سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:2

هو هاڻي ٽڪرين جي ويجهو اچي پهتو هو. اتي سمنڊ ۾ ڏاڍو شور هو. سطح کان وٺي تري تائين هڪ زبردست ولوڙ هئي. سڄو بنياد اٿلي رهيو هو. هو تختي کي زور سان چهٽي پيو.

’نه نه، مان هن تختي کي نه ڇڏيندس.‘

سمنڊ جون وڏيون وڏيون لهرون ٽڪرين جي چوٽيءَ تائين زور سان ٽڪرائجي گجنديون وري موٽي ٿي آيون. هن تي هيبت ڇانئجي ويئي. زوردار لهرن ۾ هن جو تختو ڪک وانگر اُڇلجڻ لڳو. اوچتو هڪ وڏي وير اٿي، ۽ هن اکيون پوري ڇڏيون.

شايد معجزو ئي ٿيو هو. هو اڃا جيئرو هو. ڳچ وقت تائين ڊپ ۾ اکيون پوري، پنهنجي جيئري هجڻ تي عجب کائي رهيو هو. ڊڄندي ڊڄندي اکيون کوليائين، ۽ اکيون کولي ڊڄي ويو. هن پاڻ کي هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي موجود ڏٺو. مٿان تيز هوا لڳي رهي هئي، ۽ هيٺ سمنڊ گجي رهيو هو.هن پنهنجي بت کي ڪوئڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊپ ڪوهيڙي وانگر هن جي من تي ڇانئجي ويو. ’بچڻ جي ڪا به واهه ڪانهي، ڇا، مان هيئن اڪيلو پنهنجي منهن مري ويندس؟ انسان جو روح ايڏي اڪيلائي ڇو ٿو محسوس ڪري‘ موت ۽ ڊپ سڀ ان اڪيلائيءَ جي پيدائش آهن.‘ هن جي اڳيان وسيع، بي انتها ۽ لا محدود سمنڊ هو- ۽ سندس اڪيلو روح. سمنڊ ۾ کيس ڄڻ پنهنجي اڪيلائيءَ جو پاڇو نظر آيو... هڪ هيبتناڪ راڪاس جهڙو. هن هڪدم ڊڄي نظرون ڦيرائي ڇڏيون. هن چوڌاري چتائي نهاريو. ٽڪريءَ جي پٺيان گهاٽو ڌنڌ هو. ڌنڌ ۾ کيس ڪجهه نظر ئي نه آيو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو، اهو ڇا ٿي سگهي ٿو! ڪو به اندازو لڳائڻ مشڪل هو. شايد ڪا بي انت اونداهي گهري کاهي هوندي، گهاٽي ڌنڌ سان ڍڪيل. ’مان سمنڊ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو چاهيان.‘ هن وري سمنڊ ڏانهن ڏٺو، جنهن جون ڇوليون ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ سان لڳي وري واپس موٽي ٿي ويون. پر بنا سهاري جي سمنڊ ۾ گهڙڻ مشڪل آهي. هن کي تختو ياد آيو، پر اهو ٽڪريءَ تي ڪونه هو. هڪ معمولي تختي جو سهارو هو، پر اهو به هاڻي ڪونه رهيو. ’اها مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته ڪو به سهارو هميشه جي لاءِ نه هوندو آهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن سهاري کي خوشيءَ سان ڇڏڻ نه چاهيندو آهي، پر اهو ڄڻ ڪٿي نه ڪٿي وڃائجي ويندو آهي. انسان آخر انسان آهي، ڪک آخر هڪ ڪک، پر ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي آهي، ٻنهي جو هڪڙي هنڌ ٽڪاءُ تمام مشڪل آهي. هڪ ازلي طوفان ٻنهي کي پنهنجن بنيادن مان اکوڙي ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي اڏائيندو رهندو آهي، ۽ نيٺ وڃي ڪنهن گهريءَ کاهيءَ ۾ اُڇلائيندو آهي.‘  هن اکيون پوري ڇڏيون. ’مون کي اها خبر پوءِ پئي ته جهاز تباهه ٿيل هو. مان ڄاڻي واڻي ٽٽل جهاز ۾ ڪونه چڙهيو هوس. طوفان جي لڳاتار ڌڪن جهاز کي ٽوڙي ڇڏيو هو. بچاءَ جو هرڪو طريقو ڪتب آندو ويو- پاڻ کي بچائڻ لاءِ، ۽ پنهنجيءَ دنيا کي بچائڻ لاءِ. جهاز به هڪڙي ننڍڙي دنيا هئي. اسين سڀ خوش هئاسين، ۽ بيپرواهه هئاسين، مگن، پنهنجن ننڍڙين ننڍڙين خوشين ۾ وندريل. جهاز جا بنياد آهستي آهستي اکڙجڻ شروع ٿيا. اسين سڀ ڳڻتيءَ ۾ پئجي وياسين. ٽٽڻ جو سلسلو تمام ڍرو هو، ۽ اهو سڀڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿيندو رهيو. پنهنجي وسان ڪير ٿو گهٽائي، پر جتي بنياد ڪمزور ٿي اکڙجڻ لڳن، اتي ڪو ڇا ٿو ڪري سگهي. اسان کي هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ جو غير شعوري طور انتظار هو. اسين سڀ دکي هئاسين، پنهنجي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ، هاڻي اها ڳالهه چٽيءَ طرح اڳيان آئي ته اسان کي نيٺ ڌار ٿيڻو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي اڪيلائيءَ جو ڊپ هو. وقت بيرحم آهي، يا حالتون ظالم آهن، ٽٽندڙ پن لاءِ اهو سوچڻ اجايو ۽ بي معنيٰ آهي. ڪرڻ وقت فقط ڪرڻ جي ڳالهه ذهن ۾ هوندي آهي. هٿ لوڏي جدا ٿيڻ ۽ اوچتو ئي اوچتو جدا ٿيڻ ۾ فرق آهي، پر ماڻهو جدا ٻنهي حالتن ۾ ٿئي ٿو. پوءِ به هن نموني ۾ جدا ٿيڻ، پنهنجي اکين اڳيان پنهنجن کي ۽ پاڻ کي ٻڏندو ڏسڻ- ان وقت ڪنهن جي به دل ۾ اها خواهش نٿي اُڀري ته هٿ لوڏي هڪٻئي کان جدا ٿيون. جهاز مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو، ۽ سڀني زندهه رهڻ ٿي چاهيو. ڪي ٻڏي ويا ۽ ڪن کي تختن جو سهارو ملي ويو. آءٌ جن حالتن ۾ هيستائين پهتو آهيان، اهو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي ته آءٌ خوشنصيب آهيان يا بدنصيب. هاڻي ته ڪو ڳوڙهو به نه رهيو آهي، جيڪو گذريل وقت کي ياد ڪري وهائجي. پر مون کي ته گذريل وقت به ياد ڪونهي. ڄڻ ته گذريل وقت جو ڪو وجود ئي ڪونه هو. وقت جي اهميت تيستائين رهندي، جيستائين آءٌ جيئرو آهيان. مرڻ کان پوءِ مون لاءِ ڪنهن به شيءِ جي اهميت نه هوندي.‘

هن هڪ عجيب بيچيني محسوس ڪئي. هن جي من ۾ آيو ته ان اڻڏٺل، ڌنڌ ۾ گم ٿيل، کاهيءَ ۾ ٽپو ڏئي. ٽڪرين سان ٽڪرائيندڙ ڇولين جو زوردار آواز ان خيال تي ڇانئجي ويو. ’مون کي اهڙيون ڳالهيون نه سوچڻ کپن. مون ۾ اڃا ساهه آهي، ۽ ساهه جي سگهه آهي. شايد مان خوفناڪ ٽڪريءَ تان سلامتيءَ سان لهي وڃان. پر سمنڊ ۾ گهڙڻ جو ڪو وسيلو ته هئڻ کپي. مان هيئن خالي، ٽٽل سگهه سان هن ويران ٽڪريءَ تي بيهي ڇا ٿو ڪري سگهان! آءٌ ڪڏهن هوس، پر هاڻي ڪجهه به نه رهيو آهيان، هاڻي به اهو مان ئي آهيان، پر اهو ساڳيو نه آهيان. ائين ڇو ٿو ٿئي؟ مان ڪجهه ٿي سگهيس ٿي. مون ته فقط ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي دعا گهري هئي- ڪيڏي نه معمولي ۽ سادي سودي دعا. ان ۾ ڪنهن کي ڪهڙو نقصان هو؟ مان ڀليل هوس، مون کي خبر ڪانه هئي ته معمولي دعائون ڪڏهن به پوريون ڪونه ٿينديون آهن. مون سان ويساهه گهاتي ٿي آهي. پر اعتراض ڪرڻ فضول آهي. هتي چونڊ  جو حق ڪنهن کي ڏنو ئي نٿو وڃي. مان گهڻو ٿو سوچيان ته نيٺ نصيب جهڙي واهيات ۽ مهمل شيءِ تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿيو پوان. سمنڊ مون کي ٽوڙي ڇڏيو. مون کي چونڊ جو ڪوبه حق نه ڏنو ويو. جيڪڏهن ڪو حق ڏنو ويو آهي ته فقط ڌنڌ ۾ گم ٿيل گهريءَ کاهيءَ ۾ ۽ بنا ڪنهن سهاري جي وسيع ترين سمنڊ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو. مان موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ وقت رهي نٿو سگهان. مون کي ڪونه ڪو فيصلو ڪرڻو ئي آهي. ايڏي ساري سفر کان پوءِ به هڪ مهمل منزل تي ئي پهچي سگهيو آهيان، جتي ٿڪ ڀڃڻ جي به اجازت ڪانهي، ۽ سڀڪجهه غير يقيني آهي، سڀ ڪجهه بڪواس آهي... فريب آهي، بڪواس آهي، بڪواس آهي.... بڪواس، بڪواس.... او! بند ڪر.... بند ڪر...... بند ڪر.... هي ذهن به بڪواس آهي- سڀ بڪواس آهي‘.......  هو رڙيون ڪرڻ لڳو. پوءِ اُبتي مٺ پوري زور سان هنيائين پنهنجي نراڙ تي.

هن وڏيءَ مشڪل سان پاڻ تي ضابطو آندو.’جيڪڏهن ٿڪل ٽٽل ذهن ضابطي مان نڪري ويو ته پوءِ خاتمو يقيني آهي. پر ههڙيءَ حالت ۾ ته ذهن کي ضابطي ۾ رکي ئي نٿو سگهجي. اهو ته پاڻمرادو سوچيندو رهي ٿو. مون کي ڪونه ڪو حيلو هلائڻ کپي.‘ پر جنهن ڳالهه هن کي ڊيڄاريو ٿي، سا هئي تيز هوا، هو ڪنهن به وقت ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ ۾ ڪري سگهيو ٿي. هن مهمل خيالن کي روڪڻ جي لاءِ هتان نڪرڻ جا طريقا سوچڻ چاهيا، پر ذهن قبضي ۾ نه هو. اهو آٽوميٽڪ مشين وانگر پئي هليو. هن کي خار آيو ته ذهن کي زور سان پٿرن تي اُڇلائي چپ ڪرائي ڇڏي... سندس ذهن ۾ تيز واچوڙو اُٿيو. هن کي لڳو- هو ويو... ويو..... هن پنهنجيءَ ٽٽل سگهه کي ميڙي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ’مان پاڻ پنهنجي ذهن کي ڇيڙي سندس تباهي آڻي رهيو آهيان.‘ هن ڪاوڙ وچان سوچيو. پوءِ هن ذهن کي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو، ۽ پاڻ لا تعلق ٿي ويهي رهيو. خيالن جون لهرون ۽ ويرون هيون، ۽ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون.

وقت گذريو پئي يا هڪ هنڌ بيٺل هو، ان ڳالهه جو هن کي سماءُ ڪونه هو. ’ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ کي پنهنجي آخري منزل سمجهان؟‘ پر اڻڏٺل لاءِ اهو فيصلو کيس نه آئڙيو. ’وڻڻ ۽ نه وڻڻ جو احساس اڃا به ٿئي ٿو!‘ هن پاڻ تي کلڻ چاهيو- ’جيڪڏهن کلڻ بند نه ٿئي ته پوءِ... جي مان هتي چريو ٿي پوان؟ هن کي اهو خيال ڏاڍو دلچسپ لڳو. وري کيس ٻيو خيال آيو، ’مان پنهنجي مرضيءَ تي کلي به نه ٿو سگهان! شايد ڪنهن به شيءِ ۾ منهنجي مرضيءَ جو دخل نه رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چونڊ ۽ فيصلو ڪرڻ،  مون کي  فقط بيجان لفظ ٿا لڳن. منهنجو اندر خالي آهي، خال وانگر، ۽ لفظ بيجان آهن. ڪٿان گرمي ملڻ جو امڪان ئي ناهي.‘

’ڇا مان ائين چپ چاپ مري وڃان؟‘ هن سوچيو.

ان وقت هن پنهنجي اندر ۾ هڪ تبديلي محسوس ڪئي. هن جي دل مايوسيءَ جو پاتال مان نڪري، مٿي سطح تي آئي.’مان  جيئڻ چاهيان ٿو. مون اڃا ڪيو ئي ڇا آهي. اڃا به موقعو آهي، شايد مان ڪجهه ٿي سگهان... گهٽ ۾ گهٽ هڪ رواجي انسان.’جيئڻ جي خواهش هن جي ٿڪل ٽٽل ذهن کي ڪجهه تازگي ڏني. هو هاڻي اڳي کان بهتر محسوس ڪرڻ لڳو. ’هڪ ٽٽل ماڻهوءَ جي لاءِ جدوجهد ڪيڏي ڪٺن آهي. پر نه، مون کي هڪ ڀيرو وري ٻيهر شروعات ڪرڻ کپي. هڪ ڀيرو وري آزمائڻ کپي. ٿي سگهي ٿو... ٿي سگهي ٿو ته‘.... ٻڏندڙ آس وري اُڀري آئي. هو هاڻي ٻيهر شروعات ڪرڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳو.

هو ٿڪل، خالي ۽ ويران نظرن سان سمنڊ کي ڏسندو رهيو، ۽ بچاءَ جا طريقا سوچيندو رهيو. اوچتو هن کي پري کان هڪ نقطو اُڀرندو نظر آيو. هو ان نقطي کي چتائي ڏسڻ لڳو. ’اهو ڇا  ٿو ٿي سگهي؟‘ نقطو ويو وڌيڪ اُڀرندو- اهو هڪ جهاز هو. هو خوشيءَ ۾ اٿي بيهي رهيو. ’مان بچي سگهان ٿو!....  مان بچي سگهان ٿو!‘.... جهاز ويجهو ايندو ويو. هو هڪدم پنهنجي قميص لاهي، زور زور سان ڦيرائڻ ۽ لوڏڻ لڳو. ’من مون تي نظر پئجي وڃين ۽ هن اوڙاهه مان بچائين.‘  جهاز اڳيان وڌي ويو. هو قميص کي جهنڊو بنائي هوا ۾ لوڏيندو رهيو، ۽ جهاز ويو پري ٿيندو. ڦنڊيل دل سسي ويئي. هن جون اکيون جهاز تي ڄميل هيون، ۽ ٻانهون مٿي قميص کي جهليو بيٺيون هيون. هن کي ياد آيو ته هو هڪ ڀيرو ڍوڙندو ڍوڙندو پليٽفارم تي آيو هو، ۽ گاڏي هن جي اڳيان ڇٽي وڃي رهي هئي. ساڪت ٻانهون ٽٽل ٽاريءَ وانگر  هيٺ اچي ڪريون. نقطو هن جي اکين اڳيان نچڻ لڳو. هاڻي ڪنهن جو به آسرو نه رهيو هو.’جيڪڏهن ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته اهو فقط مان ئي ڪري سگهان ٿو. ٻيا آسرا بيڪار آهن.‘

هن ترهي ٺاهڻ جو سوچيو، ۽ هتان هُتان ڪاٺيون ميڙڻ شروع ڪيون. ڏاڍي مشڪل سان ايتريون ڪاٺيون هٿ ڪري سگهيو، جن مان هڪ معمولي ترهو ٺاهي سگهجي. هن ڪپڙا ڦاڙي، نوڙيون ٺاهي، ترهي کي ٻڌو. ترهو مضبوط نه ٺهي سگهيو، پر هن زندهه رهڻ ٿي چاهيو. ’مان چپ چاپ مري وڃڻ نٿو چاهيان. هن معمولي ترهي جي سهاري حالتن سان ٽڪر کائيندس. زندهه رهڻ جي جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ اڃا ڪجهه همٿ آهي.‘ سوچ سان گڏ هن جا هٿ به ڪم ڪندا رهيا. هاڻي ترهو بلڪل تيار هو. هو ترهي کي ڇولين کان بچائڻ جي لاءِ سڻائي مهل جو انتظار ڪرڻ لڳو.

هو وري سمنڊ ۾ هو.

’ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي،‘ هن سوچيو، ’مان وري نئين سر شروعات ڪري رهيو آهيان، سڀڪجهه نئين سر حاصل ڪرڻ جي لاءِ. اهو مان نٿو ڄاڻان ته ڪجهه حاصل به ٿيندو يا نه. جيڪڏهن ڪو ڄاڻي، ته پوءِ ايڏي مٿاڪٽ ڇو ڪري. ممڪن آهي ته مون کي ڪجهه به حاصل نه ٿئي. ممڪن آهي ته منهنجو ترهو ٽٽي پئي. پر پوءِ به سمجهان ٿو ته آءٌ جو ڪجهه ڪري رهيو آهيان، بهتر ڪري رهيو آهيان. مان وجود جي بار کان ڀڄڻ نٿو چاهيان. جيستائين ٿي سگهيو، اهو بار کڻندس. اها به ڄڻ سزا آهي، جيڪا هر حالت ۾ ڀوڳڻي آهي.‘

آسمان کي ڄڻ  ڪنهن ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هو. هيٺ  وسيع ۽ لامحدود سمنڊ تي ترهو ڪک وانگر ترندو پئي ويو. هن کي خبر هئي ته ترهو ڪمزور هو. اهو معمولي سٽ به نٿي سگهيو. سامهون هر ڪا لهر ڏسي هو ڊڄي ٿي ويو. ان کان تختو وڌيڪ مضبوط هو. ’خبر ناهي ڇو، جيئن پوءِ تيئن سهارا ويندا آهن ٽٽندا ۽ ڪمزور ٿيندا.‘ٽڪرين جا سلسلا ختم ٿي چڪا هئا، ۽ هو پري نڪري ويو هو. ’مان سنئينءَ سڌيءَ ڌرتيءَ تي پير رکڻ ٿو چاهيان.‘ هن پنهنجيءَ خواهش کي دل ۾ ورجايو. ڪمزوريءَ ۽ هيڻائيءَ هن جي جسم کي ڳاري ٺانٺو ڪري ڇڏيو هو. هن چڱيءَ طرح ڄاتو ٿي ته هن پنهنجيءَ ٽٽل سگهه کي ميڙي اها آخري ڪوشش ڪئي هئي. ترهو لهرون تي لڙهندو ويو- ڪٿي تکو، ڪٿي ڍرو. وقت جو ڪو احساس ڪونه هو، هڪ هنڌ ساڪت هو يا نظرن کان به وڌيڪ تيزيءَ سان گذرندو پئي ويو. ڪا ڳالهه چٽي ڪانه هئي.مستقبل تي پردا چڙهيل هئا، جن کي ترهو هڪ هڪ ڪري لاهيندو پئي ويو... پر اهي پردا کٽا ئي ڪونه ٿي. مستقبل جا پردا به شايد بصر وانگر هوندا آهن. کلون وينديون هڪٻئي پٺيان لهنديون، تان جو باقي ڪجهه به نه بچندو. مستقبل جي آخري پردي کان پوءِ رڳو خال آهي، جنهن جي بي انت اوندهه ۾ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي.‘

ڏسندي ڏسندي، آسمان تي الائي ڪٿان ڪڪر گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. صاف آسمان ڪارن ڪڪرن سان گدلو ٿي ويو ۽ سمنڊ جو رنگ وڌيڪ گهرو ڪارو ٿي ويو. هن کي وايو منڊل عجيب ۽ دهشتناڪ لڳو. کيس سخت بيچئني محسوس ٿيڻ لڳي. هوا ۾  تيزي ايندي ويئي، جيڪا ويئي وڌندي. لهرون هوا جي تيز مرليءَ تي نانگڻ جيان ڪر کنيو نچنديون آيون. هو ڪنبي ويو، ۽ ترهي کي مضبوطيءَ سان چنبڙي پيو، جيڪو لهرن جا ڏنگ کائي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳو.هن جي دل ٻڏي ويئي. مرڻينگ حالت ۾ ترهي کي چنبڙيو پيو هو. لهرن ترهي کي هڪڙي هنڌان کڻي ٻئي هنڌ اڇلائي ٿي ڇڏيو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته ترهو ڪاٺي ڪاٺي ٿي رهيو هو. اهو نيٺ ٿيڻو ئي هو! پر  اهو ڄاڻندي به، هو ان لاءِ تيار نه هو. هو ڌار ٿيندڙ ڪاٺين کي مضبوطيءَ سان  چنبڙي پيو. پر ترهو مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو- ۽ ان سان گڏ هو پاڻ به.

.... ’جهاز هلندي هلندي بند ٿي ويو آهي. ڪو به آواز ڪونهي. آخر ڳالهه ڇا آهي! ماڻهو ڪيڏا نه خوش هئا، پر سندن کل، ٽهڪ، هل ۽ گوڙ بند ڇو ٿي ويا آهن. ڪو به آواز ڪونهي. ڪا به روشني ڪانهي. مون کي ڪجهه سور پيو محسوس ٿئي. هانءَ ۾ ولوڙ آهي، ڄڻ ان کي ڪو نپوڙي پيو. ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي! سڀ مون کي اڪيلو ڇڏي هليا ويا آهن. مان به وڃڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو چاهيان ته سڀ ويا ڪيڏانهن آهن. مون کي ڪا به خبر نٿي پئي. جهاز ايڏو ڇو لڏي رهيو آهي- ڄڻ ڪا تيز لڏندڙ پينگهه آهي. مان اٿڻ ٿو چاهيان، پر اٿي بيهي نٿو سگهان. منهنجا خدا! مان ڏسڻ ٿو چاهيان... هيءَ هيڏي اوندهه ڇو آهي؟‘-

”ڪو آهي؟ روشني ڪريو.. ٿوري روشني ڪريو!“

”اڃا جيئرو آهي. شايد ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.“

هن کي مکين جي ڀون ڀون ٻڌڻ ۾ آئي. هو واريءَ تي ليٽيل هو، ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه هئي ته هو وري به بچي ويو هو. هن جي چوڌاري ماڻهو بيٺا هئا، گول ٺاهيو. ماڻهو چئي رهيا هئا ته هو ڀاڳن وارو هو جو ڪناري کي ويجهو اچي پهتو هو ته طوفان شروع ٿيو. جيڪڏهن ڪناري کان پري هجي ها..... پر ڪنهن ٻڌايو ته هو سڪرات ۾ آهي. ماڻهو هن تي افسوس ڪرڻ لڳا، ۽ همدردي ظاهر ڪيائون. هو هاڻي مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو. ذهن ڦٽل گهڙيال وانگر هلي هلي بيهي ٿي ويو. هن زور ڪري اکيون کولي ڏسڻ چاهيو. آسمان جو رنگ ڪارو هو، يا آسمان پنهنجيءَ جاءِ تي هو ئي ڪونه؟ رڳي ڪاراڻ هئي، چوطرف. فيصلي ڪرڻ واري ڪا شيءِ نه رهي هئي هن جي اندر ۾. هن وري به ڏاڍي ڪوشش ڪري پنهنجي آسپاس ڏٺو. هن کي ڪاراڻ ڪجهه جهڪي نظر آئي. شايد ڪنهن روشني ڪئي هئي- هن سمجهيو. پر سندس چوطرف ڪهڙي عجيب مخلوق بيٺي هئي: هئا ته ماڻهو، پر صفا پتڪڙا پتڪڙا، جهڙا لليپٽ جا ڄامڙا. هن کي ڏاڍو عجب لڳو. رکي رکي اهي پتڪڙا ماڻهو به اکين کان غائب ٿي ٿي ويا. هن زوردار ڪوشش ڪري وري اکيون کوليون. پري پري تائين ڌنڌ هئي، جيڪا وري آسمان جي رنگ سان گڏجي ڪاري ٿي ويئي هئي. اها گهري ڪاري ڌنڌ وڌندي آئي، ۽ نظر ايندڙ پتڪڙا پتڪڙا ماڻهو ان ۾ گم ٿيندا ويا. پوءِ اها ڌنڌ تمام ويجهي اچي پهتي، ۽ هن جي کليل اکين ۾ گهڙي آئي.

رات جو رنگ

 

هو پاسا بدلائي بدلائي  بيزار ٿي پيو، پوءِ به هن اٿڻ نٿي چاهيو. واچ ۾ ٽائيم ڏٺائين، جيتوڻيڪ ٿوري دير اڳ ۾ ٽائيم ڏسي چڪو هو. اڃا تائين ڏهه به ڪو نه ٿيا هئا. هونءَ اٿڻ جو ٽائيم اٺ هو. ڏهين ڌاري آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي هئي. پر اڄ رڃ جهڙو ڏينهن هو. موڪل  جو ڏينهن وڏي مصيبت ٿي پوندو هو، ايڏو ڊگهو ڏينهن جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ سج به ان ڏينهن تي موڪل  ڪندو هو. ۽ سستيءَ وچان رڙهندو ساهيون پٽيندو ويندو هو. هن کي ڊپ هو ته اک کولڻ سان اهي ئي ڏٺل وائٺل مهانڊا نظر ايندا، اهي ئي هميشه واريون ساڳيون ساڳيون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. سندس پارٽنر وقت ڪاٽڻ لاءِ تاس ويهي کيڏندا ۽ پاڻ هنن کي راند ڪندي ويهي ڏسندو. کيس راند ڪانه اچي. وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو. پرهاڻي ته ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو هو. ڌيان سان ڪتاب پڙهي نٿي سگهيو. صفحن جا صفحا پڙهي وڃڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيندو هو ته الاجي ڇا پڙهي ويو. وري پنا اُٿلائي ٻيهر پڙهندو هو. گذريل هڪ سال کان اها حالت لڳاتار هئي- روٽين لائيف، بيزاري، مردگي؛ زندگيءَ جو، تبديليءَ جو، رنگينيءَ جو احساس مري ويل.

’لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪيترن سالن کان فريزر ۾ بند پيو آهيان ۽ ڄمي برف بنجي ويو آهيان. پر برف ته ٻاهر نڪرڻ سان رجي ويندي آهي ۽ پاڻي وهڻ لڳندو آهي. وهندڙ پاڻي مون کي وڻندو آهي. بيٺل پاڻي ڏسي من منجهندو آهي. وهندڙ پاڻيءَ وانگر ماڻهو به هلندو رهي. هڪ هنڌ ڄمي نه وڃي.‘

هن اکيون کولي ڏٺو. هن جا سمورا پارٽنر اڃا ستا پيا هئا، ڏاڍي مزي ۾. اهي حالتن مان مطمئن نه هوندي به ٺيڪ ٺاڪ هئا. هنن کي ڪچهرين ڪرڻ، اجاين ڳالهين ڪرڻ، يٽن شٽن هڻڻ مان مزو ٿي آيو. اهي سڀ نارمل قسم جا ماڻهو هئا. ’ماڻهو هجي ته نارمل هجي، نه ته ائبنارمل ماڻهوءَ جي لاءِ وري جيڪو حساس به هجي ته ان لاءِ زندگي عذاب آهي. مون ۾ بيزاري پهرين کان هئي. پنهنجي پاڻ کان بيزاري، حالتن کان بيزاري. پر هاڻي اهو احساس وڌندو وڃي وير وانگر منهنجي مٿان چڙهندو اچي. حالتن جو اڻ کٽ وهڪرو آهي. وس ۾ ڪجهه ڪونهي. رڳي بيوسي، لاچاري ۽نتيجي ۾ خار ۽ نفرت پاڻ کان، جو لڳي ته ڏوهه پنهنجو آهي. دنيا سان، حالتن سان ’ائڊجسٽ‘ نٿو ڪري سگهان. ماڻهو ٻين لاءِ ته آزار آهي ئي آهي، پاڻ لاءِ به آزار آهي.  جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ جهنم بنجي وڃي ته ان لاءِ زندگي گذارڻ ڪيڏي نه ڏکي آهي. مون کي لڳي ٿو ته آءٌ ائين ٿي ويو آهيان. مون ائين چاهيو ڪونه هو. پر چاهڻ نه چاهڻ سان فرق ڪهڙو ٿو پئي. حقيقت اها آهي ته هي سڀڪجهه جيڪي ٿيو آهي سو الائي ڪيئن آهستي آهستي يا اوچتو ٿي ويو... مون کي خبر به ڪانه پئي ته آءٌ روڳي بنجي ويو آهيان.‘

پارٽنر هڪٻئي پٺيان اُٿڻ لڳا. هن وري اکيون ٻوٽي سمهڻ جو ڍونگ ڪيو. هن جي بيزاري وئي وڌندي. ڳچ دير کان پوءِ هن جي دل چاهيو ته اٿي رڙيون ڪري. هو ڪاوڙ وچان لت سان چادر هٽائي اٿي ويٺو ۽ پوءِ دستور موجب تيار ٿيڻ لڳو.

”پارٽنرن اڄ ڪاڏي تياري ؟“ هڪڙي پڇيو

”دوست کي ٽائيم ڏنل آهي،“ هن مختصر جواب ڏنو.

”يار، ڪڏهن اسان کي به ٽائيم ڏي.آخر اسان جو به ته حق آهي.“

”اوهان سان گڏ رهان ٿو. هيڪاندا آهيون- ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه آهي.“

”ڇڏ يار، رات جو الاجي ڪيڏي مهل اچين ۽ تون اڃا صبح جو ستو ئي پيو هجين ته اسين هليا وڃون. ماڻهو ويهي ڪچهري ڪري، مزو تڏهن آهي.“

”اسين ته سائينءَ سان ڪچهريءَ ڪاڻ سڪون پيا،“ ٻئي پارٽنر چيو.

”اهي ته اوهان جا قرب آهن، ڇا ڪجي- نوڪري اهڙي آهي. بهرحال، اڄ آءٌ سويل موٽي ايندس، پوءِ ڪچهري ڪبي.“

’۽ ان ڪچهريءَ ۾ آءٌ رڳو ٻڌندڙ هوندس،‘هن من ۾ چيو. وڌيڪ اينگهه کان بچڻ لاءِ هو جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري ويو.

موڪل هئڻ ڪري بس ۾ رش گهٽ هئي. ماڻهو آرام سان بيهي پئي سگهيو. ٻئي ڪنهن ڏينهن بس ۾ بيهڻ جي جاءِ به نه ملي ها. ماڻهو ائين ڀريل هوندا آهن ڄڻ ٽرڪ ۾ واڙيل رڍون ٻڪريون. گهٽ ٻوساٽ، پگهر جي ڌپ، لتون، ڪنڊيڪٽر جي ٿيلهه ٿيلان.

صدر. ايلفي- جتي ماڻهن کان وڌيڪ موٽرون ڪارون هونديون آهن، اتي اڄ ويراني ۽ اُجاڙ هئي. رڳو هوٽلون کليل هيون، پر انهن ۾ اهو گوڙ ڪونه هو. فوٽ پاٿن تي پراڻا ڪتاب رکيل هئا. ڍير مان ڪڏهن ڪڏهن سٺو ڪتاب نڪري ايندو آهي ۽ هونءَ ڪتاب ڳوليندي وقت به ڪٽجيو وڃي. هو ڳچ دير تائين ڪتاب ڏسندو ۽ ڳوليندو رهيو. هن ڀيري ڪوبه چڱو ڪتاب نظر نه آيو.”انگريزيءَ ۾ ايترو سارو ٽرئش لٽريچر ٿو لکجي! اهو ڪهڙي قسم جا ماڻهو پڙهندا هوندا؟“ هو نيٺ ٿڪجي اٿيو.

هو بوري بازار جي ويران گهٽين ۾ ايلفي، وڪٽوريا روڊ، ريگل جي آسپاس رلندو رهيو. ’هڪڙا ماڻهو آهن جن کي وقت نٿو ملي ۽ مون لاءِ وقت گذارڻ وڏو مسئلو آهي. هي رڃ جهڙو ڏينهن آخر ڪڏهن کٽندو؟ (جيستائين رڃ جهڙي حياتي اهي.) هيڏي ساري اجهاڳ شهر ۾ منهنجو وقت نٿو ڪٽجي، جتي وقت گذارڻ لاءِ هرڪا شيءَ ميسر آهي. پر اهي شيون رستن تي هاريون ته ڪونه پيون آهن....‘

هلي هلي هن جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون هيون. هو پئراڊائيز سئنيما وٽ ريلنگ تي ٻانهون رکي بيهي رهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارون لنگهنديون رهيون. هڪ ٻن ڪارن ۾ هن کي ڄاتل سڃاتل مهانڊا نظر آيا ۽ هن منهن ڦيرائي ڇڏيو.  هن کي خيال آيو ته اهي هن بابت ڇا سوچيندا ته وائڙن ۽ رول ماڻهن وانگر نوس نوس بيٺو ڪري. ’لعنت آهي. جنهن کي جيڪي وڻي سو وڃي سوچي. آءٌ پنهنجو پاڻ کان به ڊڄان ۽ ٻين کان به ڊڄان..... وڏو نيچ آهيان، خسيس آهيان. احساس ڪمتريءَ جو مريض آهيان. مون کي پاڻ کان نفرت آهي... نفرت آهي.....‘ هن ريلنگ تي زور سان مڪون وهائي ڪڍيون، سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. هن کي سندس آفيس ۾ ٿيل ڪالهوڪو  واقعو ياد اچي ويو.

”جي؟“ ڇوڪريءَ هن کان ٽيون ڀيرو پڇيو. ”معاف ڪجو، مون کي اوهان جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي!“

”چوي ٿو ته تنهنجا ڪاغذ اڃا پڙهي نه سگهيو آهيان. هاڻي جلدي پڙهي، خط وسيلي ٻڌائيندس،“

ٻي ڇوڪريءَ ساهيڙيءَ کي سمجهائيندي چيو.

هو هروڀرو ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي رهيو هو. نگاهون ڪاغذن ۾ هيون، پر سڄو ڌيان ڇوڪرين جي سس پس طرف هو.

”ايترو آهستي ٿو ڳالهائي جو مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. تون الاجي ڪيئن ٿي سمجهينس؟“

”پهريون ڀيرو ته مان به ڪانه ٿي سمجهان.“ ٻئي وات تي هٿ رکي کلڻ لڳيون. هن جي جسم مان پگهر ڦٽي نڪتو. هن کي خيال آيو ته وڌيڪ وقت چپ رهيو ته چوتيو لڳندو.

هن ڪوشش ڪري ڏاڍيان چيو: اوهان ويجها ٿا رهو يا پري؟“ هن کي پنهنجو آواز وڌيڪ وڏو ۽ غير فطري لڳو.

”نه، منهنجو گهر ڪافي پري آهي. ڪراچيءَ ۾ سواريءَ جو وڏو مسئلو اهي. رڪشائن وارا ته اصل نواب آهن. جنهن طرف پاڻ وڃڻ چاهين ته مسافر به ان طرف وڃن....“

”اوهان جي ڪم ۾ ٿوري دير لڳندي،“ هو وچان ٻي ڳالهه ڪري ويٺو. پر ڇوڪريءَ هن جي ڳالهه سمجهي ڪانه.

”ها، اها روز جي مصيبت آهي. رڪشا وارن کي چوڻ وارو ڪوئي ڪونهي. پوليس سان ته هنن جو حساب ڪتاب هوندو آهي، ان ڪري شڪايت جو ڪو اثر نٿو ٿئي.“

”اصل ۾ سڄو نظام ئي اهڙو آهي. اسان وٽ به اوهان کي هروڀرو دير ٿي وئي آهي،“ هن مذاق پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

”جي!“

ٻي ڇوڪري کلڻ لڳي:”ٻئي هڪٻئي جي ڳالهه نٿا سمجهو.“

هو ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳو هو.

”سائين، اوهان هتي بيٺا آهيو؟“ هن ڇرڪي ڏٺو. سامهون آفيس جو ڪو ماڻهو بيٺو هو.

”اوهه! آءٌ هتي ٽئڪسيءَ جي لاءِ بيٺو آهيان،“ هن جند ڇڏائڻ چاهي.

”سائين، هتي ته ٽئڪسي ملڻ مشڪل آهي. مان اوهان کي هٿ ڪري ڏيان؟“

”نه نه، تون ڀلي هل. آءٌ پاڻهي هٿ ڪندس.“

هو کيس عجيب نظرن سان ڏسندو هليو ويو.

”ماڻهو ڪٿي به نٿا ڇڏين. منهنجي مرضي، آءٌ ڪٿي بيهان.“ هو اتان هلڻ لڳو. سامهون هوٽل تي نظر پيس. اندر هليو ويو ۽ خالي ٽيبل تي وڃي ويٺو. بيرو پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيو. چانهه آڻڻ لاءِ چئي، هن آسپاس ڏٺو. سڄي هوٽل ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪو به اڪيلو نه هو.

”تون ايترو آهستي ڇو ٿو هلين؟ ائين سنڀالي سنڀالي قدم کڻندو آهين، ڄڻ ڊڄندو هجين ته ڌرتيءَ کي تڪليف نه ٿئي،“ هڪ دوست چيو هئس. پر پوءِ هن پاڻ جڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو ته کيس دوست جي ڳالهه صحيح لڳي هئي.

’زندگي جيئڻ جي قابل ناهي يا مون ۾ جيئڻ جي صلاحيت ڪانهي. جيئڻ به هڪڙو فن آهي، جيڪو مون کي ڪڏهن نه آيو. اهڙي اڻ پوري، غلط ۽ مضحڪ خيز طريقي سان جيئڻ مان ڪهڙو فائدو. موت ته ڪڏهن به اچي سگهي ٿو، پوءِ ماڻهو ويٺو انتظار ڪري ۽ عذاب سهي!“

اڳ ڪئين ڀيرا سوچيل ڳالهه هن جي ذهن ۾ وري آئي. الاجي ڪيتري وقت کان آءٌ ان تي سوچيندو رهيو آهيان ۽ همٿ نه ساري سگهيو آهيان. پر هاڻي، هن گهڙيءَ مون کي پڪو ارادو ڪرڻ کپي. منهنجي لاءِ اهو ئي هڪڙو باعزت طريقو آهي، نه ته آءٌ پنهنجو پاڻ کان نفرت جي جهنم ۾ جلندو رهندس. مون کي اڄ ئي پنهنجو انت آڻڻ کپي، اڄ ئي.....‘  هن پڪو پهه ڪيو. هن جي اڳيان ٽيبل تي پليٽ ۾ بل رکيو هو. هن کي حيرت لڳي ته چانهه ڪيڏي مهل پي ڇڏيائين. ڪوپ خالي هو ۽ ان جي تري ۾ ٿوري بچيل چانهه هئي.

کيسي مان پئسا ڪڍندي هن سوچيو ته ڪهڙي جاءِ موزون ٿيندي. کيس سمنڊ جو خيال آيو. ’ها، سمنڊ وڌيڪ ٺيڪ آهي. سمنڊ هميشه منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. سمنڊ ڏسي مون کي ڇڪ سان گڏ هيبت محسوس ٿيندي آهي. آءٌ پاڻ کي سمنڊ جي بي انت ڪاراڻ ۾ گم ڪري ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي خبر نه پوندي. آءٌ اهو نٿو چاهيان ته ماڻهو منهنجي موت تي ڳالهائن. جيئري ته مون تي ڳالهائيندا رهن ٿا. پر آءٌ انهن کي پنهنجي موت تي ڳالهائڻ نه ڏيندس. منهنجي ڪنهن کي خبر به نه پوندي.‘

هو اٿي بيٺو ۽ ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن جي اڏي طرف هلڻ لڳو. هڪڙي بس اڏي تان رواني ٿي رهي هئي. موڪل هئڻ سبب ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن ۾ گهڻي رش هئي. هن ٻي بس جو انتظار ڪرڻ نٿي چاهيو. هلندڙ بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڍوڙيو. هن جو هٿ ڏنڊي ۾ پئجي ويو ۽ پير مٿي کڄي ويا. ٻيا به ماڻهو ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. هن جي فقط هڪڙي پير کي فوٽ بورڊ تي جاءِ ملي سگهي ۽ ٻيو پير لٽڪندو رهيو. هٿ مضبوطيءَ سان جهليل هئا.

’جيڪڏهن آءٌ رڳو اهو هٿ کولي ڇڏيان ته دير ئي ڪانه لڳندي. اتي ئي ڪم پورو ٿي ويندو، پر اهو ٺيڪ ناهي. آءٌ پنهنجي موت کي تماشو بنائڻ نٿو چاهيان. موت جي پبلسٽي  مون کي نٿي وڻي. ظاهر آهي ته بس روڪائي ويندي. ماڻهو ان کي اتفاقي حادثو سڏيندا پر ان سان گڏ مون کي لاپرواهه ۽ بس جي دروازي تي لٽڪندڙ شوباز سمجهندا. مائٽن، دوستن ۽ واقفڪارن کي منهنجي بيوقوفيءَ تي حيرت لڳندي. بس ۾ سفر ڪندڙ سڀ مون کي گاريون ڏيندا ته منهنجي ڪري هنن کي دير ٿي وئي. بس جو غريب ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڦاسندا. اهي سڀ ڳالهيون آهن، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آءٌ مران نه، بس کان ته پري وڃي ڪرندس، رڳو ٽنگون ٻانهون ڀڄن ۽ معذور ٿي پوان. هن وقت پاڻ تي بار آهيان، پوءِ ٻين تي بار ٿي پوندس.‘ خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. اڳيان بيٺل همراهه جو سڄو وزن هن تي پئجي رهيو هو ۽ سندس هٿ جي پڪڙ ڍلي ٿي رهي هئي. هن همراهه کي پنهنجي ڇاتيءَ سان ڌڪيندي چڙ وچان چيو، ”ڀائي صاحب، پاڻ سنڀال، ڪيرائين ٿو.“

همراهه هن ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو. ”مون کي به ٻيا ڌڪي رهيا آهن،“ پر پوءِ به هن پاڻ سنڀاليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com