سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:8

شاگرد اڳواڻ

هو اولڊ ڪيمپس جي بس اسٽئنڊ تي بيٺو رهيو. بسون شاگردن سان سٿجي نيو ڪيمپس وڃي رهيون هيون. هن هر ڀيري بس ۾ چڙهڻ لاءِ سوچيو ٿي- ۽ سندس پير هئا، جيڪي پنهنجي جاءِ تان چُريا ڪونه ٿي. هن وڃڻ چاهيو ٿي/ هن وڃڻ نٿي چاهيو. هن لاءِ فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو هو. هن جيل ۾ سوچيو هو ته وري يونيورسٽي نه ويندو. پر ڇٽڻ کان پوءِ هڪ زوردار خواهش اڀري هئي هن جي من ۾: هڪ ڀيرو، فقط هڪ ڀيرو يونيورسٽي وڃڻ جي، ڏسڻ جي. ڇهه سال هڪ وڏو عرصو هو. جيل ۾ ته ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄي عمر گذري وئي هئي. هن تي جيڪي به ڪيس هئا، تن ۾ هو واري واري سان سزا ڪاٽي چڪو هو. پوءِ به هن جي ڇٽڻ جا آثار نظر نٿي آيا. وقت هن جي ارادن ۽ سوچن ۾ وٿيون وجهندو، ڏار ٺاهيندو گذرندو رهيو. هن جي اندر ۾ آهستي آهستي ڪجهه ٽٽندو ڀرندو رهيو. شروع شروع ۾ ڪجهه دوست هن سان ملاقات ڪرڻ ايندا هئا ۽ هن کي ٻڌائيندا هئا ته سندس گرفتاري جي خلاف احتجاج جو سلسلو زور شور سان هلي رهيو آهي، ته هن کي ڪنهن به وساريو ناهي. پر پوءِ دوستن جو اچڻ به گهٽجي ويو. رڳو سندس پوڙهو پيءُ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺان ايندو هو ۽ ٻڌائيندو هو ته ماڻهين روئي روئي اکيون وڃائي ڇڏيون آهن.

شنوائين تي ڪو دوست اتفاق سان ملندو هو ته کيس يونيورسٽي بابت حال احوال معلوم ٿيندو هو. تحريڪ ختم ٿي چڪي هئي. ڪلاس باقاعدي هلي رهيا هئا. سندس نالو يونيورسٽيءَ  مان خارج ڪيو ويو هو.  ايتري گوڙ گهمسان کان پوءِ هاڻي بنهه ٺاپر هئي.

”۽ اسان جا مطالبا؟“ هن پڇيو.

”انهن مان هڪڙو به ڪونه مڃيو ويو.“

”ڀلا عام ماڻهن جو رد عمل؟ ڪٿان ڪا پٺڀرائي ملي؟“ هن جي دوست ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”باقي اسان ايتري جک ڪنهن جي لاءِ پئي هنئي؟“ هن چڙ مان چيو. سندس دوست ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو رهيو.

”ٻين ساٿين جو ڇا ٿيو؟“ هن وري پڇيو.

”انڊر گرائونڊ ٿي ويا آهن.“

”انڊر گرائونڊ!“هن ٽهڪ ڏنو.”ڀڄي وڃڻ لاءِ سٺو لفظ آهي.“ واپس ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اچي هو لڳاتار سوچيندو رهيو: ’قومي جدوجهد ائين هلندي ته هڪڙا ڀڄي وڃن ۽ ٻيا ڀاڙي ٿي ويهي رهن! لعنت آهي اسٽوڊنٽس پاليٽڪس تي،‘ هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ’پر جتي ملڪي سياست ۾ دم نه هجي، اتي شاگرد سياست جي ڪهڙي حالت هوندي! ڪنهن مضبوط سياسي آرگنائيزيشن کان سواءِ رڳو شاگرد سياست تي ڀاڙڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي. اهو آهي هٿ وٺي نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻو.  اهي رڳو ضايع ٿيندا رهندا. ورندو سرندو ڪجهه به ڪونه.‘

ڳچ دير کان بس نه آئي هئي. هن ڏٺو ته اتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. هو انهن ۾ ڄاتل سڃاتل مهانڊا ڳولڻ لڳو. سمورا ڇوڪرا ڇوڪريون اڻ ڏٺل هئا.

’ڇهه سال!‘ هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو.

اوچتو ڀڄ ڀڄان لڳي وئي. بس آئي هئي. هو به ميڙ سان گڏ ڌڪجندو بس ۾ وڃي چڙهيو. سموريون سيٽون والارجي ويون هيون. هو ڏنڊي ۾ هٿ وجهي بيهي رهيو. اڳي بس ۾ چڙهندو هو ۽ ڪا سيٽ خالي نه هوندي هئي ته ڇوڪرا هن کي ڏسي زوريءَ پنهنجي سيٽ ڏيندا هئا. پر اڄ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هي اهو شخص هو جنهن لاءِ نعرا لڳندا هئا، جنهن کي هرڪو شاگرد سڃاڻندو هو ۽ سندس عزت ڪندو هو. اڳي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست رڳو ڇوڪرن تائين محدود هئي، پر هي پهريون شخص هو، جنهن ڇوڪرين کي به حصي وٺڻ تي آماده ڪيو. هن جي خيال ۾ شاگرد رڳو شاگرد هئا ۽ جيستائين سنڌي ڇوڪريون سرگرم نه ٿينديون، تيستائين سياسي ۽ سماجي طور اسين اڳتي وڌي نه سگهنداسين.  هن جي همٿائڻ تي ڇوڪريون جنرل باڊي جي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو هو، نه ته اهي انهن ڳالهين کان پري رهنديون هيون.

هن کي هڪ ڳالهه ياد آئي:

هو ٻن ٽن دوستن سان گڏ فيڪلٽيءَ جي لان تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ڪجهه ڇوڪريون اتي آيون ۽ هڪ ڇوڪري جيڪا سڀني ۾ وڌيڪ بولڊ ٿي لڳي، سا هن سان مخاطب ٿي:

” مان اوهان کان هڪ سوال پڇڻ گهران ٿي.“

هو ان ڇوڪريءَ کي سڃاڻندو هو. هن جو نالو حميده هو. هن پهرئين سال ۾ داخلا ورتي هئي، پر نئين هوندي به چڱي خاصي سرگرم هئي. هوءَ پنهنجي ڪاليج يونين جي صدر رهي چڪي هئي ۽ سٺي ڊبيٽر هئي.

”جي، ضرور پڇو، پر پهرين ويهو ته سهي. اوهان بيهي ائين پڇي رهيون آهيو، ڄڻ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيون آهيو،“ هن مرڪي چيو. ڇوڪريون کلڻ لڳيون ۽ لان تي ويهي رهيون.

”هاڻ فرمايو؟“ هن چيو.

”يونيورسٽيءَ ۾ اچي اوهان ڪيترا ڇوڪرا عورتن جي آزاديءَ جا حامي بنجي ويندا آهيو. پر پنهنجي گهر ۾ پنهنجين ڀينرن کي سوگهو ڪري رکندا آهيو- اوهان اهو برداشت نه ڪندا آهيو ته اوهان جون ڀينرون به يونيورسٽيءَ ۾ اچن ۽ ڌارين ڇوڪرن سان ڳالهائين. اوهان پراين ڀينرن جي آزاديءَ جا حامي آهيو ۽ پنهنجين ڀينرن کي بند ڪيو ويٺا هوندا آهيو. اهو تضاد ڇو آهي؟“ حميده تقرير ڪري وئي.

”اهو تضاد پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي، ان کان مون کي انڪار ڪونهي. اسان جا ڇوڪرا گهڻو ڪري ٻهراڙين مان ٿا اچن جتي اڃا زرعي سماج آهي. زرعي سماج ۾ رسمن رواجن ۽ پابندين جي جڪڙ وڌيڪ هوندي آهي. اسان ۾ هڪ مضبوط مڊل ڪلاس پيدا نه ٿي سگهيو آهي جيڪو معاشري ۾ تبديلي آڻي سگهي. ان ڪري اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ قول ۽ فعل جو تضاد ڪا اهڙي عجيب ڳالهه ڪانهي.“

”جيڪڏهن اوهان جي ڪا ڀيڻ گهر ۾ بند هجي ته اوهان ڇا ڪريو؟“

”پهرين ڳالهه ته بدقمستيءَ سان منهنجي ڀيڻ ڪانهي. پر جيڪڏهن هجي ها ته ان کي ماءُ- پيءُ جي مرضيءَ تي هلڻو پئي ها، نه منهنجي مرضيءَ تي. آئون ماءُ- پيءُ  کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ها، پر آخري فيصلو وري به انهن جو ئي هجي ها.“

”جيڪو ماڻهو پنهنجو گهر نه سڌاري سگهي اهو قوم کي ڪيئن سڌاريندو؟“ حميده ڇوڪرين ڏانهن نهاري ٽوڪ ڪئي. ڇوڪريون مخصوص انداز سان کليون.

”اوهان جو مطلب آهي ته گهر وارن کي ڏنڊي سان سڌارجي!“

هن ٽوڪ جو جواب کلندي ڏنو. ڇوڪرن ٽهڪ ڏنو.

حميده اٿي بيٺي ۽ ڇوڪرين سان گڏ هلي وئي. ان کان پوءِ حميده ڪٿي منهن سامهون ايندي هئي ته شوڪجي هلي ويندي هئي. هڪ ڀيرو هن پاڻ حميده کي روڪيو.

”ڳالهه ته ٻڌو!“

”جي؟“ حميده شوڪجي چيو.

”مون کي لڳي ٿو ته اوهان جي مون تي ڪاوڙ آهي. پر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن مون کان ڪا گستاخي ٿي آهي ته ان لاءِ معافي ٿو وٺان....“

”نه نه، اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي،“ حميده هڪدم چيو.

”ٿي سگهي ٿو مون غلط سمجهيو هجي. خير، ڳالهه هيءَ آهي ته سڀاڻي مائي بختاور شهيد جو ڏينهن آهي. مناسب سمجهو ته ان موقعي تي اوهان به ڪجهه ڳالهايو.“

”پر مون کي ته مائي بختاور جي باري ۾ گهڻي خبر ڪانهي.“

”مائي بختاور هڪ هارياڻي هئي جنهن انگريزن جي دور ۾ هارين جي حقن خاطر لڙندي مرڻ قبول ڪيو. پر وڏيراشاهيءَ جي اڳيان نه جهڪي. اوهان مائي بختاور جي حوالي سان سنڌي  عورت جي سياسي سجاڳيءَ تي ڳالهائجو.“

”ٺيڪ آهي، مان ڪوشش ڪنديس.“

”نه، پڪ ڏيو.“

حميده هن ڏانهن ڏسندي گهڙي کن ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ کلي چيو، ”پڪ.“

بس ڪيمپس ۾ داخل ٿي وئي هئي. هن کي لڳو پنهنجي گم ٿيل دنيا ۾ صدين کان پوءِ موٽي آيو هو. سڀ ڪجهه ساڳيو هو/ سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو. اهي ئي جايون هيون ۽ هر بلڊنگ جي ديوار نعرن سان ٿڦيل هئي- نعرا، سکڻا نعرا.... خالي دهل وانگر وڄندڙ. نعرا پڙهندي هن جي اندر ۾ ڪاوڙ اڀرڻ لڳي. بس فيڪلٽيءَ جي اڳيان اچي بيٺي. هو ماڻهن جي پيهه ۾ پيسجندو هيٺ لٿو.

فيڪلٽيءَ جي اڳيان ۽ اندر ڇوڪرن ڇوڪرين جا ٽولا بيٺا هئا. گپ شپ، کل، ٽهڪ. هو انهن ٽولن وٽان لنگهندو اندر گهڙيو. اڄاتل.... اڻ سڃاتل.... ڪنهن کي به خيال نه آيو ته هي اهو هو. هن جي اندر ۾ ڪنهن رڙ ڪئي: آئون آهيان اهو.... اهو آئون آهيان..... آئون آهيان.... ۽ هن مرڪي پاڻ کي چيو: تون ڪجهه به نه آهين. توکي هنن مان ڪير به ڪونه سڃاڻي. هو آڊيٽوريم جي در وٽ وڃي بيٺو. هال خالي هو.  ان هال ۾ سندس آواز گونجندو هو ۽ ان جي پٺيان تاڙين ۽ نعرن جي ڌم هوندي هئي. هو آڊيٽوريم ۾ اندر گهڙي ويو ۽ هلندو هلندو پهرئين قطار وٽ اچي پهتو. ڪجهه دير انهن خالي سيٽن وٽ بيٺو رهيو ۽ پوءِ هڪ سيٽ تي وڃي ويٺو. سامهون ڊائس تي ٽي ڪرسيون رکيون هيون. وچ ۾ وڏي صدارتي ڪرسي ۽ پاسن کان ٻه ڪرسيون. هو انهن خالي ڪرسين کي تڪيندو رهيو.  ان اسٽيج تي هن آخري تقرير ڪئي هئي ۽ اعلان ڪيو هو ته تحريڪ جاري رهندي جيستائين کسيل حق واپس نه مليا آهن. ان جي ٻي رات هاسٽلن تي ڇاپو لڳو هو ۽ هو گرفتار ٿي ويو هو. هو اکيون ٻوٽي سيٽ تي اهلجي پيو. شاگرد سنگت جي عهديدارن کي قسم کڻائڻ لاءِ جلسو ڪوٺايو ويو هو. قسم کڻڻ جي رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ موسيقي جو پروگرام هو. سندس سمورا ساٿي ڪم کي جنبي ويا هئا ۽ هو انهيءَ سڄي قصي کان الڳ ٿلڳ رهيو. هن جو ڪم هو پنهنجي فيڊريشن جي اميدوارن کي چونڊن ۾ کٽائڻ. اهو ڪم پورو ٿي چڪو هو. هن جي ئي زور ڀرڻ تي حميده ڇوڪرين جي نمائندي طور چونڊن ۾ بيٺي هئي ۽ کٽي وئي هئي. هو آڊيٽوريم جي پويان لان تي ويهي سگريٽ مٿان سگريٽ دکائي پيئندو رهيو. موسيقي جو پروگرام شروع ٿي چڪو هو. سمورا ماڻهو اندر آڊيٽوريم ۾ هئا ۽ هو اڪيلو ئي اڪيلو لان تي ويٺو رهيو. هن کي لڳو ته ڪو ماڻهو اچي سندس پاسي وٽ بيٺو هو. هن ڪنڌ ڦيرايو.

”اوهين هتي ويٺا آهيو!“ حميده حيرت مان چيو هو.

”اچ ويهه“، هن چيو. هوءَ سندس اڳيان ويهي رهي.

”مان اوهان کي سڄي هال ۾ ڳوليندي رهيس..“

”ايتري رش ۾ ڪاهي پئينءَ ڇا مون کي ڳولڻ لاءِ؟“ هن کليو.

”قسم کڻڻ وقت اسين سڀ ڊائس  تي ويٺا هئاسين ۽ منهنجون اکيون اوهان کي سيٽ سيٽ تي ڳولينديون رهيون.“

۽ هن جواب ۾ اياز جو شعر جهونگاريو: ’ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو...‘

”اڄ سائينجن جي موڊ کي ڇا ٿيو آهي؟ فنڪشن ۾ ڇو نٿو هلين؟ سڀني ساٿين پڇا پئي ڪئي.....“

”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. هتي اچي ويٺس ته يڪو ويهي رهيس.“

”۽ هي ايترا سارا سگريٽ تو پيتا آهن؟ مون ايترا سگريٽ پيئندي ڪڏهن ڪونه ڏٺو تو کي. سچ ٻڌائي، ڇا ڳالهه آهي؟“

”بس. اڄ آئون پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو پيو محسوس ڪريان. آيو هوس، پر ايترو گوڙ ڏسي آڊيٽوريم جي در تان موٽي ويس. اندر وڃڻ تي دل ڪانه ٿي.“

”پر آخر ڇو؟ هي گوڙ شور ۽ هل هنگامو ڪا نئين ڳالهه ته ناهي. تون ته هريل آهين انهيءَ سڀ تي!“

”سڀ اجايو آهي، حميده. شاگرد سياست جي انتها اها اٿئي.يونين جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ٻئي ساڳئي فيڊريشن جا آهن، پر رات يونين فنڊ جي پيسن جي ورهاست تان پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪ ٻئي تي پستول ڪڍي بيهي رهيا.“

”اها ڳالهه مون به ٻڌي آهي. آهي ته افسوسناڪ، پر ڇا ڪجي! خير، پوءِ ته وري ٺهي ويا نه پاڻ ۾؟“

هو کلڻ لڳو.

”سڄو سال رڳو وڙهڻ ۽ ٺهڻ ۾ گذري ويندو...“

”تو کي اڳ ۾ خبر نه هئي ڇا ته شاگرد سياست سطحي ۽ عارضي هوندي آهي!“

هن غور سان حميده ڏانهن ڏٺو.

”اها ڳالهه تنهنجي ذهن ۾ ڪڏهن آئي ته شاگرد سياست سطحي ۽ عارضي آهي؟“

”اها ته ظاهر ڳالهه آهي. هتان نڪرڻ کان پوءِ ٻيون سڀ ڳالهيون وسري وينديون. هر ڪنهن کي پنهنجي روزگار جي ڳڻتي هوندي. هتي واريون من مستيون وسري وينديون.  پوءِ خبر پوندي ته پرئڪٽيڪل لائيف ۾ ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏيڻو آهي.“

”تون مون کان وڌيڪ پرئڪٽيڪل نڪتينءَ....“ هن کلندي چيو.

”تون سمجهين ٿو ته تو کي ڪير رڳو آئڊيلسٽ ٿي رهڻ ڏيندو؟“

”ڇو؟ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ هن حيرت مان پڇيو.

”پرئڪٽيڪل ماڻهوءَ سان گڏ تو کي به پرئڪٽيڪل ٿيڻو پوندو، سائين منهنجا.“ حميده جي کل جي جواب ۾ هو رڳو مرڪيو. هو آخري سال ۾ هو. حميده جو خيال هو ته ايم- اي ڪرڻ کان پوءِ هو سي- ايس- ايس جي لاءِ تياري ڪري. ان ڳالهه تي ٻنهي ۾ بحث ٿي پوندو هو.

”تون ذهين آهين. سي- ايس- ايس جي امتحان ۾ ٽاپ ڪندين. ڇو اجايو آئڊيلسٽ بنجي پنهنجي صلاحيتن کي ضايع ڪرڻ ٿو چاهين.“

”صلاحيتن کي ڪم آڻڻ جو فقط اهو ئي هڪڙو طريقو آهي ته ماڻهو سرڪاري مشنري جو پرزو بنجي وڃي! آئون هڪڙو معمولي پرزو بنجڻ نٿوچاهيان.“

”تون پاڳل آهين. ڌرتي ۽ ماڻهن جي خدمت ماڻهو ڪٿي به ڪري سگهي ٿو. تنهنجي ڪا حيثيت هوندي، تو وٽ پاور هوندو ته پاڻ ڪجهه وڌيڪ ئي ڪري سگهندين.“

هن ٽهڪ ڏنو هو ان ڳالهه تي.

”اهي رڳو ڳالهيون آهن، پاڻ کي ۽ ٻين کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ. اسين ڪرڻ پنهنجي لاءِ چاهيندا آهيون، ٿورو ڌرتي ۽ ماڻهن تي ڪندا آهيون. تو کي خبر آهي ته پاور ماڻهوءَ کي ڪرپٽ ڪندو آهي!“

حميده ڪاوڙجي پئي.

”ڇو؟ پاڻ کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه کپي؟ ايترو پڙهڻ کان پوءِ فقير بنجي زندگي گذارينداسين ڇا؟ پاڻ کي رهڻ لاءِ چڱو گهر نه کپي.... گاڏي نه کپي.... سڀاڻي ٻار ٿيندا ته انهن لاءِ آسائش نه کپي؟“

هن جو من منجهڻ لڳو ۽ هن هڪدم اکيون کولي چؤطرف ڏٺو. هو هال ۾ تنها تنها ويٺو هو. ۽ هن پاڻ کان پڇيو: ’ان گهر کي ٺهڻ کان اڳ ڪيرائڻ سان مون کي ڇا مليو؟ منهنجين سوچن کي، منهنجن نظرين کي ڪهڙي هٿي ملي؟ فنڪشن واري رات مون پاڻ کي ايترو اڪيلو پئي ڀانيو پر حميده جي وجود مون کي آٿت ڏني هئي ته آئون اڪيلو نه آهيان. ۽ اڄ ڪا آٿت ناهي، هانءُ کي ڏڍ ڏيڻ وارو ڪو به ڪونهي. هوءَ ڪٿي هوندي! ڪيئن هوندي!

هن چاهيو ته ڪنهن کان حميده بابت پڇي. پر ترت ئي هن ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو. ائين هر ڪنهن کان پڇندو وتڻ مناسب نه هو. هو جيل ۾ هو ته ڪنهن دوست ملاقات تي کيس ٻڌايو هو حميده ايم- اي ڪرڻ کان پوءِ يونيورسٽي ۾ ئي ليڪچرر مقرر ٿي هئي. پوءِ هن کي خبر پئي ته هوءَ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ تي انگلنڊ وئي هئي. ان کان وڌيڪ کيس ڪا خبر نه هئي. جيڪڏهن هن کي حميده جي واپس موٽي اچڻ جي خبر هجي ها ته شايد هو هتي نه اچي ها.

’پر آئون هتي آيو ڇو آهيان؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. ’آئون ته بنهه آئوٽ سائيڊر آهيان هتي. هيءَ بلڊنگ، هي آڊيٽوريم، هتي جا وڻ، هتي جا رستا.... ڪو به ته مون کي نٿو سڃاڻي. ماڻهو ته پيا ايندا ويندا آهن. ڪن جي لاءِ آئون ڌاريو آهيان، ڪي منهنجي لاءِ ڌاريا آهن. پر هتي جا وڻ، هتي جا رستا ۽ جايون؟ ۽ جيڪڏهن اتفاق سان حميده ملي وڃي ته؟ هوءَ به ماڻهن، جاين، رستن ۽ وڻن وانگر ملندي؟“

هو اٿي بيٺو ۽ هن سوچيو ته هتي اچي غلطي ڪئي هئي هن. هن وري به پاڻ کان پڇيو ته هو آيو ڇو هو؟ ڪهڙي ڳالهه هن کي هتي ڇڪي آئي هئي.

هو آڊيٽوريم مان نڪري ڊگهي ڪاريڊور ۾ آيو. ڪي ڪلاس هليا پئي. فيڪلٽيءَ جي اندرئين لان تي ڇوڪرا ڇوڪريون ويٺا هئا. اها ئي چهل پهل هئي. اهي ئي رونقون هيون. فقط وقت ساڳيو نه هو. وقت گهڻو اڳيان وڌي ويو هو ۽ پاڻ گهڻو پوئتي رهجي ويو هو. هن جا پير ڳرا ڳرا ٿي پيا. اڳتي کڄڻ مشڪل پئي لڳا- ۽ اوچتو پير پٿرائجي ويا. سامهون حميده اچي رهي هئي. حميده ڏٺو ته ڪو ماڻهو هو جيڪو پٿر جي مورت بنجي ويو هو، وچ ڪاريڊور ۾. ويجهو اچي هن جي وات مان امالڪ نڪتو: ”تون.... توهان؟“

پٿرايل چپ چريا. هو رڳو مرڪيو.

”توهان ڪڏهن آيا؟“

”هاڻي ئي آيو آهيان....“

”منهنجو مطلب اهي... ڪڏهن... توهان کي ڪڏهن ڇڏيائون؟“ حميده اٽڪندي ڳالهه پوري ڪئي.

هو کليو. ”ڏهه ٻارنهن ڏينهن ٿيا.“

”اچ.... ويهه اچي،“ حميده وچ ڪاريڊور ۾ بيهي ڳالهائڻ ٺيڪ نه سمجهيو.”هوءَ پريان  منهنجي آفيس آهي. اچ.“

هلندي هلندي هن چيو، ”شڪر آهي، ڪنهن ته سڃاتو. هتي ته سڀ اڄاتل چهرا آهن....“

حميده ڪڇي ڪانه، رڳو هن ڏانهن ڏٺائين. هن کي لڳو ڄڻ چوندي هجي: تو کي ڪهڙي توقع هئي؟

آفيس ۾ گهڙندي حميده پٽيوالي کي بوتلن آڻڻ لاءِ چيو.

ڪرسيءَ تي ويهي هوءَ ٽيبل تي رکيل ڪاغذن کي ڦلهورڻ لڳي. هن کي لڳو ته حميده ڪجهه نروس هئي ۽ لنوائي رهي هئي هن ڏانهن نهارڻ کان.

”مون ٻڌو هو ته اوهان انگلنڊ ويا هئا پڙهڻ لاءِ؟“ هن ماٺ کي ٽوڙيو.

”ها، ٽي سال کن اتي هيس،“هن جو منهن ڪاغذن ۾ هو.

”واپس ڪڏهن آيؤ؟“

”سال کن ٿي ويو آهي،“ حميده ڪنڌ مٿي کڻي جواب ڏنو ۽ وري ڪاغذن کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي- ڄڻ ڪو ضروري ڪاغذ ڳولي رهي هجي.

ڳچ دير تائين ماٺ ڇانئي رهي. هن کي لڳو ته ڇهه سال تمام وڏو عرصو هو. سؤ سالن جي برابر.

پٽيوالو بوتلون کڻي آيو. تڏهن حميده ڪنڌ مٿي کنيو. ”وٺو،“ هن بوتل ڏانهن اشارو ڪيو.

هن بوتل کنئي ۽ ان جو منهن هٿ سان صاف ڪري هڪ وڏو ڍڪ ڀريو.

”هاڻي ڇا ارادو آهي اوهان جو؟“ حميده پڇيو.

”ارادو؟ اڃا ته ڪو ارادو ڪونهي ڪنهن ڳالهه جو،“ هو زوري مرڪيو.

”منهنجو مطلب آهي ايم- اي ڪمپليٽ ڪندؤ يا؟“

”رسٽيڪيشن جا پنج سال ته گذري ويا آهن. خبر ناهي هاڻي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ملندي يا نه؟“

”ڪوشش ڪري ڏسو. رڳو امتحان ئي ته ڏيڻو آهي. اجازت ملڻ ته کپي،“ حميده ڄڻ بي ڌيانيءَ سان چيو.

هن چاهيو ته حميده کان پڇي، ’تون ڪيئن آهين؟‘

” اوهان ڪافي ڪمزور ٿي ويا آهيو- هونءَ ته جيڪي جيل ويندا آهن. ويهي کائي کائي مچي نڪرندا آهن،“حميده پهريون ڀيرو مرڪي هن ڏانهن ڏٺو هو.

جواب ۾ هو رڳو مرڪيو. حميده ڪجهه دير تائين هن ۾ ڏسندي رهي، ڄڻ جائزو وٺندي هجي، پوءِ هڪدم نظرون هٽائي ڪاغذن ۾ ڏسڻ لڳي.

هن پڇڻ چاهيو،’تون اڃا ناراض آهين مون سان؟‘پر ڇهه سال تمام وڏو عرصو هو.

حميده واچ ۾ وقت ڏٺو.

”معاف ڪجو، مون کي ڪلاس وٺڻو آهي،“ هوءَ اوچتو اٿي بيٺي. هو به اٿي بيٺو.

”اوهه! هڪڙو منٽ...“ حميده کي ڪا ڳالهه ياد آئي. هن ٽيبل جو خانو کوليو. ان مان لفافي ۾ پيل ڪارڊ ڪڍي ٽيبل تي رکي هن جو نالو لکيائين.

”سٺو ٿيو جو اوهان پاڻ ملي ويا. ايندڙ هفتي منهنجي شادي آهي، اچجو،“ حميده ڪارڊ هن ڏانهن وڌايو. هن حميده کان لفافو وٺڻ وقت رڳو لفافي ڏانهن ڏٺو. هو سمجهي نه سگهيو ته ڇو حميده ڏانهن نهارڻ کان لنوائي رهيو هو.

”اوڪي، سِي يو،“ حميده چيو ۽ تڪڙي ٻاهر هلي وئي.

هو به ٻاهر نڪري آيو- هڪ وڏو خلا پيدا ٿي پيو هو جيڪو هن جي ذهن کي، سوچن کي، هن جي وجود کي ڳڙڪائي ويو هو. هو آهستي آهستي هلندو، ڊگهو ڪاريڊور لتاڙي ٻاهر نڪتو. فيڪلٽيءَ جي اڳيان بس اسٽاپ تي اچي ڇوڪرن ڇوڪرين سان گڏ بيهي رهيو ۽ بس جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

فيصلو

هن واچ ۾ ٽائيم ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪمري ۾ ايندڙ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن اندازو لڳايو ته رات جا ٽي ٿي چڪا هئا. نيڻ ننڊ کان وانجها هئا ۽ هن جو مغز ڳرو ٿي پيو هو. هن زور ڪري اکيون بند ٿي ڪيون ته ويتر اکين ۾ سور ۽ مغز ڳرو ٿي ٿي پيو. ذهن ۾ عجيب عجيب شڪليون ٺهڻ ٿي لڳيون. هن وري يڪدم اکيون کولي ٿي ڇڏيون. چوڌاري ماٺ هئي، فقط ڇت واري پنکي جو گهوگهاٽ هو. هن بيچينيءَ مان پاسو ورايو، جيڪو هن کي ڏکندو محسوس ٿي رهيو هو. پوءِ هو سنئين ڪنڊي ليٽي پيو ۽ ڇت ڏانهن نهارڻ لڳو. هن جون اکيون تيز ڦرندڙ پنکي ۾ اٽڪي وچڙي  پيون. هن کي محسوس ٿيو ته هن جو ذهن تيز ڦرندر پنکي سان گڏ ڦري رهيو هو، تيز تيز، تمام تيز.... هو گهٻرائجي  يڪدم اٿي ويٺو. هن جي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا نڪري آيا. هو کٽ تان اٿي ڪمري جي در وٽ اچي بيٺو. سامهون کٽن تي سندس پوڙهي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ ستل هيون. ننڊ ۾ سندس ڀيڻ عذرا جي چپن تي اڻ لکي معصوم مرڪ هئي. هن ماءُ ڏي ڏٺو، جنهن جي منهن ۾ عمر کان وڌيڪ ڏکن ۽ تڪليفن جا گهنج پئجي ويا هئا. هو ڳوٺ دير تائين ماءُ جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. هن جي دل ڀرجي آئي،۽ نظرون ڦيرائي ڇڏيائين. هو ڪمري ۾ موٽي، پنهنجي کٽ تي اچي ڪِريو.

”اوه منهنجا خدا!  آءٌ ڇا ڪريان.... ڇا ڪريان!“ هن پنهنجي ذهن ۾ متل جنگ کان بيزار ٿي پنهنجو پاڻ کي چيو. ”آخر آءٌ ڪهڙو فيصلو ڪريان! نازان جي لاءِ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجو گهر ڇڏيان! ان ماءُ کي ڇڏي ڏيان، جنهن مون کي پنهنجي جيءَ جو جياپو سمجهيو آهي!  يا آءٌ پنهنجين خوشين جو گلو گهُٽي ڇڏيان! مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته آءٌ ڇا ڪريان!“ هن منهن ٻانهن ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جو ذهن سوچي سوچي، ٿڪجي ساڻو ٿي پيو هو، پر ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيو هو. هن کي ائين ٿي لڳو ته فيصلي ڪرڻ جي قوت ڄڻ ختم ٿي چڪي هئي. پر هن کي نيٺ فيصلو ڪرڻو هو، ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه تي پهچڻو هو. هو پنهنجي پيار لاءِ پنهنجي ماءُ کي ڇڏي يا پنهنجي ماءُ کي پنهنجي پيار لاءِ ڇڏي! هارون جي لاءِ، هن گهڙيءَ، اهو فيصلو موت ۽ زندگيءَ جي فيصلي کان گهٽ نه هو. پر نه، موت ڪهڙو ۽ زندگي ڪهڙي؟ ماءُ جنهن هارون کي پنهنجي زندگي ڏني هئي، پنهنجو رت ست ڏنو هو، اهڙي ماءُ، جنهن جي پيار ۾ سمنڊ جي گهرَائي هجي، ان کي هو ڪيئن ٿي ڇڏي سگهيو! ٻئي طرف نازان هئي، جيڪا هن جي ويران ۽ اڻڀي زندگيءَ ۾ گلن جي سرهاڻ کڻي آئي هئي؛ جنهن هن سان گڏ گهارڻ جو سوڳنڌ کنيو هو. هو آخر ڪنهن کي ڇڏي! هن جو ذهن چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر ڦري گهري وري هڪڙي ئي هنڌ اچي بيهي ٿي رهيو، اڳتي وڌڻ جي ڪا به واهه ڪا نه هئي. راهه ٻنهي طرفن کان بند هئي، هو ڄڻ رستي جي وچ تي منجهيل منجهيل ۽ وائڙو وائڙو بيٺو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com