سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:21

ھو اڳتي وڌي آيو آھي. ڄاڃين جون اکيون ھن ۾ آھن. ھو ماڻھن ڏانهن نهارڻ کان سواءِ ھلندو رھي ٿو. خاص مھمانن لاءِ ٺاھيل ڇني ۾ ھن جا دوست ويٺا آھن. شھر مان آيل.

ڀاڪر پائي ملي ٿو.

”ڳوٺ تائين پھچڻ ۾ ڪا تڪليف ڪا نه ٿي؟“

”نه، سڌا اچي لٿا آھيون.“

”اسين ته سفر ڪري آيا آھيون، پر تون ٿڪل پيو ڏسجين. ننڊ ڪا نه ڪئي اٿئي ڇا؟“

”ھاڻي سائين خوشيءَ وچان ننڊ ڪيئن ڪندو؟ ھمراه لاءِ وقت ڪاٽڻ ئي مشڪل ھوندو.“

”سموريون ڪثرون ڪڍندو.“

”پر پوءِ خبر پونديس. شادي ڪرڻ کان اڳ اسان کان صلاح وٺي ھا. آئون چوانس ھا ته ميان اھڙو ڪم ئي نه ڪر.“

ھو ان دوست ڏانهن ڏسي ٿو. ٻھ شاديون ڪيل ۽ اڃا به تاڙ ۾.

”خير شادي آھي ته ھڪڙو سماجي ٻنڌڻ. پر سيڪس پرابلم جو ھڪ سٺو حل آھي. ھونءَ اسين ماڻھو ڪٿي ٿا افورڊ ڪري سگھون!“

”ھا يار، آھي وڏو پرابلم. اسان کي خوشي آھي ته اسان جي ھن دوست جي سيڪشوئل فرسٽريشن ته گھٽ ۾ گھٽ ختم ٿي ويندي.“

ٽھڪ. سڀني جا گڏيل. اکين ۾ چمڪاٽ. اشارا. ھو به چاھي ٿو انجوائي ڪرڻ. وڏا ٽھڪ ڏيڻ. پر ھڪدم بوريت جو احساس. بيزاري ان سڀ کان. بي تعلقي. دوست ڳالھائڻ لڳن ٿا ھڪٻئي سان. سياسي بحث ڇڙي ويل. بحث ۾ زور پيدا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ زور سان ڳالھائڻ! گانا چالو ٿي ويل. لائوڊ اسپيڪرن جا ڪن پردا ڦاڙيندڙ آواز. ڳالھائڻ جا تيز آواز. ھو ڀڄڻ چاھي ٿو انهن سمورن آوازن کي پٺيان ڇڏي. آوازن کي ڪنهن ھڙ ۾ ٻڌي، ھڙ کي پٺيان اڇلائي ڀڄي وڃڻ جي خواھش. گوڙ. ھل. ھڻ وٺ ڍوڙ ڊڪ. يٽ شٽ. سس پس. ھو انهن سڀني کان الڳ – جدا. اڻ واقف رستو ڀلجي آيل مسافر وانگر ويٺو آھي. جنهن جو ڪو واسطو نه ھجي ۽ جنهن سان ڪنهن جو واسطو نه ھجي – ھڪ وساريل ڌاريو ماڻھو.

ھو اٿي ٿو.

”ڪيڏانهن؟“

”گھران ٿي ٿو اچان.“

”ھا سائين، تون اسان وٽ ڪيئن ويھندين.“

”ھينئر کان ئي گھر جي ڇڪ!“

ٽھڪ ھروڀرو.

گھر – عورتن ۽ ٻارن جي پيھ.

آئون گھر ۾ ڇو آيو آھيان؟ بنا ڪنهن ڪم جي! مايون ڇا چونديون. پويان دوست ڇا چوندا؟ ۽ مون کي ھيءُ ٿيو ڇا آھي؟ منهنجو اندر ڄميل برف جي ڇپ ڇو بنجي ويو آھي؟ ھيءَ ڪھڙي ڪيفيت آھي؟ بيزاري .... بوريت ۽ بيحسي ...... بي تعلقي. پر آخر ڇو؟ شايد آئون ڊنل آھيان. مون اھو نٿي چاھيو جيڪو ھاڻ ٿي رھيو آھيان.

ھو ماين جي پيھ لتاڙي ڪمري ۾ اندر وڃڻ چاھي ٿو.

”ابا ھيڏانهن ته اچ.“

ماءُ جي سڏ تي منهن ورائي ٿو. ڪجھ ماين سان گڏ ويٺل. ”مصيبت“، اوڏانهن وڃي ٿو.

”ابا، ھي تنهنجون سوٽيون ماساتيون آھن. چون ٿيون اسان گھوٽ ڪو نه ڏٺو آھي.“

ماءُ نالا ٻڌائي ٿي ۽ ھو واري واري سان ھٿ ڏئي ٿو. ”ھون...... ته ھيءَ آھي اھا. فيچرس ڏاڍا موھيندڙ اٿس. ڇوڪريون ڦڪيون ڦڪيون. ھڪڙي ڳالھائي ٿي. منهن جي پڪي آھي.

”ادا، اسان کي شاديءَ کان وڌيڪ سڪ تنهنجي ڏسڻ جي آھي.“

”پوءِ ھينئر ڏسي ڇڏيو.“

کل.

”ابا مون کي نٿو سڃاڻين؟“ ھڪ اڌڙوٽ عمر واري عورت پڇي ٿي.

ھو لڄي ٿئي ٿو. جواب نٿو سجھيس.

”نه، مون کي ته ياد ڪانهي.“

”واه ابا واه، آئون تنهنجي مامي ڪانه آھيان، مون کي به نٿو سڃاڻين؟“

”گھڻا ڏينهن ٿي ويا آھن نه مامي“

کل. ھو لڄي ٿئي ٿو. ماءُ ھن جي جند ڇڏائي ٿي.

”ابا ڪم سان آئين؟“

ڪم سان! ڪم ..... ڪھڙو ڪم .....

”گرمي آھي. وڃان ٿو واھ تي وھنجڻ. ٽوال ۽ صابڻ کڻڻ آيو ھوس.“

ماءُ ھن کي ٽوال ۽ صابڻ کڻي ڏئي ٿي. نڪري وڃي ٿو تڪڙو تڪڙو. واھ گھر جي پويان آھي. سامھون ٻنين کان پري گھاٽن وڻن جي پويان لھندڙ سج. ٻنين جي ساوڪ ۽ شام جي نيراڻ گڏجي ويل، اڪيلائي. ماڻھو سڀ شاديءَ جي گوڙ ۾. گانن جو آواز ڪجھ ھلڪو ايستائين اچي پھچندڙ.

ڪپڙا لاھي، گوڏ ٻڌي واھ ۾ گھڙي پئي ٿو. محسوس ٿئي ٿي پاڻيءَ جي ٿڌاڻ. ھر وقت نئون پاڻي. اھو جملو ھن شايد ھرمن ھيس جي ناول ”سڌارٿا“ ۾ پڙھيو ھو، ”پاڻي جيڪو سانده وھندو رھي ٿو ۽ سدائين نئون ھوندو آھي.“

چاھي ٿو اکيون پوري پاڻ کي ڇڏي ڏي. ٿڌي پاڻيءَ ۾ وھندو وڃي.

”اھو ايترو گوڙ ھل ڇا جو آھي؟ ڇا پيو ٿئي؟” اکيون کولي ڪناري ويجھو اچي ٿو. سچي پچي پاڻيءَ ۾ وھندو پئي ويو.

منهنجو جسم آھي. منهنجو ذھن آھي. پوءِ به آئون ڪجھ نه آھيان. منهنجي ڪا مرضي ڪانهي. ارادو ناھي. چونڊ ناھي. ڪجھ به نه آھي. منهنجو ھئڻ نه ھئڻ آھي. ٻين جي مرضي آھي. ٻين جي چونڊ آھي. ٻين جو فيصلو آھي. ٿئي اھو ئي ٿو جيڪي آئون نٿو چاھيان.

وھندڙ پاڻيءَ ڏانهن ڏسندي ھن کي لڳي ٿو: محروميون اڻ کٽ پاڻيءَ وانگر وھنديون پيون اچن ھن ڏانهن، ھن جي ايندڙ نسل ڏانهن ۽ ھو ان پاڻيءَ کي روڪڻ جي اجائي جاکوڙ ڪري رھيو ھو.

ھو واھ مان نڪري ڪپڙا پائي ٿو.

ھل گوڙ آھستي آھستي ھن ڏانهن وڌندو اچي ٿو.

ابر ۾ اھاءُ ٿيو

بابا جي اڳيان ويندي، آھستي چيم، ”بابا.“

ھن ڪاغذن تان نظرون کڻي مون ڏانهن ڏٺو.

مان منجھي پيس ته ڇا چوان. ھٻڪندي چيم، ”مان اوھان کان اجازت وٺڻ آيو آھيان.“

ھن وائڙو ٿي پڇيو، ”ڇا جي اجازت؟“

مون چيو، ”مان ڪائنر سڏائڻ نٿو چاھيان. مون جيڏا ساٿي قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ پنهنجي ديس کي زندگي ڏيڻ لاءِ پنهنجي زندگي ان کي ارپي چڪا آھن. اھڙي وقت مان گھر ۾ ڪيئن لڪي ويھي رھان!“

”پوءِ، تون ڇا ٿو ڪرڻ چاھين؟“

منهنجي سموري ھٻڪ ختم ٿي چڪي ھئي. ”مان به پنهنجي زندگي پنهنجي ديس کي ڏيڻ چاھيان ٿو.“

”تون!“ ھن کل کي روڪي ورتو، پر چپن تي مرڪ اڃا به پکڙيل ھئي. ”تون پھرين پنهنجي جسم ۽ طاقت ڏس، پوءِ اھڙيون ڳالھيون ڪر! مان ڄاڻان ٿو ته اوھان نوجوانن ۾ فقط وقتي جوش آھي. عمر ۽ وقت سان گڏ اھو جوش ختم ٿيو وڃي. دراصل اسان جي قوم مان وڙھڻ جو جوھر ختم ٿي چڪو آھي. صدين جي غلاميءَ ءٌ ڌارين جي ڦرلٽ اسان جي ھمٿ کي ڄؤنر بنجي چوسي ڇڏيو آھي. باقي اوھان جھڙا جوشيلا نوجوان ته ھر دور ۾ پيدا ٿيندا رھيا آھن، ۽ انهن ڪھڙو ٻوٽو ٻاريو آھي! پنهنجي قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ سر جون سٽون ڏيڻيون پونديون آھن، مون کي اھڙا نوجوان نظر ڪو نه ٿا اچن. جيستائين اسان جي نوجوانن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪا نه ٿي آھي، سندن دليون ديس جي محبت ۾ جلي سون نه بڻيون آھن، تيستائين ڪجھ به نه ٿيندو، پٽ ..... ڪجھ به نه ٿيندو ....“ ھن جو آواز ڍرو ٿيندو ويو، منهن تي مايوسيءَ جون ريکائون مڙي آيون.

مون چيو، ”بابا، جيڪڏھن اسان جي قوم جا پيءُ توھان جھڙا ھجن، ته پوءِ سندن اولاد ديس تان سر ڪيئن نه ڏيندو! مان اوھان کي يقين ٿو ڏياريان ته جيڪا سجاڳي اڄ جي نوجوانن ۾ پيدا ٿي آھي، سا اڳي ڪڏھن ڪا نه ھئي. اسان جو جوش وقتي جوش ناھي. اسين فقط پنهنجي ديس خاطر جيئڻ جو ارادو ڪري چڪا آھيون....“

ھن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، ”ھا، ھي اھو نازڪ دور آھي، جيڪڏھن اسين ھينئر نه اٿياسين ته پوءِ ڪڏھن به نه اٿي سگھنداسين. ٿي سگھي ٿو ته اوھان قرباني ڏيئي پنهنجي قوم کي سجاڳ ڪري ڇڏيو. پر اھا ڳالھ مڃڻي پوندي ته اسين تمام پوئتي پيل آھيون تعليم ۽ شعور جي تمام گھڻي کوٽ آھي، ان ڪري قومي عزت ۽ غيرت جي گھٽتائي آهي. ان لاءِ اوھان کي گھڻو ڪجھ ڪرڻو پوندو.“

مون چيو، ”اسين سڀ ڪجھ ڪنداسين. اسان کي زندھ رھڻو آھي ته پوءِ ان لاءِ ھر ڪا قرباني ڏيڻي پوندي. اسين پنهنجي ئي ديس ۾ ڌاريا بڻجندا پيا وڃون، نيٺ اسين بي موت مري وينداسين، قديم آثار بڻجي وينداسين. اھو ڪير سمجھندو! اسين ڪمزور ئي سھي، پر اسان جون دليون ڪيڏيون آھن، ان جي ڌارين کي ڪھڙي خبر!“

بابا گنڀير بنجي ويو، چيائين، ”بيشڪ، دلين جي دريائن جي آڏو ڪو به بند اڄ تائين ٻڌجي نه سگھيو آھي. قيد جون زنجيرون نيٺ به ٽٽڻيون آھن. شل اوھان جو رت ھن مظلوم ديس جي ڌرتي کي ريج ڏيئي اھي گل ۽ ٻوٽا اپائي جن جي خوشبوءِ سان ساري دنيا واسجي وڃي. مان توکي روڪي ھڪ بزدل پيءُ سڏائڻ نٿو چاھيان. پر ڏس، پنهنجي ماءُ جي باري ۾ جو ڪجھ سوچين، ھمدردي سان، سوچج. ديس خاطر اولاد جي قرباني ڏيڻ ۾ مائرون وڌيڪ بهادر ھونديون آھن، پر وقت ۽ حالتن اسان جي مائرن کي اھو سبق ڏنو ئي ڪو نهي. کين پنهنجي اولاد سان حد کان زياده پيار ھوندو آھي، ان ڪري تنهنجي ماءُ شايد توکي وڃڻ نه ڏي.“

”مان امان کي مڃرائيندس.“

ڪنهن تمام وڏي ڳڻتي ۽ مونجھاري سببان اما جو منهن لٿل ھو. مان سمجھي ويس. مون ويجھو وڃي کيس ڀاڪر پائيندي چيو، ”امان .....“

ھن جا زرد ٿي ويل چپ ڦڙڪڻ لڳا. ھن مون کي سيني سان لڳائي ڇڏيو. ماءُ جي مقدس سيني سان لڳي منهنجو روح ھڪ زبردست روحاني سڪون سان واسجي ويو. ان وقت مون کي ائين لڳو ڄڻ مان اڃا تائين اھو ئي ٿڃ پياڪ ٻالڪ ھوس، ۽ ماءُ جي سيني سان لڳي سڀ ڪجھ وساري چڪو ھوس.

مونکي محسوس ٿيو ته امان روئي رھي ھئي. شايد ھن بابا جون ۽ منهنجون ڳالھيون ٻڌي ورتيون ھيون.

”مان توکي وڃڻ نه ڏينديس. منهنجا حال ڏسين ٿو، آءٌ اڳيئي مئي پئي آھيان. جي توکي وڃڻو آھي ته مون کي اڳو پوءِ ماري پوءِ وڃ.“

ويچاري امان! الائجي ڇو اسان جون غريب مائرون ايتريون دکي ھونديون آھن. سندن سڄي حياتي مالي پريشانين، اولاد جي آئيندي جي فڪرن ۽ گھر جي ختم نه ٿيندڙ ھاج ۾ گذري ڳري ويندي آھي. گھڻن دکن سھڻ ڪري ئي ھو حد کان زياده جذباتي ھونديون آھن. پيار ته سندن مٽيءَ ۽ روح ۾ رچيل ھوندو آھي، ڇو ته اسان سڀني جي ڌرتي – ماءُ جي ذري ذري ۾ اٿاھ پيار سمايل آھي.

مون چيو، ”امان، سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آھي، ۽ اھو اولاد ڪمينو آھي، جيڪو ماءُ کي اھنجن ۽ تڪليفن ۾ ڏسندي به منهن لڪايو ويٺو ھجي. اھڙو اولاد بي غيرت آھي ۽ ان تي پنهنجي ماءُ جي ٿڃ حرام آھي. امان، اسان کان پنهنجا سڀيئي حق کسيا ويا آھن . اسان جي ماءُ کي ڪڙن ۽ ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويو آھي، ۽ اسين نڌڻڪا بنجي ويا آھيون.“

ھن چيو، ”ابا، شل خدا ٻچن جو ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري، شل منڊلي سلامت ھجي، باقي ڏکيا سکيا ڏينهن پيا گذرندا. خدا جو شڪر آھي.“

”امان، تنهنجن ٻچن جي وات مان گرھ کسبو، سندن زبان ڪٽي ڦٽي ڪئي ويندي، تڏھن به تون ائين چوندينءَ ! تون سمجھين ڇو نٿي، ته اسان تي ڇا پيو وھي واپري.“

امان ڪاوڙجي چيو، ”اوھان پڙھيلن جون ڳالھيون اسين ڄٽ ڪٿي ٿا سمجھون.“

امان ڄڻ ته مونکي زور سان ٿڦڙ وھائي ڪڍيو. کين ڄٽ ۽ بي علم بنائي رکڻ ۾ ڪنهن جو ڏوھ آھي؟ ڪيڏي نه بدقسمت آھي اھا قوم جنهن جون مائرون بي علم ھجن.

مون کيس ڀاڪر پائيندي چيو، ”امان توکي خبر آھي ته اسان جي ديس تي ھميشھ ڌارين جو قبضو رھيو آھي، جيڪي اسان کي ڦريندا لٽيندا رھيا آھن. شايد اسين به ان غلاميءَ تي ھري ويا آھيون، نه ته ھيترو سارو وقت پنهنجو ديس ڌارين جي غلاميءَ ۾ ڪيئن رھڻ ڏيون. امان، مون کي جيترو توسان پيار آھي، اوترو ئي پنهنجي ديس سان آھي. جنهن ديس ۾ ڄائو آھيان، نپنو آھيان، جنهن ڌرتي جي مون ٿڃ پيتي آھي، اھا به ته منهنجي ماءُ آھي. ڇا ان جا مون تي ڪي به حق ڪونهن؟“

”پٽ، اسان جي تقدير ئي اھڙي آھي ته پوءِ ڇا ڪريون؟“

”نه امان، تقدير به ھمٿ سان بدلجي ويندي آھي. طاقت ۽ زور زبردستي سان دنيا جي ڪيترين قومن کي غلام بنائي سندن حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو، پر انهن قومن جي ڪونڌرن سر جون قربانيون ڏيئي آزادي حاصل ڪئي.“

امان بيزار ٿي چيو، ”مونکي انهن ڳالھين سان ڪو به واسطو ڪونهي. منهنجي خوشي، منهنجو نور اوھين ٻچا آھيو، اوھان کان سواءِ مان انڌي آھيان، مون کي ان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به ڳالھ جي خبر ڪانهي.“ ھن جون اکيون وري به ڀرجي آيون.

مان وڌيڪ ڪجھ به چئي نه سگھيس. مون ڄاتو ٿي ته امان جو ڪو به ڏوھ ڪونهي. سمورو ڏوھ ان وقت ۽ حالتن جو آھي، جڏھن عورتن کي گھرن جي ڪم ڪار جي مشين بنائي رکيو ويو ھو. اھي انڌيون رسمون، رواج ۽ اخلاق جن کي اسان جي قوم جو خاص گڻ سمجھيو ويندو آھي؛ تن اسان تي ڪيڏو نه ظلم ڪيو آھي. جن مائرن کي علم ۽ شعور کان تمام پري بي علمي جي اٿاھ اوندھ ۾ بند ڪري رکيو ويو آھي سي، پنهنجي اولاد کي ڪھڙي سکيا، ڪھڙو سبق ڏينديون! مون چاھيو ته رڙ ڪري چوان، ”امان، اسان جي قوم جي تقدير اوھان جي ٿڃ ۽ اوھان جي لولي ۾ آھي. جي تو پنهنجي ٿڃ گيدي اولاد تي حرام نه ڪئي ۽ پنهنجي ٻچن کي اھا لولي نه ڏني، جنهن ۾ شينهن جي گجگوڙ ھجي، ته اسين ٻيو موھن جو دڙو بنجي وينداسين. اسان کي مري جيئڻ جو سبق ڏي امان ....“ پر منهنجي اڳيان اٿاھ ۽ بي انت اوندھ ڇانئجي ويئي، جنهن ۾ نيڻ نهار تائين روشني جو ڪو معمولي ڪرڻو به نظر نٿي آيو. تڏھن مونکي محسوس ٿيو ته مان مري چڪو آھيان. اسين سڀ مري چڪا آھيون، کنڊر بنجي ويا آھيون. وقت جا سڌريل ماڻھو ٽوڪ ۽ نفرت گاڏڙ نظرن سان اسان کي ڏسي وري يڪدم منهن ڦيري ڇڏين ٿا. منهنجي ذھن ۾ پنهنجي وطن جون اھي قديم قومون ڦرڻ لڳيون جيڪي پنهنجي وقت ۾ تمام سڌريل ھيون، پر اڄ وقت ھنن کي سوين صديون پوئتي ڇڏي آيو آھي. موھن جي شھر جي سڌريل قوم اڄ موھن جي دڙي وانگر کنڊر بنجي چڪي آھي. ڇا اسين به ..... ڇا اسين به .....

منهنجي چوطرف اوندھه ۽ بي علمي جو ديو پر پکيڙي بيھي رھيو، ۽ ان جي ڊپ کان آس جو پکيئڙو ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڇڏڻ لڳو. مان خبر ناھي ته ڪيڏي مھل امان وٽان اٿي اندر ڪمري ۾ اچي ويھي رھيو ھوس. ڪنهن کڙڪي تي سجاڳ ٿي ڏٺم ته منهنجي ننڍي ڀيڻ در تي بيٺي ھئي. ھن کي ڏسي چاھيم، زور سان چوان، ”وري تون آئي آھين، روئڻ پچڪڻ! اھي لڙڪن جون زنجيرون اسان جي قوم کي مرده بنائي ڇڏينديون. مون ۾ ھاڻي وڌيڪ لڙڪن ڏسڻ جي طاقت ناھي.“ پر ان کان اڳ جو مان ڪجھ چوان، ھوءَ اندر لنگھي آئي. اندر اچي ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين، ”مون سمجھيو ھو ته منهنجو ڀاءُ دودو آھي، پر اڄ خبر پئي ته تون چنيسر آھين، ادا.“

منهنجون اکيون ڦاٽي ويون. رڙ ڪري چيم”ٻاگھي!“

ھن جو گلو جذبات جي شدت وچان گھٽجي ويو ھو، نظر ھيٺ جھڪائي چيائين، ”مونکي معاف ڪجانءِ ادا، مان الائي ڇا چئي ويس. پر مون توکي الائي ڇا سمجھيو ھو. مون کي خبر ڪا نه ھئي ته تنهنجي دل به ايڏي ڪمزور آھي، جو امان جا لڙڪي ڏسي ھمٿ ھاري ويھندين.“

تڏھن خوشيءَ وچان اٿي کيس ڀاڪر پائي چيم، ”منهنجي ننڍڙي گڏي ڀيڻ! مون کي اڃا به وڌيڪ سخت لفظ چئو. تنهنجن انهن ويڻن جي ڪري تنهنجن ڀائرن جو رت اڀامي اٿندو، آفرين منهنجي ڀيڻ!“

ان گھڙيءَ مونکي محسوس ٿيو ته منهنجي آس جو پکيئڙو پر ڦٿڪائي اٿي ويو آھي. اوندھ جو ديو ڪنهن زبردست طاقت کان دڄي ڀڄڻ لڳو ھو.

مون چيو، ”ٻاگھي، مونکي ھڪ ڳالھ ٻڌاءِ، جيڪڏھن تنهنجو ڀاءُ ديس تان قربان ٿي وڃي ته تون خوش ٿيندينءَ نه!“

ھن جوش وچان چيو، ”بيشڪ ادا، لک ڀيرا خوش ٿينديس. وطن جي اڳيان پٽن ۽ ڀائرن جون جانيون ڪا به قيمت نه ٿيون رکن. مون کي چنيسر جھڙن پٽن ۽ ڀائرن کان نفرت آھي، ادا.“

”منهنجي ٻاگھي ڀيڻ، يقين ڪر، تنهن جو ڀاءُ دودو ثابت ٿيندو.“

ان وقت منهنجي تصور ۾ اھي لکين ٻاگھيون، ۽ سڀان جون مائرون ھيون، جيڪي پنهنجن دودن جھڙن پٽن کي مرڪندي موت جو سبق ڏيئي رھيون ھيون، ۽ ڪٿي پري ابر ۾ اھاءُ ٿيڻ لڳو ھو.

گونگي ڌرتي، ٻوڙو آڪاس

ھو فلم جي پوئين شو تان موٽيو آھي. گھر جا سمورا ڀاتي سمھي چڪا آھن. ھو زال جي ننڊ ڦٽائڻ مناسب نه سمجھي، پاڻ ئي ماني ڪڍي ٿو. اھو ڏسي خوش ٿو ٿئي، ته اڄ دال جي بدران پڪوڙا آھن. سڪل مانيءَ کي زور سان چٻاڙيندي سوچيندي ٿو، ”سيما ڏاڍي سياڻي آھي. سوچيو ھوندائين ته مھيني ۾ ھڪ ڀيرو مس فلم ڏسڻ ٿو وڃي، موٽي اچي روز روز واري دال کائيندو ته فلم جي خوشي ڪافور ٿي وينديس. ھن کي دال کان سخت چڙ آھي، تڏھن به روز اھا ئي دال کائيندو آھي،. ھو ماني کائي، چپ-چاپ کٽ تي زال جي پاسي ۾ ليٽي ٿو پئي. چنڊ ڏانهن نهاريندي نهاريندي سوچي ٿو، ”رات ڪيڏي نه حسين آھي. ھر طرف ڄڻ کير جھڙي چانڊوڪي ھاريل آھي....“ کير واري ڳالھ تي ھن کي وري دال ياد اچي ٿي. دال کي وسارڻ جي لاءِ ھو فضا ۾ گم ٿي وڃڻ چاھي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com