سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :8

 

مٿو

چھرا شناسن رامپولڊي ۽ ويگ ليري جي تجزيي مطابق مٿي جو نمونو انسان جي شخصيت ۽ ڪردار جي گھڻين ڳالھين جي نشاندي ڪري ٿو، جنھن جو تفصيل ھيٺ ڏئي رھيا آھيون.

 

ويڪرو مٿو

1.           سرداريءَ ۽ اميريءَ جي علامت آھي.

2.          اھڙي مٿي وارن ماڻھن کي پنھنجي جذبات تي قابو ھوندو آھي.

3.          تمام گھڻا ذھين ٿيندا آھن.

4.          رسم رواج جا پابند ھوندا آھن.

5.          پنھنجي عادت ۽ ڪم ۾ خاص سليقو اختيار ڪندڙ ھوندا آھن.

6.          ھنن ۾ صبر ۽ تحمل جو مادو گھڻو ھوندو آھي.

7.          ھر ڪم ۾ دلي لڳاءَ جو مظاھرو ڪندا آھن.

8.          اھڙا ماڻھو ڪڏھن اوچتو اٻھرا ٿي ويندا آھن.

 

سوڙھو نرڙ

1.           ڪاروباري ۽ ازدواجي معاملي ۾ ڪاميابي جو دليل آھي.

2.          ھن نرڙ وارا ماڻھو تنھائي پسند ۽ ڪنڊ ۾ ڪنڊائتا رھندڙ ھوندا آھن.

3.          اھڙي مٿي وارا ماڻھو ھمدرد ۽ سخي ھوندا آھن.

4.          رنگين مزاج ھوندو آھن.

5.          ھنن ۾ نھ چالاڪي ھوندي آھي ۽ نھ وري ڳالھھ جي اظھار جي سگھھ ھوندي اٿن.

6.          اھڙي نرڙ وارا ماڻھن ۾ خيالن جي سگھھ ڀريل ھوندي آھي.

7.          فضيلت ۽ علم سان مالامال ھوندا آھن.

8.          عملي مسئلن سان گھري دلچسپيءَ جو اظھار ڪندا آھن.

9.          اھڙا ماڻھو خوابن جي دنيا ۾ رھندڙ ھوندا آھن.

10.        گھڻو غرور ھوندو اٿن.

11.        روحانيت سان گھرو تعلق ھوندو اٿن.

12.        دانائيءَ جا چاھڪ ھوندا آھن.

13.        ھن قسم جا ماڻھو من پسند ۽ ڪامياب گھرو زندگيءَ جي علامت سمجھيا وڃن ٿا.

 

14.                 زندگي جي آخري حصي ۾ ڪو حادثو يا ڪو الميو پيش ايندو اٿن.

15.        ڪامياب گھرو زندگي بسر ڪندا آھن.

16.       ملازمت کان سواءِ جيڪر ڪو ڪاربارو شروع ڪن ٿا تھ اھو ھنن لاءِ ڏاڍو مفيد ثابت ٿيندو آھي.

 

نرڙ جون لڪيرون

ماھر چھرا شناسن نرڙ کي ستن حصن ۾ ورھايو آھي، جنھن جا تفصيل ھيٺ ڏجن ٿا.

1.           ھن حصي جو تعلق سياره زحل سان آھي.

2.          ھن حصي جو تعلق سياره عطارد سان آھي.

3.          ھن حصي جو تعلق سياره مريخ سان آھي.

4.          ھن حصي جو تعلق سياره شمس سان آھي.

5.          ھن حصي جو تعلق سياره زھره سان آھي.

6.          ھن حصي جو تعلق سياره مرڪري سان آھي.

7.          ھن حصي جو تعلق چنڊ سان آھي.

 

مون/ شمس سيارن جون علامتون ۽ رمزون تشريح ھيٺ ڏجي ٿي:

شمس

۽

قمر

 تخليق، تصورات، رومان ۽ فطري تبديليءَ جي علامت.

زھره

محبت، شدت، جذبات ۽ بدڪاريءَ جي علامت.

مشتري

جذباتي ۽ خواھشن جي علامت.

زحل

خاموشيءَ، اداسيءَ، سنجيدگيءَ جي نشاني.

عطارد

واپار، سائنس ۽ ھنر جي علامت

 

پيشانيءَ/ نرڙ جون لڪيرون

جيڪڏھن لڪيرون گھڻي فاصلي تي ھجن تھ اھا وڏي خوش بختيءَ ۽ خوش قسمتيءَ جي نشاني آھي.

اھڙيون لڪيرون رکڻ وارا ماڻھو خوش نصيب ھوندا آھن.

ھنن جي سڄي زندگي آرام ۽ سڪون سان گذرندي آھي. ليڪن زندگيءَ جي ابتدائي حصي ۾ ھنن کي ڪجھھ محنت ڪرڻي پوندي آھي.

 

نرڙ جون مٿيون لڪيرون

1.           ھي لڪيرون پيشاني يا نرڙ جي مٿئين حصي ۾ شرافت جو دليل آھن.

2.          جيڪڏھن وچ ۾ آھن تھ خوش بختيءَ ۽ نيڪ ناميءَ جو دليل آھن.

3.          جيڪڏھن ھي لڪيرون ڪنھن ماڻھوءَ جي ڀرن جي ويجھو ھجن، اھڙا ماڻھو ڏک ۽ تڪليفون ڏيڻ وارو مزاج رکندڙ ھوندا آھن.

 

پيشاني/ نرڙ جون سڌيون لڪيرون

1.           جيڪڏھن ڪنھن کي پيشانيءَ يا نرڙ تي ٽي لڪيرون آھن تھ اھي وفاداريءَ ۽ لڳاءَ کي ظاھر ڪن ٿيون.

2.          جيڪر ڪنھن کي پيشانيءَ تي چار لڪيرون آھن، تھ اھي انسان جفاڪش ٿيندا آھن ۽ اھڙا ماڻھو ھڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي ڪم ڪري سگھن ٿا.

3.          جيڪر ڪنھن کي پيشانيءَ تي ٻھ لڪيرون آھن، تھ اھڙا ماڻھو فيصلي جي سگھھ کان محروم ھوندا. مستقل مزاج نھ ھوندا آھن.

4.          اھي انسان زندگيءَ جي معيار مطابق ھلن ٿا ۽ عام زندگيءَ ۾ ٻين سان بدڪلاميءَ سان پيش اچن ٿا.

انھن لڪيرن کان سواءِ مٿي تي ڪجھھ ٻيون لڪيرون بھ ملن ٿيون، جن جو تفصيل پڻ ھن بعد ڏجي ٿو:

 

ورل لڪيرون

1.           اگر نرڙ تي اھي لڪيرون شمس ۽ زحل جي حصي ۾ ھجن تھ اھڙو ماڻھو ڏوھاري ذھنيت رکندڙ ھوندو.

2.          نرڙ تي ھن قسم جون لڪيرون وڏي نڀاڳ جي علامت آھن.

3.          اھي ماڻھو کوجنا ڪندڙ ۽ جاکوڙي ھوندا آھن.

 

فوس لڪيرون

1.           نرڙ تي ھن قسم جون لڪيرون انتھائي منحوس نشان سمجھيون وڃن ٿيون.

2.          ھي لڪيرون بد شگونيءَ جي علامت آھن.

3.          ھي نشان اڪثر خودڪشي ڪرڻ وارن جي پيشاني تي ھوندو آھي.

 

 

مربع لڪيرون

پيشانيءَ يا نرڙ تي ھن قسم جي ترتيب واريون لڪيرون وڏي ڀاڳ ۽ برڪت واري علامت سمجھيون وڃن ٿيون.

 

ڪرونجي

ھيءَ ڏکائي ۽ زماني جي گردش کي ظاھر ڪري ٿي.

 

شاخچي

وڏي ڀاڳ واري علامت آھي.

شديد ڏکاين جي نشاندھي ڪري ٿي.

 

شڪستھ لڪيرون

 

مثلث

 

1.           پيشانيءَ يا نرڙ تي اھڙيءَ انداز واريون لڪيرون ٽيڪنيڪي صلاحيتن کي ظاھر ڪن ٿيون. اھڙا ماڻھو ٽيڪنيڪل ذھن رکندڙ ۽ بھتري مڪينڪ ھوندا آھن.

2.          اھڙا ماڻھو ارادن ۾ ڪاميابي ماڻڻ وارا ھوندا آھن.

3.          بھترين دستڪار ۽ ھنرمند ثابت ٿيندا آھن.

4.          مثلث نشان جيترو وڏو ھوندو، ايترو ئي صحت منديءَ جي علامت آھي.

5.          جيڪڏھن مثلث جي مٿين ڪنڊ ننڍي ھوندي، تھ اھو شخص شرميلو ھوندو.

 

صليب

1.          پيشانيءَ يا نرڙ تي جيڪڏھن ڪنھن انسان کي ھي نشان ھوندو تھ اھو حادثاتي موت کي ظاھر ڪري ٿو.

2.         ھي نشان تڪليفن ڏانھن پڻ اشارو ڪري ٿو.

3.         ھن نشان وارا ماڻھو منفرد ۽ اعليٰ سوچ رکندڙ ھجن ٿا.

 

 

شاخن واريون لڪيرون

پيشانيءَ يا نرڙ تي شاخن واريون لڪيرون، ھٿن جي لڪيرن ڪنھن جاءِ تي سٺيون تھ ڪنھن جاءِ تي وري خراب ھونديون آھن.

 

ٻن شاخن واريون لڪيرون

ھي امدادي لڪيرون ڪري بھ ڄاتيون وڃن ٿيون. ھمت، حوصلي ۽ عمل جي نشاني آھي..

 

امدادي لڪيرون

امدادي لڪيرون ھمت ۽ عزم جي نشاني ھونديون آھن.

 

ٻيٽ وانگر لڪيرون

ھن طرح جون لڪيرون ھٿ جي لڪيرن وانگر ڪٿي سٺيون تھ ڪٿي وري خراب ثابت ٿينديون آھن.

 

زنجير وانگر لڪيرون

ھٿن وانگر ھي لڪيرون پيشانيءَ تي بھ آھن، ھي نڀاڳ وارن اثرن کي ظاھر ڪن ٿيون.

 

ھيٺئين طرف وڃڻ واريون لڪيرون

اھڙن لڪيرن وارن ماڻھن کي پاڻ تي اعتماد نھ ھوندو آھي، ھنن ۾ ٻيون بھ دماغي ڪمزوريون ھونديون آھن.

 

گول لڪيرون

پيشانيءَ يا نرڙ تي نشان رکندڙ ماڻھو، ھميشه اکين جي تڪليف ۾ مبتلا رھندا آھن. ھي زندگي جي ڪنھن حصي ۾ انڌا ٿي ويندا.

 

اڌ گول

نرڙ تي ھيءَ نشاني انتھائي خراب علامت آھي.

 

ترشول

ھي عظيم ڪاميابيءَ ۽ زبردست شھرت جو نشان آھي.

 

چار خانا

نرڙ جي پھرئين حصي ۾ ھي نشان، اِن ڳالھھ جي علامت آھي، تھ ڪو سانحو يا ڪو الميو زندگيءَ جو رخ بدلائي ڇڏيندو، سفر دوران خطري جي علامت آھي.

1.           جيڪڏھن نرڙ جي ٻئي حصي ۾ ھوندو تھ مٿي ۾ سخت ڌڪ رسڻ ۽ خطري کي ظاھر ڪري ٿو.

2.          جيڪڏھن ٽئين حصي ۾ آھي تھ اھو ماڻھو اچانڪ وڏيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندو.

3.          ھي نشان زحل جي حصي ۾ انتھائي خراب علامت آھي ۽ الميي جي علامت  آھي.

4.          چوٿين حصي ۾ دماغي خرابي جي علامت آھي.

5.          پنجين حصي ۾ صحت لاءِ خطري جي علامت آھي.

6.          ڇھين حصي ۾ دل جي تڪليف جي علامت آھي.

7.          ستين حصي ۾ ھجي تھ اھڙو شخص پنھنجي حيثيت وڃائي وھندو آھي. بدقسمتيءَ جي نشاني آھي. اچانڪ موت کي ظاھر ڪري ٿي.

 

ٽڪنڊو

نرڙ تي ھي نشان گھٽ ملندو آھي، ھي ھڪ عجيب غريب انداز آھي، جنھن جي تشريح ھيٺ ڏجي ٿي:

1.           خوش بختيءَ جي علامت آھي.

2.          دستڪاري ۽ ھنرمنديءَ جي علامت آھي.

3.          ھي نشان رکندڙ ماڻھو عجيب غريب علم جا شوقين ھوندا آھن.

4.          اگر ھي نشان مٿي جي ٽئين لڪير تي آھي تھ اھو ماڻھو بي اولاد رھندو.

5.          چوٿينءَ لڪير تي اھو نشان براين جو مجموعو آھي.

6.          ڇھينءَ لڪير تي ھجي تھ اھو ماڻھو آواره مزاج ھوندو.

7.          عورت جي نرڙ تي اھو نشان انتھائي علامت آھي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org