سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:24

۽ ھينئر، ھن گھڙيءَ، ھوءَ آخري ڀيرو منهنجي پاسي ۾ ويٺي آھي. پر ڪٿي آھي ھوءَ، آئون ڪيئن ٿو چئي سگھان ته ھوءَ ھتي آھي. ڪجھ دير کان پوءِ ھوءَ ھتي نه ھوندي، ۽ پوءِ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو، ڄڻ ڪجھ ھو ئي ڪو نه. پر ھو به ڇا؟ ڇا ھو؟ آخر اسان جو رشتو ڪھڙو ھو پاڻ ۾، جو اڄ آخري ڀيرو ملڻ جي ڪري اسين ايڏا دکي ھئاسين. ھوءَ جيڏي مھل آئي ھئي ان وقت ھن جي مک تي ڪا مرڪ ڪا نه ھئي. اداسيءَ ۾ ٻڏل مرڪ به نه، ڄڻ مرڪ مري چڪي ھئي. پھرين مون ئي ساڻس ڳالھايو ھو.

”نسرين پڙھڻ ڇڏي ڏنئھ ڇا؟“

ھن رڳو مون ڏانهن نهاريو، ڄڻ چوندي ھجي، ”اھا ڳالھ پڇڻ جي آھي!“ ھوءَ چپ چاپ ويٺي آھي، اوچتو ڄڻ سڏڪندي چوي ٿي، ”منهنجي شادي جا ڏينهن مقرر ٿيا آھن.....“

ھن جو آواز جھيڻو ۽ سڏڪن جھڙو آھي، پوءِ به مون کي پنهنجي اڳيان ڌماڪو محسوس ٿئي ٿو. مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته ان ڳالھ جو ڪھڙو جواب ڏيان. دل ۾ اچي ٿو ته کيس مبارڪون ڏيان. پر پوءِ سمجھندي ته آءٌ مٿس ٽوڪ ڪري رھيو آھيان، ۽ ھمدردي! پر آءٌ ڪير ٿيندو  آھيان، ھن سان ھمدردي ڪرڻ وارو.

”تون امتحان به نه ڏيندينءَ؟“

”نه، منهنجو چاچو ان ڳالھ تي بابا جن سان ڪاوڙجي پيو آھي ته ھنن مون کي سندس پٽ کان وڌيڪ ڇو پڙھايو آھي. چاچو تمام وڏو زميندار آھي، اسين ھن جي ڀيٽ ۾ گھٽ حيثيت وارا آھيون، ان ڪري بابا ھن کي ناراض ڪرڻ نٿو چاھي.“

آءٌ ڪجھ نٿو ڪڇان، مون وٽ ڳالھائڻ جي لاءِ ڪجھ آھي ئي ڪو نه. ائين ناھي ته آءٌ ڳالھائڻ نٿو چاھيان، پر ڇا ڳالھائجي. مون کي ڪا به ڳالھ ڪا نه ٿي سجھي، اندر جي مونجھ کي ظاھر ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو! اڻ چيل ڳالھيون اڻ چيل ئي رھن ته چڱو. سڀ ڪجھ ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ انهن ڳالھين جي اھميت ئي ڪھڙي رھي آھي.

”ڪلاس جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منهنجي باري ۾ اڃا به ڳالھائيندا آھن؟“ ھن جي چپن تي مئل مرڪ آھي.

”تون ھنن جي لاءِ اڃا به ڳجھارت آھين،“ مون ائين ئي جواب ڏنو آھي.

”ھا، ٻين کي ڪھڙي پئي آھي جو ھڪ ڳجھارت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن.“

آءٌ ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھوءَ يڪدم منهن ڦيرائي ڇڏي ٿي ۽ اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪن کي لڪي اگھي ٿي. پوءِ لڙڪن کي پيئندي ڳالھائي ٿي.

”تون به ٻين وانگر مون کي ڳجھارت ئي سمجھين ھا. تون مون کي سمجھي ڇو پاڻ کي دکي ڪيو؟ ڇو دکي ڪيو؟“ ھوءَ چپ کي چڪ پائي اٿي بيھي ٿي.

ھوا بند آھي. منهنجو ساه ٿو منجھي. آءٌ وڻن ڏانهن ڏسان ٿو، ٽاريون لڏي لمي رھيون آھن پر پوءِ به ھوا ڪانهي، چوڌاري اڻ لکيون ديوارون آھن جن هوا کي روڪي رکيو آھي. ساه ٿو گھٽجي ..... من ڄڻ ڪنهن مٺ ۾ پيڙبو ٿو وڃي. اوھ نسرين! نسرين! ..... رڙ نڙيءَ ۾ اچي ڦٿڪڻ لڳي. آءٌ ھڪدم ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھن جي جاءِ خالي پئي آھي– لڳي ٿو ڄڻ ھوءَ ھت ڪڏھن ھئي ڪانه.

بکي سونهن

مردان کان اڳتي مالاڪنڊ ايجنسيءَ واري خطرناڪ سوڙھي پھاڙي رستي احمد علي جي نسن کي تاڻ ۾ آڻي ٿڪائي وڌو ھو. رستو ڇا ھو نانگ جو ليڪو ھو جيڪو ور وڪڙ کائيندو جبل جي اوچائي اورانگھيندو سوات جي واديءَ ڏي ٿي ويو. مالاڪنڊ ايجنسيءَ جا ھيبتناڪ اگھاڙا پھاڙ، جن تي ساوڪ جو نشان به ڪو نه ھو. ھيٺ سفيد ليڪ وانگر ڪا ندي وھندي پئي وئي. رستي تي ڪٿي ڪٿي ڪو ماڻھو نظر آيو ٿي. قبائلي ايريا جو پٺاڻ ڪلھي ۾ رائفل پاتل دشمنن ۽ دوستن جي اڻ کٽ گھيرن ۾ جيئندڙ ننگي پربت وانگر مٿي ڦريل. فطرت ماڻھوءَ کي پاڻ تي آڻيو ڇڏي. جھڙي مٽي تهڙا ماڻھو. مالاڪنڊ ۾ ھڪ اوچي پھاڙ تي برج ٺھيل ھو جيڪو انگريزن پٺاڻن تي نظر رکڻ جي لاءِ ٺھرايو ھو. انهن پھاڙن تي ماڻھن صدين کان وٺي پراين ۽ پنهنجن جو رت پئي وھايو آھي، جنهن شايد جبلن کي ڀورو، سڪل رت جو رنگ ڏيئي ڇڏيو آھي.

پوءِ اوچاين تان ھيٺ لھندي اوچتو احمد عليءَ کي ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي ته ھو ھڪدم سڌو ٿي ويٺو. اھا سوات جي وادي ھئي – سونهن ۽ ساوڪ جي وادي.

بيشمار برساتي جھرڻا ويڪري واديءَ مان پنهنجي واٽ پاڻ ٺاھيندي ھڪ نديءَ ۾ اچي ملي ٿي ويا. اھا ئي ندي ھن کي سفيد ليڪ وانگر نظر آئي ھئي. ڊرائيور ويگن کي ھڪ جھرڻي جي پاسي ۾ بيھاريو. ڪلينر ڇوڪرو دٻو کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ ھيٺ لٿو. احمد علي به ٻين ماڻھن سان گڏ ھيٺ لھي پيو. ھن ٻانهون مٿي ڪري آرس ڀڃندي ڊگھو ساه کنيو. ٿڌي ڀنل ھوا ڄڻ ھن جي ساڻي ٿيل ٿڪل جسم کي تازگي ڏئي ڇڏي. ھو برساتي جھرڻي وٽ اچي ويٺو ۽ ٻڪ ۾ پاڻي ڀري چپن تي آندائين. ٿڌي پاڻيءَ سندس اندر کي ٺاري وڌو. ھن پاڻيءَ جا چار پنج ٻڪ ڀري پيتا. پوءِ ھو سڌو ٿي بيٺو ۽ آلين مڇن کي اگھندي واديءَ تي نظر وڌائين. ميدان، ساوڪ، پاڻيءَ جا جھرڻا، کيس خيال آيو ته فطرت جي سونهن جا به ڪئين رنگ  ۽ ڪئين روپ آھن. جبلن جي اوچاين تي، مريءَ ۽ ڪاغان جي پنهنجي سونهن ھئي ۽ سوات جي ماٿريءَ جي سونهن پنهنجي ھئي. ھر ھنڌ ھڪ الڳ ڏيک ھو، ھڪ ڌار نظارو ھو. سونهن جو، خوبصورتيءَ جو ھڪڙو ماڻ ڪونهي، ساڳيو قالب ڪونهي. ڪئين روپ آھن. ھو جڏھن ويگن ۾ اچي ويٺو ته کانئس سمورو ٿڪ وسري ويو.

احمد عليءَ کي احساس ٿيو ته ھن غلطي ڪئي ھئي اڪيلو اچي. ھن چاھيو ته ڪنهن سان ڳالھائي. سوات جي سونهن جي ساراه ڪري. پر سندس پاسي وارو ھمراھ سڄي واٽ جھوٽا کائيندو ننڊ ڪندو پئي آيو. ڪو سنگتي ساٿي ساڻس گڏ ھجي ھا ته ھو ان سان ڳالھائيندو ته رھي ھا. ھڙن سھڻن نظارن کي ڏسي وات بند ڪري ويھڻ سٺو نه ھو. پر ھن اڳواٽ ڪو پروگرام نه ٺاھيو ھو. ڏھاڙي جي مصروفيتن کان بيزار ٿي، اوچتو ئي اوچتو ڄڻ مصروفيتن جون زنجيرون ٽوڙي ڀڄي آيو ھو. ھن پنهنجين مصروفيتن ۽ مسئلن کي ذھن مان ڪڍي ڇڏڻ چاھيو – ان ڪري ته ھو اتي آيو ھو، جيئن زندگيءَ جي ھڻ وٺ مان ڪجھ ڏينهن لاءِ جان ڇڏائي.

ويگن مينگورا ۾ اچي سڀني مسافرن کي لاٿو. مينگورا سوات جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. منجھند ٿي چڪي ھئي.

احمد عليءَ ته شھر ۾ ٿورو چڪر ھڻي، ڪنهن ھوٽل ۾ ماني کائي، پوءِ ٻي ويگن ۾ چڙھي رات بحرين ۾ وڃي گذري. ڪنهن دوست کيس ٻڌايو ھو ته بحرين سوات جي تمام خوبصورت جاءِ آھي. ھن ھڪ ھوٽل ۾ ماني کاڌي ۽ پوءِ ڪائونٽر واري کي بئگ جي سنڀال ڪرڻ لاءِ چئي مينگورا جي بازار ۾ گھڙي پيو. مينگورا ھن کي ھڪ عام رواجي شھر لڳو، سواءِ ھڪ بازار جي جنهن ۾ سمگلنگ ٿي آيل غير ملڪي سامان جا دوڪان ھئا. ھن موٽي اچي بئگ کنئي ۽ بس اسٽئنڊ تي اچي بحرين ويندڙ ويگن ۾ چڙھي ويٺو.

آسمان تي جھڙ ڇانيل ھو ۽ ھوا ڀنل ھئي. جھڙاليءَ  سبب واديءَ جو حسن وڌيڪ نکري موھيندڙ ٿي پيو ھو. رستو جبل جي ھنج ۾ ٺھيل ھو. رستي کان ھيٺ سوات ندي گجندي پئي وھي. ويگن جيئن اڳتي ھلي تيئن واديءَ جي خوبصورتيءَ ۾ ۽ جبل تي ساوڪ ۾ واڌارو ايندو ويو. رستي جي پاسن ۾ ناسپاتين جا وڻ ھئا جن ۾ ڪچيون ناسپاتيون ھيون. زمين جو ڪو به ٽڪرو اھڙو نه ھو جنهن تي جوئر جي پوک نه ھئي. جبل جي لاھين تي به جوئر پوکيل ھئي. گھر به جبل جي لاھين تي ٺھيل ھئا. فطرت پنهنجي سونهن مان ماڻھن کي به حصو ڏنو ھو. احمد عليءَ سوات جي سونهن جي ھاڪ ٻڌي ھئي ۽ اھا ھن کي ڪيڏي ڪيڏي مھل رستي تي نظر اچي ٿي وئي. ماڻھو ھيڻا ۽ ويچارا پئي لڳا. شايد ان ڪري جو سوات ۾ غربت گھڻي ھئي. مينهن شروع ٿي ويو ۽ ويگن آھستي ھلڻ لڳي – جھڙ، مينهن، جبل تي گھري گھاٽي ساوڪ، سوات نديءَ ۾ پاڻيءَ جو گوڙ. احمد علي چوطرف پکڙيل اڻ کٽ سونهن کي اکين ۾ پيئندو سرڪيون ڀريندو ويو ۽ ھن جي من ۾ مستي ڀرجي وئي، لونءَ لونءَ ڪانڊارجندي ويئي. پاڻ کي بيحد ھلڪو ڦلڪو ڄڻ ھوا ۾ برسات جي ڦڙين سان گڏ جبل تي اڏامندو محسوس ڪيائين. ويگن جي پوئين سيٽ تان ڪو ماڻھو انگريزيءَ ۾ جھونگارڻ لڳو. احمد علي پويان مڙي ڏٺو. ھڪڙو اڪيلو ھپي ويٺو ھو. جنهن جون اجھاميل اکيون ويگن جي دريءَ مان ٻاھر جبل جي اوچاين تي ڪنهن کي ڳولي رھيون ھيون. ھو اڪيلو ھو، شايد کانئس سندس ساٿي وڇڙي ويو ھو. سندس آواز ۾ ڏاڍو درد ھو – احمد علي ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو.

This evening in rain,

My sad heart full of pain,

I listen once again,

For the echo of your step.

ھپيءَ جي آواز سڄي وايو منڊل کي اداس بنائي ڇڏيو. جبل مٿان گوڙ ڪري ڪرندڙ آبشار، برسات ۽ ھيٺ وھندڙ ندي ڄڻ سڀ ھن اجنبي ماڻھوءَ جي دک ۾ ڀائيوار ٿي ويا ھئا. احمد عليءَ به پنهنجي من ۾ ھڪ عجيب بيچيني محسوس ڪئي. ھن نه ڪڏھن محبت ڪئي ھئي ۽ نڪو ڪير کانئس وڇڙيو ھو. پر پوءِ به ھن کي پنهنجي اڪيلائي جو شدت سان احساس ٿيو. ھن کي لڳو ڄڻ ھپيءَ کيس پنهنجي پاڻ اڳيان پڌرو ڪري وڌو ھو. ھن جي سڄي زندگي ۽ خالي ۽ کوکلي ھئي. زندگيءَ ۾ نڪو پيار جو رنگ ڀريل ھو نڪو وڇوڙي جو. ھن کي پھريون ڀيرو خبر پئي ته احساس ۽ جذبا ڇا ھوندا آھن.

ويگن بحرين اچي پھتي ھئي. بادل ھاڻي بس ڪري چڪا ھئا ۽ سامھون جبل جي اوچاين تي ڊگھن سڌن وڻن ۾ اٽڪي بيھي رھيا ھئا. شام ٿيڻ واري ھئي. بحرين جي ننڍي بازار ۾ مڪاني ماڻھن کان وڌيڪ ٻاھريان ماڻھو، مرد ۽ عورتون، ھلندا ڦرندا نظر آيا. بحرين جي سيزن جوڀن تي ھئي. بازار جي پويان پھاڙ تي گھر ٺھيل ھئا. وھندڙ پاڻيءَ جي زوردار گرج ھئي. آبشار مٿان پھاڙ کان ٿيندو وڏن وڏن پھڻن تي ڪرندو اچي نديءَ ۾ ملي ٿي ويو. آبشار جي ڪرڻ ۽ نديءَ جي وھڪري ۾ تيزيءَ جا آواز پاڻ ۾ ملي ھڪ زبردست گجگوڙ پيدا ڪري رھيا ھئا. آبشار واري نئين جيڪا رستو اڪري نديءَ ۾ اچي ٿي ملي تنهن تي پل ٺھيل ھئي. ھوٽل پل جي ٻئي طرف ھئي. احمد علي ٿوري دير پل تي ترسي آبشار کي ڏٺو ۽ پوءِ پل اڪري ھوٽل ۾ ويو. ھن ڪائونٽر تي وڃي ڪمري لاءِ ڳالھايو. سيزن ھئڻ سبب ھوٽلن ۾ رش ھئي. بيرو ھن کي ڪمرو ڏيکارڻ لاءِ وٺي ھليو.

”ھڪڙو ڪمرو ھاڻي خالي ٿيو آھي. تمام سٺي جاءِ تي آھي. ڪنڊ تي آھي. اتان اوھان کي آبشار به نظر ايندو ته ٻئي پاسي جبل به ....“ بيرو ڏاڪڻ تي چڙھندو ڳالھائيندو ھليو.

ڪمرو چڱو ھو. احمد عليءَ کي وڻيو.

”ڪيئن صاب، ڪمرو پسند آيو؟“ بيري ڪمرو ڏيکارڻ کانپوءِ احمد عليءَ ڏانهن نهاريندي چيو.

”ھا ٺيڪ آھي،“ احمد عليءَ ھڪ نظر ٻيھر ڪمري تي وڌي. ”بستري جي چادر ته بدليل آھي نه؟“

”ھا صاب، مون اڃا ھاڻي بدلائي آھي. اوھان ترسو ته آئون رجسٽر کڻي اچان.“ بيرو تڪڙو تڪڙو ھيٺ لھي ويو.

احمد عليءَ بئگ کولي ڪپڙا، ٽوال ۽ چمپل ڪڍي ٻاھر رکيا. ٽوال کڻي باٿ روم ۾ ويو ۽ جلدي جلدي وھنجي ٻاھر نڪتو. ھن چاھيو ٿي ته سج لھڻ کان اڳ ڪجھ گھمي وٺي. اکين کي نظارن مان ڍئو ئي نٿي ٿيو – بيرو رجسٽر کڻي آيو ته احمد عليءَ ان ۾ نالو ۽ پتو لکي صحيح ڪئي.

”صاب، چانهه کڻي اچان؟“ بيري پڇيو.

”نه، ھينئر ضرورت ڪانهي،“ احمد عليءَ چانهه لاءِ ترسي وقت وڃائڻ نٿي چاھيو.

ھو ھيٺ لھي ھوٽل، مان نڪري رستي تي اچي بيٺو. اھو رستو ڪالام ڏي ٿي ويو، جنهن جي لاءِ ھن ٻڌو ھو ته اھو بحرين کان به سھڻو ھنڌ آھي. ھن ٻئي ڏينهن ڪالام ڏانهن وڃڻ جو پروگرام ٺاھيو ھو. رستي جي ھن طرف جبل جي دامن ۾ سوان ندي وھي رھي ھئي. ساوڪ سان ڍڪيل جبل تمام اتانهون ھو ۽ مٿي ڊگھا ڊگھا ۽ سڌا وڻ بيٺل ھئا. جبل ۾ فطرت جي سونهن سان گڏ ھڪ عجيب قسم جي ھيبت پڻ ھئي. ھيٺ ڪٿي ڪٿي گھر نظر آيا پئي. نديءَ تي ٻئي پار جبل ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪاٺ جي مضبوط پل ٺھيل ھئي. احمد علي پل اڪري ٻئي طرف آيو ۽ نديءَ جي پاسي واري پيچري تان ھلڻ لڳو. ماڻھن جي قدمن پٿرن ۽ پھڻن تان به پيچرو ٺاھي ڇڏيو ھو. نديءَ ۾ پاڻي اڇلون کائيندو، ڌوڪيندو پئي ويو. ھلڪي ڦڙ ڦڙ شروع ٿي ويئي. احمد علي ھڪ وڏي پھڻ تي چڙھي ويٺو ۽ نديءَ جي ڪاوڙيل پاڻيءَ کي ڏسڻ لڳو. جڏھن اوندھ ٿي وئي ۽ پاڻيءَ جو رنگ گھرو ڪارو ٿي ويو ته ھو پھڻ تان اٿي واپس موٽيو. ھن نديءَ جي ڪپ تي ٺھيل ھڪ ننڍي ھوٽل ۾ چانهه پيتي. نديءَ جو آواز وڌيڪ اوچو ۽ وڌيڪ تيز ٿي ويو ھو. احمد علي اٿيو ۽ بازار ۾ اچي دوڪانن ۾ مڪاني دستڪاريءَ جا نمونا ڏسڻ لڳو. ھن کي ڪجھ سامان خريد ڪرڻ جو ارادو ھو، پر ٻئي ڏينهن وٺڻ جو سوچي واپس پنهنجي ھوٽل تي موٽي آيو. ھن بيري کي سڏي مانيءَ جو پڇيو.

”صاب، اسان وٽ ڪڙائي گوشت فس ڪلاس ٺھندو آھي، اھو کائو.“

”ٺيڪ آھي، کڻي اچ،“ احمد علي ھن کي آرڊر ڏئي پلنگ تي ليٽي پيو ۽ اکيون ٻوٽي رليڪس ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھن ذھن کي خالي رکڻ لاءِ پاڻي جي گرجدار آواز تي ڌيان ڏنو.

ڪمري ۾ کڙڪو ٿيو ته ھن اکيون کوليون، بيرو ماني کڻي آيو ھو. احمد عليءَ اٿي ماني کاڌي ۽ پوءِ بيري کي سڏي چانه آڻڻ لاءِ چيائين.

”صاب، ٻيو ڪجھ کپي؟“ بيري ٿانو کڻندي چيو.

احمد عليءَ سوالي نظرن سان بيري ڏانهن ڏٺو. ماني ۽ چانه کانپوءِ باقي ڪھڙي شئي کيس کپندي ھئي؟

”ھتي سڀ ڪجھ ملندو آھي، صاب!“ بيري معنيٰ ڀريل انداز ۾ مرڪندي چيو.

”سڀ ڪجھ ۾ ڇا ڇا آھي؟“ احمد عليءَ کي تجسس ٿيو.

”عورت، وسڪي.....“ بيرو مرڪڻ لڳو.

”وسڪي ته آئون پيئان ڪونه، باقي عورت ڪا چڱي ملندي يا جھڙي تهڙي؟“

”فس ڪلاس، صاب! پاڻ ڏسجو – پوءِ اوھان جي مرضي.“

”پيسا گھڻا؟“

”پيسا ٿورا آھن، صاب – فقط سؤ رپيا.“

احمد عليءَ ٿوري دير سوچيو.

”ھونه! ٺيڪ آھي.“

”چڱو صاب، پوءِ 10 بجي.“

احمد عليءَ ڪنڌ لوڏي ھاڪار ڪئي ۽ بيرو ٻاھر ھليو ويو.  احمد علي ڪپڙا بدلائي پلنگ تي ليٽي پيو. ھن سوچيو ته سوات جي سونهن جو اھو مزو به ماڻي ڏسي. ٿڪ ھئڻ سبب ھن کي جلدي ننڊ اچي وئي. در تي کٽ کٽ جي آواز ھن کي جاڳائي وڌو . ھن واچ تي نظر وڌي، پوڻا ٻارنهن ٿيا ھئا – ھن اٿي دروازو کوليو در تي اھو ئي بيرو بيٺو ھو ۽ سندس پويان چادر ۾ ويڙھيل سيڙھيل ھڪ عورت ھئي. بيرو عورت کي وٺي اندر آيو. ڪمري ۾ اچي عورت منهن تان پوتي ھٽائي ڇڏي. سندس اکيون ھيٺ فرش ۾ کتل ھيون. احمد عليءَ اندازو لڳايو ته ھوءَ 24  25 سالن جي ھوندي. ڪنهن وقت تمام سھڻي ھوندي، پر اڃا به ان سونهن جون ڪجھ پتيون منجھس رھيل ھيون. اکين ھيٺان ڪارا نيل ھئس، پر ڳوري رنگ تي اھي وڌيڪ ٺھيا پئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com