ ٻه ٽي لک وٺي موٽائجي. ماڻهو ڍور ڍڳا  وڪڻي ڌاڙيلن کي پئسا ڏين، تنهن کان چڱو آهي ته اهي پئسا کڻي حيدرآباد يا ڪراچيءَ وڃي رهجي. اهڙن ماڻهن کان سواءِ ٻيا يعقوب جهڙا به هئا، جن کي شهري زندگي وڌيڪ پسند هئي. ڳوٺن کان شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو لاڙو ڪجهه وڌي ويو هو. سنڌي ماڻهن کي حيدرآباد ۾ گهرن جي ضرورت هئي. دوستن يعقوب کي ٻڌايو ته انهيءَ ڌنڌي ۾ جيڪي اسٽيٽ ايجنٽ آهن، تن ۾ سنڌي گهٽ آهن. هنن يعقوب کي صلاح ڏني ته هو اهو ڌنڌو ڪري. هڪ سٺي سينگاريل ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ٺاهي آرام سان ويٺو هجي. جنهن کي گهر وڪڻڻو يا مسواڙ تي ڏيڻو هوندو سو پاڻهي وٽس ايندو ۽ خريد ڪرڻ يا مسواڙ تي وٺڻ وارا ماڻهو هونءَ ئي ڳولها ۾ هوندا آهن.

يعقوب لطيف آباد ۾ هڪڙو دوڪان مسواڙ تي ورتو. ان ۾ شيشي جا پارٽيشن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ لڳرائي سٺو فرنيچر وجهي ويهي رهيو. ايترو وقت حيدرآباد ۾ رهڻ ڪري جيڪا ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئس سا به ڪم آئي. هن جو ڌنڌو چڱو هلي پيو.

ڏسندي ڏسندي ملڪ جي سياست جيڪا مارشل لا جي دؤر ۾ دٻيل هئي، تنهن عجيب پلٽو کاڌو. مهاجرن جي هڪ فاشي تنظيم جنم ورتو، جنهن ’مهاجر پاور، سپر پاور‘ جو نعرو هنيو. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي پرامن ماحول ۾ ڪا زهريلي گيس ڀرجي وئي. ڪراچيءَ ۾ مهاجرن ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. وڏي خونا خوني ٿي. اهو جهيڙو وڌي اچي حيدرآباد پهتو. پٺاڻن جي جڳهين ۽ دوڪانن کي ڦري لٽي باهيون ڏنيون ويون. رستي ويندي جنهن کي، جنهن جو ماڻهو هٿ آيو ٿي، سو مئو رکيو هو. سنڌي خاموش تماشائي هئا.

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳي ويو. يعقوب آرام سان گهر ۾ ويهي رهيو. هن جي ڏهاڙي ته هئي ڪانه جو ڳڻتي ڪري. پر کيس هڪڙي ڳالهه جو کٽڪو ٿي پيو. هن زال سان اها ڳالهه ڪڍي.

”الائي ڇو مون کي لڳي ٿو ته مهاجرن ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ جيڪو جهيڙو ٿيو آهي، سا هڪڙي قسم جي ريهرسل آهي. مهاجر رڳو پٺاڻن ۽ پنجابين کي پنهنجو دشمن ڪونه ٿا سمجهن. پنجابين ۽ پٺاڻن کي ته پنهنجا صوبا آهن، پر مهاجرن جو اصلي جهيڙو ڌرتي ڌڻين سان ئي ٿيندو.“

جوڻس اٿندي ئي سندس ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو.

”توکي لائي ڪٿان اهو خيال آيو آهي. اسان جي پاڙي ۾ سڀ مهاجر آهن. سنڌين جو رڳو پنهنجو گهر آهي. منهنجو انهن جي ماين سان گڏ اٿڻ ويهڻ آهي. آءٌ انهن جي گهر وڃان، اهي منهنجي گهر اچن. مون کي ته ڪڏهن ڪونه لڳو آهي ته مهاجر سنڌين جي خلاف آهن.“

”پاڙي جي ڳالهه ٻي آهي. منهنجو هر قسم جي ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. مون کي خبر آهي ته مهاجرن جو مٿو ڦريل آهي.“

”مٿو ڦريل اٿن ته پنهنجو ڇا؟ وڃي پنجابين پٺاڻن سان وڙهن. پاڻ وچ ۾ اچون ئي ڇو؟“جوڻس ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ئي ڪانه ڏني.

ڪرفيو لٿو ته زندگيءَ جو ڪاروبار وري شروع ٿي ويو. يعقوب جو کٽڪو لٿو ڪونه. هن پنهنجن دوستن سان اهو ذڪر ڪيو.پر دوستن هن جي ڳالهه کي جوڻس وانگر ڪا اهميت ڪانه ڏني.

”اهي سياسي پيچيدگيون تو کي سمجهه ۾ ڪونه اينديون. پنجابي سامراج کي سنڌي اڪيلا منهن ڏئي ڪونه سگهندا. سنڌي پنجابي سامراج سان به وڙهن ۽ مهاجرن کي به پاڻ کان الڳ ٿلڳ رکن ته پوءِ isolation جو شڪار ٿي ويندا. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ هڪ نئون طاقتور فيڪٽر آهي. سنڌي قوم پرستن کي انهن جو سهڪار حاصل ڪرڻ کپي. مهاجرن کي سنڌ ۾ ئي رهڻو ۽ مرڻو آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي طاقتون پاڻ ۾ ملي وينديون ته پنجابي سامراج کي ڏکيون پونديون،“سياسي شعور رکندڙ هڪ دوست يعقوب کي سمجهائيندي چيو.

يعقوب کي هن جي ڳالهه دل سان لڳي. سندس من ۾ پيدا ٿيل کٽڪي کي آٿت ملي ويو. هن کي لڳو ته مهاجر کيس وڌيڪ ويجها هئا. پاڙي جي لحاظ کان به ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان به. جيڪي پڙهيل لکيل مهاجر سندس آفيس ۾ ايندا هئا، تن جي اڳيان هو ايم ڪيو ايم کي ساراهيندو هو. سنڌين ۽ مهاجرن جي ٻڌيءَ جي پٺڀرائي ۾ پنهنجن سياسي دوستن کان ٻڌل دليل ورجائيندو هو.

جيڪڏهن ڪو مهاجر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهاجر شاگردن سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪندو هو، ته يعقوب يڪدم ان ڳالهه جي تائيد ڪندو هو.

”آءٌ به يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو آهيان. وقتي اتي مهاجر شاگردن تي زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. پر اها پنجابين جي چالبازي هئي. اهي ٻنهي ڌرين کي استعمال ڪندا رهيا آهن. هنن جي ڪوشش هئي ته مهاجر ۽سنڌي پاڻ ۾ وڙهيل هجن. سنڌي شاگرد تمام سادا آهن. ٻهراڙين مان هلي شهر ۾ يونيورسٽيءَ جهڙي وڏي تعليمي اداري ۾ اچن ٿا، ته ان وقت هنن ۾ ايتري سمجهه ڪانه هوندي آهي. رڍن وانگر هنن کي جنهن پاسي هلائبو آهي هلي پوندا آهن. ان ڪري اهي غلط حرڪتون به ڪندا رهندا آهن. پر هاڻي هنن ۾ اهو شعور پيدا ٿيو آهي ته سنڌ جا اصل دشمن ڪير آهن. اڄڪلهه سنڌي شاگرد مهاجر شاگردن کي وڌيڪ ويجهو محسوس ڪن ٿا.“

ايتري ڳالهائڻ کان پوءِ يعقوب کي خوشي ٿيندي هئي ته هن ۾ به سياسي شعور اچي ويو هو ۽ سياسي معاملن تي چڱو خاصو ڳالهائي ٿي ويو.

پر يعقوب کي اها خبر ڪانه هئي ته فاشي تنظيمون ڪيئن جنم وٺنديون آهن ۽اهي مظلوم هجڻ جون رڙيون ڪري ڪيئن دهشت گردي ڪنديون آهن. حيدرآباد جي ميئر جي هڪ اخباري بيان خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جا سنڌي شاگرد بسن ۾  چڙهي ميونسپل آفيس پهتا. اوچتو بسن تي گولين جو وسڪارو ٿي ويو. اهي ساهه بچائڻ لاءِ حيدرآباد جي جنهن گهٽيءَ ۾ ٿي ڀڳا اتي هنن کي ڦيهو ويو. ستت ئي سڄي شهر ۾ مهاجر- سنڌي فساد شروع ٿي ويا.

يعقوب ان وقت پنهنجي آفيس ۾ موجود ڪونه هو. هو ڪنهن گراهڪ کي جاءِ ڏيکارڻ ويو هو. موٽي آيو ته سندس آفيس ۾ ڪا شيءِ سلامت نه هئي. شيشي واري پارٽيشن ڀور ڀور هئي. ايئرڪنڊيشن ۽ صوفا گم هئا. ايڏيون ڳريون شيون منٽن ۾ گم ٿي ويون! آسپاس وارا دڪان بند هئا. شهر ۾ ڪرفيو لڳي ويو. يعقوب گهر ۾ بند ٿي ويهي رهيو. هن جي من ۾ پيدا ٿيل کٽڪو هڪ ڀيرو وري جاڳي پيو. ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قوم پرست اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون هليون. غلط فهمين کي دور ڪري هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ اتحاد تي زور ڏنو ويو. پر يعقوب جي کٽڪي کي هاڻي آٿت نه مليو. هڪ چڻگ به وڏو ڀنڀٽ ڀڙڪائي سگهي ٿي. پوءِ به هن نئين سر آفيس کي ٺاهيو. آفيس کي ٺهرائڻ ۽ فرنيچر وٺڻ تي چڱو خرچ اچي ويو.

ٿورو گهڻو ڌنڌو اڃا هليو مس ته ٻيو ڀنڀٽ ڀڙڪيو. سڄي شهر ۾ باهه وانگر ڳالهه پکڙجي وئي ته ميئر تي سنڌين قاتلانه حملو ڪيو آهي.  مينهن وسڻ کان پوءِ جيئن کنڀيون پيدا ٿينديون آهن، تيئن الائي ڪٿان نقاب پوش نڪري نروار ٿيا. هنن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف هيون ۽ جتي به ڪو سنڌي نظر آيو ٿي ته هن کي پرڻ ڪري ٿي ڇڏيائون. ڦڙڦوٽ پئجي وئي. دڪان بند ٿي ويا. يعقوب آفيس پوُري گهر ڏانهن ڀڳو. جيستائين ڪرفيو لڳو سنڌين جو گهڻو جاني نقصان ٿي چڪو هو. يعقوب جي آفيس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ’جيڪڏهن ان وقت آءٌ موجود هجان ها ته مون کي به آفيس ۾ جيئرو ساڙي ڇڏين ها.....‘ هن کي خيال آيو.

ايتري وحشانيت ۽ نفرت ڪٿان پيدا ٿي هئي! يعقوب جو نئون پيدا ٿيل سياسي شعور ان ڳالهه جو جواب نه ڏئي سگهيو. اوڙي پاڙي جي وهنوار ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو. پر دلين ۾ شڪ شبها پيدا ٿي چڪا هئا. ڪا کوٽ پئجي وئي هئي. چاليهن سالن کان گڏ رهندڙ مهاجر ۽ سنڌي هڪ ٻئي کي شڪي نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. ڪن پاڙن ۾ جتي سنڌي ٿورائي ۾ هئا، سندن گهرن تي حملا ٿيا هئا. ڪجهه ماڻهو ڳوٺ هليا ويا هئا ته انهن جي گهرن جا تالا ٽوڙي سامان جي ڦرلٽ ڪئي وئي هئي. لطيف آباد ۾ جنهن پاڙي ۾ سنڌين جا هڪ ٻه گهر مس هئا تن ڊپ وچان ڀڳڙن مٺ تي گهر وڪڻي ڇڏيا. ڄڻ چاليهن سالن کان پوءِ وري ورهاڱي جو ورجاءُ ٿيو هو. اڳي سنڌي هندن پنهنجا گهر ڇڏيا هئا ۽هاڻي سنڌي مسلمانن جو وارو هو.

گهرن وڪڻڻ واري ڌنڌي  سان لاڳاپو هئڻ سبب، يعقوب کي خبر هئي جنهن گهر جي قيمت پنج لک هئي ته ان جا هاڻي ٻه لک مس ٿي مليا. خود يعقوب پاڻ گهر وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اول ته ڪو گراهڪ ڪونه ٿي مليو، پر جي ڪو مليو ٿي ته ان اڌ قيمت کان به گهٽ پئسا ٿي آڇيا.

يعقوب جو ڌنڌو لطيف آباد ۾ بنهه ختم ٿي ويو هو. سنڌي ماڻهن حيدرآباد جي پرئين پاسي قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني ۽ڀٽائي ننگر وڃي وسايا هئا. ان پاسي يعقوب  کي ڌنڌي جو چانس هو، پر هتي لطيف آباد ۾ ساهه سوريءَ تي ٽنگيو پيو هو. گهر ڇڏي وڃي ته ان تي قبضي ٿيڻ جو ڊپ هو. هن کي ڪا واهه نه پئي سجهي.

هڪڙي دوست يعقوب کان پڇيو، ” گهر ۾ ڪو هٿيار به اٿئي يا نه؟“

”هٿيار! نه يار، هٿيار ته ڪو به ڪونهي،“ يعقوب وراڻيو.

”پاڙي ۾ تنهنجو اڪيلو سنڌي گهر آهي ۽ سڀاڻي خدانخواسته تنهنجي گهر تي حملو ٿئي ته تو وٽ ڪو هٿيار به ڪونهي، جو پنهنجن ٻچن جو بچاءُ ڪري سگهين.“

”بس يار، توڪل تي ويٺا آهيون. مون ڪڏهن عمر ۾ ڪو هٿيار هٿ ۾ نه کنيو. پاڻ کي ته هلائڻ ئي ڪونه ايندو آهي.“

يعقوب پنهنجي زال کي دوست واري ڳالهه ٻڌائي. هن جي زال جو به اهو خيال هو ته شريف ۽ پرامن ماڻهن جو هٿيار سان ڪهڙو ڪم. ٻي ڳالهه ته سندس پاڙو به سٺو هو.

”هٿيار ته گهر ۾ پيو هوندو ۽سڀاڻي واٽ ويندي ڪو ماري ڇڏي ته گهر ۾ رکيل هٿيار ڇا ڪندو،“ يعقوب چيو.

”الله خير ڪري. باقي پاڙي ۾ ته ڪو ڊپ ڪونهي. پنهنجي ته ڪنهن سان دشمني ڪانهي. پوءِ هروڀرو پنهنجو نالو ڇو وٺندا...“ سندس زال چيو.

هڪ ڏينهن صبح جو يعقوب گهر جو ٻاهريون دروازو کوليو ته ان تي چاڪ سان منڌيئڙو لڳو پيو هو. اها ڳالهه اشارو هئي ته سندس گهر حملي جي زد ۾ هو.يعقوب  پاڙي وارن کي گهران سڏي اچي اهو نشان ڏيکاريو.

”ڊڄو نه. اها ٻارن جي شرارت ٿي لڳي،“پاڙي وارن هن کي آٿت ڏني.

ڪجهه مهينن کان پوءِ 30 سيپٽمبر 1988ع ۾ حيدرآباد جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قتلام ٿيو. موٽرڪارن ۾ ويٺل ماڻهو حيدر آباد جي مهاجر علائقن ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندا شهر مان نڪري هليا ويا. ان قتلام جو حساب حيدرآباد ۾ خالي هٿين رهندڙ سنڌي ماڻهن کي ڀرڻو پيو. ان رات ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نقاب پوشن سنڌي گهرن ۾ گهڙي  ڪئين خاندانن کي موت جو بک بڻائي ڇڏيو.  جيڪي خاندان پنهنجن گهرن ۾ ماريا ويا هئا تن جا نالا اخبارن ۾ آيا. انهن ۾ هڪڙو خاندان يعقوب جو هو. خبر موجب ٻئي زال مڙس ۽سندن وڏو پٽ ماريا ويا ۽ ٽي ٻار زخمي ٿيا، جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

بيٺل پاڻي

تلاءَ جي ڪپ تي ويٺي هن کي گهڻي دير ٿي هئي، ان جو هن اندازو لڳائڻ چاهيو. ڪجهه پل! پر هاڻي شام ٿي هئي. سڄو ڏينهن! نه، جيتري قدر مون کي ياد ٿو اچي آءٌ گهڻن ڏينهن کان ويٺو آهيان. هفتو کن ٿي ويو هوندو! مهينو! نه، سال گذري ويا آهن مون کي هتي ويٺي. اڳي هن تلاءَ ۾ لهرون هيون، ڇوليون هيون.  پاڻي ڪپن سان لڳي موٽ کائيندو هو ۽ وري اچي ڪپن سان لڳندو هو. پر هاڻي ته پاڻيءَ ۾ ڪا چرپر ڪانهي. پاڻي هڪ هنڌ بيهي رهيو آهي. ڄمي ويو آهي. مون وانگر. يا آءٌ هن تلاءَ وانگر. ان ڳالهه تي مٿو هڻڻ اجايو آهي. ڪو نتيجو نه نڪرندو. نڪرڻو به ڪونهي. پر اها ڳالهه صاف آهي ته هتي ويٺي مون کي سال گذري ويا آهن ۽ مون تلاءَ جي پاڻي کي هوائن تي ڇلڪندي ڇلڪندي هڪ ڏينهن ڄمي ويندي ڏٺو آهي. ان کي به ڪو وقت ٿيو.

آءٌ جڏهن پاڻ کي ڏسان ٿو ته جهڙو جهور اڄ آهيان سدائين ائين رهيو آهيان. آءٌ ڪڏهن ٻار نه هوس. ڪڏهن نوجوان ڪونه هوس. ڪڏهن هوس، ته مون کي ياد ڪونهي. ذهني طور سدائين ائين ڏٺو اٿم پاڻ کي. جڏهن زال هئي، ٻار هئا تڏهن به اڪيلو هوس. زال مون کي ڪڏهن ڪانه وڻي. پوءِ به ٻار ڄميا.  گهر ڀريو. وڌيو ويجهيو. ٻارن  جا ٻار ٿيا. اهو سڄو وقت آءٌ اڪيلو هوس. هاڻي جڏهن هوءَ مري وئي آهي ۽ جڏهن مئي هئي ته مون پاڻ کي آزاد محسوس ڪيو. پر پوءِ اڪيلائي تهائين وڌي وئي. اهو ڇا آهي. هوءَ هئي ته گهر ۾ گوڙ هو. جهيڙو هو. ٻارن جا مسئلا هئا. هاڻي ڪجهه به ناهي رهيو. گهر گهر ناهي رهيو. منهنجي لاءِ ناهي رهيو. ٻين جو ٿي ويو آهي. گهر ۾ منهنجو وجود غير ضروري آهي. ڪنهن جي ڪرڪر ڪانهي. ڪو وڙهڻ وارو ناهي. آهيان ڪونه آهيان، ڪو فرق نٿو پئي. نه، اتي آءٌ غلطي ٿو ڪريان. منهنجي هئڻ سان فرق پئي ٿو. بار آهيان آءٌ. ماڻهو وڌي ويا آهن ۽گهر سوڙهو ٿي ويو آهي. آءٌ غير ضروري طور جاءِ ڀريو ويٺو آهيان. اها ڪنهن ضرورتمند کي ڪم اچي سگهي ٿي. ماڻهو به ڪنهن شيءِ وانگر آهي. جيستائين ڪا شيءَ ڪارائتي آهي ان کي سنڀالي رکبو.ان جو ڪارج ختم ٿيو ته اها بيڪار بنجي ويندي. ان کي ٻاهر اڇلائي ڇڏبو آهي. انسان جو انت به اهو آهي. شين وانگر انسان به بيڪار ٿي ويندو آهي. ڪي مرڻ کان اڳ مون وانگر. ڪي مرڻ کان پوءِ.انت ٻنهي حالتن ۾ ساڳيو آهي؛ بار کي ڦٽو ڪري اچڻ.

مون کي دکي ٿيڻ نه کپي. هن پاڻ کي تسلي ڏيڻ چاهي. آٿت آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڏيندو رهيو آهيان. ان سان ٿيندو ڪجهه ڪونهي. هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو. منهنجي اڪيلائي ختم ڪانه ٿي ويندي. منهنجا دک دور ڪونه ٿي ويندا. سڀ ڪجهه ائين رهڻو آهي. اهي سڀ ڳالهيون مون سان گڏ رهڻيون آهن- ۽ مون سان گڏ ختم ٿيڻيون آهن.

تلاءُ ۾ پاڻي ڄمي ڇو ويو هو- هن پاڻ کان پڇيو. ڪو ڪارڻ نٿي سجهيو. پاڻيءَ ۾ چرپر هوندي آهي. چرپر جو بند ٿيڻ هن کي سمجهه ۾ نه آيو. هن کي خيال آيو ته  پٿر کڻي تلاءُ ۾ اڇلائي. پوءِ ڏسجي ته پاڻيءَ ۾ چرپر پيدا ٿئي ٿي يا نه. هن پٿر کڻڻ لاءِ ٻانهن ڊگهيري پر اها نه چري. هو ڏڪي ويو. هن کي حيرت کان وڌيڪ ڊپ لڳو. اهو کيس ڇا ٿي ويو هو. هن جو جسم سن ڇو ٿي ويو هو. جسم ۾ ڪا حرڪت نه هئي. ڄڻ جسم تي فالج ڪريو هو. هٿ پير سڀ سن هئا. هو پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. هن سوچيو، پوءِ آءٌ سوچيان ڪيئن ٿو. دماغ ئي باقي وڃي بچيو هو، جيڪو اڃا ڪم ڪري رهيو هو.  سو به ڪيستائين! هن پاڻ کان پڇيو. پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي ڏسان ها ته ان ۾ ڪا چرپر ٿئي ٿي يا نه. اها آخري خواهش به پوري ٿيڻي نه هئي. تلاءُ  تي به فالج ڪريو هو ڇا! پاڻي سن هو. مون رڳو ڄاڻڻ ٿي چاهيو. ٻيو مون کي ڪجهه نه کپندو هو. هاڻي ڪو موهه ئي نه رهيو آهي. کپندو ان کي جنهن جو موهه سلامت هوندو آهي. مون ته هر ڳالهه تان پاڻ هٿ کڻي ڇڏيو هو. پر شروع ۾ ائين نه هو. سواءِ زال جي چونڊ جي. مون ٻارن تي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. ناڪام ڪوشش. منهنجو وڏو پٽ منهنجي پڇڻ کان سواءِ هڪ ٻچڙيوال رن زال کي ڀڄائي آيو. آءٌ رڳو ايترو ڪري سگهيس ته هن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍيم ۽سندس حق ريٽي ڇڏيم. اهو مون ڇو چاهيو ته جيئن آءٌ دٻيل هوس پنهنجي بابي اڳيان تيئن منهنجو وڏو پٽ منهنجي اڳيان دٻيل رهي. زال جي روئڻ رڙڻ جي پرواهه نه ڪري آءٌ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيس.  مون پٽ کي گهر ۾ اجنبيءَ جو درجو ڏئي ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن اجنبين وانگر اچي ۽ هليو وڃي. پر جيڪي پنهنجا هئا، منهنجا ٻيا پٽ، جيڪي منهنجي گهر ۾ هئا سي مون سان رهندي اجنبي ڇو بنجي ويا؟ يا آءُ  هنن لاءِ اجنبي بنجي ويس! هر ڪو پنهنجيءَ ۾ لڳي ويو آهي.  منهنجي لاءِ ڪجهه به ناهي رهيو. جيڪي مون ڪيو سو ٺيڪ هو الائي نه – اهو فيصلو ڪير ڪندو؟ آءٌ ايترو اڪيلو آهيان، پاڻ کي ويچارو پيو لڳان. ڪٿي ڪا گڙٻڙ ضرور ٿي آهي. منهنجي عمر کي پهچي هرڪو ائين سوچيندو آهي ڇا؟

هن چاهيو ته ڪنهن کان پڇي. هن تلاءُ کان پڇڻ چاهيو. پر تلاءُ ته خاموش هو. بنا چرپر اکيون ڦاڙي کيس تڪي رهيو هو. هن کي ڪاوڙ آئي ۽ تلاءُ تي جک کائڻ لڳو. هن کي خيال آيو ته تلاءُ کي لتون هڻي.  بيٺل پاڻيءَ کي لتن سان سٽي. پر هن ۾ چرڻ جي طاقت ڪانه هئي.

”منهنجا مولا، پنهنجي هلنديءَ هلائجانءِ....“ هن وڏن کي ائين چوندي ٻڌو هو. پوءِ جيئن هو پوڙهو ٿيندو ويو، هن پاڻ به اها دعا گهرڻ شروع ڪئي. هن کي ڊپ ويڙهي ويو هو. هن محسوس ڪيو ته هو ٻين تي بار ثابت ٿي رهيو هو. آءٌ نه هوندس ته ٻين تان هڪ بار لهي ويندو. انهن تي ذميواري نه هوندي منهنجي. ماڻهو انهن کي ائين نه چوندا ته پنهنجي پيءُ کان لاپرواهه ٿي ويا آهيو. هو ڪنهن ليکي ۾ ڪونهي. ان ڪري آءٌ ڪڏهن ڪڏهن هنن جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائيندو آهيان ته جيئن پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريان. پوءِ بدمزگي ۽ جهيڙو به ٿيندو آهي. تڏهن لڳندو آهي ته اڃا ليکي ۾ آهيان. پر ڪجهه وقت کان، الائي ڪڏهن کان، شايد جڏهن کان هوءَ مري وئي آهي، ڪو جهيڙو ڪا بدمزگي ڀانءِ نٿا پون. ڏاڍي پيڙا  ڏيندڙ آهن. من تي بار وڌي ٿو وڃي.  سڀ اجايو لڳندو آهي. آءٌ به اجايو آهيان. تلاءُ ۾ بيٺل سينور لڳل پاڻيءَ وانگر بيڪار. جڏهن وڻ جون پاڙون سڪڻ لڳنديون آهن ته وڻ به سڪي بنڊ بڻجي ويندو آهي. ان کي ڪٽيو ويندو آهي. اهو وري به ڪنهن ڪم اچي ويندو آهي. ان مان ڪجهه نه ڪجهه ٺاهيو ويندو آهي، نه ته به ٻارڻ جي ڪم ته ايندو آهي. ماڻهوءَ جو ڪارج جڏهن ختم ٿي ويندو آهي ته اهو ڪنهن ڪم جو نه رهندو آهي. ان کي ڪنهن به ڪم ۾ آڻي نٿو سگهجي. انساني زوال وڏي ۾ وڏي ٽريجڊي آهي. ٻيون سڀ ان مان جنم وٺنديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com