سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:23

”ڇا پيو سوچين؟“ ڪٿان پري کان آواز آيو آھي. آءٌ ڇرڪي پنهنجو پاڻ ۾ موٽي آيو آھيان. آءٌ ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھوءَ منهنجي پاسي ۾ ئي ويٺي آھي. پوءِ به ھن جو آواز پري کان آيل ڇو لڳو؟ ھوءَ جلد ئي پنهنجي آواز وانگر پاڻ به پري ٿي ويندي، ۽ پوءِ پنهنجي آواز سان گڏ گم ٿي ويندي. دل ڪنهن گھري درد ۾ ٻڏي رھي آھي. من ۾ اچي ٿو رڙيون ڪريان.

”تون ڳالھائين ڇو نه ٿو! منهنجو ساه ٿو منجھي.....“ ھوءَ ذري گھٽ رڙ ڪندي چوي ٿي. ھن جون ڇيد ڪندڙ نظرون يڪ ٽڪ مون تي کتل آھن. جيڪر چوان: ھاڻي ڳالھائڻ جي لاءِ باقي رھيو ئي ڇاھي ! پر ائين چئي نٿو سگھان. ان جي بدران چوان ٿو، ”توکي ياد آھي، نسرين ! تون جڏھن پھرين داخلا ورتي هئي، تڏھن تون ڪلاس ۾ ڪنهن سان به نه ڳالھائيندي ھئينءَ. ھڪڙي ڏينهن مون به ڪوشش ڪئي ھئي توسان ڳالھائڻ جي. آءٌ توسان ڳالھائيندو رھيس، پر تون چپ ڪريو ويٺي ھئين. نيٺ مون رڙ ڪري چيو ھو: ”اوھ محترمه، اوھان ڳالھايو ڇونٿيون؟ ڪجھ ته ڳالھايو، منهنجو ته ھاڻي ساھ ٿو منجھي !“

۽ ھينئر به ھوءَ ڪجھ نٿي ڪڇي. سندس چپن تي رڳو اداس مرڪ اچي ۽ وري يڪدم مري وڃي ٿي. سامھون بيٺل وڻ لڏي رھيا آھن، ھوا آھي، پوءِ به مون کي ٻوساٽ ٿو محسوس ٿئي. آءٌ وڻ جي لڏندڙ لمندڙ ٽارين کي ڏسندو رھان ٿو. انهن ٽارين کان مٿي پکي اڏامي رھيا آھن. منهنجون يادگيريون به انهن پکين جيان اڏامنديون ڪٿي جو ڪٿي وڃي پھچن ٿيون.

نسرين کي سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مغرور سمجھندا ھئا. ھوءَ ڪنهن سان به نه ڳالھائيندي ھئي. اصل ۾ ھن جي رکي سڀاءُ کي ڏسي ڪو به ھن سان ڳالھائڻ جو ست نه ساريندو ھو. ان ڪري ڪلاس جا ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ھن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندا ھئا. رڳو آءٌ ئي ھميشه نسرين جو پاسو وٺندو ھوس. ھن جي مک تي اداسيءَ جا گھرا پاڇا ھوندا ھئا، جنهن ۾ ڪنهن اڻڄاڻائي دک جون ڇوليون پئي ڇليون. مون کي اھا ڳالھ نه وڻندي ھئي ته ٻيا ھن کي ھروڀرو تنگ ڪن، ھن تي کلون ڪن. آءٌ ڪڏھن ڪڏھن ھنن سان وڙھي به پوندو ھوس، تڏھن ھو سڀ گڏجي مون کي چيڙائيندا ھئا ته توکي نسرين سان ايڏي ھمدردي ڇو آھي؟ واقعي آءٌ سوچيندو ھوس ته آخر منهنجو ھن سان ڇا وڃي، آءٌ ڇو ھن جي پاران ٻين سان وڙھندو وتان؟ جيڪڏھن ھوءَ ايڏي مغرور آھي جو ڪنهن سان ڳالھائڻ به نٿي چاھي ته پوءِ ڀلي کانئس ان مغروريءَ جو حساب ورتو وڃي. پر دل نه مڃيندي ھئي – چپ رھڻ ۽ ڪنهن سان نه ڳالھائڻ ڪو ڏوھ ته نه آھي، ۽ ڇا ڪنهن سان نه ڳالھائڻ مغروري آھي؟ ان جا ڪئين ڪارڻ ٿي سگھن ٿا. شروع شروع ۾ جڏھن مون ھن جي شخصيت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي تڏھن ان جو ٻيو ڪارڻ ڪو به ڪو نه ھو، سواءِ ھن کي ڄاڻڻ جي. ھوءَ واقعي بيحد حسين ھئي. ڪن جو اھو به خيال ھو ته ھوءَ پنهنجي حسن جي ڪري مغرور آھي. پر اھا ڳالھ مون کي دل سان نٿي لڳي. ائين ته ڪي ڇوڪريون ھن کان به وڌيڪ سھڻيون موجود ھيون.

ھڪ ڏينهن ھن پاڻ ئي مون سان ڳالھايو. نهايت گنڀيرتا سان چيائين ته ”مون کي اوھان سان ڪجھ ڳالھائڻو آھي.“

”فرمايو!“

”فرمائڻ جي ڪا به ڳالھ ڪانهي. ھڪڙو عرض آھي. اوھان مھرباني ڪري مون سان ھمدردي ڪرڻ ڇڏي ڏيو،“ ھوءَ ڪجھ بيزار پئي لڳي.

”آءٌ ڇو اوھان سان ھمدردي ڪندس! باقي جيڪڏھن ٻين کي اوھان جي خلاف راءِ ڏيڻ جو حق آھي، ته انهن جي مخالفت ڪرڻ جو حق مون کي به آھي. ڇا اوھان اھو حق مون کان کسڻ ٿيون چاھيو؟“

ھوءَ چپ.

”اوھان ٻين کي ته منع نٿيون ڪريو، ھنن کي جيئن وڻي تيئن چوندا وتن، باقي اوھان مون کي اڪيلو ڏسي مون سان وڙھڻ آيون آھيو!“

ھوءَ چپ.

”اوھان آخر پاڻ کي ڳجھارت ڇو بنائي رکيو آھي؟“

ھوءَ چپ.

”اوھ محترمه! اوھان ڳالھايو ڇو نٿيون، ڪجھ ته ڳالھايو، منهنجو ته ھاڻي ساھ ٿو منجھي!“

تڏھن اوچتو ھن جي مک مان کل جو جھرڻو وھي ھليو. مون ھن کي عجب مان ڏٺو. مون ھن کي پھريون ڀيرو کلندي ڏٺو ھو. اھڙي مٺي ۽ مڌر کل، جنهن ۾ سنگيت ڀريل ھجي، مون پھريون ڀيرو ٻڌي ھئي شايد. ھن کلندي چيو، ”ڪنهن جي نه ڳالھائڻ سان به ٻين جو ساھ منجھندو آھي ڇا؟“

”اوھان ايترو سارو وقت نه ڳالھائڻ جو رڪارڊ قائم ڪري سڄي ڪلاس جو ساھ منجھائي رکيو اھي ۽ اوھان کي ان ڳالھ جو احساس ئي ڪونهي.“

”سچ! جيڪڏھن منهنجي چپ رھڻ سان ٻين کي تڪليف پھتي آھي، ته مون کي ان جو افسوس آھي.“

ھن جي پشيمانيءَ واري انداز تي مون کي کل اچي وئي.

”اوھان کي خبر آھي ته ڪلاس جو اوھان جي باري ۾ ڪھڙو رايو آھي؟“

”مون کي راءِ جي ته خبر ڪانهي، البت اھا سڌ اٿم ته سڄو ڪلاس منهنجي خلاف آھي ۽  اوھان منهنجي پاران ھنن سان وڙھندا آھيو،“ ھن سادگيءَ سان چيو.

”منهنجي ڳالھ کي ڇڏيو. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو اوھان جي باري ۾ اھو متفق رايو آھي ته اوھان مغرور آھيو.“

”ڇا اوھان به مون کي مغرور ٿا سمجھو؟“ ھن اٽلو مون کان سوال ڪيو ۽ آءٌ منجھي پيس.

”اوھان جي ھلت مان ته ائين ٿو لڳي.“ مون ھٻڪندي وراڻيو.

”جيڪڏھن اوھان به ٻين جي راءِ کي صحيح ٿا سمجھو، ته مون سان ھمدردي ظاھر ڪري، منهنجو طرف ڇو ٿا کڻو؟“

مون چيو، ”اوھان غلط سمجھيو آھي، پھرين ته آءٌ اوھان جي نه ڳالھائڻ ۽ چپ رھڻ جو سبب مغروري نٿو سمجھان. چپ چاپ رھڻ جو ڪو ڪارڻ ضرور ھوندو. پر ان جو مطلب مغروري ناھي. اوھان جي ڪنهن سان نه ڳالھائڻ جو ٻيو به ھڪ سبب سمجھيو وڃي ٿو...“ آءٌ چپ ٿي ويس.

”ڪھڙو؟“ ھن مون کي چپ ٿي ويل ڏسي پڇيو.

”ڪن جو خيال آھي ته اوھان پنهنجي حسن جي ڪري مغرور آھيو،“ ھوءَ شرمائجي وئي ۽ ڪجھ ڪڇي ڪا نه.

”پر مون کي ان ڳالھ تي به اعتبار ڪونهي.“

”توبه ! ڪھڙيون ڪھڙيون غلط ڳالھيون مشھور ٿي ويون آھن،“ ھن ڄڻ پاڻ سان ڳالھائيندي چيو.

”ٿي سگھي ٿو، ماڻھو اوھان کي غلط سمجھندا ھجن ۽ اوھان وري ٻين کي غلط ٿا سمجھو.“

”يعني؟“

”يعني اوھان منهنجي ھمدرديءَ کي غلط سمجھيو آھي.“

ھوءَ چپ رھي.

”اوھان جي چپ جو روزو وري شروع ٿي ويو آھي شايد.“ ٻنهي کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ پرڀرو بيٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسان کي حيرت سان ڏسڻ لڳا.

ان کان پوءِ ھوءَ اڃا به ٻين سان گھڻو نه ڳالھائيندي ھئي، باقي مون سان وقت ملڻ تي ڳالھائيندي رھندي ھئي. ھن پنهنجي باري ۾ مون کي ھيستائين ڪجھ به نه ٻڌايو ھو، نه وري مون ئي ھن تي زور ڀريو ھو. ڪجھ وقت کان پوءِ مون کي اھو احساس ٿيڻ لڳو ته نسرين جي شخصيت ۾ ھڪ ڪشش ھئي جنهن مون کي ڇڪي ھن جي ويجھو آندو ھو. اھا ھن جي ڪشش ئي ھئي جنهن جي ڪري ٻين به ھن جي ويجھو اچڻ ۽ ھن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ ٿي چاھيو، پر نسرين جي بي رخيءَ واري ھلت جي ڪري ڪو به ويجھو نه ٿي سگھيو ۽ ان ڪري ئي ھن جا مخالف بنجي ويا ھئا. ھو شايد مون کان به سڙڻ لڳا ھئا. مون کي اھا خبر پئجي وئي ھئي. ھنن مون کي ۽ نسرين کي غلط سمجھيو ھو. اسان ٻنهي جي وچ ۾ اھڙي ڪا به ڳالھ ڪا نه ھئي، جنهن کي غلط معنيٰ ڏني وڃي. مون پنهنجي دل کان ڪئين ڀيرا پڇيو ته ڇا سچ پچ آءٌ نسرين کي چاھيان ٿو، پر مون کي ڪو به پڪو جواب ڪو نه ٿي مليو. آءٌ منجھي ٿي پيس ته آخر مون کي ھن جي لاءِ ايڏي ڇڪ ڇو ٿي محسوس ٿئي، جيڪڏھن مون کي ھن سان پيار ڪونهي!

ھوءَ جنهن ڏينهن ڪلاس ۾ نه ايندي ھئي، ته مون کي ڏاڍي اٻاڻڪائي ۽ اڪيلائي محسوس ٿيندي ھئي. ھوءَ گھڻو ڪري غير حاضر رھندي ھئي، پوءِ جڏھن ايندي ھئي، تڏھن ڏسندو ھوس ته مون تي نظر پوڻ سان ھن جي چپن تي مرڪ ٽڙي پوندي ھئي. پر آءٌ اھو سمجھي سگھيس ٿي ته اھا مرڪ به ڪيڏي اداس ھئي. ان وقت مون کي اھو خيال ايندو ھو ته ڪٿي ھن جي اڻڄاتي دک ۽ اداسيءَ ته ڪو نه مون کي ڇڪي ھن جي ويجھو آندو آھي. منهنجي روح ۾ به ته رڃ جا پاڇا ھئا. آءٌ به ته پنهنجو پاڻ ۾ ھيڪل وياڪل ھوس. منهنجي اندر ۾ به ڪنهن گھري پيڙا جا پڙلاءَ ھئا، جيڪي جيءَ کي جھنجھوڙي رھيا ھئا. حالتن وڻ ويڙھيءَ وانگر منهنجي روح مان سمورو رس چوسي ورتو ھو. اندر ۾ ڪا به مڌرتا نه ھئي، ڪو به سنگيت مئه سر نه ھو جيڪو روح جي تارن کي ڇيڙي ان ۾ وري رس ڀري. مون نسرين ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏٺو ھو، ھوءَ ڄڻ منهنجو آئينو ھئي. مون کي نسرين کان وڌيڪ ھمدردي پنهنجو پاڻ سان ھئي، ھوءَ ته رڳو ھڪ وسيلو ھئي. مون ڪنهن سان به پيار ڪرڻ نٿي چاھيو. مون سمجھيو ھو ته مان ڪنهن سان پيار ڪري ئي نه ٿو سگھان. پيار اھي ماڻھو ڪري سگھندا آھن، جن کي پيار جي ڳڻتيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ڳڻتي ڪا نه ھوندي آھي. ھو ڄڻ پيدا ئي پيار ڪرڻ جي لاءِ ٿيندا آھن. آءٌ ان لاءِ پيدا نه ٿيو ھوس. آءٌ رڳو پنهنجي ڪمزور سري کاڌل گھر جي ٿنڀ بنجڻ جي لاءِ پيدا ٿيو ھوس. مون پنهنجن ھٿن سان پنهنجي اندر جي جذبن کي گھٽو ڏئي ماري ڇڏيو ھو. مون پاڻ سان جنگ ڪئي ھئي. نسرين کي ڏسي مون کي لڳو ته ھوءَ به پاڻ سان جنگ ڪري رھي ھئي. اسين ٻئي جڏھن گڏ ويھندا ھئاسين ته پنهنجي ليکي پنهنجي پنهنجي جنگ لڙندا ھئاسين. اسان ڪڏھن به ھڪ ٻئي کان پنهنجي بابت نه پڇيو، پر ھن جو اڪثر غير حاضر رھڻ مون کي کٽڪندو ھو. نيٺ مون ھن کان ان جو سبب پڇيو. مون سمجھيو ته ھوءَ نٽائيندي، ڪو به پڪو جواب نه ڏيندي، پر ھن سنئون سڌو جواب ڏنو.

”جڏھن منهنجو چاچو شھر ايندو آھي، ته آءٌ پڙھڻ نه ايندي آھيان.“

”ڇو؟“

”بس منهنجو چاچو نٿو چاھي ته آءٌ مٿي پڙھان.“

”پر آخر ڇو؟ تنهنجي پيءُ ھوندي تنهنجو چاچو توکي پڙھڻ کان ڇو ٿو روڪي؟“

ھن ڪو جواب نه ڏنو. ڪجھ وقت تائين پري پري نهاريندي رھي. ھن جي مک تي اداسيءَ جا ڪارا ڪڪر مڙي آيا.

”ڇا ڳالھ آھي نسرين! منهنجي ٻڌائڻ جھڙي ڳالھ ناھي ڇا؟“

ھن بيوسيءَ وچان مون کي ڏٺو.

”آءٌ پنهنجي چاچي جي پٽ سان مڱيل آھيان،“ ھن زور مس ڪري ڳالھايو. منهنجي واتان اکر به نه اڪليو. من جي مونجھ وڌڻ لڳي، ان ڪري ڳالھايم.

”تنهن جو سؤٽ پڙھيل آھي؟“

”مئٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ کان پوءِ ھن پڙھڻ ڇڏي ڏنو. ھينئر زمينداري ڪندو آھي.“

”توکي پسند آھي؟“ مون کي پنهنجو اھو سوال عجيب لڳو. ھن مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين. ڳچ دير کان پوءِ ھن پاڻ ئي ڳالھايو.

”منهنجو مڱڻو تڏھن ٿيو ھو جڏھن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ھئس.“ کن رکي ڄڻ ھوءَ پري نهاريندي ڳالھائيندي رھي، ”اسان جي خاندان ۾ پنهنجن کان ٻاھر نياڻي ڪڍڻ بدنامي ۽ عيب جي ڳالھ آھي. ان ۾ ڇوڪريءَ جي پسند يا مرضيءَ جو ڪو به دخل نه ھوندو آھي. ھو چپ چاپ بنا ڪڇڻ جي ڦاھيءَ تي چڙھي وينديون آھن.“

”تنهنجا ماءُ پيءُ تنهنجي چاچي جي مرضيءَ جي خلاف توکي ڪيئن ٿا پڙھائين؟“

”وڏين منٿن ۽ ايلازن کان پوءِ مس مس مٿي پڙھڻ جي اجازت ملي آھي. پر سو به انهيءَ شرط سان ته آءٌ ڇوڪرن سان نه ڳالھائينديس.“

تڏھن ڇا نسرين ھڪ ڏينهن ھلي ويندي ۽ وري ڪڏھن به نظر نه ايندي! منهنجي ذھن کي ڌڪ لڳو تڏھن مون محسوس ڪيو ته مون کي نسرين سان بيحد پيار آھي، پر ان پيار جي خبر مون کي تڏھن پئي ھئي جڏھن ان جي پڄاڻي به شروع ٿي چڪي ھئي. مون نسرين سان ڪڏھن به پيار جو اظھار نه ڪيو ھو. پيار جو اظھار ھروڀرو زبان سان نه ڪبو آھي. اکيون من جون آرسيون آھن، اکيون ڪا به ڳالھ نه لڪائينديون آھن. اکيون اکين سان ڳالھائينديون آھن ۽ اھو ڪجھ چئي وينديون آھن جيڪي زبان سان ڳالھائي ڪو نه سگھبو آھي. مون ھن جي آرسين اکين ۾ جھاتي پائي ڏٺو ھو.

ھن جي اکين ۾ پيار جا پاڇا ھئا. پر ان سان گڏ ھڪ گھري درد جو ڌنڌ ڇانيل ھو، ھن جي اکين ۾ مون سڀ ڪجھ ڏٺو ھو. شايد ھن به سڀ ڪجھ ڏٺو ھو منهنجي اکين ۾، اسان کي زبان سان ڪجھ به چوڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه ھئي.

امتحان ۾ ڪجھ ڏينهن دير ھئي، ته اوچتو نسرين جو ڪلاس ۾ اچڻ بند ٿي ويو. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ھن جي نه اچڻ تي مختلف رايا ڏنا، رڳو آءٌ ئي صحيح اندازو لڳائي سگھيس ٿي، ته ھن جو اچڻ ڇو بند ٿي ويو آھي. ڪلاس ۾ ھن جي ويھڻ جي خالي جاءِ ڏانهن نهاريندي ھانءُ منجھڻ ۽ وچڙڻ لڳندو ھو، آءٌ اکيون پوري ڇڏيندو ھوس. ھوءَ منهنجي اڳيان اچي بيھندي ھئي، ڄڻ درد جي پاتال مان اڀري مٿي ايندي ھئي. آءٌ ھن جي اھا صورت ڏسي سھي نه سگھندو ھوس. شايد ھن جي اھا صورت منهنجي اندر جي پيڙا جو پاڇو ھو جيڪو نسرين جو روپ وٺي، پر گھٽ ٿيندو ھو. آءٌ يڪدم اکيون کولي ڇڏيندو ھوس ۽ نظرون ھن جي خالي جاءِ سان ٽڪرائبيون ھيون، ٽڪرائجي ڄڻ زخمي ٿي واپس موٽي اينديون ھيون. ان وقت مون کي دل ڪنهن اڻ ڄاتي تڪليف ۾ دٻجندي، پيڙجندي محسوس ٿيندي ھئي. آءٌ گھٻرائجي پنهنجي حالت کان ڊڄي، اٿي ٻاھر ھليو ويندو ھوس. ڳچ ڏينهن کان پوءِ ھن جي ھڪ مختصر چٺي مون کي ملي. ھن مون سان آخري ڀيرو ملڻ ٿي چاھيو. آخري ڀيرو! مون ٽھڪ ڏيڻ چاھيو پر نڙيءَ ۾ ڪو ڳوڙھو ڦاسي پيو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com