سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :3

 

اکيون

اکيون انسان جي جذبات، خواھشات، تعمنائن ۽ اميدن جي ترجماني ۾ انسان جي دل جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڪنھن جي دل کي پڙھڻو اٿو تھ ان جون اکيون پڙھو. ان جي اندر جو حال ھن جي اکين مان سمجھي وڃو. اکيون انسان جي چھري ۾ ٻھ اھڙيون دريون آھن، جنھن سان انسان جي اندر جھاتي پائي سگھو ٿا. جن خواھشن، خيالن ۽ جذبن جو اظھار ڪرڻ کان زبان ھٻڪي ٿي، انھن جو اظھار اکيون ڪري ڇڏينديون آھن.

اکين کي ڄاڻيندڙ ماھرن اکين جا مختلف قسم بيان ڪيا آھن ۽ اکين جي مناسبت سان انسان جي افعالن جي خبر پئي ٿي.

جھڙيءَ طرح ھر انسان جي شڪل ھڪ ٻئي کان مختلف ھوندي آھي، اھڙي طرح اکيون بھ ھڪ ٻئي کان مختلف ٿين ٿيون. ھر اک جو نمونو الڳ ٿئي ٿو، جڏھن تھ ڪجھھ اکين جا قسم ھيٺ بيان ڪريون ٿا:

1. نرگسي اکيون

2. غزالي اکيون

3. بادامي اکيون

4. ڪاريون اکيون

5. شيطاني اکيون

6. نيريون يا بلوري اکيون

7. شربتي اکيون

8. گھريون اکيون

9. ترڇيون اکيون

۽ اکين جي مختلف قسم جي مالڪ شخصيتن جي نجي ۽ گھرو ۽ معاشرتي زندگيءَ جو تجزيو، اکين جي ماھرن ڪجھھ ھيئن ڪيو آھي، تھ اکين کي پڙھڻ احسانن، خيالن، جذبن، محسوسات، خواھشات ۽ دل ۾ لڪل ھر ڳالھھ جو چڱيءَ طرح اندازو ٿي سگھي ٿو، سڀ کان پھريون اسان بلوري اکين جو ذڪر ڪريون ٿا، تھ انھن اکين جا مالڪ ڪھڙي ڪھڙين عادتن وارا ٿي سگھن ٿا.

 

نيريون يا بلوري اکيون

بلوري اکين واريون شخصيتون مستقل مزاج نھ ھونديون آھن.

اھڙي شخصت رکندڙ ڪنھن مسئلي تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي عادت تمام گھٽ ھوندي آھي.

بلوري اکين واريون عورتون ڪنھن اڻڄاتل خوف کان ڊنل ھونديون آھن، پر ان جو اظھار ھرگز ناھن ڪنديون.

بلوري اکين وارين عورتن کي ھر وقت ڪنھن نقصان پھچڻ جو انديشو ھوندو آھي.

بلوري اکين واري شخصيت جلد باز ھوندي آھي ۽ گھڻا دفعا پنھنجي انھيءَ عادت جي ڪري نھ ٿيڻ جوڳو نقصان بھ ڪري وجھنديون آھن.

بلوري اکين وارا مرد انتھائي خوش مزاج ھوندا آھن اھڙا ماڻھو معاشرتي حوالي سان منفرد ھوندا آھن.

شوقين مزاجي اھڙي ماڻھن جي طبيعت جو بنيادي عنصر ھوندي آھي. ھي ماڻھو پنھنجي زندگيءَ کي ڪنھن خاص مقصد لاءِ وقف ڪين ڪندا آھن، پر ھر شعبي ۾ تجربو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

 

غزالي اکيون

اکين جي قسمن ۾ سڀ کان خوبصورت غزالي اکيون آھن.

غزالي اکيون ھرڻ جي اکين سان مشابھت رکن ٿيون. پر حقيقت ھيءَ آھي تھ غزالي اکين وارا ماڻھو بيحد محتاط ھوندا آھن. ڇو تھ ھرڻ ھر لحاظ کان خوبصورتي جي علامت سمجھيو وڃي ٿو، ان ڪري غزالي اکيون بھ خوبصورتيءَ جي علامت سمجھيون وڃن ٿيون. اھڙي شخصيتن جي زندگي رومانس سان ڀريل ھوندي آھي.

غزالي اکين وارين عورتن جي ڪمزوري اھا ھوندي آھي، تھ اھي پرڪشش نظر اچن ۽ انھن جي باري ۾ ھر عورت جي راءِ بھتر ۽ ساراھھ جوڳي ھجي.

اھي انتھائي جذباتي ٿين ٿيون. رومانوي مزاج رکن ٿيون. غزالي اکين وارا مرد ڪمزور ھوندا آھن. ھنن جي طبيعت ۾ رنگين مزاجي تمام ئي گھڻي ڀريل ھوندي آھي.


 

بادامي اکيون

غزالي اکين کي پھرين درجي جون خوبصورت اکيون چيو ويندو آھي ۽ بادامي اکين کي ٻئي درجي تي خوبصورت ڳڻيو وڃي ٿو.

بادامي اکين وارين شخصيتن جي دل صاف ٿئي ٿي، پر ھنن ۾ پنھنجي نمائش جو عنصر حد کان وڌيڪ موجود ھجي ٿو. اھي عاشقانھ طبيعت جا مالڪ ھوندا آھن، پر ان جو اظھار ناھن ڪري سگھندا. معاشرتي زندگي ۾ مقبول ھوندا آھن.

اھي ھوند پنھنجي نمائش ظاھر نھ ڪن، پر ھن جي اھائي خواھش ھوندي آھي، تھ ھر ڪو ھنن جي شخصيت جي تعريف ڪري ۽ اھڙا ماڻھو پنھنجن خواھشن کي پوري ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ محفلن ۾ ھجڻ پسند ڪندا آھن. پنھنجي شخصيت کي نظر انداز ٿيندي ڏسي، سندن دل ۾ خاص قسم جو خوف پيدا ٿئي ٿو ۽ ھي احساس ڪمتري جو شڪار ٿي پون ٿا.

اھڙيون شخصيتون قابل قدر ۽ ذھين ھونديون آھن. بادامي اکين واريون عورتون پنھنجي شادي شده زندگيءَ ۾ ڪامياب ثابت ٿين ٿيون.

 

شيطاني اکيون

اکيون رب پاڪ طرفان ڏنل وڏو انعام آھي. اسان مسلمانن ۾ ھر قسم جي اک رب جي ڏنل انمول تحفو آھي ۽ ان کي شيطاني يا خراب ڪوٺڻ رب جي عنايت جي ناشڪري ڪرڻ آھي. پر ھندن ۾ ’شيطاني اکين‘ جو تصور آھي ۽ ان غلط تصور ھيٺ سوين معصوم جانيون ضايع ڪيون ويون آھن، انڊيا جي جارکنڊ ۾ ”گرو“ نالي ھڪ ڇوڪري جو ڀاءُ ۽ ان بعد سندس پيءُ مري ويا، بعد ۾ ڪنھن بيماريءَ ۽ ٻئي سبب جي. ”گروءَ“ انھن جي موت جو سبب پنھنجيءَ ڀاڄائيءَ کي سمجھيو، اتان جي مقامي ڪٽرپڻو رکندڙ چھرا شناسن جو چوڻ ھو تھ ”گروءَ“ جي ڀاءُ ۽ پيءُ جي قاتل بھ اِھا آھي، ”گرو“ ان جاھليت واري ڳالھھ کي يقين سمجھي پنھنجي ڀاڄائيءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. ھڪ بليڊ وسيلي سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي، سسي ھٿ ۾ کڻي ٿاڻي تي ويو ۽ ڳچ عرصي کان قيد ۾ آھي، نفسيات جي ماھرن گھر جو معائنو ڪرڻ بعد کيس ’سائڪاٽڪ ڪلر‘ ٻڌايو.

 

نرگسي اکيون

نرگسي اکين وارا رومانوي مزاج رکندڙ ھوندا آھن. محبت ۾ انتھائي جذباتي ٿيندا آھن. نرگسي اکين واري شخصيتن کي ڏسي ائين لڳندو آھي تھ ھاڻي ھاڻي گھريءَ ننڊ مان اٿيو آھي. اھڙا ماڻھو صبر وارا ٿين ٿا، مگر انھن جي طبيعت شاعراڻي ھوندي آھي. ھي ظاھري طور ڪامياب شخصيت طور نٿا سڃاتا وڃن، پر انفرادي ۽ ذھني اعتبار کان ھو قابل قدر ٿين ٿا.

ھمدرديءَ جو جذبو ھنن ۾ ڪافي حد ھوندو آھي، ھي ڪنھن ٻئي جي مفاد جي خاطر پنھنجي نقصان جي بھ پرواھھ نھ ٿا ڪن.

پنھنجي گھرو زندگيءَ ۾ اھڙيون شخصيتون تعريف لائق ھونديون آھن، ڇو تھ ھي پنھنجي ساٿيءَ سان ھميشه مخلصانھ رويو رکن ٿيون، تنھنڪري ھنن جي نجي زندگي ڪنھن بھ وڏي انتشار جو شڪار نھ ٿي ٿئي.

سوچڻ ۽ خيالي دنيا ۾ رھڻ، اھڙين شخصيتن جي قدرتي عادت آھي.

 

ترڇيون اکيون

ترڇين اکين واريون شخصيتون دنيا ۾ نھايت ئي گھٽ ھونديون آھن. اھڙيون شخصيتون پھريون تھ پنھنجي عملي زندگيءَ ۾ ناڪام ھونديون آھن، ڪاميابيءَ مان مراد حد درجي جي ڪاميابي آھي.

ھنن ۾ جذبن جي ڪمي ٿئي ٿي، ڪم ۾ مشغول رھڻ ھنن جو شوق ٿئي ٿو، پر ڪنھن ٻئي جي جذبن جو ڏاڍو قدر ڪن ٿا.

اھڙن ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار وچولي درجي جو ٿئي ٿو.

ھنن ۾ مذھبي جذبو ٻين جي نسبت وڌيڪ ٿئي ٿو. ھي ڪنھن ڪم کان اڳ ان جي اثرن جو جائزو ضرور وٺندا آھن، پنھنجي نجي زندگيءَ ۾ ايترا ڪامياب ناھن ٿيندا، ڇو تھ سندن دل ۾ شڪ جو عنصر موجود رھي ٿو.

ترڇين اکين واريون عورتون پاڻ کي نمايان ناھن ڪنديون. ۽ ان ڪري پنھنجن ڪيترن ئي صلاحيتن کي صحيح طرح ڪم آڻي نھ ٿيون سگھن.

ترڇين اکين وارا مرد پنھنجي معاشرتي زندگيءَ ۾ پنھنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جا خواھشمند ٿيندا آھن. اھڙا ماڻھو بين الاقوامي امن جا خواھشمند ھوندا آھن.

 

شربتي اکيون

شربتي اکين واري عورت جي اھا خصوصيت ھوندي آھي تھ اھي توھان جي چيلھھ جي ھڏيءَ ۾ برفيلي ڏڪڻي پيدا ڪري سگھن ٿيون. ھي ڪاري جادو جو ھڪ قسم آھي، جو اھڙين اکين ڏانھن مخصوص آھي. شربتي اکين واري عورت ڏاڍيءَ ڪشش واري ٿئي ٿي. ھوءَ صحيح معنيٰ ۾ جادوگرياڻي ٿئي ٿي. اگر توھان جي نظر سندس نظر سان ملي وڃي تھ سمجھي ڇڏيو تھ توھان ھن جي نظرن جي جادوءَ کان نھ ٿا بچي سگھو.

شربتي اکين وارن ماڻھن جون خاميون ۽ خوبيون ھنن جي چھري مان صاف ظاھر ٿين ٿيون.

اھڙا ماڻھو حد کان وڌيڪ ڪنجوس ھوندا آھن.

 

ڀوريون اکيون

ننڍيون ۽ ڀوريون اکيون رکندڙ شخصيتن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تھ ھي تمام چالاڪ، شاطر ۽ ذھين واقع ٿيندا آھن.

ايشيا ۾ ماڻھن جون ڀوريون ۽ نيريون اکيون گھٽ ملن ٿيون. نيرين اکين کي بلوري اکيون بھ چون ٿا. ڊپلوميسي ۽ ذھانت سان ٻين جي دل کٽڻ واريون اکيون آھن، محبت جي تلاش ۾ تنھائي محسوس ڪن ٿيون.

اھڙيون اکيون رکڻ وارن ماڻھن جو مزاج مضبوط ۽ پائيدار ٿئي ٿو.

اھڙين اکين وارا ماڻھو ذھين، خوش مزاج، ھر ڳالھھ کي دليل سان بيان ڪرڻ وارا ھوندا آھن.

ڀورين اکين وارين عورتن کي اگر مڙس جي وفاداريءَ تي شڪ ٿي وڃي، تھ ھي پنھنجي گھرو زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏن ٿيون.

 

ڪاريون اکيون

ڪارين اکين جا ٻھ قسم ٿين ٿا. ھڪڙيون ڪاريون ننڍيون اکيون ۽ ٻيون ڪاريون وڏيون اکيون.

ان ڪري اھڙن ماڻھن جي طبيعت بھ مختلف ٿئي ٿي، ڪارين ۽ ننڍين اکين وارا شخص ادبي مزاج رکندڙ ھوندا آھن، انھن ۾ درس ۽ تدريس جو عنصر موجود ھوندو آھي. اھڙين اکين کي ڳڻتيءَ واريون اکيون چيو وڃي ٿو.

ان کان سواءِ ڪاريون وڏيون اکيون رکندڙ ماڻھو ضدي طبيعت رکندڙ ھوندا آھن.

انھن ۾ انتھا پسنديءَ جو جذبو ڪافي حد تائين موجود ھوندو آھي. ڪارين ۽ وڏين اکين واريون عورتون پنھنجو جيون ساٿي ڳولھڻ جي پاڻ ڪوشش ڪنديون آھن. ھونءَ طبيعت جي لحاظ کان شاعراڻيءَ طبيعت جون مالڪ ٿين ٿيون.

اھڙا مرد جن جون اکيون ڪاريون ۽ وڏيون ٿين ٿيون، اھي محب وطن، قابل ۽ ذھين ھوندا آھن. ھو پنھنجي گھرو زندگيءَ ۾ ايترا ڪامياب ناھن ھوندا، جيترو پنھنجي معاشرتي زندگيءَ ۾ ڪامياب ھوندا آھن. ھنن ۾ اعتبار ڪرڻ جي صلاحيت ھوندي آھي، پر ھي ماڻھو جنھن تي يقين ڪندا آھن، کين انھن کان نقصان پھچي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org